صراط مستقم
صراط
صراط جي لفظي معنى ته رستو يا واٽ آهي، پر اهو رومي لفظ صطراطا (Strata) جو عربي اچار آهي. صطراطا سڌيءَ طرح سان روم ڏانهن ويندڙ رستو هو. اها واٽ پڪي ۽ مٿانهين هوندي هئي. ان جا سنڀاليندڙ ۽ حفاظت ڪندڙ سرڪاري ملازم هوندا هئا. انهيءَ شاھ راھ تي مسافرخانا ۽ بازاريون هونديون هيون ۽ مسافر کي ڪنهن به قسم جو ڊپ ڊاءُ نه هوندو. اها شاھ راھ سڀ کان ننڍي ۽ ٿوري مفاصلي ۾ هوندي هئي. ور وڪڙ ۽ ڏکي نه هوندي هئي. اهڙي شاھ راھ تي پهچڻ کان پوءِ مسافر ڀلجي وڃڻ يعني موت کان بچي ويندا هئا. مسافر پنهنجي منزل تائين پهچي يا نه پهچي يعني کيس زندگيءَ ۾ پنهنجي مقصد تائين پهچ حاصل ٿئي يا نه ٿئي، هو ڀلجي وڃڻ کان بچي ويندو هو ۽ هيڏي هوڏي ڀٽڪي وڃڻ بدران کيس پڪ هوندي هئي ته انهيءَ ئي سڌي واٽ تي هلڻ ۾ سندس ڀلائي آهي. ڇو جو رستي ۾ نه اڃ سبب موت اچي پئي سگھيو ۽ نه ئي ڦورو کيس ڦري ٿي سگھيا. اها تمام ئي محفوظ شاهي رستو آهي جنهن کي سفر جو حفاظت سان پورو ٿي وڃڻ پڪي ڳالهه آهي. صراط جو لفظ مديني ۾ سمجھيو ويندو هو.
مستقيم
سورت يوسف ۾ صراط مستقيم جي لاءِ ”الدين القيم“ جو لفظ آيو آهي. الصراط المستقيم اسلام جو ٻيو نالو آهي، جڏهن ته اسلام پالڻهار جي ٻانهپ جو نالو آهي:
إِنَّ اللَّهَ رَبِّي وَرَبُّكُمْ فَاعْبُدُوهُ هَٰذَا صِرَاطٌ مُّسْتَقِيمٌ ﴿آلعمران: ٥١﴾
ترجمو: ” بيشڪ الله مُنھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، اھا سنئين واٽ آھي.“
سورت ياسين ۾ به اها ئي ڳالهه ڪئي وئي آهي:
أَلَمْ أَعْهَدْ إِلَيْكُمْ يَا بَنِي آدَمَ أَن لَّا تَعْبُدُوا الشَّيْطَانَ إِنَّهُ لَكُمْ عَدُوٌّ مُّبِينٌ(٦٠)وَأَنِ اعْبُدُونِي ۚ هَٰذَا صِرَاطٌ مُّسْتَقِيمٌ (٦١) ﴿يس﴾
ترجمو: ”اي آدم جا اولاد اوھان ڏانھن پيغام نه موڪليو ھوم ڇا ته شيطان کي نه پوڄجو، جو بيشڪ اوھان جو پڌرو ويري آھي. ۽ ته منھنجي عبادت ڪجو، (جو) اِھا سڌي واٽ آھي.“
شيطان ڇا آهي؟ علمي ٻوليءَ ۾ جبلتن جي حيواني گھرجن، جهڙوڪه خود غرضي، لالچ، مال ميڙڻ جي هوس، جنسي ڇڙواڳي، پنهنجي ذاتي فائدن لاءِ خون خرابو، بادشاهت جي حدن ۾ واڌاري، وڌ کان وڌ غنيمت جي مال حاصل ڪرڻ، غلام حاصل ڪرڻ لاءِ ويڙھ جهيڙو، ڪاوڙ، چوري، ڦرمار، نسل پرستي ۽ تنگ نظر قوميت، محنت جي استحصال وغيره جهڙا ناڪاري نفسياتي ۽ اخلاقي لاڙا شيطان آهن. انهن ئي لاڙن ۽ جذبن, آدم جي جنتي معاشري غير طبقاتي معاشري کي زميني يعني طبقاتي معاشري ۾ بدلائي ڇڏيو.
خدا تعالى جي ٻانهپ, انهن ناڪاري نفسياتي ۽ اخلاقي رجحانن ۽ جذبن جي برخلاف, طبقاتي معاشري کي ٻيهر غير طبقاتي معاشري ۾ بدلائڻ جو عمل آهي. غير طبقاتي معاشري ۾ فرد جون جسماني ضرورتون سهڻي نموني پوريون ٿي وڃن ٿيون. ان جي ڪري کيس جيڪو دل جو اطمينان حاصل ٿئي ٿو، سو خدائي عبادت ادا ڪرڻ ۾ تمام گھڻو مددگار ثابت ٿئي ٿو. ڇو جو انهيءَ اطمينان کانسواءِ فرد پوري ڌيان سان پنهنجي خالق سان تعلق قائم نٿو ڪري سگھي.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته رب جي ٻانهپ واري رستي کان هٽڻ واريون قومون ۽ فرد، هر قسم جي بداخلاقين، ظلمن ۽ بڇڙائين، جهڙوڪ شراب، زنا وغيره ۾ ٻڏي ويندا آهن، جنهن ڪري تباھ ۽ برباد ٿي ويندا آهن. انهيءَ ڪري رب تعالى جي ٻانهپ جو رستو ئي اهو شاهي رستو (صراط مستقيم) آهي، جنهن تي هلي انسان حفاظت سان پنهنجي منزل تائين پهچي وڃي ٿو. پر جيڪڏهن منزل تائين نه به پهتو ته رستي جي تڪليفن، خطرن ۽ تباهيءَ کان محفوظ رهي ٿو ۽ خير سلامتيءَ سان پنهنجو سفر جاري رکي سگھي ٿو.
اهڙيءَ طرح سور نحل ۾ حضرت ابراهيمؑ جي نسبت سان چيو ويو آهي: ”وَهَدَاهُ إِلَىٰ صِرَاطٍ مُّسْتَقِيمٍ“ ﴿النحل: ١٢١﴾ (الله تعالى ان کي سڌي واٽ ڏيکاري ڇڏي). سورت زخرف ۾ حضرت عيسىؑ چيو: ”إِنَّ اللَّهَ هُوَ رَبِّي وَرَبُّكُمْ فَاعْبُدُوهُ هَٰذَا صِرَاطٌ مُّسْتَقِيمٌ“ ﴿الزخرف: ٦٤﴾ (بيشڪ الله ئي منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، اِھا سِڌي واٽ آھي.) سورت الانعام ۾ حضرت نوحؑ ۽ حضرت ابراهيمؑ جو ذڪر آهي. وري انهيءَ سلسلي ۾ ڪيترن ئي نبين سڳورن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي توريت جون مشهور شخصيتون آهن. ان کان پوءِ فرمايو ويو: ”وَاجْتَبَيْنَاهُمْ وَهَدَيْنَاهُمْ إِلَىٰ صِرَاطٍ مُّسْتَقِيمٍ“ ﴿الأنعام: ٨٧﴾ (۽ کين چونڊيوسون ۽ کين سڌي واٽ ڏانھن ھدايت ڪئي سون).
عالمگير دين جي حقيقت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ صراط مستقيم کان وڌيڪ معتبر ٻيو ڪو لفظ نه پيو ٿي سگھي. اها سڌي واٽ آهي، جنهن کي مذهبن جي پيروڪارن ترڪ ڪري، گھڻيون ئي ٽيڏيون ڦڏيون واٽون ڪڍي ورتيون ۽ هڪ واٽ تي متفق ٿيڻ بدران جدا جدا مذهبي گروھ بنديون قائم ڪري ڇڏيون. قرآن چوي ٿو:
وَأَنَّ هَٰذَا صِرَاطِي مُسْتَقِيمًا فَاتَّبِعُوهُ وَلَا تَتَّبِعُوا السُّبُلَ فَتَفَرَّقَ بِكُمْ عَن سَبِيلِهِ ذَٰلِكُمْ وَصَّاكُم بِهِ لَعَلَّكُمْ تَتَّقُونَ ﴿الأنعام: ١٥٣﴾
ترجمو: ”۽ ھيءَ ته اِھا مُنھنجي سِڌي واٽ آھي تنھنڪري اُن تي ھلو، ۽ ٻـين واٽن تي نه ھلو جو اُھي واٽون اوھان کي سندس واٽ کان جدا ڪنديون، اھو اوھان کي حُڪم فرمايو اٿس مانَ اوھين پرھيزگاري ڪريو.“
خدا تعالى جي ٻانهپ جي بدران جيڪا واٽ آهي، سا انساني جماعت کي جدا جدا ڪري ڇڏي ٿي. اڳ ۾ ئي اهو ٻڌايو ويو آهي ته الله تعالى کي اڪيلو مڃڻ ۽ ان جي ٻانهپ اختيار ڪرڻ اهو نه آهي ته رڳو زبان سان الله تعالى کي هڪ مڃيو وڃي، پر هر طرح سان عملي فرمانبرداري تاريخ ٻڌائي ٿي ته الله تعالى کي اڪيلو مڃڻ وارا، ڪڏهن به انسانن ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ وارن جي ظلمن ۽ بڇڙائين کان بچي نه سگھيا آهن. اصل ۾ الله تعالى کي اڪيلو مڃڻ ۽ ان جي ٻانهپ جو مطلب معاشري کي طبقاتي طريقي کان هٽائي غير طبقاتي بنائڻ آهي، جنهن ۾ ربوبيت جا وسيلا ڪن ٿورڙن ماڻهن جي قبضي ۾ هئڻ بدران، عوام جي ملڪيت ۾ هوندا آهن ۽ فرد پنهنجي جسماني ضرورتن جي پورائي واري عمل سان، پنهنجي زندگيءَ جي مقصد کي حاصل ڪري وٺندو آهي. دولت جي اڻبرابري واري ورڇ ۽ محنت جي استحصال سان، فرد جون جسماني ضرورتون پوريون نٿيون ٿي سگھن. بي اطميناني جي ڪري هو حضرت امام شاهه ولي الله دهلويؓ چواڻي، آخرت جي اوچن علم ڏانهن ڌيان نٿو ڏئي سگھي ۽ پنهنجي زندگيءَ جي مقصد کي حاصل ڪرڻ کان محروم ٿي ويندو آهي. تنهن ڪري خدائي هيڪڙائي، ديني هيڪڙائي، انساني هيڪڙائي ۽ توحيدي يعني غير طبقاتي معاشري کي قائم ڪرڻ وارو رستو ئي اصل ۾ ”صراط مستقيم“ آهي. انهيءَ ئي رستي تي هلي اسان ربوبيت، رحمت، عدالت ۽ هدايت جي گھرجن کي پورو ڪري سگھون ٿا. ٻئي پاسي هر اهڙو عمل، جيڪو انهن کان هٽيل آهي، سو ”صراط مستقيم“ جي خلاف آهي.