مذهب

خدا، مذهب ۽ سماج

ڪتابُ ”خدا، مذهب ۽ سماج“ بني آدم جي ترقي لاءِ خدا جي ڏنل پيغام (طبقاتي نقطي نظر کان سورة الفاتحه جو مطالعو) آھي. سورة الفاتحه جي حيثيت قرآن پاڪ جي پيش لفظ (يا مهاڳ) جي آهي. سمورا مسلمان هن سورة سڳوريءَ کي نماز جي هر رڪعت ۾ پڙهندا آهن. سڀ کان پهريان هن سورة ۾ بيان ڪيل اصطلاحن جي معنى تي غور ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ان معنى جي روشنيءَ ۾ انهيءَ جي ترجمي ۽ مطلب کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. 

Title Cover of book خدا، مذهب ۽ سماج

اهدنا

جهڙي طرح ربوبيت ۽ رحمت جو ضد پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري ويٺل رعايتون ڏنل طبقو آهي، اهڙي طرح هدايت جو ضد مذهبي پيشوائيت آهي. 
مولانا ابوالڪلام آزاد هدايت جي قسمن ۽ الهدى تي جيڪو مقالو لکيو آهي، سو پنهنجي نوعيت ۾ ڏيڍ هزار سال جي تفسيري ادب ۾ پهرين لکت آهي. ان جو سبب هي آهي ته اسلام کي ختم نبوت جي سماجي ۽ بين الاقوامي اصولن جي روشنيءَ ۾ مطالعو نه ڪيو ويو. ختم نبوت کان پوءِ اسلام هڪ عالمگير انقلاب جو پروگرام ۽ دائمي مذهب بڻجي چڪو آهي. ان کي رڳو مذهبن جي هجوم ۾، هڪ وڌيڪ مذهب جي حيثيت سان مطالعو ڪرڻ، ان جي روح ۽ بنيادي مقصدن کي بگاڙي ڇڏڻ برابر آهي.
مولانا صاحب اسلام کي انساني هيڪڙائيءَ کي قائم رکڻ واري مقصد رکندڙ مذهب يا دين جي حيثيت سان ڏٺو آهي. اها ڳالهه چٽي آهي ته هڪ بين الاقوامي فڪر کي، عالمي سطح تي سڃاڻ ڪرائڻ ۽ ان جو غلبو قائم ڪرڻ جي لاءِ رڳو ٻه رستا ئي آهن. هڪ رستو ته هي آهي ته اهو فڪر پنهنجي اندر انساني مسئلن کي حل ڪرڻ جي ايتري صلاحيت رکندو هجي، جو ان جي روشني کان سواءِ ڪابه ڪوشش ڪامياب نه ٿي سگھي. ان وٽ بنيادي اصولن ۽ اڻمٽ قانونن (Fundamentals) جو هڪ اهڙو ذخيرو هجي، جيڪو زندگيءَ جي هر پاسي کان پيش ايندڙ مسئلن جو حل پيش ڪري سگھڻ جي صلاحيت رکندو هجي. 
جيئن ته هي عالمگير نوعيت رکندڙ دين آهي، انهيءَ ڪري ان لاءِ ضروري آهي ته اهو دنيا ۾ موجود قومن جي  مذهبي، معاشي، سياسي ۽  تهذيبي مسئلن ۾ اختلافن باوجود، انهن کي قائم رکندي، انهن لاءِ اهڙو علمي ۽ قانوني مواد ڏئي سگھي، جن جي موجودگيءَ ۾ انهن اختلافن جي انسان دشمن ۽ محنت جي استحصال جهڙن غير معاشرتي پاسن جو سڌارو ٿي سگھي. انهيءَ ڪري انهيءَ فڪر ۾ اهي صلاحيتون هئڻ گھرجن ته جيئن اهو دنيا جي مذهبن جي گڏيل بنيادي نظرين کي پاڻ سان گڏ کڻي سگھي ۽ پنهنجي بنيادي اصولن جي روح موجب انهن کي پنهنجي فڪر جو حصو بڻائي سگھي. اهڙي طرح ديني وحدت جي عالمگير اصول واري بنياد تي اهو انساني هيڪڙائي کي ٻيهر قائم ڪرڻ جي لاءِ جاکوڙي سگھي. مذهبن جي پاڻ ۾ اختلاف جو اهو رستو نه رڳو تقابلي ۽ اونهي مطالعي ڪرڻ جهڙو آهي، پر انهيءَ عالمگير مذهب جي بنيادي اصولن جي روشنيءَ ۾، انهن اختلافن کي هر ممڪن حد تائين ختم ڪرڻ جي ڪوشش وارو آهي. انهيءَ ڪري انهن عالمگير مذهبن جي عالمن ۽ دانشورن کي پنهنجي شعور ۾، انساني نقطي نظر پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي قومي، مقامي ۽ معمولي اختلافن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي نه وڃن. انهن اختلافن کي سمجھڻ ۽ ختم ڪرڻ جي لاءِ محبت، برابري، امن پسندي، رواداري ۽ برداشت جي گڻن کي پنهنجي شعور جو حصو بنائڻو پوندو. اڃا به انهن کي پنهنجي اندر سگھارو ڪرڻو پوندو، ته جيئن مطالعي جي وقت پنهنجي مذهب جي برتري جو جو غلط تصور انهن جي شعور تي سوڀارو نه ٿي سگھي.
ٻيو رستو هي آهي ته اهو فڪر يا مذهب، طاقت جي زور تي ٻين مذهبن يا فڪرن تي سوڀارو ٿي انهن کي ايترو ته دٻائي ڇڏي جو اهي اڀرڻ جي لائق ئي نه رهن. پر تشدد ۽ قوت جو اهو رستو وقتي ۽ عارضي هوندو. جيئن ئي انهيءَ فڪر يا مذهب وارين قومن جي ذهني ۽ عملي طاقت ۾ ڪمزوري ۽ جھول اچڻ شروع ٿيندو، دٻيل مذهب يا فڪر ان جي مخالفت، اڃا به تباهيءَ لاءِ تيار ٿي ويندا. انهيءَ عمل سان انساني هيڪڙائيءَ بدران ويڇن ۽ نفرت جا جذبا وڌيڪ خرابي پيدا ڪري ڇڏيندا.
اسلامي تاريخ ۾ پهريون رستو صوفين سڳورن پنهنجايو هو. انهن اسلامي تعليم جي امن پسند، برابري، محبت، انسان دوستي، عوامي ڀلائي، بردباري ۽ سهپ جي گڻن کي پنهنجايو ۽ ان کي عدم تشدد (Non Violance) واري رويي سان ٻين مذهبن جي پيروڪارن وٽ روشناس ڪرايو. اهڙي طرح اسلام پکڙبو ويو. صوفين سڳورن کانسواءِ واپارين به انهيءَ ۾ حصو ورتو. جيئن ته واپاري پنهنجي واپاري ضرورت هيٺ طبعي طور تي بردبار ۽ سهپ وارو هوندو آهي، انهيءَ ڪري هو اهو تبليغ جو ڪم به سٺي نموني ڪري سگھيو. شروعاتي وقتن ۾ اسلام روح وارن اصحابن سڳورنن جي واپاريءَ جي حيثيت سان مختلف ملڪن ۾ رهائش اختيار ڪرڻ سان مقامي ماڻهو انهن جي سهڻن اخلاقن کان متاثر ٿي اسلام قبوليندا رهيا. 
اهو سمجھڻ گھرجي ته مسلمانن جون جنگيون عام طرح سان دفاعي نوعيت جون هيون، پر بادشاهت جي منطقي گھرجن هيٺ مسلمان نه رڳو غير مسلمانن، پر پنهنجي ئي جماعتن خلاف جنگن ۾ شروع ٿي ويا. ان جي باوجود به مسلمان بادشاهن، ڪڏهن به طاقت جي زور تي، غير مسلمانن کي پنهنجي مذهب جي دائري ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي. 
مولانا ابو الڪلام آزاد به پهريون رستو اختيار ڪيو آهي. پر اهو رستو انهيءَ دؤر جي سائنسي مزاج موجب آهي. مولانا فرمائي ٿو ته بردباري پڪ سان هڪ ڀلو گڻ آهي، پر ان سان گڏوگڏ عقيدي جي مضبوطي، راءِ ۽ فڪر جي پختگي  جهڙن گڻن جو انڪار به نٿو ڪري سگھجي. سو هتي ڪا نه ڪا حد بندي جي ليڪ ضرور هئڻ گھرجي، جيڪا  انهن سمورن گڻن کي پنهنجي جاءِ تي قائم رکي. اخلاق جا سمورا حڪم انهن ئي حدن جي اندران اڀرندا ۽ جڙندا آهن. جيئن ئي اهي لڏڻ لڳندا آهن، اخلاق جو سمورو ڪوٽ ڪرڻ لڳندو آهي. وري فرمائي ٿو:
”بردباري اها آهي ته پنهنجي اعتقادي حق ۽ عمل سان ٻئي جي اعتقادي حق ۽ عمل کي به مڃتا ڏني وڃي. جيڪڏهن ٻئي جي واٽ توهان کي بلڪل غلط ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ته به ان جي حق جو انڪار نه ڪريو، ڇو جو هو پنهنجي غلط واٽ تي به هلي سگھي ٿو. پر جيڪڏهن بردباريءَ جون حدون ايترو وڌايون ويون جو  اهي توهان جي عقيدي ۾ به مداخلت ڪري سگهن ۽ توهان جي فيصلن کي به نرم ڪري سگهن ته پوءِ اها بردباري نه ٿي، پر فڪري پختگي جو انڪار ٿيندو“. (قرآن اور صفات الاہی کا تصور ، 172)
هن اقتباس مان خبر پئجي وڃي ٿي ته مولانا موصوف، قرآن حڪيم جي، دنيا جي مذهبن لاءِ ”مهيمن“ (Watcher) هئڻ واري حيثيت کي قائم رکندي، ٻين مذهبن ڏانهن اصلاح وارو رويو پنهنجائي ٿو. هو قرآن جي فڪري پختگي جو دامن نٿو ڇڏي. انهيءَ سان مٿس آيل هي اعتراض به ختم ٿي وڃي ٿو ته هن اسلام ۽ ٻين مذهبن جي ڦير ڦار ڪيل تعليم ۽ عقيدن کي پاڻ ۾ ملائي، ديني هيڪڙائي واري تصور کي سهيڙيو هو. اهو اعتراض احمد پرويز ۽ ٻين بي عقل ۽ طاقت جي زور تي اسلام جو ٻين مذهبن مٿان سوڀارو ٿيڻ وارن، اسلام پسند دانشورن ۽ عالمن ”ترجمان القرآن“ جي ڇاپجڻ کان پوءِ ڪيو هو. غلام احمد پرويز مولانا موصف جي اسلام واري تصور کي گنگا جمنا يا برهمو سماجي اسلام سان تعبير ڪيو هو. اهو اعتراض ڪندي، پرويز پنهنجي برطانوي حڪومت جي ملازم هئڻ واري حيثيت ۽ ان لاءِ وفاداري وارن جذبن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو هو. ايتري تائين جو هندستان ۾ آزاديءَ جي جنگ وڙهڻ جي بدلي ۾ پنجويهن سالن جي جلاوطني ڪاٽي ايندڙ عظيم مجاهد حضرت مولانا عبيدالله سنڌيؓ تي، پنهنجي نالي ماتر اسلامي تصور جي نظر سان اعتراض ڪيا هئا. ڪٿي حضرت ابوالڪلام ۽ عبيد الله سنڌي جهڙا عظيم مجاهد ۽ علم جا بي ڪنار سمنڊ ۽ ڪٿي برطانوي حڪومت جو ملازم غلام احمد پرويز! جيڪو پنهنجي آخري عمر ۾ علامه اقبال تي به ٽوڪون ڪرڻ کان نه مڙيو. اهو سڀ ڪجهه ”ڪوئي جو سوپاري لهڻ تي پساري ٿي ويهڻ“ وانگر آهي. اقبال صحيح چيو آهي:
قوموں کی تقدیر وہ مرد درویش ڈھونڈی نہ جس نے سلطان کی درگاہ
هدايت جي عالمگيريت ۽ اسلام جي مؤقف تي روشني وجھندڙ انهيءَ تمام ئي قيمتي مقالي (وحدت دين ڪي اصل عظيم اور قرآن حڪيم) بابت ڪجھه تشريحي ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون ته جيئن علم دوست پڙهندڙ هن مقالي جي اهميت کي، ان جي روح مطابق سمجھي سگھن. 
سڀ کان پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته الله تعالى جي ربوبيت ۽ رحمت کي عوام جي هر فرد تائين پهچائڻ جي لاءِ، پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري ويٺل فردن جي ملڪيت واري حق کي ختم ڪري، انهن وسيلن کي عوام جي ملڪيت ۽ پهچ ۾ ڏيڻو پوندو، تاريخ ٻڌائي ٿي، ته غلام، زرعي غلام ۽ پگھاردار غلام تائين گذريل هزارين سالن کان وٺي اڄ تائين خدا تعالى جي ربوبيت ۽ رحمت پهچي نه سگهي ۽ اهو مزدور ۽ دولت کان خالي طبقا اڄ تائين زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کان به محروم آهن. هڪ حديث پاڪ ۾ چيو ويو آهي ته ”الخلق عيال الله“ جڏهن ته اسان ڏسون ٿا ته خدا تعالى جي عيال جو نوي سيڪڙو حصو، الله تعالى جي پيدا ڪيل ربوبيت جي سامان ۽ رحمت کان هزارين سالن کان محروم آهي. انهن کي الله تعاليٰ جي ربوبيت جي وسيلن مان برابري جي بنياد تي نفعو پهچائڻ لاءِ رڳو زڪوات، خيرات، صدقن، ميراث جي ورهاست ۽ انفاق جون ٻئي شڪليون ڪافي نه آهن، پر رزق جي خرچ جو هي پهريون مرحلو آهي، ته سمورن پيداواري وسيلن کي عوام جي ملڪيت ۾ ڏيڻ سان ئي انسان جي خودداريءَ جي حفاظت ٿي سگھي ٿي ۽حلال رزق به ملي سگهي ٿو، جيڪو فرد جي محنت جي پيداوار هوندو آهي ۽ رزق جي خرچ جو هي ٻيو ۽ آخري مرحلو آهي.
اهڙي طرح هدايت کي عام انسانن تائين پهچائڻ جي لاءِ مذهبي پيشوائيت جي اداري کي ختم ڪرڻو پوندو ۽ ان جي جاءِ تي غير پيشه ور مذهبي محققن کي اڳتي آڻڻو پوندو. ڇو جو مذهبي پيشوائيت وارو ادارو دنيا جي مذهبن وچ ۾ ويڇو ۽ نفرت پيدا ڪرڻ جو سڀ کان وڏو وسيلو آهي. هر مذهب جو مذهبي پيشوا، ٻين مذهبن تي پنهنجي مذهب جي مٿڀرائپ ثابت ڪرڻ لاءِ توهين ڪندڙ رويو اختيار ڪندو آهي. هر مذهبي پيشوا دعوى ڪندو آهي ته جيڪو ماڻهو هن مذهبي ٽولي ۾ شامل نه ٿيندو، سو آخرت واري زندگيءَ ۾ ڇوٽڪارو حاصل ڪندڙن مان نه هوندو. ٻين لفظن ۾ هنن جو مطلب هي آهي ته ڇوٽڪاري جو نيڪ عمليءَ سان ڪوبه لاڳاپو نه آهي، پر اهو ڪنهن خاص ٽولي يا جماعت ۾ شموليت سان لاڳاپو رکي ٿو. هر مذهب جي مذهبي پيشوا، پنهنجي مذهب جي پاڪ باني جي تعليم کي بگاڙي پيش ڪيو آهي. يعني معاشري کي توحيد جي گھرجن تي قائم ڪري، ان کي متضاد معاشي طبقن کان پاڪ ڪرڻ بدران رڳو رسمن ۽ ظاهري عبادتن جي ادائگي، عبادتخانن جي اڏاوت ۽ سينگار ۽ مذهبي پيشوائن جي ٻڌايل عقيدن کي مڃڻ تي زور ڏنو آهي. قرآن ڪريم ٻڌايو آهي ته خدائي وحي جي پيروي سان خوف (ويڙھ جھيڙي) ۽ حزن (غربت، غلامي، جهالت ۽ معاشي هيڻائي) کان پاڪ معاشرو قائم ٿي سگھندو، جنهن کي ٻين لفظن ۾ جنت يا جنتي معاشري جو ٻيهر حاصل ڪرڻ سڏي سگھجي ٿو ۽ پهرين جنت جي کسجي وڃڻ سان، جيڪا رڳو هڪ خدائي بخشش هئي، هاڻي انسانن کي اهڙي جنت جي اڏاوت ۽ جوڙجڪ جي لاءِ پنهنجي رت پگھر هڪ ڪرڻو پوندو. ڇو جو معاشري جي سالميت ختم ٿي وئي آهي ۽ اهو متضاد معاشي طبقن ۾ ورهائجي چڪو آهي. 
تنهن ڪري خدائي هدايت کي، جيڪا سموري عوام جي لاءِ آهي، هر فرد تائين پهچائڻ لاءِ نه رڳو مذهبي پيشوائيت جي پاڻ پڏائڻ واري لاڙي کي ختم ڪرڻو پوندو، پر انهي پيشه ور اداري کي هميشه جي لاءِ ختم ڪرڻو پوندو. جيستائين انهيءَ مذهبي پيشوائيت جي منظم اداري کي ختم نٿو ڪيو وڃي، مذهب انساني ٻڌي ۽ هيڪڙائي جي قيام ۾ ڪابه مدد ڪري نه سگھندو. 
نبوت جي خاتمي جو مطلب ئي اهو هو ته وڌيڪ مذهبي گروھ پيدا نه ٿي سگھن ۽ انسانيت هڪٻئي جي خلاف وڌيڪ مذهبي ٽولن ۾ ورهائجي نه سگهي. انهيءَ ڪري قرآن خدائي وحي جي عواميت تي زور ڏنو آهي ته جيئن دينن جي هيڪڙائيءَ وارو نظريو انساني هيڪڙائيءَ جو بنياد بڻجي سگھي. قرآن ڪريم، جيئن هن مقالي مان ثابت ٿئي ٿو، مذهبن جي گڏيل اخلاقي ۽ روحاني قدرن تي زور ڏنو آهي ۽ رسمن ۽ ظاهري ٺاھ ٺوھ (Formalism) ۽ رسم پرستي (Ritualism) تي زور نه ڏنو آهي. ڇو جو اهي ٻئي ڳالهيون مذهب ۾ فرقه واريت ۽ پاڻ پڏائڻ واري رويي جو سبب بڻجنديون آهن.
تنهن ڪري مذهبي پيشوائن جي جاءِ، جيڪي خلافت جي قيام ۽ اسلام نافذ ڪرڻ واري شور سان پنهنجي دڪانداري چمڪائي رهيا آهن،  مذهبن جي تحقيق ڪندڙن کي ڏيڻ گھرجي ته جيئن بنا ڪنهن لالچ جي، سائنسي تحقيقي طريقي سان، دنيا جي مذهبن جي گڏيل تعليم کي مرتب ڪري سگھن. هي اهو طريقو آهي، جنهن سان موجوده دؤر جي سائنسي زماني ۾، مذهبي گروهه بندي  ۽ ان سان آخرت جي ڇوٽڪاري جي وابستگيءَ کي ختم ڪري سگھجي ٿو. مذهبن جي تعليم وچ ۾ ٻولين جي اختلاف جيڪي پردا ڏئي ڇڏيا آهن، انهن پردن کي علم وارا ئي هٽائي سگھن ٿا. ڇو جو اهي محقق ۽ علم ۽ سمجھه وارا، مذهب کي مذهبي پيشوا وانگر، پنهنجي ذات جي لاءِ مالي، سياسي ۽ معاشرتي مرتبا حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال نه ڪندا. علم جو شان ۽ فائدو تحقيق ۾ غير جانبدار رويي تي آڌاريل هوندو آهي ۽ اهو ئي لاڙو سچي علم واري جي سڃاڻ ٿيندو آهي. مذهبي پيشوائيت نه رڳو دنيا جي مذهبن وچ ۾ فرق، نفرت ۽ جارحاڻي مذهبي گروھ بندي پيدا ڪري ڇڏي آهي، پر پنهنجي ئي مذهب جي پيروڪارن وچ ۾ تشدد پسند عقيدن جي ڪري، ويڙهاڪ فرقيواريت کي پيدا ڪري ڇڏيو آهي. 
اسلام ۾ نمازين کي ان ڳالهه جي اجازت آهي ته اهي پاڻ مان ڪنهن به ماڻهو کي امامت لاءِ چونڊن. پگھاردار امامت جو بنياد بادشاهت واري زماني ۾ پيدا ٿيو ۽ اها ئي ڳالهه مذهبي پيشوائيت ۽ ان جي مذهب تي ٺيڪيداري قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي آهي. 
ٽئين اهم ڳالهه جيڪا مولانا موصوف جي هن قيمتي مقالي مان ظاهر ٿئي ٿي، سا هيءَ آهي ته قرآن جو مقصد هر مذهب جي پيروڪار  کي، ان هن جي پنهنجي ئي مذهب جي (اصلي) اخلاقي ۽ روحاني تعليم جو سچو پيروڪار بنائڻ آهي نه جماعت بدلائڻ. الله تعالى جي عدالت واري گڻ جي معاملي ۾، اها ڳالهه چٽي ڪئي وئي آهي ته قرآن ڪريم جي نظر ۾ آخرت جو ڇوٽڪارو عملن سان واڳيل آهي. هڪ مذهبي جماعت مان نڪري ٻئي مذهبي جماعت ۾ شامل ٿيڻ سان نه آهي. قرآن ڪريم چٽائيءَ سان ٻڌائي ٿو ته هر امت جي لاءِ عبادت ۽ قربانيءَ جا طريقا مقرر ڪيا ويا آهن. قبلي جي مٽجڻ واري معاملي ۾ ان ڳالهه جي چٽائي ڪئي وئي آهي ته  اوڀر ڏي منهن ڪرڻ يا اولهه ڏي منهن ڪرڻ ۾ نيڪي نه آهي. ان جو مطلب هي آهي ته ڪعبة الله ڏي منهن ڪري نماز پڙهڻ امت جي تنظيم جي لاءِ ضروري آهي، عبادت جي لاءِ نه. ڇو جو عبادت ته ڪنهن به پاسي منهن ڪري ادا ڪري سگھجي ٿي. 
قرآن ڪريم انهن سمورن نبين سڳورن ۽ انهن تي وحي وسيلي نازل ٿيندڙ تعليم تي, مسلمان جي لاءِ ايمان آڻڻ لازمي سڏيو ويو آهي. قرآن ڪريم شرع ۽ دين کي جدا جدا ڪري ڇڏيو آهي. پر ٿيو ايئن ته عالمن سڳورن اسلام جي دائمي  ۽ عالمگير ڪردار کي نه سمجھندي, نبين سڳورن جي تعداد کي نه رڳو سامي نسل تائين محدود ڪري ڇڏيو،  پر سامي نسل ۾ به اهي نبي سڳورا، جن جو ذڪر قرآن ڪريم ۾ آهي،  تائين محدود ڪري ڇڏيو. آريائي ۽ زرد قومن جي نبين کي پيغمبر مڃڻ کان پاسو ڪيو ويو. نتيجو اهو ٿيو جو قرآن ۽ اسلام جي تعليم جو دائرو تمام ئي سوڙهو ٿي ويو ۽ دينن جي وحدت واري فلسفي ۽ مسلڪ کي سخت نقصان پهتو. اهو لاڙو  انساني هيڪڙائي جي قيام ۾ وڏي رڪاوٽ بڻجي چڪو آهي. انهيءَ تي وڌيڪ ظلم هي ٿيو آهي ته قرآن ڪريم کانسواءِ سمورن پاڪ ڪتابن کي مڪمل طور تي ڦير ڦار ٿيل سڏي رد ڪيو ويو آهي. 
قرآن ٻڌايو آهي ته قرآن جي ٻين مذهبن جي ڀيٽ ۾ اهميت ان ڪري آهي ته هي آخري ۽ دائمي مذهب آهي. انهيءَ لحاظ کان ان جو فرض بڻجي ٿو ته هو سمورن مذهبن ۾ ، وقت گذرڻ سان، انهن مذهبن جي مذهبي پيشوائن جي غلفت ۽ تنگ نظري جي ڪري، اهڙي تعليم شامل ٿي وئي، جيڪا خدائي وحي مطابق نه هئي، تنهن جي چٽائي ڪري ۽ اصل حقيقت کي کولي بيان ڪري. قرآن ڪريم عيسائيت ۽ يهوديت جي غلط عقيدن تي پاڻ به تنقيد ڪندي، مسلمان محققن جي رهنمائي ڪئي آهي ته جيئن اهي قرآن کي ”مهيمن“ سمجھندي، آريائي ۽ زرد قومن جي پاڪ ڪتابن جو جائزو وٺن ۽ انهن جي صحيح تعليم کي اجاگر ڪن. لفظ ”مهيمن“ جو مطلب ڪسوٽي يا معيار (Criterion or Watcher) آهي، جنهن تي مختلف عقيدن جي تعليم صحت کي جاچي سگھجي ٿو ۽ انهن جي حفاظت ڪري سگھجي ٿي.
هي تمام ئي عظيم علمي ڪم ڏيڍ هزار سالن کان نه ٿي سگھيو جنهن جو سڀ کان وڏو سبب بادشاهت، جاگيرداري ۽ مذهبي عالمن جو پنهنجي دينوي مرتبي کي قائم رکڻ آهي. اها ڳالهه سمجھڻ گھرجي ته اسلام پنهنجي تعليم کي تشدد ۽ زور زبردستيءَ سان، ٻين مذهبن ۽ قومن تي  نٿو مڙهي، پر حڪمت ۽ ڏاهپ سان انهن جي غلطين جي نشاندهي ڪري ٿو. جيتوڻيڪ اسلام جي آمراڻي تعبير ڪرڻ وارن ذهنن دين اسلام کي، جيڪو اصل ۾ سمورن نبين سڳورن جو آندل حقيقي دين آهي، دنيا جي دينن تي ظاهر ڪرڻ لاءِ ”ولو کره المشرکون“ جو سهارو ورتو آهي، پر ان جو مطلب تشدد ۽ جنگ جي ذريعي اظهار نه، پر ڏاهپ ڀري نصيحت ۽ حڪمت ذريعي ظاهر ڪرڻ آهي. اها به حقيقت آهي ته اهڙي طرح سان ظاهر ڪرڻ به مذهبي پيشوائيت جي لاءِ ڏکيائيءَ جو سبب بڻجندو آهي. ڇو جو انهيءَ تنقيد سان انهن جي پنهنجي تقدس ۽ ٺيڪيداري جو لاڙو ۽ مرتبو خطري ۾ پئجي ويندو آهي. پر قرآن اهو ٿو چوي ته حڪمت ۽ ڏاهپ ڀري نصيحت سان ڪيل تنقيد جي ڪري، انهن ٺيڪيدار جماعتن کي تڪليف ۽ ڏک پهچي ٿو ته انهيءَ جي پرواھ بلڪل نه ڪرڻ گھجي. هر مذهب جي پيروڪارن ۾ اهڙا داناءَ انسان ۽ کليل ذهن وارا ماڻهو گھڻا ئي هوندا آهن، جيڪي حق جي ڳالهه کي ٻڌڻ ۽ برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکندا آهن. 
انهيءَ سلسلي ۾  مسلمان محقق جو فرض آهي ته  اهي قرآن ڪريم ۽ ٻين پاڪ ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ وقت ”لفظ پرستي“ کان پاسو ڪن ۽ لفظ جي اندر لڪيل معنى ۽ مطلب کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪن. اهو لفظ پرستي جو ئي نتيجو آهي جو جڏهن به اسلام جي نفاذ جي چرچو ٿيڻ لڳندو آهي ته، سدائين انهيءَ جو مطلب هٿ ڪٽڻ ۽  ڪوڙا هڻڻ ورتي ويندي آهي. اهو سمجھڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويندي آهي ته انهن تعزيرن جي پويان ڪهڙا مقصد لڪل آهن جن کي حاصل ڪرڻ ئي دين جو بنيادي مقصد آهي. ساڳيو ئي لاڙو ٻين شرعي حڪمن جي باري ۾ رکيو ويندو آهي. حضرت عمرؐ جي اجتهادن مان لفظ پرستي جي خلاف سبق وٺي سگھجي ٿو. حضرت عمرؐ جا اجتهاد، لفظن جي پويان لڪل مقصدن تي روشني وجھن ٿا جن مقصدن کي حاصل ڪرڻو هوندو آهي. امت جي زوال  واري زماني ۾ پلجندڙ ذهن، لفظ پرستيءَ کي پنهنجي سڃاڻ بڻائي ورتو. جڏهن ته قرآن چٽيءَ طرح سان ٻڌايو آهي ته نبي يا رسول جي حقيقي ذميواري آيتن جي تلاوت سان گڏوگڏ قانون (ڪتاب) ۽ ان جي حڪمت کي به بيان ڪرڻ هوندو آهي. روايت پرست عالمن قانون تي ته زور ڏنو، پر ان جي حڪمت کي پٺ پويان اڇلائي ڦٽو ڪيو. قانون سدائين وقتي ۽ مقامي هوندو آهي، جڏهن ته حڪمت دائمي ۽ آفاقي هوندي آهي. 
مولانا موصوف جي ذڪر ڪيل مقالي کي غور سان مطالعو ڪرڻ سان خبر پئي ٿي ته اسلام جي تبليغ جا ٻه مرحلا آهن. پهرين مرحلي ۾  سمورن سامي، آريائي ۽ زرد قومن جي نبين تي ايمان آندو ويندو آهي. يعني انهن جي تاريخي ۽ انساني اهميت کي سمجھيو وڃي ٿو. انهيءَ مرحلي ۾ اسلام جي باني تي  اهڙي قسم جو اجمالي ايمان ضرور هوندو آهي، جهڙوڪ هڪ مسلمان سمورن نبين تي اجمالي ايمان رکي ٿو. ان جو مطلب هي آهي ته نبين سڳورن جي سچائي ۽ انهن جي پاڪ ڪتابن کي خدا جي طرف کان نازل ڪيل سمجھيو ويندو. انهيءَ صورت ۾ ڪنهن مذهب جو پيروڪار پنهنجي مذهبي ٽولي مان نڪري مسلم ٽولي ۾ نه ايندو،  پر پنهنجي ٽولي ۾ رهندي پنهنجي مذهب جي مشرڪاڻي تعليم جي مخالفت ڪندو ۽ خدا تعالي جي هيڪڙائي، آخرت جي زندگي ۽ نيڪ عملن جي بنياد کي، جيڪو هر مذهب جو بنياد آهي، پنهنجي پاڪ ڪتاب مان ظاهر ڪندو. اها ئي مذهب جي بنيادي ۽عالمگير تعليم آهي ۽ قرآن انهيءَ ئي بنياد تي دينن جي هيڪڙائيءَ واري فلسفي جي عمارت اڏي آهي. قرآن ڪريم ”لا نفرق بين احد من رسله“ جي اصول تي انهيءَ ڪري ئي زور ڏئي ٿو. 
جيئن ته قرآن آخري ڪتاب آهي، اهو دنيا جي سمورين قومن سان ڳالهائي ٿو ۽ قيامت تائين انهيءَ جي تعليم قائم ۽ دائم آهي، تنهن ڪري قرآن چيو آهي ته ڪن نبين سڳورن جا نالا کنيا ويا آهن  ۽ ڪن جا نه. اها ڳالهه ظاهر آهي ته قرآن ڪريم پنهنجو فڪري بنياد دين ابراهيم تي رکيو آهي. ايئن ڇو ٿيو؟ انهيءَ جي لاءِ امام شاهه ولي اللهؓ جي ڪتاب ”تاويل الاحاديث“ ۽ ان جي فلسفي جي شرح مولانا عبيدالله سنڌيؓ جي حوالي سان مطالعو ڪرڻ گهرجي. انهيءَ ڪتاب ۾ مولانا موصوف صابيت (آريائي ۽ زرد قومن) ۽ حنفيت جي هڪ ٻئي سان لاڳاپي تي روشني وڌي آهي. امام ولي الله جي نظر ۾ خدائي هدايت جو مرڪز، فطرت جي نظارن مان انساني دل ڏانهن هليو وڃڻ آهي. انهيءَ فلسفي سان، گذريل قومن جي ستارا پرستي ۽ شخصيت پرستي جو حل نڪري اچي ٿو ۽ شرڪ جو مطلب چٽو ٿي وڃي ٿو، جنهن سان انهن قومن کي خوار ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪتاب ۾ مولانا موصوف فرمايو آهي ته آريائي قومن جي حڪمت ۽ سامي نبوت ٻئي هڪ ئي سلسلي جا ٻه پاسا آهن.
قرآن ڪريم کي جنهن نقطي نظر سان مطالعو ڪيو پئي ويو آهي، سو بلڪل ئي علائقائي ۽ محدود آهي. جڏهن ته قرآن ڪريم ختم نبوت جي ڪري هڪ دائمي ۽ عالمگير داعي آهي. اها ڳالهه چٽي آهي ته ڌرتيءَ جي گولي تي رڳو سامي نسل جون قومون ئي نٿيون رهن، پر انهن کان تعداد ۾ گھڻو وڌيڪ، آريائي ۽ زرد قومون به آباد آهن. ٻئي پاسي قرآن ڪريم جي اها دعوى آهي ته الله تعالى هر ڳوٺ ۾ پنهنجو پيغمبر موڪليو آهي. پوءِ جيڪڏهن آريائي ۽ زرد قومن ۾ نبين سڳورن کي موڪليو وڃڻ واري ڳالهه کي نه مڃيو ويندو ته قرآن جي اها دعوى سچائيءَ واري نٿي رهي. وري جيڪڏهن اهو ڪمزور بهانو اختيار ڪيو وڃي ته، جيئن ته قرآن ڪريم انهن جا نالا نه کنيا آهن، تنهن ڪري اسان انهن تي ايمان آڻڻ لاءِ پابند نه آهيون ته انهيءَ بهاني کي ختم ڪرڻ لاءِ الله تعالى قرآن ڪريم ۾ سورت لقمان نازل فرمائي. حضرت لقمان جي  باري ۾ مفسرن جي گھڻائي ان ڳالهه تي متفق آهي ته هو نبي نه هو، خدائي حڪيم هو. ان جو مطلب هي آهي ته الله تعالى وٽ انهيءَ تعليم جي اهميت آهي، جنهن ۾ شرڪ جو انڪار، خدائي هيڪڙائيءَ جو اقرار، آخرت جي زندگيءَ تي ايمان ۽ نيڪ عملن تي زور ڏنو ويو هجي. انهيءَ تعليم کي پيش ڪرڻ واري جي لاءِ نبي هئڻ ضروري ۽ لازمي نه آهي. انهيءَ باري ۾ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو آهي ته حڪمت مومن جو گم ٿيل مال آهي، کيس جتان به ملي ته ان کي حاصل ڪري. هاڻي جيڪڏهن انهيءَ معيار تي دنيا جي مذهبن جي پاڪ ڪتابن جو مطالعو ڪيو وڃي ته، نبوي تعليم جو اهو بنياد جيڪڏهن انهن ۾ موجود آهي، ته اهي ڪتاب ۽ انهن جا مقدس باني پنهنجي دعوى ۾ سچا ٿين ٿا ته اهي خدا تعالى جي طرف کان آهن. 
دنيا جي ٻين مذهبن جي ڀيٽ ۾ مسلمان مفڪرن جو اهو فرض بڻجي ٿو ته، اهي قرآن ۽ دنيا جي مذهبن جي پاڪ ڪتابن جو گڏوگڏ مطالعو ڪن ۽ انهن جي بنيادي تعليم کان سواءِ، جيڪڏهن  ڪا ڳالهه قران ڪريم جي ٻڌايل هدايت جي خلاف هجي، ته ان جي نشاندهي ڪن ۽ ان مذهب جي عالمن سان حڪمت ۽ ڏاهپ ڀري نصيحت سان خيالن جي ڏي وٺ ڪن ۽ انهن کي قرآن جي تعليم تي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. افسوس، جو  ڏيڍ هزار هزار سالن ۾ مسلمان، عالمن قرآن ڪريم طرفان انهن تي لاڳو ڪيل انهيءَ فرض کي ادا نه ڪيو. اشعريت جي زهر جي اثر ۾ اچي اهي هر غير مسلم تعليم کان نفرت ڪندا رهيا. انهيءَ سلسلي ۾ صوفين جون ڪجھه ڪوششون موجود آهن، پر اهي به عالمن جي نظر ۾ مستند نه آهن.
اڪبر اعظم، داراشڪوه،  حضرت مرزا مظهر جان جانان جهڙن صوفي عالمن جيڪي ڪوششون ڪيون آهن ۽ ان سلسلي ۾ انهن کان جيڪي غلطيون ٿي ويون، بجاءِ ان جي جو انهن غلطين کي سڌاري دينن جي هيڪڙائي ۽ انساني هيڪڙائي واري مقصد کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ها، ان جي برخلاف انهن فردن جي خلاف ڪفر سازي جو محاذ قائم ڪيو ويو ۽ ڪن کي قتل ڪيو ويو. ڀڳتي تحريڪ کي مذهبن جي هيڪڙائي ۽ هندو مسلم اتحاد جي معاملي ۾ هڪ هاڪاري ۽ انسان دوست قدم سڏيو وڃي ها، پر ان جي بدران انهيءَ تحريڪ کي اسلام دشمني سڏيو ويو ۽ چيو ويو ته اها مسلمانن جي جميعت جي خلاف هڪ سازش هئي. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو مسلمان امت انهن سمورن عالمي ۽ انساني مقصدن کي حاصل ڪرڻ کان محروم ٿي وئي، جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ الله تعالى قرآن نازل ڪيو هو ۽ نبوت جي سلسلي کي ختم ڪيو هو. امت جي انهيءَ رويي جي ڪري، قرآن هڪ وڏي ٻوڏ ۽ بي ڪنار سمنڊ بنجڻ بداران هڪ ننڍڙي ندي جي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن جو ڪم دنيا جي مذهبن جي خلاف نفرت پکيڙڻ ۽ انساني ٻڌي ۽ هيڪڙائي کي قائم ڪرڻ بدران ويڇا پيدا ڪرڻ وڃي رهيو آهي. دنيا جي مذهبن جي  ڪن غلط عقيدن جي اصلاح جي لاءِ، جيڪي انهن جي مذهبي پيشوائن پنهنجي گماني مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن ۾ داخل ڪري ڇڏيا هئا، يا وري صحيح عقيدن جي غلط تعبير ڪري ڇڏي، حڪمت ۽ دانائيءَ وارو طريقي ڪار اختيار ڪيو وڃي ها، پر ان جي جاءِ تي مناظري بازي واري طريقي کي اختيار ڪيو ويو، جنهن ۾ خليفي عبدالحڪيم چواڻي ته دماغ گرم ٿي ويندو آهي ۽ زبان تيز ٿي ويندي آهي، ان جي نتيجي ۾ حقيقت پنهنجو منهن لڪائي موڪلائي هلي ويندي آهي، باقي پاڻ ۾  مٿا ڦاڙ جھيڙن جو ڪاروبار رهجي وڃي ٿو.
تنهن ڪري تبليغ جي پهرين مرحلي ۾ اهڙا سڌارا، محبت ڀريل ماحول ۽ انسان دوست فضا قائم ڪرڻ آهي، جنهن ۾ مسلمان ۽ ٻين مذهبن جا پيروڪار، پنهنجن هڪٻئي سان اختلافن باوجود، هڪ ٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ پاڪ ڪتابن جو گڏوگڏ مطالعو ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃن. مسلمان سامي، آريائي ۽ زرد نسل جي نبين سڳورن، انهن جي تعليم تي اجمالي طور ايمان آڻين ۽ غير مسلمان اسلام جي باني ۽ قرآن حڪيم تي ايمان آڻين ۽ ان ايمان کان پوءِ هر مذهب جو پيروڪار  پنهنجي پنهنجي مذهبي گروھ ۾ رهي، پنهنجي مذهب جي پيروڪارن کي، دنيا جي مذهبن جي بنيادي تعليم جو قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته جيئن دينن جي هيڪڙائي جي هڪ عالمگير تحريڪ شروع ٿي سگھي ۽ اڳتي وڌي سگھي.
ٻئي مرحلي ۾ ڪنهن مذهب جي پيروڪار، جو پنهنجي مذهبي جماعت مان نڪري، پنهنجي عزيزن قريبن کان ناتو ٽوڙي مسلمانن جي جماعت ۾ شامل ٿي وڃڻ کي ممڪن سمجھي سگھجي ٿو. پر انهيءَ مرحلي لاءِ مسلمانن جي ئي ديني فڪر ۾ بنيادي تبديليون آڻڻيون پونديون. اها جماعت، جيڪا مسلمان سڏرائي ٿي، اسلام جي حقيقي تعليم ۽ مقصدن کان گھڻو پري هلي وئي آهي. هي اهو  وقت آهي، جنهن لاءِ قرآن اڳي ئي چئي ڇڏيو ته اي ايمان وارؤ! الله جي رسول تي ايمان آڻيو (الصف). ايمان جي اها تجديد، پنهنجي شروعاتي دؤر ۾ جيتري اهميت رکي پئي، ان کان ڪروڙين دفعا وڌيڪ هن زماني ۾ اهميت رکي ٿو.
علامه اقبال جي هڪ اجتهاد جو هتي ذڪر ڪيو وڃي ٿو، جيڪو صورتحال تي صحيح معنيٰ ۾ روشني وجھندو. ڊاڪٽر خليفي عبدالحڪيم پنهنجي ڪتاب ”اقبال اور ملا“ ۾ انهيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. هن لکيو آهي ته هڪ ڏينهن هڪ هندو نوجوان، جيڪو معاشيات ۾ ايم اي ڪري چڪو هو، علامه اقبال وٽ آيو ۽ چيو ته مون اسلام  ۽ ان جي معاشي نظام جو اونهائيءَ سان مطالعو ڪيو آهي ۽ مان اسلام جي حقانيت جو  قائل ٿي ويو آهيان. پر ڏکيائي هيءَ آهي ته منهنجي زال تمام ئي نيڪ ۽ فرمانبردار آهي ۽ مون کي ٻارن سان به محبت آهي. مان جنهن عالم وٽ ويو آهيان ۽ انهن جي اڳيان پنهنجي اسلام جو اظهار ڪريان ٿو ته انهن سڀني مون کي هي چيو آهي ته توکي اسلام آڻڻ کان پوءِ پنهنجي ٻارن ٻچن ۽ ٻين عزيزن قريبن سان ناتا ٽوڙڻا پوندا، جڏهن ته اها ڳالهه منهنجي لاءِ اڻ ٿيڻي آهي. منهنجي زال ۽ ٻارن جو انهيءَ ۾ ڪهڙو ڏوھ آهي جو مان انهن کي ڇڏي ڏيان؟ علامه اقبال انهيءَ هندو نوجوان کي چيو ته عالم غلط ٿا چون، تون پنهنجي اسلام جو اظهار ڪري ڇڏ ۽ پنهنجي ٻارن ٻچن سان گڏ رھ، اڃا به اڳي کان وڌيڪ سهڻي سلوڪ سان انهن سان پيش اچ ته جيئن اهي به تنهنجا هم خيال ٿي وڃن.
خليفو صاحب فرمائي ٿو ته ساڻس به هڪ اهڙو ئي واقعو پيش آيو. پاڻ جھانسي جي اسٽيشن تي گاڏيءَ جو انتظار ڪري رهيو هو جو هڪڙي هندو شاگرد سان سندس ملاقات ٿي وئي. هو فلسفي ۾ ايم اي ڪري چڪو هو ۽ پنهنجي مطالعي جي آڌار اسلام جي حقانيت جو قائل ٿي ويو هو. پر رڪاوٽ اها ئي هئي ته  کيس پنهنجي پي ءُ ماءُ ۽ ٻين مٽن مائٽن کان جدا ٿيڻو ٿي پيو. خليفو  صاحب فرمائي ٿو ته مون اقبال جي اجتهاد کي سامهون رکندي ان کي اها ئي صلاح ڏني ته هو اسلام جي اظهار کان پوءِ، پنهنجي پيءُ ماءُ سان گڏ رهي ۽ اڳي کان وڌيڪ انهن جي خدمت ۽ فرمانبرداري ڪري ته جيئن اهي به سندس هم خيال ٿي وڃن. 
اسان جي دؤر ۾ به هڪ اهڙو ئي مثال موجود آهي جو هڪڙو ماڻهو مارڪس جو پيرو ٿي خدا ۽ مذهب جو انڪار ڪري ڇڏي ٿو ۽ پنهنجي قوم جي رعايتون ڏنل طبقي جي خلاف جاکوڙ شروع ڪري ڏئي ٿو. پر ان جي باوجود هو پنهنجي پيءُ ماءُ  ۽ گھر وارن سان گڏ رهي ٿو. اصل ۾ هو هڪ مذهبي جماعت مان نڪري ٻئي مذهبي جماعت ۾ شامل ٿيڻ جي رسم، مذهبي پيشوائيت پنهنجي فائدي لاءِ شروع ڪئي آهي، باقي نه ته انهيءَ جي ضرورت بلڪل ئي نه هئي. آخرت واري زندگيءَ ۾ ڇوٽڪارو ڪنهن مذهبي جماعت ۾ شامل ٿيڻ تي آڌاريل نه آهي، پر نيڪ عمليءَ تي دارومدار رکي ٿو.
اسلام جي شروع واري زماني ۾ رسول اللهﷺ ۽ قرآن ڪريم تي ايمان آڻڻ جي نتيجي ۾ انهن جي مٿان سخت ظلم ڪيو ويندو هو. ايتري تائين جو آخرڪار انهيءَ شخص کي مجبور ٿي ڪري، پنهنجي جماعت مان نڪرڻو پوندو هو. پر هن دؤر ۾ جڏهن جو علمي قوتون تمام ئي ترقي ڪري چڪيون آهن ۽ اولهه وارن انسان پسندي ۽ آزاد فڪري وارن گڻن کي پنهنجي تهذيب جو بنياد بڻائي ڇڏيو آهي، هر سماجي ۽ فڪري تنظيم عالمي حيثيت اختيا ر ڪري چڪي آهي ته انهيءَ صورت ۾ مذهب جي مڃڻ يا نه مڃڻ  جي ڪري فرد تي تشدد ڪرڻ هڪ پراڻي ۽ وساريل ڳالهه ٿي وئي آهي. مذهبي تشدد ۽ بنياد پرستي جي خلاف عالمي راءِ عامه سجاڳ ٿي چڪي آهي. پيغام رساني جي وسيلن ۾ ترقي  ۽ علم جي اشاعت، دنيا کي هڪ عالمي ڳوٺ بڻائي ڇڏيو  آهي. اڄ دنيا جي سمورين يونيورسٽين ۾ هر مذهب سان تعلق  رکندڙ ۽ هر ملڪ  جا رهواسي پنهنجي ٻولي، تهذيب ۽ مذهب ۾ اختلاف رکڻ باوجود ٽولن جا ٽولا ٿي علم حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي چڪا آهن. عالمي راندين جي مقابلن ۾ به هر مذهب ۽ تهذيب جا فرد موجود هوندا آهن.  انهن حالتن اهڙي فضا قائم ڪري ۽ اهڙو ماحول جوڙي ڇڏيو آهي جو مذهب ۽ تهذيب جي بنياد تي تشدد ڀريو اختلاف ممڪن ئي نه رهيو آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سمورن پاڪ ڪتابن جو هڪ ئي وقت مطالعو ڪري، دينن جي هيڪڙائي واري نظريي کي ترقي ڏني وڃي.
سوشلسٽ معيشت پيداواري وسيلن تي فرد جي ذات ملڪيت کي ختم ڪري، عوامي ملڪت قائم ڪرڻ جو فلسفو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ انهيءَ تي ڪيتريون ئي رياستون قائم به ٿي ويون آهن. انساني هيڪڙائيءَ جي رستي ۾ اها هڪ وڏي رڪاوٽ هئي، جنهن کي ختم ڪيو ويو آهي. هاڻي  انهيءَ کي عالمي سطح تي سوڀارو ڪرڻ رهجي ويو آهي، جنهن لاءِ مزدور عوام ان ڏانهن اچي رهيو آهي.
مارڪس پيداواري وسيلن تي انفرادي ملڪيت جي خاتمي سان گڏ مزدورن کي، جيڪي مختلف مذهبن، تهذيبن رنگ نسل ۽ ٻولين سان واسطو رکن ٿا، جڏهن ته انهن جا مفاد ساڳيا آهن، عالمي سطح تي متحد ڪرڻ جي لاءِ مذهب جو انڪار ڪري ڇڏيو. اها ڳالهه مارڪس جي لاءِ ضروري هئي، ڇو جو دنيا جي مذهبن جي اصل تعليم کي انهن مذهبن جي پيشوائن، رعايتون ڏنل طبقن جي مفاد جي تحفظ لاءِ بگاڙي ڇڏيو آهي. هاڻي مذهبن جي تعليم معاشري کي توحيدي معاشرو يا غير طبقاتي معاشرو بنائڻ لاءِ جاکوڙڻ جي تاڪيد نٿي ڪري، پر رڳو  خدا جي توحيد جو زباني اقرار کي ئي گھڻو سمجھي ٿو. تنهن ڪري مارڪس مذهب کي رد ڪري ماديت جي فلسفي کي پنهنجائي ڇڏيو. ڇو جو مادي جو پنهنجو ڪوبه رنگ، ڪو خاص طرف يا جماعت نه آهي. اهو ته شڪل ڏيڻ کان مٿانهون آهي. هر صورت ۽ مظهر مادي جي ئي صورت ۽ مظهر آهي. انهيءَ ڪري هن خدا جي روحاني وحدت بدران، جنهن کي مذهبن جي تنگ نظر عالمن ورهائي ڇڏيو آهي، مادي هيڪڙائي کي  ئي انساني هيڪڙائي جو بنياد سڏيو آهي.
مادو ۽ ان جو فلسفو پنهنجي اندر ناڪاري لاڙا رکي ٿو. مادو هاڪاري گڻن کان خالي آهي. اليڪٽران ۽ پروٽان ۾ ڪنهن قدر (Value) جو ملڻ، اسان جي بحث جو موضوع ئي نه آهي. جڏهن ته خدا جو تصور سمورن هاڪاري ۽ اعلى قدرن جو سرچشمو آهي. خدا تعالى جي هستي مادي وانگر زندگي، شعور، ارادي ۽ مقصد کان خالي نه آهي. اڃا به اها پنهنجي ذات ۾ هميشه زنده ۽ هميشه قائم آهي. الله تعالى جي ذات اڪيلي آهي. کيس نسلي، تهذيبي ۽ مذهبي جماعتن ۾ ورهائي نٿو سگھجي. هو زمين ۽ آسمان جو نور آهي. وجود جو هر مظهر ان سان ئي قائم آهي ۽ ان سان ئي زنده آهي. ڪائنات جا سمورا مظهر  ۽ انسانيت سندس ساراھ ۽ تسبيح ڪري رهي آهي. 
يورپ پنهنجي ترق جي  لاءِ ڪيٿولڪ مذهب جهڙي متشدد ۽ تنگ نظر مذهب کي رد ڪري سيڪيولر ازم کي پنهنجائي ورتو. سيڪيولر ازم کي قرآن ”لَا إِكْرَاهَ فِي الدِّينِ“ چيو آهي. خليفي عبدالحڪيم انهيءَ آيت کي دنيا جي مذهبن جي آزاديءَ جو منشور سڏيو آهي. افسوس آهي جو انسان پسندي، آزاد فڪري، روشن خيالي ۽ بردباري جي اها فضا، مسلمانن کي ئي قرآن ڪريم جي عالمگير ۽ انسان دوست تعليم جي بنياد تي جوڙڻ گھربي هئي، پر اها پڳ به يورپ وارن جي مٿي تي ٻڌجي وئي. 
مان مسلمان عالمن کي اپيل ٿو ڪريان ته اهي روايتي اسلام جي فضا مان نڪري، ڊاڪٽر خليفي عبدالحڪيم، ڊاڪٽر رفيع الدين، ڊاڪٽر يوسف گواريه، ڊاڪٽر افضل الرحمان، ڊاڪٽر علي شريعتي ۽ ڊاڪٽر رشيد جالنڌري جهڙن روشن فڪر مسلمان عالمن جي لکڻين جو مطالعو ڪن. حافظ شيرازي جي لفظن ۾ اها اميد ڀري دعا آهي ته:
کشتی شکست گانیم اے باد شرط برخیز شاید کہ باز بیم آں یار آشنارا
انهيءَ تمهيد کان پوءِ مولانا ابوالڪلام آزاد جي انهيءَ قيمتي مقالي کي وري وري پڙهو، توهان حقيقي اسلام جي ويجھو ٿيندا ويندا. 

”اِهدِنَا“(هدايت)
هدايت جو مطلب رهبري ڪرڻ، رستو ڏيکارڻ، دڳ لائڻ جي آهي. اجمالي طرح سان انهيءَ جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. هتي اسان گھرون ٿا ته هدايت جي مختلف مرتبن ۽ قسمن تي هڪ نظر وجھون، جنهن جو ذڪر قرآن ڪريم ڪيو آهي ۽ جن مان هڪ خاص مرتبو وحي ۽ نبوت جي هدايت آهي. 

وجود جي جوڙجڪ جا چار مرتبا
توهان هاڻي پڙهي چڪا آهيو ته خدا تعالى جي ربوبيت جهڙي طرح سان مخلوقن کي انهن جي مناسبت سان ئي جسم ۽ طاقت ڏني آهي. اهڙي طرح انهن جي هدايت جو فطري سامان به پيدا ڪري ڇڏيو آهي. فطرت جي اها ئي هدايت آهي جيڪا هر وجود کي زندگي ۽ معيشت جي واٽ تي لڳائيندي ۽ زندگيءَ جي ضرورتن جي جستجو ۾ رهنما هوندي آهي. جيڪڏهن فطرت جي اها هدايت موجود نه هجي  ها ته، اهو ممڪن نه هو ته ڪابه مخلوق پنهنجي لاءِ زندگي ۽ بقا جو سامان گڏ ڪري سگھي ها. ايئن قرآن ڪريم جتي ڪٿي انهيءَ حقيقت ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي. هو چوي ٿو ته  هر وجود جي بنجڻ ۽ تڪميل جي درجي تائين پهچڻ جا مختلف مرتبا آهن ۽ انهن ۾ آخري مرتبو هدايت جو مرتبو آهي. سورت اعلى ۾ چار دفعا ذڪر ڪيو ويو آهي:
الَّذِي خَلَقَ فَسَوَّىٰ (٢)وَالَّذِي قَدَّرَ فَهَدَىٰ (٣) ﴿الأعلى﴾
ترجمو: ”جنھن (ساري مخلوق کي) خلقيو پوءِ سنئين لڱين ڪيائين. ۽ جنھن اندازو ڪيو پوءِ رستو ڏيکاريائين. “
يعني وجود جي جوڙجڪ جا چار درجا ٿيا؛ تخليق، سڌارو، تقدير ۽ هدايت
تخليق جو مطلب پيدا ڪرڻ آهي. اها ڳالهه ته ڪائنات خلقت ۽ ان جي هر وجود جو مادو عدم (غير موجودگيءَ) مان وجود ۾ اچي ويو، سا تخليق آهي. 
سڌاري جو مطلب آهي ته هڪ شيءِ کي جيئن هئڻ گھرجي، بلڪل ايئن ئي ان کي ٺيڪ ڪرڻ ۽ سينگارڻ.
تقدير جو مطلب اندازو ڪرڻ آهي ۽ ان جي تشريح مٿي گذري چڪي آهي. 
هدايت جو مطلب آهي ته هر وجود تي ان جي زندگي ۽ معيشت جي واٽ کولي وڃي. ان جي تشريح به ربوبيت واري بحث ۾ ٿي چڪي آهي. مثال طور:
وجود جي جوڙجڪ جي انهن چئن مرحلن کي وڌيڪ چٽو ڪرڻ لاءِ اسان مخلوق مان هڪ خاص قسم پکين جو کڻون ٿا. انهن بنسبت:
1. اها ڳالهه ته انهن جي خلقت جو مادو ظاهر ٿي ويو، تخليق آهي.
2. اها ڳالهه ته انهن جي سموري اندرين توڙي  ٻاهرين جوڙ جڪ اهڙي طرح بڻائي وئي جو بلڪل ئي پوري ۽ اعتدال جي حالت تي پيدا ٿي وئي، سڌارو آهي. 
3. اها ڳالهه ته انهن جي اندرين ۽ ٻاهرين جوڙ جڪ جي عملن لاءِ هڪ خاص طرح جو اندازو ڪيو ويو آهي، جنهن کان هو ٻاهر نٿا وڃي سگھن، تقدير آهي. مثال طور اهو ته اهي هوا ۾ اڏامندا، مڇين وانگر پاڻي تي تري نه سگھندا. 
4. اها ڳالهه ته انهن جي اندر وجدان ۽ حواسن جي روشني پيدا ٿي وئي، جنهن سان انهن کي زندگيءَ ۽ پنهنجي بقا جون واٽون نظر اچن ۽ زندگيءَ جي سامان جي مطلب ۽ حاصل ڪرڻ ۾ رهنمائي ڪن ٿيون، هدايت آهي. 
قرآن چوي ٿو ته الله تعالى جي ربوبيت جي اها گھُر هئي ته جهڙي طرح هن هر وجود کي ان جي هڪ خاص بيهڪ ڏني ۽ ان جياندروني توڙي ٻاهرين عضون کي به صحيح ڪري ڇڏي ۽ انهن جي عملن لاءِ هڪ مناسب اندازو به مقرر ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح انهن جي هدايت جو به سامان مهيا ڪري ڏئي. 
رَبُّنَا الَّذِي أَعْطَىٰ كُلَّ شَيْءٍ خَلْقَهُ ثُمَّ هَدَىٰ ﴿طه: ٥٠﴾
ترجمو: ”اسان جو پالڻهار اهو آهي، جنهن هر شيءِ کي ان جي بناوت ڏني، پوءِ ان تي عمل جو دڳ  کولي ڏنو.“
قرآن ڪريم حضرت ابراهيمؑ ۽ ان جي قوم جو هڪٻئي سان تڪرار جتي ڪٿي نقل ڪيو آهي. انهيءَ ۾ حضرت ابراهيمؑ پنهنجي عقيدي جو اعلان ڪندي فرمائي ٿو:
وَإِذْ قَالَ إِبْرَاهِيمُ لِأَبِيهِ وَقَوْمِهِ إِنَّنِي بَرَاءٌ مِّمَّا تَعْبُدُونَ (٢٦)إِلَّا الَّذِي فَطَرَنِي فَإِنَّهُ سَيَهْدِينِ (٢٧) ﴿الزخرف﴾
ترجمو: ”۽ ياد ڪر جڏھن ابراھيم پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيو ته جنھن شيء کي (اوھين) پوڄيندا آھيو تنھن کان بيشڪ آءٌ بيزار آھيان.“
الَّذِي خَلَقَنِي فَهُوَ يَهْدِينِ (٧٨)وَالَّذِي هُوَ يُطْعِمُنِي وَيَسْقِينِ (٧٩)وَإِذَا مَرِضْتُ فَهُوَ يَشْفِينِ (٨٠) ﴿الشعراء﴾
ترجمو: ”جنھن مون کي پيدا ڪيو آھي اُھو ئي مون کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي. ۽ اُھو آھي جو مون کي کارائيندو آھي ۽ مون کي پياريندو آھي. ۽ جڏھن بيمار ٿيندو آھيان تڏھن مون کي شفا ڏيندو آھي. “
يعني جنهن پروردگار جي پروردگاريءَ منهنجي زندگيءَ جي سمورين ضرورتن جو سامان مهيا ڪري ڏنو آهي، جيڪو مون کي بک ۾ کاڌو، اڃ ۾ پاڻي ۽ بيماريءَ جي حالت ۾ شفا يا تندرستي عطا ڪندو آهي، ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگھي ته هن مون کي پيدا ته ڪيو هجي، پر منهنجي هدايت جو سامان پيدا نه ڪيو هجي؟ جيڪڏهن  هن مون کي پيدا ڪيو آهي ته پڪ سان هو ئي آهي جيڪو طلب ۽ ڪوشش ۾ منهنجي رهنمائي به ڪري ٿو. 
سورت الصافات ۾ به اهو ئي مطلب هنن لفظن ۾ ادا ڪيو ويو آهي:
إِنِّي ذَاهِبٌ إِلَىٰ رَبِّي سَيَهْدِينِ ﴿الصافات: ٩٩﴾
ترجمو: ”مان (هر پاسي کان هڪ منو ٿي) پنهنجي پالڻهار ڏانهن مهاڙ ڪريان ٿو، هو ئي مون کي هدايت ڪندو“. 
”ربي“ جي لفظ تي غور ڪريو، هو منهنجو ”رب“ آهي ۽ جڏهن هو ”رب“ آهي ته ضروري آهي ته اهو ئي مون کي عمل جي رستو به کولي ڏئي!

هدايت جا شروعاتي ٽي درجا
وري هدايت جا به درجا آهن جيڪي اسان حيوانن ۾ محسوس ڪندا آهيون. 
سڀ کان پهريون درجو وجدان جي هدايت جو آهي. وجدان حيواني طبيعت جو فطري ۽ اندروني الهام آهي. اسان ڏسندا آهيون ته هڪ ٻار پيدا ٿيندي ئي غذا جي لاءِ روئڻ شروع ڪندو آهي ۽ پوءِ بنا ان ڳالهه جو جو ٻاهران ان کي ڪا رهنمائي ملي هجي، هو ماءُ جي ڇاتيءَ ۾ وات وجھي ان کي چوسڻ ۽ پنهنجي خوارڪ حاصل ڪرڻ شروع ڪندو آهي. 
وجدان کان پوءِ حواسن جي هدايت جو درجو آهي ۽ اهو وجدان کان مٿانهون درجو آهي. اهو اسان کي ڏسڻ، ٻڌڻ، چکڻ، ڇهڻ ۽ سنگھڻ جي سگھه ڏيندو آهي جن جي ذريعي اسان ٻاهرين جهان جي ڄاڻ حاصل ڪندا آهيون. 
فطرت جي هدايت جا اهي ٻئي درجا انسان ۽ حيوان سڀني جي لاءِ آهن. جيستائين انسان جو تعلق آهي، ته اسان ڏسون ٿا ته هڪ ٽيون درجو به آهي جيڪو انسان ۾ موجود آهي ۽ اهو عقل جي هدايت آهي. فطرت جي اها ئي هدايت آهي، جنهن انسان جي اڳيان اڻ کٽ ترقين جو دروازو کولي ڇڏيو آهي ۽ کيس هن زميني ڪائنات جي سمورين مخلوقن جو نتيجو ۽ تت ٻڌائي ڇڏيو آهي. 
وجدان جي هدايت ان جي اندر ڪوشش ۽ سوڀارو ٿيڻ جو جذبو پيدا ڪري ٿي. حواس کيس لڳاتار معلومات پهچائيندا رهن ٿا ۽ عقل نتيجا ۽ حڪم ترتيب ڏيڻ ۾ ان جي مدد ڪري ٿو. حيوانن کي انهيءَ آخري درجي جي ضرورت نه هئي. تنهن ڪري انهن جا پير وجدان ۽ حواسن کان اڳتي نه وڌيا، پر انسان جي اندر اهي ٽئي درجا گڏ رکيا ويا. 
عقل ڇا آهي؟ اهو اصل ۾ هڪ سگھه جي ترقي يافته حالت آهي، جنهن حيوانن ۾ وجدان ۽ حواس جي روشني پيدا ڪري ڇڏي آهي. جهڙي طرح انسان جو جسم، زميني جسمن جي سڀ کان اوچي ڪڙي آهي، اهڙي طرح سندس معنوي سگھه به سمورين معنوي سگھن جو بهترين جوهر آهي. حيواني روح جو اهو جوهر، جيڪو ٻوٽن ۾ ڳجھو ۽ حيوانن جي وجدان ۾ چٽو هو، انسان جي درجي ۾ پهچي ڪمال جي درجي تائين پهچي ويو ۽ جوهر عقل جي نالي سان سڏيو ويو. 

هدايت جو هر درجو هڪ خاص حد تائين ڪارگر آهي
وري اسان ڏسون ٿا ته فطرت جي هدايت جي انهن ٽنهي درجن مان هر درجو پنهنجي سگھه ۽ عمل جو هڪ خاص دائرو رکي ٿو ۽ ان کان اڳتي نٿو وڌي. پوءِ جيڪڏهن انهيءَ درجي کان هڪ ٻيو مٿانهون درجو موجود نه هجي ها، ته اسان جون معنوي سگھون انهيءَ حد تائين ترقي نه ڪري سگھن ها، جنهن حد تائين فطرت جي رهنمائيءَ سان ترقي ڪري رهيون آهن. 
وجدان جي هدايت اسان ۾ طلب ۽ ڪوشش جو جوش پيدا ڪري ٿي ۽ زندگيءَ جي گھربل واٽ تي لڳائي ٿي. پر اها اسان جي وجود کان ٻاهر جيڪو ڪجھه موجود آهي، ان جو ادراڪ حاصل نٿي ڪري سگھي. اهو ڪم حواس واري درجي جو آهي. وجدان جي رهنمائي جڏهن پوري ٿي ويندي آهي، ته حواسن جي رهنمائي شروع ٿي ويندي آهي. اک ڏسندي آهي، ڪن ٻڌندو آهي، زبان چکندي آهي، هٿ ڇهندو آهي، نڪ سنگھندو آهي ۽ اهڙي طرح اسان پنهنجي وجود کان ٻاهر جي سمورين محسوس ٿيندڙ شين جو ادراڪ حاصل ڪري وٺندا آهيون. 
پر حواسن جي هدايت به هڪ خاص حد تائين ڪم ڏئي سگھي ٿي، ان کان اڳتي نٿي وڌي سگھي. اک ڏسندي آهي، پر رڳو انهيءَ حالت ۾ جو ڏسڻ جا سمورا شرط موجود هجن. پر جيڪڏهن انهن مان ڪو هڪ به شرط نه هوندو، مثال طور روشني نه هجي، يا مفاصلو وڌيڪ هجي ته اسان اک هوندي به هڪ موجود شيءِ کي سڌي طرح سان ڏسي نٿا سگھون. ان کانسواءِ حواس جي هدايت رڳو ايترو ڪري سگھي ٿي ته شين جو احساس پيدا ڪري، پر رڳو احساس به ته ڪافي نه آهي. اسان کي نتيجو ڪڍڻ جي به ته ضرورت هوندي آهي، حڪمن جي ضرورت آهي، بنيادي اصولن جي ضرورت آهي ۽ اهو سڀ ڪم عقل جي هدايت جو آهي. هو انهيءَ سموري ڄاڻ کي، جيڪا هو حواس جي ذريعي حاصل ڪندو آهي، ترتيب ڏيندو  آهي ۽ ان مان حڪم ۽ بنيادي اصول ٺاهيندو آهي. 

هدايت جو هر درجو پاڻ کان مٿين هدايت وٽان سڌاري ۽ نگراني جو متحاج آهي
ان کانسواءِ جهڙي طرح وجدان جي نگراني لاءِ حواس جي ضرورت هئي، اهڙي طرح حواسن جي سڌاري ۽ نگراني لاءِ عقل جي ضرورت ٿي. حواس جو ادراڪي وسيلو نه رڳو محدود آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن غلطيءَ ۾ اچي ڀٽڪجي وڃڻ کان به محفوظ نه آهي. اسان پري کان هڪ شيءِ ڏسندا آهيون ۽ محسوس ڪندا آهيون ته اهو هڪ ڪاري ٽبڪي کان وڌيڪ پکيڙ نٿو رکي، جڏهن ته اهو هڪ تمام ئي وڏو قبو هوندو آهي. وري بيماريءَ جي حالت ۾ ماکيءَ جهڙي مٺي شيءِ اسان چکندا آهيون، پر اسان جو وقتي ذوق ٻڌائيندو آهي ته ذائقو ڪؤڙو آهي. تلاءَ ۾ اسان ڪاٺيءَ جو هڪ عڪس ڏسندا آهيون، ڪاٺي ته سڌي هوندي آهي، پر عڪس اسان کي ٽيڙو نظر ايندو آهي. ڪيترائي دفعا ايئن به ٿيندو آهي ته ڪنهن بيماري وغيره جي ڪري اسان جا ڪن وڄڻ لڳندا آهن ۽ اسان کي اهڙا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن جن جو اصل ۾ڪوبه وجود نه هوندو آهي. جيڪڏهن حواس واري درجي کان هڪ درجو مٿي هدايت جو وجود نه هجي ها ته ممڪن نه هو ته اسان حواسن جي انهن مجبورين ۾ حقيقت تي پهچي سگھون ها. پر انهن سمورين حالتن ۾ عقل جي هدايت ظاهر ٿيندي آهي. اها حواسن جي مجبورين واري وقت اسان جي رهنمائي ڪندي آهي. اها اسان کي ٻڌائيندي آهي ته سج هڪ تمام ئي وڏو بال آهي. جيتوڻيڪ اسان جي اک ان کي هڪ سونهري ٿالهي کان وڌيڪ محسوس نٿي ڪري. اها اسان کي ٻڌائي ٿي ته ماکيءَ جو ذائقو هر حالت ۾ مٺو آهي ۽ جيڪڏهن اهو اسان کي ڪؤڙو لڳي ٿو ته انهيءَ جي لاءِ جو اسان جي وات جو ذائقو بگڙي ويو آهي. اهڙي طرح اها اسان کي ٻڌائي ٿي ته ڪڏهن ڪڏهن خشڪي وڌي وڃڻ جي ڪري ڪن وڄڻ لڳندا آهن ۽ انهيءَ حالت ۾ جيڪي آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، سي ظاهري آواز نه هوندا آهن، اسان جي پنهنجي ئي دماغ جو پڙاڏو هوندا آهن.

فطرت جي هدايت جو چوٿون درجو
جهڙي طرح سان وجدان کان پوءِ حواس جي هدايت ظاهر ٿيندي آهي، ڇو جو وجدان جي هدايت هڪ خاص حد کان اڳتي وڌي نٿي سگھي ۽ جهڙي طرح حواس کان پوءِ عقل جي هدايت ظاهر ٿيندي آهي، ڇو جو حواس جي هدايت به هڪ خاص حد کان اڳتي وڌي نٿي سگھي، بلڪل اهڙيءَ ئي طرح اسان محسوس ڪندا آهيون ته عقل جي هدايت کان پوءِ به هدايت جو هڪ وڌيڪ درجو هئڻ گھرجي. ڇو جو عقل جي هدايت به هڪ خاص حد کان اڳتي وڌي نٿي سگھي ۽ ان جي عملي ميدان کان پوءِ به هدايت جو هڪ ميدان باقي رهجي وڃي ٿو. عقل جو ڪم جيترو ۽ جو ڪجھه به آهي، محسوس شين جي دائري ۾ محدود آهي، يعني اهو رڳو ايتري حد تائين ڪم ڏئي سگھي ٿو جيستائين ان کي اسان جا پنج حواس لڳاتار معلومات ڏيندا رهن ٿا. پر محسوس شين جي سرحدن کان اڳتي ڇا آهي؟ انهيءَ پردي جي پويان ڇا آهي، جنهن کان اڳتي اسان جا حواس نٿا وڃي سگھن؟ هتي پهچي عقل به لاچار ٿي وڃي ٿو ۽ ان جي هدايت اسان کي ڪابه روشني ڏئي نٿي سگھي. 
ان کانسواءِ جيستائين انسان جي عملي زندگيءَ جو لاڳاپو آهي، عقل جي هدايت نه ته هر حالت ۾ ڪافي آهي ۽ نه هر حال ۾ اثرائتي آهي. انساني نفس ڪيترن ئي قسمن جي خواهشن ۽ جذبن سان اهڙو ته ڦاٿل آهي، جو جڏهن به عقل ۽ جذبن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي آهي ته گھڻو ڪري سوڀ جذبن جي ئي ٿي ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن عقل اسان کي پڪ ڏياريندو آهي ته  فلاڻو ڪم نقصانڪار آهي، پر جذبا اسان کي ترغيب ڏيندا آهن ۽ اسان انهيءَ ڪم کان پنهنجو پاڻ کي روڪي نه سگھندا آهيون. عقل جو تمام ئي وڏو دليل به اسان کي اهڙو نٿو بڻائي سگھي جو، ڪاوڙ جي وقت اسان آپي کان ٻاهر نڪري نه وڃون ۽ بک جي حالت ۾ نقصانڪار خوارڪ ڏانهن هٿ نه وڌايون.
چڱو، جيڪڏهن خدا تعالى جي ربوبيت جي لاءِ ضروري هو ته هو اسان کي وجدان سان گڏ حواس به ڏئي، جو وجدان جي هدايت هڪ خاص حد کان اڳتي نٿي وڃي سگھي ۽ حواسن سان گڏ عقل به ڏئي جو وجدان جي هدايت به هڪ خاص حد کان اڳتي نٿي وڌي سگھي ته، ڇا اهو ضروري نه  هو ته عقل سان گڏ ٻيو ڪجھه به ڏي، جو عقل جي هدايت به هڪ خاص حد کان ڳتي وڌي نٿي سگھي ۽ عملن جي درستگي ۽ ترتيب لاءِ ڪافي نه آهي؟ جيڪڏهن هُن وجدان سان گڏ حواس به ڏنا ته جيئن وجدان جي غلطين ۾ ان جي نگراني ڪن ۽ حواسن سان گڏ عقل به ڏنو ته جيئن حواسن جي غلطين ۾ قاضي ۽ حاڪم هجي ته ڇا ضروري نه هو ته عقل سان گڏ ڪجھه ٻيو به ڏئي ها ته جيئن عقل جي لاچاري واري حالت ۾ صحيح فيصلو ٿي سگھي ها؟
قرآن چوي ٿو ته ضرور هو. انهيءَ ڪري ئي الله تعالى جي ربوبيت، انسان جي لاءِ، هڪ چوٿين درجي جي هدايت جو سامان به پيدا ڪري ڇڏيو. اهو ئي اُهو هدايت جو درجو آهي، جنهن کي وحي ۽ نبوت جي هدايت سان سڃاتو وڃي ٿو.
ايئن اسان ڏسون ٿا ته هُن جتي ڪٿي هدايت جي انهن درجن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن کي خدائي ربوبيت جي سڀ کان وڏي بخشش ۽ ٻاجھه سڏيو آهي:
إِنَّا خَلَقْنَا الْإِنسَانَ مِن نُّطْفَةٍ أَمْشَاجٍ نَّبْتَلِيهِ فَجَعَلْنَاهُ سَمِيعًا بَصِيرًا (٢)إِنَّا هَدَيْنَاهُ السَّبِيلَ إِمَّا شَاكِرًا وَإِمَّا كَفُورًا (٣) ﴿الانسان﴾
ترجمو: ”بيشڪ اسان ماڻھوءَ کي ھڪڙي (پاڻ ۾) گڏيل منيءَ مان پيدا ڪيو، ته اُن کي پرکيون پوءِ کيس ٻڌندڙ ڏسندڙ ڪيوسون. بيشڪ اسان کيس سڌو دڳ ڏسيو (ھاڻي ھو) شُڪر ڪندڙ ٿئي يا بي شُڪر. “
(يعني يا ته الله تعالى جي ڏنل قوتن کي بلڪل صحيح ڪم ۾ آڻي ۽ ڇوٽڪاري ۽ ڪاميابي جي واٽ وٺي يا وري انهن کان ڪم نه وٺي گمراھ ٿي وڃي).
أَلَمْ نَجْعَل لَّهُ عَيْنَيْنِ (٨)وَلِسَانًا وَشَفَتَيْنِ (٩)وَهَدَيْنَاهُ النَّجْدَيْنِ (١٠)
﴿البلد﴾
ترجمو : ” کيس ٻه اکيون نه ڏنيون اٿون ڇا؟ ۽ ڄڀ ۽ ٻه چَپ به؟ ۽ ٻه رستا ڏيکارياسونس. “
وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمْعَ وَالْأَبْصَارَ وَالْأَفْئِدَةَ قَلِيلًا مَّا تَشْكُرُونَ ﴿الملك:٢٣﴾
ترجمو: ” جنھن اوھان کي پيدا ڪيو ۽ اوھان جا ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين، (اوھين) ٿورڙو احسان مڃيندا آھيو.“ (يعني الله تعالى جي ڏنل قوتن کي بلڪل صحيح طريقي سان ڪم آڻيو)
انهن ۽ انهن سان ملندڙ جلندڙ معنى رکندڙ آيتن ۾ حواس ۽ عقل جي هدايت ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي. پر اهي سموريون حالتون جتان انسان جي روحاني نيڪ بختي ۽ بد بختي جو ذڪر ڪيو ويو، سي وحي ۽ نبوت واري هدايت سان لاڳاپيل آهن. مثال طور: 
إِنَّ عَلَيْنَا لَلْهُدَىٰ (١٢)وَإِنَّ لَنَا لَلْآخِرَةَ وَالْأُولَىٰ (١٣)﴿الليل﴾
ترجمو: ”بيشڪ سڌو رستو ڏيکارڻ اسان تي (لازم) آھي. ۽ بيشڪ آخرت ۽ دُنيا (ٻئي) اسان جي وس ۾ آھن. “
وَأَمَّا ثَمُودُ فَهَدَيْنَاهُمْ فَاسْتَحَبُّوا الْعَمَىٰ عَلَى الْهُدَىٰ﴿فصلت: ١٧﴾
ترجمو: ”۽ ثمود (قوم) سو اُنھن کي پڌرو رستو ڏيکاريوسون پوءِ ھدايت کان انڌائي کي پسند ڪيائون “
وَالَّذِينَ جَاهَدُوا فِينَا لَنَهْدِيَنَّهُمْ سُبُلَنَا وَإِنَّ اللَّهَ لَمَعَ الْمُحْسِنِينَ
﴿العنكبوت: ٦٩﴾
ترجمو: ”۽ جن اسان جي واٽ ۾ ڪوشش ڪئي تن کي ضرور پنھنجون واٽون ڏيکارينداسون، ۽ بيشڪ الله ڀلارن سان گڏ آھي.“

الهدى
اهڙي طرح انهيءَ سلسلي ۾ هو الله تعالى جي هڪ خاص هدايت جو ذڪر ڪري ٿو ۽ ان کي ”الهدى“ جي نالي سان سڏي ٿو. يعني الف لام تعريف سان گڏ:
قُلْ إِنَّ هُدَى اللَّهِ هُوَ الْهُدَىٰ وَأُمِرْنَا لِنُسْلِمَ لِرَبِّ الْعَالَمِينَ ﴿الأنعام: ٧١﴾
ترجمو: ”چؤ ته الله جي ڏسيل واٽ اھائي سڌي واٽ آھي، ۽ اسان کي حڪم ڏنو ويو آھي ته جھانن جي پالڻھار جي فرمانبرداري ڪريون.“
وَلَن تَرْضَىٰ عَنكَ الْيَهُودُ وَلَا النَّصَارَىٰ حَتَّىٰ تَتَّبِعَ مِلَّتَهُمْ قُلْ إِنَّ هُدَى اللَّهِ هُوَ الْهُدَىٰ﴿البقرة: ١٢٠﴾
ترجمو: ”۽ (اي پيغمبر) يھودي ايسين توکان ڪڏھن راضي نه ٿيندا ۽ نڪي نصارىٰ جيسين تون سندن دين جي تابعداري ڪرين، (کين) چؤ ته الله جي ھدايت اھا (اسلام) جي (حقيقي ۽ عالمگير) ھدايت آھي.“
اها ”الهدى“ يعني هدايت جي هڪ ئي حقيقي واٽ ڪهڙي آهي؟ قرآن چوي ٿو ته خدائي وحي ئي عالمگير هدايت آهي. جيڪا پهرئين ئي ڏينهن کان دنيا ۾ موجود آهي ۽ بنا فرق جي سموري انسانذات لاءِ آهي. هو چوي ٿو ته جهڙي طرح الله تعالى وجدان، حواس ۽ عقل جي هدايت جي معاملي ۾ نه نسل يا ڪنهن قوم جو فرق رکيو آهي ۽ نه ئي وقت ۽ جاءِ جو، اهڙي طرح ان جي هدايت ”وحي“ به هر قسم جي گروھبندي ۽ فرق کان پاڪ آهي. اهو سڀ ڪجھه انهيءَ ڪري ۽ سڀ ڪنهن کي ڏني وئي آهي جو انهيءَ هڪڙي هدايت کانسواءِ ٻيون جيتريون به هدايتون انسانن پنهنجي پر ۾ سمجھيون آهن، سڀئي انسان جون پنهنجون هٿ ٺوڪيون آهن، جڏهن ته الله تعالى جي مقرر ڪيل رڳو هيءَ هڪڙي واٽ آهي. 
انهيءَ ڪري هو هدايت جي انهن سمورن شڪلين کان هڪدم انڪار ڪري ٿو، جيڪي انهيءَ جي اصل کان ڦري، ڀانت ڀانت جي مذهبي گروھ بندين ۽ هڪٻئي جي خلاف ٽولين ۾ ورهائجي ويون آهن ۽ خوشبختي ۽ ڇوٽڪاري جي عالمگير حقيقت، ڪن خاص گروهن ۽ جماعتن جي ميراث بڻائي ورتي آهي. هو چوي ٿو ته انساني بناوٽ جون اهي جدا جدا راهون آهن، جيڪي هدايت جي واٽ هرگز نه ٿيون ٿي سگھن. هدايت جي واٽ ته اها ئي عالمگير واٽ آهي. انهيءَ عالمگير وحي واري هدايت کي هو ”الدين“ جي نالي سان سڏي ٿو. يعني انسانذات جي لاءِ حقيقي دين ۽ انهيءَ جو ئي نالو ان جي ٻوليءَ ۾ ”اسلام“ آهي.

ديني هيڪڙائي جو عظيم اصل ۽ قرآن ڪريم 
هيءُ عظيم اصل قرآن ڪريم جي دعوت جو سڀ کان پهريون بنياد آهي. هو جيڪو ڪجھه به ٻڌائڻ گھرندو آهي سو سمورو انهيءَ اصل تي آڌاريل آهي. جيڪڏهن انهيءَ اصل کان منهن ڦيريو وڃي ته ان جي دعوت جو ڪارخانو  تباھ ۽ برباد ٿي وڃي. پر دنيا جي تاريخ جي عجوبن مان هي واقعو به سمجھڻ گھرجي ته، جيتري حد تائين قرآن ڪريم انهيءَ اصل تي زور ڏنو هو، ايترو ئي وڌيڪ دنيا جي نظرن انهيءَ کان منهن موڙيو. ايتري تائين جو چئي سگھجي ٿو ته اڄ قرآن جي ڪابه ڳالهه، دنيا جي نظرن کان ايترو لڪل نه آهي، جيترو هي عظيم اصل لڪل آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو هر قسم جي خارجي اثرن کان ذهن کي خالي ڪري، قرآن جو مطالعو ڪري ۽ ان جي صفحن ۾ جتي ڪٿي انهيءَ عظيم اصل جي يقيني ۽ چٽن اعلانن کي پڙهي ۽ پوءِ دنيا ڏانهن نظر ڦيرائي، جيڪا قرآن جي حقيقت ان کان وڌيڪ نٿي سمجھي ته ڪيترن ئي گروھ بندين وانگر اها به هڪ گروھ بندي آهي، ته پڪ سان هو حيران ٿي دانهن ڪندو ته يا ته سنڌا نظرون کيس دوکو ڏئي رهيون آهن يا دنيا هميشه اکيون ٻوٽي پنهنجا فيصلا ٻڌائيندي رهندي آهي.

دين جي حقيقت ۽ قرآن جي چٽائي
انهيءَ حقيقت جي چٽائيءَ جي لاءِ ضروري آهي ته هڪ دفعو تفصيل سان اها ڳالهه چٽي ڪئي وڃي ته جيستائين وحي ۽ نبوت، يعني دين جو لاڳاپو ڇا آهي؟ قرآن جي دعوت ڇا آهي ۽ ڪهڙي واٽ ڏانهن انسانذات کي وٺي وڃڻ گھري ٿي؟
خوشخبري ڏنل جماعت جي شروعاتي وحدت، ۽ پوءِ اختلاف ۽ هدايت جو ظاهر ٿيڻ
هن باب ۾ قرآن ڪريم جيڪو ڪجھه بيان ڪيو آهي، ان جي تت هيٺ ڏجي ٿو:
هو چوي ٿو ته شروع ۾ انساني جماعت جو اهو حال هو ته ماڻهو قدرتي زندگي گذاريندا هئا. انهن ۾ نه ته ڪنهن قسم جو پاڻ ۾ اختلاف هو ۽ نه ئي ڪو جھيڙو جھٽو. سڀني جي زندگي هڪجهڙي هئي ۽ سڀئي پنهنجي قدرتي هڪجهڙائيءَ تي گذارو ڪندڙ هئا. اڳتي هلي ايئن ٿيو جو انساني نسل جي گھڻائي ۽ معاشي ضرورتن جي واڌاري سبب گھڻن ئي قسمن جا اختلاف پيدا ٿي پيا ۽ انهن اختلافن فرقي بازي، ظلم ۽ فساد جي شڪل اختيار ڪرڻ شروع ڪئي. هر جماعت ٻئي جماعت کان نفرت ڪرڻ لڳي ۽ هر ڏاڍو هيڻي جي حقن جي لتاڙ ڪرڻ لڳو.
جڏهن اها صورتحال پيدا ٿي پئي، ته ضروري ٿي پيو ته انسانذات جي هدايت، عدل ۽ سچائيءَ کي قائم ڪرڻ لاءِ خدائي وحي جي روشني ظاهر ٿئي. اهڙي طرح اها روشني ظاهر ٿي ۽ خدا تعالى جي رسولن جي دعوت ۽ تبليغ جو سلسلو قائم ٿي ويو. هو انهن سمورن اڳواڻن کي، جن جي وسيلي هدايت جو اهو سلسلو قائم ٿيو، ”رسول“ جي نالي سان تعبير ڪري ٿو. ڇو جو اهي الله تعالى جي سچائيءَ جو پيغام پهچائيندڙ هئا ۽ ”رسول“ جي معنى پيغام پهچائيندڙ آهي. 
وَمَا كَانَ النَّاسُ إِلَّا أُمَّةً وَاحِدَةً فَاخْتَلَفُوا وَلَوْلَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِن رَّبِّكَ لَقُضِيَ بَيْنَهُمْ فِيمَا فِيهِ يَخْتَلِفُونَ ﴿يونس: ١٩﴾
ترجمو: ”۽ (اصل) ماڻھو ھڪ ٽوليءَ کانسواءِ نه ھوا پوءِ اختلاف ڪيائون، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جو حُڪم اڳ ٿيل نه ھجي ھا (يعني ته انسانن ۾ اختلاف پيدا ٿيندا ۽ ماڻهو مختلف واٽون اختيار ڪندا) ته جنھن (ڳالهه) بابت اختلاف ڪن ٿا تنھنجو سندن وچ ۾ فيصلو پورو ڪيو وڃي ھا“.
كَانَ النَّاسُ أُمَّةً وَاحِدَةً فَبَعَثَ اللَّهُ النَّبِيِّينَ مُبَشِّرِينَ وَمُنذِرِينَ وَأَنزَلَ مَعَهُمُ الْكِتَابَ بِالْحَقِّ لِيَحْكُمَ بَيْنَ النَّاسِ فِيمَا اخْتَلَفُوا فِيهِ
﴿البقرة:٢١٣﴾
ترجمو: ”سڀ ماڻھو ھڪ ٽولي هُئا، پوءِ (ڦري اِختلاف ۾ پيا تنھنڪري) الله پيغمبرن کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو، ۽ ساڻن سچ سان ڪتاب ھن لاءِ لاٿائين ته (اُھو ڪتاب) ماڻھن جي وچ ۾ جنھن (ڳالهه) بابت جھڳڙو ڪندا آھن (تنھن بابت) نبيرو ڪري“

عام هدايت
هيءَ هدايت ڪنهن خاص ملڪ، قوم يا زماني جي لاءِ نه هئي، پر سموري انسانذات جي لاءِ هئي. ايئن هر دؤر ۽ هر ملڪ ۾ ان اها هڪجڙي ظاهر ٿي. قرآن چوي ٿو ته دنيا جي ڪابه اهڙي ڪنڊ نه آهي، جتي انساني نسل اچي آباد ٿيو هجي ۽ اتي الله تعالى ڪو رسول نه موڪليو هجي. 
وَإِن مِّنْ أُمَّةٍ إِلَّا خَلَا فِيهَا نَذِيرٌ ﴿فاطر: ٢٤﴾
ترجمو: ”۽ دنيا ۾ ڪابه قوم اهڙي نه آهي جنهن ڏانهن (سندن بدعملي جي نتيجن کان) خبردار ڪرڻ وارو (خدا تعالى جو رسول) نه گذريو هجي“. 
إِنَّمَا أَنتَ مُنذِرٌ وَلِكُلِّ قَوْمٍ هَادٍ ﴿الرعد: ٧﴾
ترجمو: ”(اي پيغمبر) پڪ سان تون ان کانسواءِ ٻيو ڇا آهين ته (بدعملين جي نتيجن کان) ڊيڄاريندڙآهين ۽ دنيا ۾ هر قوم جي لاءِ هڪ هدايت ڪرڻ وارو ٿيو آهي“
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ رَّسُولٌ فَإِذَا جَاءَ رَسُولُهُمْ قُضِيَ بَيْنَهُم بِالْقِسْطِ وَهُمْ لَا يُظْلَمُونَ ﴿يونس: ٤٧﴾
ترجمو: ” ۽ سڀ ڪنھن اُمت لاءِ ھڪ پيغمبر آھي، پوءِ جڏھن سندن پيغمبر آيو (ته) سندن وچ ۾ اِنصاف سان نبيرو ڪيو ويو ۽ انھن تي ظلم نه ڪيو ويو.“

انساني نسل جو شروعاتي دؤر ۽ الله جا رسول
هو چوي ٿو ته انساني نسل جي شروعاتي دؤر ۾ ڪيترائي پيغمبر ٿي گذريا آهن، جيڪي هڪٻئي پٺيان موڪليا ويا. انهن قومن کي حق جو پيغام پهچايو. 
وَكَمْ أَرْسَلْنَا مِن نَّبِيٍّ فِي الْأَوَّلِينَ ﴿الزخرف: ٦﴾
ترجمو: ”ڪيترائي نبي آهن جيڪي اسان اڳين (يعني شروعاتي دور جي قومن) ۾ موڪليا.“
رسولن جو موڪلڻ ۽ خدائي عدل جي گهرج آهي
هو چوي ٿو ته اها ڳالهه خدائي عدل جي خلاف آهي ته ڪنهن جماعت کي سندن عملن جو ذميوار بڻايو وڃي، جڏهن ته انهن جي هدايت لاءِ ڪو رسول نه موڪليو ويو هجي.
وَمَا كُنَّا مُعَذِّبِينَ حَتَّىٰ نَبْعَثَ رَسُولًا ﴿الإسراء: ١٥﴾
ترجمو: ”۽ (اسان جو قانون هي آهي ته) جيستائين اسان هڪ پيغمبر کي نه موڪلي هدايت جي راھ نه ڏيکاريون، ان وقت تائين (عملن جي بدلي طور) عذاب ڏيڻ وارا نه آهيون“.
وَمَا كَانَ رَبُّكَ مُهْلِكَ الْقُرَىٰ حَتَّىٰ يَبْعَثَ فِي أُمِّهَا رَسُولًا يَتْلُو عَلَيْهِمْ آيَاتِنَا وَمَا كُنَّا مُهْلِكِي الْقُرَىٰ إِلَّا وَأَهْلُهَا ظَالِمُونَ ﴿القصص: ٥٩﴾
ترجمو: ”۽ (اي پيغمبر) تنھنجو پالڻھار ڳوٺن کي (ايسين) ڪڏھن به ناس ڪرڻ وارو نه آھي جيسين اُن جي ڪنھن وڏي شھر ۾ ڪو پيغمبر (نه) موڪلي جو اسان جون آيتون کين پڙھي ٻڌائي، ۽ ڳوٺن کي ڪڏھن به ناس ڪرڻ وارا نه آھيون سواءِ ان حالت جي جو سندن رھڻ وارا ظالم ھجن.“

ڪن رسولن جو ذڪر ڪيو ويو ۽ ڪن جو نه...
خدا تعالى جي انهن رسولن ۽ خدائي دين جي داعين  مان ڪن جو ذڪر قرآن ڪريم ڪيو آهي ۽ ڪن جو نه ڪيو آهي:
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا رُسُلًا مِّن قَبْلِكَ مِنْهُم مَّن قَصَصْنَا عَلَيْكَ وَمِنْهُم مَّن لَّمْ نَقْصُصْ عَلَيْكَ﴿غافر: ٧٨﴾
ترجمو: ”۽ بيشڪ توکان اڳ ڪيترائي پيغمبر موڪلياسون منجھائن ڪنھن جو احوال توکي بيان ڪيوسون ۽ منجھائن ڪنھن جو احوال توکي بيان نه ڪيوسون“

بيشمار قومون ۽ بيشمار رسول
نوح، عاد ۽ ثمود جي قومن کان پوءِ ڪيتريون ئي قوم گذري چڪيون آهن، ۽ انهن ۾ ڪيترائي رسول موڪلجي چڪا آهن، جن جي پوري ڄاڻ رڳو الله تعالى کي ئي آهي:
أَلَمْ يَأْتِكُمْ نَبَأُ الَّذِينَ مِن قَبْلِكُمْ قَوْمِ نُوحٍ وَعَادٍ وَثَمُودَ وَالَّذِينَ مِن بَعْدِهِمْ لَا يَعْلَمُهُمْ إِلَّا اللَّهُ جَاءَتْهُمْ رُسُلُهُم بِالْبَيِّنَاتِ فَرَدُّوا أَيْدِيَهُمْ فِي أَفْوَاهِهِمْ﴿ابراهيم: ٩﴾
ترجمو: ”اوھان کي انھن جي سُڌ نه پھتي آھي ڇا جيڪي اوھان کان اڳ نوح ۽ عاد جي قوم جا ھوا، ۽ جيڪي کانئن پوءِ ھوا، جن کي الله کان سواءِ ڪو ڪونه ڄاڻندو ھو، سندن پيغمبر وٽن پڌرن مُعجزن سان آيا پوءِ پنھنجا ھٿ واتن ۾ ورايائون“
نيڪ عملي ڏانهن سڏيندڙ هدايت سدائين ساڳي ئي رهي آهي
خدائي فطرت جي واٽ ڪائنات جي هر پاسي ساڳي ئي آهي. اها نه ته هڪ کان وڌيڪ ٿي سگھي ٿي، نه ئي پاڻ ۾ جدا جدا. سو  ضروري هو ته اها هدايت به پهرين ڏينهن کان هڪ ئي هجي ها ۽ هڪ ئي طريقي تي سمورن انسانن کي سڏي ها. ايئن قران چوي ٿو ته الله تعالى جا جيترا به پيغمبر دنيا ۾ آيا، پوءِ ڀلي اهي زماني جي ڪنهن به پاسي ۾ ٿيا هجن،  سڀني جي واٽ هڪ ئي هئي ۽ سڀ الله تعالى جي هڪڙي ئي عالمگير خوشبختي واري قانون جي تعليم ڏيڻ وارا هئا. اهو خوشبختي وارو عالمگير قانون ڇا هو؟ ايمان ۽ عمل صالح جو قانون آهي. يعني هڪڙي جهانن جي پالڻهار جي پوڄا ڪرڻ ۽ نيڪ عملي واري زندگي گذارڻ. ان کانسواءِ ۽ ان جي خلاف جيڪو ڪجھه به دين جي نالي تي چيو وڃي ٿو، سو حقيقي دين جي تعليم نه آهي. 
وَلَقَدْ بَعَثْنَا فِي كُلِّ أُمَّةٍ رَّسُولًا أَنِ اعْبُدُوا اللَّهَ وَاجْتَنِبُوا الطَّاغُوتَ
﴿النحل: ٣٦﴾
ترجمو: ”۽ بيشڪ سڀڪنھن ٽولي ۾ (ھڪ) پيغمبر موڪليوسون ته الله جي عبادت ڪريو ۽ بتن (جي پوڄا) کان پري ٿيو.“
وَمَا أَرْسَلْنَا مِن قَبْلِكَ مِن رَّسُولٍ إِلَّا نُوحِي إِلَيْهِ أَنَّهُ لَا إِلَٰهَ إِلَّا أَنَا فَاعْبُدُونِ ﴿الأنبياء: ٢٥﴾
ترجمو: ”۽ توکان اڳ جيڪو (به) پيغمبر موڪليوسون تنھن ڏانھن ھي ئي وحي ڪيوسون ته مون کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي تنھنڪري منھنجي عبادت ڪريو.“

سڀني نبين جي تعليم انساني هيڪڙائي جي هئي
هو چوي ٿو ته دنيا ۾ ڪوبه مذهب جو اهڙو باني پيدا نه ٿيو آهي، جنهن هڪ ئي دين تي گڏجي رهڻ ۽ فرقيواريت ۽ اختلافن کان بچڻ جي تعليم نه ڏني هجي. سڀني جي تعليم اها ئي هئي ته خدا تعالى جو دين وڇڙيل انسانن کي گڏ ڪرڻ جي لاءِ آهي، جدا جدا ڪرڻ جي لاءِ نه آهي. سو رڳو هڪ ئي پالڻهار جي ٻانهپ ۾ سڀئي هڪ ٿي وڃو ۽ فرقيواريت ۽ هڪٻئي کان جدائيءَ جي بدران محبت ۽ ڀائپي واري واٽ اختيار ڪريو.
وَإِنَّ هَٰذِهِ أُمَّتُكُمْ أُمَّةً وَاحِدَةً وَأَنَا رَبُّكُمْ فَاتَّقُونِ ﴿المؤمنون: ٥٢﴾
ترجمو: ” ۽ بيشڪ اوھان جو ھيءُ دين ھڪ دين آھي ۽ آءٌ اوھان جو پالڻھار آھيان تنھنڪري مون کان ڊڄو.“
هو چوي ٿو ته الله تعالى توهان کي هڪ ئي لباس وارو انسانيت ڏنو هو، پر توهان گھڻن ئي قسمن جا ويس ۽ نالا اختيار ڪري ورتا ۽ انساني هيڪڙائي واري رشتي کي سوين ٽڪرن ۾ ورهائي ڇڏيو. توهان جا نسل ڪيترائي آهن، تنهن ڪري توهان نسل جي نالي تي هڪٻئي کان جدا ٿي ويا. توهان جا گھڻا ئي وطن ٿي ويا، سو توهان وطن جي بنياد تي هڪٻئي سان وڙهي رهيا آهيو، توهان جي اڻ ڳڻيون ذاتيون آهن ۽ توهان مان هر ذات وارو ٻئي ذات واري سان ڄنڊا پٽ ۾ لڳو پيو آهي. توهان جا رنگ جدا جدا آهن ۽ اهو به هڪٻئي سان نفرت ۽ دشمني جو وڏو ذريعو بڻجي ويو آهي. توهان جون ٻوليون جدا جدا آهن ۽ اها ڳالهه به هڪٻئي کان جدا رهڻ جو وڏو دليل بڻجي وئي آهي. انهن سڀني ڳالهين کانسواءِ امير ۽ غريب، نوڪر ۽ مالڪ، لچ لوڦر ۽ شريف، ٻڍو ۽ جوان، ننڍو ۽ وڏو؛ اهڙا اڻ ڳڻيا اختلاف پيدا ڪيا ويا آهن ۽ سڀني جو مقصد اهو ئي آهي ته هڪ ٻئي کان جدا ٿي وڃو ۽ هڪٻئي کان نفرت ڪندا رهو. اهڙي حالت ۾ ٻڌايو ته اهو ڪهڙو رشتو آهي، جيڪو ايترن سارن اختلافن هئڻ جي باوجود به انسانن کي هڪٻئي سان جوڙي ۽ انسانيت جو اجڙيل گھر هڪ دفعو وري آباد ٿي وڃي؟ هو چوي ٿو ته رڳو هڪڙو ئي رشتو باقي رهجي ويو آهي ۽ اهو آهي خدا پرستيءَ جو پاڪ رشتو. اسان ڪيترو به جدا ٿي ويا هجون، پر توهان جا خدا جدا نٿا ٿي سگھن. توهان سڀئي هڪ ئي پالڻهار جا ٻانها آهيو. توهان سڀني جي ٻانهپ جي لاءِ هڪڙو ئي معبود آهي. توهان اڻ ڳڻيا اختلاف رکڻ باوجود به ٻانهپ جي هڪڙي ئي ڌاڳي ۾ پوتل آهيو. توهان جو ڪوبه نسل هجي، ڪهڙو به وطن هجي،  ڪهڙي به قوميت هجي، توهان کڻي ڪنهن به درجي ۾ ۽ ڪنهن به پِڙَ جا انسان هجو، پر جڏهن هڪ ئي پالڻهار جي اڳيان پنهنجو ڪنڌ نوائيندا ته، اهو آسماني رشتو توهان جي سمورن زميني اختلافن کي ختم ڪري ڇڏيندو. توهان سڀني جون وڇڙيل دليون هڪٻئي سان ملي وينديون. توهان کي محسوس ٿيندو ته سموري ڌرتي توهان جو ديس آهي، سمورا انساني نسل توهان جو ڪٽنب آهن ۽ توهان سڀئي هڪ ئي پالڻهار جو عيال آهيو.
ايئن هو چوي ٿو ته خدا تعالى جا جيترا به رسول پيدا ٿيا، سڀني جي تعليم اها ئي هئي ته ”الدين“ تي يعني انسانذات جي هڪ ئي عالمگير دين تي قائم رهو ۽ انهيءَ واٽ ۾ هڪ ٻئي کان جدا نه ٿي وڃو. 
شَرَعَ لَكُم مِّنَ الدِّينِ مَا وَصَّىٰ بِهِ نُوحًا وَالَّذِي أَوْحَيْنَا إِلَيْكَ وَمَا وَصَّيْنَا بِهِ إِبْرَاهِيمَ وَمُوسَىٰ وَعِيسَىٰ أَنْ أَقِيمُوا الدِّينَ وَلَا تَتَفَرَّقُوا فِيهِ
﴿الشورى: ١٣﴾
ترجمو: ” اوھان لاءِ اھو دين مُقرّر ڪيائين جنھن (جي قائم ڪرڻ) جو نُوح کي حُڪم ڪيو ھوائين ۽ جيڪو توڏانھن به وحي ڪيوسين ۽ اُھو جنھن (جي قائم ڪرڻ) جو ابراھيم ۽ مُوسىٰ ۽ عيسىٰ کي حُڪم ڪيوسون ته دين کي قائم ڪريو ۽ منجھس ڌار ڌار نه ٿيو، “
انهيءَ ئي بنياد تي، هو هڪ دليل جي طور تي انهيءَ ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته، جيڪڏهن توهان کي منهنجي تعليم جي سچائيءَ کان انڪار آهي ته، ڪنهن به مذهب جي الهامي ڪتاب مان ئي ثابت ڪري ڏيکاريو ته حقيقي دين جي واٽ هن کانسواءِ ٻي به ڪا ٿي سگھي ٿي. توهان جنهن به مذهب جي حقيقي تعليم ڏسندا ته ان جو اصل ۽ بنياد هيءُ ئي هوندو.
قُلْ هَاتُوا بُرْهَانَكُمْ هَٰذَا ذِكْرُ مَن مَّعِيَ وَذِكْرُ مَن قَبْلِي بَلْ أَكْثَرُهُمْ لَا يَعْلَمُونَ الْحَقَّ فَهُم مُّعْرِضُونَ(٢٤)وَمَا أَرْسَلْنَا مِن قَبْلِكَ مِن رَّسُولٍ إِلَّا نُوحِي إِلَيْهِ أَنَّهُ لَا إِلَٰهَ إِلَّا أَنَا فَاعْبُدُونِ (٢٥) ﴿الأنبياء﴾
ترجمو: ” (اي پيغمبر کين) چؤ ته پنھنجو دليل آڻيو، ھي (قرآن) منھنجي سنگت جي نصيحت آھي ۽ (ھي) مون کان اڳ وارن جي نصيحت آھي (يعني توريت ۽ انجيل انھن مان دليل ڏيو) بلڪ انھن مان گھڻا حق کي نه ڄاڻندا آھن اُن ڪري اُھي مُنھن موڙيندڙ آھن. ۽ توکان اڳ جيڪو (به) پيغمبر موڪليوسون تنھن ڏانھن ھي ئي وحي ڪيوسون ته مون کانسواءِ ڪو (به) عبادت جي لائق نه آھي تنھنڪري منھنجي عبادت ڪريو.“
ايترو ئي نه، پر هو چوي ٿو ته علم ۽ سڃاڻ جي معاملي ۾، ڪنهن به قوم يا ڪنهن به روايت سان توهان ثابت ڪري ڏيکاريو ته، جيڪو ڪجھه مان ٻڌائي رهيو آهيان سا گذريل سمورين دعوتن جي تعليم نه رهي آهي:
ائْتُونِي بِكِتَابٍ مِّن قَبْلِ هَٰذَا أَوْ أَثَارَةٍ مِّنْ عِلْمٍ إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ
﴿الأحقاف: ٤﴾
ترجمو: ”مون کي ڏيکاريو ته زمين (جي شين) منجھان ڪھڙي شيء پيدا ڪئي اٿن يا آسمانن (جي بڻائڻ) ۾ انھن جي ڪا ڀائيواري (ثابت) آھي ڇا؟ جيڪڏھن سچا آھيو ته ھن کان اڳ (آيل) ڪوبه ڪتاب يا ڪا علمي سَند مون وٽ آڻيو “

سمورن پاڪ ڪتابن جي هڪٻئي جي تصديق مان قرآن جو استدلال
انهيءَ بنياد تي هو دنيا جي سمورن مذهبن جي هڪٻئي بابت تصديق کي به هڪ دليل جي طور تي پيش ڪري ٿو. يعني هو چوي ٿو ته انهن مان هر هڪ جي تعليم، هڪ ٻئي جي تعليم جي تصديق ڪري ٿي، ان کي ڪوڙو نٿي ڪري. پوءِ جڏهن هر تعليم ٻئي جي تعليم جي تصديق ڪري ٿي ته ان مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن سمورن تعليمن جي اندر ڪا هڪ ئي ثابت ٿيل ۽ سدائين قائم حقيقت ضرور ڪم ڪري رهي آهي. ڇو جو جيڪڏهن مختلف وقتن، مختلف علائقن، مختلف قومن، مختلف نالن، مختلف لباسن ۽ مخلتف ٻولين سان ڪا ڳالهه چئي وئي هجي ۽ انهن سمورن اختلافن باوجود انهن سمورن اختلافن جي ڳالهه سدائين هڪ ئي نقطي تي اچي پڄندي هجي ۽ هڪ ئي مقصد تي زور ڏيندي هجي ته قدرتي طور تي اهو مڃڻو پوندو ته اهڙي ڳالهه اصليت کان خالي نه آهي. 
نَزَّلَ عَلَيْكَ الْكِتَابَ بِالْحَقِّ مُصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَيْهِ وَأَنزَلَ التَّوْرَاةَ وَالْإِنجِيلَ (٣)مِن قَبْلُ هُدًى لِّلنَّاسِ وَأَنزَلَ الْفُرْقَانَ (٤)
﴿آل‌عمران﴾
ترجمو: ”توتي (اُھو) ڪتاب سچ سان لاٿائين (جو) جيڪي (ڪتاب) کانئس اڳي آھن تن جو سچو ڪندڙ آھي ۽ توريت ۽ اِنجيل کي لاٿائين. اڳي ئي ماڻھن جي ھدايت لاءِ ۽ (سچ ۽ ڪُوڙ ۾) سنڌو وجھندڙ لاٿائين“
وَآتَيْنَاهُ الْإِنجِيلَ فِيهِ هُدًى وَنُورٌ وَمُصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَيْهِ مِنَ التَّوْرَاةِ﴿المائدة: ٤٦﴾
ترجمو: ”۽ کيس انجيل ڏنوسون جنھن ۾ ھدايت ۽ نُور آھي، ۽ توريت جيڪو کانئس اڳ ھو تنھنجو سچو ڪندڙ  هو“
اهو ئي سبب آهي جو اسان ڏسون ٿا ته ان جي بيان ۽ نصيحت جو هڪ وڏو موضوع گذريل زماني جي هدايتن ۽ رسالتن جو ذڪر آهي. هو انهن جي هڪجهڙائي ۽ تعليمي هيڪڙائي مان مذهبي سچائيءَ جي سمورن مقصدن تي شاهدي پيش ڪري ٿو.