مذهب

خدا، مذهب ۽ سماج

ڪتابُ ”خدا، مذهب ۽ سماج“ بني آدم جي ترقي لاءِ خدا جي ڏنل پيغام (طبقاتي نقطي نظر کان سورة الفاتحه جو مطالعو) آھي. سورة الفاتحه جي حيثيت قرآن پاڪ جي پيش لفظ (يا مهاڳ) جي آهي. سمورا مسلمان هن سورة سڳوريءَ کي نماز جي هر رڪعت ۾ پڙهندا آهن. سڀ کان پهريان هن سورة ۾ بيان ڪيل اصطلاحن جي معنى تي غور ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ان معنى جي روشنيءَ ۾ انهيءَ جي ترجمي ۽ مطلب کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. 

Title Cover of book خدا، مذهب ۽ سماج

قرآن جو مهاڳ

سورة الفاتحه جي حيثيت قرآن پاڪ جي پيش لفظ (يا مهاڳ) جي آهي. سمورا مسلمان هن سورة سڳوريءَ کي نماز جي هر رڪعت ۾ پڙهندا آهن. پوءِ آخر ڪهڙو سبب آهي جو ايترو گھڻائيءَ سان تلاوت ڪرڻ باوجود، هيءَ سورة سڳوري مسلم امت جي زوال کي روڪڻ ۾ مددگار نه ٿي سگھي آهي؟ ٻئي پاسي هن سورة جا اڻ ڳڻيا تفسير لکيا ويا آهن جن مان سڀ کان اهم ۽ جامع تفسير مولانا ابوالڪلام آزادؓ جو آهي. مولانا آزاد مذهبي رواداري ۽ دينن جي جدت جي حق ۾ مذهبي رسم پسندي (formalism)، عقيدن جي پيروي (ritualism)، ۽ مذهبي فرقيواريت (religious sectarianism) جي خلاف ”وحدتِ دين ڪي اصل عظيم اور قرآن حڪيم“ جي عنوان سان هڪ تمام ئي قيمتي مقالو ته لکي ورتو، پر پيداواري وسلين تي هڪ تمام ئي ٿورن ماڻهن جي قبضي خلاف ۽ انهن وسيلن کي عوامي ملڪيت ۾ آڻڻ بابت ڪابه وضاحت نه ڪئي. جڏهن ته انهيءَ عمل سان نه رڳو مسلمانن پر دنيا جي سمورن مزدورن ۽ ڏتڙيل طبقن جو معاشي سڌارو واڳيل پڻ آهي. انهيءَ عمل، يعني پيداواري وسيلن تي عوامي ملڪيت قائم ٿي وڃڻ سان مزدور ۽ ٻي ڏتڙيل عوام علم ۽ تهذيب جي روشني ۽ برڪتن کان مستفيد ٿي سگھي ٿي ۽ معاشرو گڏيل طور تي اوچن اخلاقي گڻن جو پابند ٿي سگھي ٿو.
ايتري تائين جو قديم توڙي جديد، سمورن تشريحن ۽ تفسيرن ۾ انهيءَ معاشي موضوع تي اهڙي ڪابه لکڻي نٿي ملي. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو هن سورة سڳوري کي انسان جي معاشي ۽ تهذيبي تاريخ کان الڳ ڪري مطالعو ڪرڻ سبب نه مسلم امت ۽ نه ئي وري ٻئي انسان هن مان لاڀ حاصل ڪري سگھيا آهن. ايئن هن سورة سڳوري تي تاريخ ۽ رسول اللهﷺ جي جاکوڙ کي ڌيان ۾ رکندي غور ۽ فڪر ڪيو ويندو آهي، ان مان خبر پئجي ويندي ته مطالعي جو اهو انداز هڪ ته قرآن پاڪ جي نزولي مقصد کي چٽو ڪري ٿو ۽ ٻيو هي ته معاشري ۾ انهيءَ مقصد مطابق ڪهڙي تبديلي اچي سگھي ٿي؟
سڀ کان پهريان هن سورة ۾ بيان ڪيل اصطلاحن جي معنى تي غور ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ان معنى جي روشنيءَ ۾ انهيءَ جي ترجمي ۽ مطلب کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
قرآن فهمي جي لاءِ عام طور تي لغت مان ڪم ورتو ويندو آهي يا وري جاهلي ادب مان لفظن ۽ قرآني اصطلاحن جي معنى ۽ مطلب مقرر ڪرڻ لاءِ مدد روتي ويندي آهي. اها ڪوشش به حقيقت ۾ لغت مان استفادو ڪرڻ جي هم معنى آهي. لغت لفظن ۽ اصطلاحن جي معنى ته ٻڌائي وٺندي آهي، پر اها انهيءَ تاريخي ۽ معاشرتي ماحول تي روشني ناهي وجهندي، جنهن ۾ ڪو اصطلاح پنهنجي صورت اختيار ڪندو آهي. مثال طور رب کي اصطلاحي لغت جي لحاظ کان پاليندڙ، ڌڻي يا ذات کي مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ وارو چئي سگھجي ٿو. پر اهو سمورو عمل يا ته معاشري جي سمورن ماڻهن تائين پهچندو آهي، يا ڪجھه خاص ماڻهو پنهنجي طاقت ۽ سياڻپ سان واڌ ويجھه ڏيڻ وارن وسيلن تي قبضو ڪري گھڻائيءَ کي محروم ڪري ڇڏيندا آهن.

پهرين ڳالهه:
انهيءَ باري ۾ سڀ کان پهرين ڳالهه جنهن کي هڪ مفسر نظر انداز ڪري ڇڏيندو آهي، سا انسان جي شهري ۽ تهذيبي تاريخ آهي، جنهن ۾ معاشروزراعت واري دؤر جي شروعات کان ئي ڌڻي (slave owner) ۽ غلام (slave) ۾ ورهائجي ويو هو. انهيءَ دؤر کي قرآن آدم جو بهشت مان ڪڍي زمين تي ڦٽو ڪرڻ سڏيو ويو آهي ۽ انهيءَ جو سبب اهو ٻڌايو آهي ته هاڻي انسان هڪ ٻئي جا دشمن بڻجي ويا آهن. انهيءَ عمل کي ڌڻي ۽ غلام وچ ۾ مفادن جي ٽڪراءَ سبب طبقاتي ڇڪتاڻ چيو ويندو آهي.
اسلام جي ظاهر ٿيڻ وقت عرب ۽ ان جو علائقو حجاز انهيءَ ئي شهري ۽ تهذيبي تاريخ جو حصو هو. تنهن ڪري حجاز ۽ مڪي جو معاشرو به طبقاتي هو، جنهن ۾ غلام ۽ غلام بڻائيندڙ مالدار سردار هوندا هئا. انهيءَ غلام بڻائيندڙ مالدار طبقي کي قرآن پاڪ”متڪبرين“، ”مترفين“ ۽ ”الملاء“ سڏيو آهي جڏهن ته غلام ۽ ٻين ڏتڙيل فردن کي ”مستضعفين“، ”الناس“ ۽ ”الانام“ جا نالا ڏنا آهن.
اهو ئي غلام ۽ ڌڻيءَ تي آڌاريل طبقو معاشرتي ارتقا جي ڪري، اسلام جي دؤر ۾ جاگيردار ۽ زرعي غلام ۾ تبديل ٿي ويو. جاگيرداري نظام پنهنجي مڪمل منهن مهانڊي سان اولهه جي معاشري ۾ ظاهر ٿي بيٺو ۽ اندلس جي زوال کان پوءِ يورپ جي سجاڳي جي ڪري، جيڪو تحقيقي روح پيدا ٿيو ۽ ان جي ڪري ”مشينون“ ايجاد ٿيون ته جاگيرداري نظام صنعتي سرمائيداريءَ جي شڪل اختيار ڪري ورتي. هاڻي جاگيردار ڪارخاني جو مالڪ بڻجي ويو۽ زرعي غلام پگھاردار غلام (wage slave) جي حيثيت اختيار ڪري ورتي، جنهن کي پورهيت يا مزدور طبقو به سڏيو ويندو آهي.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته غلام ڌڻي، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن، جيڪي معاشري جو ڏھ سيڪڙو هئا، غلام، زرعي غلام ۽ پگهار دار غلام تائين خدا جي ربوبيت جي وسيلن جو تمام ئي ٿورو حصو پهچڻ ڏنو، جڏهن ته اهو طبقو نوي سيڪڙو تي مشتمل هو ۽ اڄ به آهي. ڇو ته سمورن پيداوار يا روزيءَ جي وسيلن جهڙوڪه زمين، ڪارخانا، کاڻيون، پيٽرول وغيره تي ڌڻي، جاگيردار ۽ سرمائيدار جو قبضو هوندو آهي. تنهن ڪري جڏهن مفسر رب ۽ ان جي ربوبيت جي معنى کي ته لغت جي لحاظ کان واضح ڪندو آهي، پر انسان جي انهيءَ طبقاتي تاريخ کي نظر انداز ڪري ڇڏيندو آهي ته ربوبيت جي طبقاتي عمل بابت ڪابه چٽائي نه ٿيندي آهي. ان جو نتيجو هي نڪرندو آهي ته رڳو اهو چوڻ سان ته الله تعالى رب آهي ۽ ان جي ربوبيت عام آهي ته انهيءَ مفهوم سان صحيح معنى ۾ ’غلام‘، ’زرعي غلام‘ ۽ ’پگھاردار غلام‘ جي محنت جو استحصال ڪندڙ طبقو ئي فائدو ماڻيندو آهي. جڏهن ته مذهبي اڳواڻ مزدور ۽ ڏتڙيل طبقن کي پاڪ ڪتاب جو حوالو ڏئي ڪري اهو ٻڌائيندو آهي ته غربت ۽ اميري الله تعالى جي طرف کان مقرر ڪيل آهي ۽ الله تعالى جي مرضي تي راضي رهڻ ئي خوشنصيبي آهي، جنهن جو اجر مرڻ کان پوءِ ملندو.
مذهب انهيءَ معنى ۾ مزدور ۽ ڏتڙيل طبقي کي شعوري سجاڳي ڏيڻ بدران، جو هو پنهنجي خالق ۽ رب جي پيدا ڪيل وسيلن مان فائدو ماڻڻ لاءِ انهن وسيلن کي پنهنجي ملڪيت ۾ آڻڻ لاءِ جاکوڙ ڪن، تقدير جو مسئلو بيان ڪري انهن جي شعوري کي سمهاري ڇڏي ٿو، جنهن ڪري ئي مذهب کي آفيم سڏيو وڃي ٿو. اهڙي طريقي تي معنى ڪرڻ سان قرآن توڙي ٻئي پاڪ ڪتاب مزدور ۽ ڏتڙيل طبقن کي، پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ رعايتون ڏنل طبقن خلاف جاکوڙڻ کان روڪي ڇڏن ٿا. ان جي نتيجي ۾ جڏهن مذهب کان لاپرواهي پيدا ٿي وڃي ٿي ته پوءِ مذهبي پيشوا شڪايت ڪري ٿو ته عوام مذهب کان پري ٿي رهيو آهي.
انهيءَ نقطي نگاھ کان رب ۽ ان جي ربوبيت جي رڳو لغوي معنى صورتحال کي صحيح طرح سان بيان نٿي ڪري، اڃا به ان جي اصل شڪل تي پردو وجھي ڇڏي ٿي. اڄ تائين جون سموريون تفسيرون اهو ئي ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.

ٻي ڳالهه:
ٻي ڳالهه جيڪا مفسر نظر انداز ڪري رهيا آهن سا هيءَ آهي ته مفسر قرآن پاڪ جي آيتن ۽ سورتن کي، رسول الله ﷺ جي مڪي ۽ مدني جاکوڙ کان جدا ڪري، پنهنجي ماحول ۾ انهن جو مطالعو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. انهيءَ ڪري ئي تفسيرون عام طور تي اهو ٻڌائڻ کان لاچار آهن ته فلاڻي آيت يا سورة نبوي جاکوڙ جي ڪهڙي مرحلي ۾ نازل ٿي ۽ انهيءَ ان سلسلي ۾ موجود ڪهڙن مسئلن کي حل ڪيو هو. اهو ئي اهو وسيلو آهي جنهن سان آيتن جي معنى مقرر ڪري سگھجي ٿي ۽ انهن سان امت پنهنجي ارتقائي عمل ۾ صحيح سمجھه حاصل ڪري سگھي ٿي.
مثال طور، جيڪڏهن سورة الضحى کي ان جي نزول واري دؤر کان جدا ڪري مطالعو ڪيو وڃي ته، انهيءَ کي ڪهڙي به معنى ڏئي سگھجي ٿي، ۽ ڏني به وئي آهي. جيڪڏهن اها خبر پئجي وڃي ته غار حرا ۾ پهرين پنجن آيتن کان پوءِ فترة الوحي جو جيڪو عرصو گذريو سو عرصو اصل ۾ ڳجھي دعوت ۽ تبليغ سان تعلق رکي ٿو، ته اها به خبر پئجي وڃي ٿي ته هيءَ سورة سڳوري سورة العلق جي لاءِ، پهرين پنجن آيتن جي نازل ٿيڻ کان پوءِ پهرين سورة آهي، جنهن جو مقصد رسول اللهﷺ کي سندس انقلابي جاکوڙ ۾ ڪاميابيءَ لاءِ جن ڳالهين جي ضرورت هئي، الله تعالى جي طرفان انهن جي عطا ڪرڻ جي خوشخبري ڏيڻ آهي. جيتوڻيڪ مفسرن انهيءَ صورتحال جي چٽائي ڪئي آهي، پر انهيءَ سان انقلاب لاءِ جن ڳالهين جي ضرورت هوندي آهي سي چٽيون نٿيون ٿين. مفسر انهيءَ کي رڳو هڪ واقعي جي طور تي بيان ڪري ڇڏن ٿا، جنهن سان مسلمان امت پنهنجي انقلابي عمل ۾ ڪابه مدد حاصل نٿي ڪري سگھي.

ٽين ڳالهه:
اهڙي طرح قرآن کي سمجھڻ لاءِ مڪي ۽ مدني سورتن جو جدا جدا مطالعو تمام ئي ضروري آهي. مڪي دؤر ۾ نازل ٿيل قرآن پاڪ اسلام جي انقلابي نظريي جو بنياد آهي جنهن مان انقلابي عمل ڦٽي نڪري ٿو. مڪي دؤر ۾ نازل ٿيل قرآن پنهنجي تاريخي پس منظر ۾ يونان، اسڪندريه، هندوستان، ايران ۽ چين جهڙن علمي مرڪزن ۾ سهيڙيل فلسفي سوچ ۽ شهري نظامن تي ڀرپور تنقيد ڪري ٿو ۽ ان جي انسان دوست توڙي انسان دشمن فڪرن جي نشاندهي ڪري ٿو. ڇو جو سوق عڪاظ ۾ جيڪا ڏهن ميلن ۾ پکڙيل هوندي هئي، ان دؤر جي سڌريل قومن جا واپاري پنهنجو سامان وڪڻڻ لاءِ مڪي ايندا هئا ۽ مڪو پنهنجو پاڻ به انهيءَ دؤر جي سڌريل ۽ واپاري گذرگاهن مان هڪ تمام ئي اهم مرڪز هو. اهي واپاري پنهنجي مال سان گڏوگڏ پنهنجا فلسفياڻا فڪر ۽ مذهبن جي تعليم به کڻي ايندا هئا ۽ انهيءَ تي ڳالهائيندا هئا. انهيءَ ئي ماحول ۾ رسول اللهﷺ جو ننڍپڻ ۽ جواني گذري هئي. ان کان پوءِ کين پنهنجي ذاتي واپاري سفرن ۾ مختلف قومن ۽ انهن تي رهڻي ڪهڻي جي مطالعي جو موقعو ملندو رهيو. نبوت کان اڳ ئي پاڻ سڳورا انهن معاشرن ۾ موجود غلام ۽ عورتن بنسبت جيڪو رويو اختيار ڪيو ويندو هو، تنهن کان چڱيءَ طرح واقف هئا. انهن معاشرن ۾ انسانن جي گھڻائي ڇا جي ڪري ڏتڙيل، غلامي، جهالت ۽ غربت ۾ گرفتار هئي؟ ۽ انهن سان رعايتون مليل طبقو ڪهڙو سلوڪ ڪندو هو؟ انهن سڀني ڳالهين جي سببن جو پاڻ سڳورنﷺ وٽ اونهو مطالعو موجود هو.
انهن سفرن جي دوران حاصل ڪيل مشاهدي ۽ تجربي تي وڌيڪ غور ۽ فڪر ڪرڻ لاءِ رسول الله ﷺ جن غارِ حرا ۾ مراقبو ڪندا هئا. انهيءَ مراقبي ۾ جتي غلام عورت ۽ ٻين ڏتڙيل ماڻهن جي رحم جوڳي حالت تي غور ٿيندو هو، اتي مذهب، نسل ۽ دولت جي بسنسبت موجود ٽڪراءَ جي ڪري، انساني هيڪڙائيءَ کي جيڪو هاڃو پهچندو هو تنهن تي غور ۽ فڪر انهن اختلافن کي ختم ڪرڻ جا اپاءَ سندن سوچ جو مرڪز هوندا هئا. حلف الفضول جهڙي غير سياسي جماعت جو قائم ٿيڻ، جنهن جو مقصد بيواهن، يتيمن ۽ لاچار ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۽ انهن کي رعايتون ڏنل طبقي کان سندن حق وٺي ڏيارڻ هو، پڻ پاڻ سڳورن جي جاکوڙي مقصدن ۽ رخ جو ڏس ڏئي ٿو. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته مفسر عام طور تي انهن سمورن واقعن کي، جيڪي نبوت کان اڳ نبي ڪريمﷺ جي چاليهن سالن واري زندگيءَ ۾ پکڙيل آهن، قرآني تعليم جي گڻن کي چٽو ڪرڻ ۾ ڪم نٿا آڻين. انهيءَ ڪري تفسيرون رڳو رعايتون ڏنل طبقي جي مفادن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ڪم ٿيو اچن، جنهن ڪري اسلام جي ڏيڍ هزار سال جي تاريخ ۾ ديني بنياد تي مزدور ۽ ڏتڙيل جي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ ڪابه هلچل پيدا نه ٿي سگھي، ڪوبه فرانس جهڙو انقلاب اچي نه سگھيو. آخرڪار ملوڪيت (بادشاهت) جي اداري کي مغربي ڏاهپ اچي ختم ڪيو ۽ ان جي بدران هر فرد کي ووٽ جو حق ڏنو ۽ گھڻو پوءِ ڪارل مارڪس جي فڪر تي روس ۾ مزدور عوام هڪ عظيم انقلاب آندو. پر ڪوبه مسلمان ملڪ پنهنجي وڏي واڪ دعوائن باوجود پنهنجي اندر صحيح اسلامي معاشرو تعمير نه ڪري سگھيو.
قرآن مجيد کي ان جي تاريخي حالتن ۽ رسول الله ﷺ جي جاکوڙ کان جدا ڪري سمجھڻ جي ڪوشش، رعايتون ڏنل طبقي جي مفادن کي ته فائدو پهچائي سگھي، پر عوام (الناس – الانام) جي حق ۾ ڪابه تبديلي پيدا نه ڪري سگھي. اهي تفسيرون پنهنجي غير عوامي رويي سبب مسلمان امت منجهان نه ته ملوڪيت کي ختم ڪري سگھيون ۽ نه ئي عوام پرور معاشي ۽ سياسي نظام جوڙي سگھيون. بغداد جي زوال کان پوءِ اجتهاد جي دروازي کي بند ڪيو ويو جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو امت جي فڪر ۾ سڪوت، سُستي ۽ غير تخليقي رويا سوڀارا ٿي ويا ۽ مسلم امت جي زندگي هڪ جاءِ تي بيهي وئي، جنهن ۾ اڳتي هلي ٿوري گھڻي چرپر ۽ پساھ يورپ جي غلامي ۾ اچڻ کانپوءِ انهن قومن جي سائنسي، شهري، خانداني ۽ تهذيبي ارتقا سان سڌو سنئون لاڳاپو قائم ٿيڻ سان پيدا ٿي هئي.

چوٿين ڳالهه:
چوٿين ڳالهه جنهن کي عام تفسيرن بلڪل ئي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي، سو اسلام جو ختم نبوت جي عقيدي بابت عالمگير ۽ دائمي پاسو آهي. مولانا عبيدالله سنڌيؓ فرمايو هو ته اصل ۾ هي ”اسلام جي بين الاقوامي پروگرام“ جو ٻيو نالو آهي. جيڪڏهن نبوت اڃا به هلندڙ هجي ها ته موجوده مذهبي جماعت ۾ اڃا به واڌارو ٿيندو رهي ها. اهڙي طرح اسلام به انهن جماعتن مان هڪ مذهبي جماعت جي حيثيت ۾ ئي هجي ها ۽ ان جي اها دعوى ته اهو دنيا جي قومن کي خدائي هيڪڙائيءَ جي نظريي تي هڪ ڪرڻ لاءِ آيو آهي ۽ ان جو مقصد دنيا مان بک، غلامي، جهالت، سياسي غلامي ۽ محنت جي استحصال کي ختم ڪري، دنيا ۾ موجود مذهبن جي گڏيل اخلاقي ۽ روحاني گڻن جي بنياد تي انساني هيڪڙائي ۽ زمين تي آدم جي خلافت قائم ڪرڻ لاءِ آيو آهي، سو غلط ٿي وڃي ها. انهيءَ ڪري ئي قرآن پاڪ مسلمان امت کي ”امتِ وسط“ سڏيو آهي جنهن کي ٻين لفظن ۾ ذڪر ڪيل مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ علمبردار جٿي جي حيثيت حاصل آهي.
اها ڳالهه تمام ئي افسوس لائق آهي ته امت اها اڳواڻيءَ واري حيثيت اختيار ڪرڻ بدران پنهنجو پاڻ ئي هڪ مذهبي جماعت بڻجي وئي آهي. قرآن پاڪ جي دائمي ۽ عالمگير تعليم کي، جيڪا ختم نبوت جو لازمي نتيجو آهي، نظر انداز ڪرڻ سان اهي تفسيرون غلاميءَ جي خاتمي لاءِ ڪو مؤقف اختيار ڪري نه سگھيون، جڏهن ته قرآن پاڪ جي مقصد خلاف انهيءَ غير انساني اداري جي ڪري، انسانن جي واپار ٿيندو رهيو. انهيءَ طريقي کي آمريڪي صدر ابراهيم لنڪن اچي ختم ڪيو ۽ (کيس ان جي بدلي گولي هڻي ماريو ويو. ائين هن) انسانيت جي شهيد جو درجو ماڻيو. مسلمان ڏاهپ ديني نقطي نگاھ کان فنون لطيفه بابت ڪوبه آخري فيصلو ڪري نه سگھي آهي ۽ نه ئي عورت کي مرد جي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ڏئي سگھي آهي ته جيئن مرد ۽ عورت ٻن ڦيٿن وانگر زندگيءَ جي گاڏي کي اطمينان سان هلائي سگھن.
مشاورت جو سياسي نظام به قائم نه ٿي سگھيو جنهن کي اڄ ڪلهه جمهوريت سڏيو وڃي ٿو. مسلمان اڃا تائين ملوڪيت جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن. بادشاهي نظا۾ خزاني، قانون سازي ۽ حڪومتي ادارن اندر عوام کي عمل دخل نٿو رهي ۽ اهي ادارا بنا ڪنهن ڀائيواريءَ جي بادشاهه جي قبضي ۾ رهندا آهن.
معيشت جو قرآني نظام ربوبيت به جوڙي نه سگھيو، جنهن ۾ پيداواري وسيلا گڏيل ملڪيت هوندا آهن. ان نظا۾ ڪنهن به اقليت کي اهو حق نه هوندو آهي ته اها انهن وسيلن تي طاقت يا سياڻپ سان قبضو ڪري، انسانن جي گھڻائيءَ کي غلام بنجڻ ۽ ڏتڙيل رهڻ تي مجبور ڪري سگھن.
مسلمانن جو اهو فرض هو ته اهي توحيد جي بنياد تي عالمگير گڏيل روحاني معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪن ها ته جيئن سياسي غلاميءَ جو بلڪل ئي خاتمو ٿي سگھي. اڃا به اهي غلام قومون، جيڪي پنهنجي سياسي آزاديءَ جي لاءِ وڙهي رهيون هجن، تن جي انهيءَ جاکوڙ ۾ نظرياتي، مالي ۽ هٿياربند مدد سان حصو ڳنڍين ها ته جيئن هر قوم آزاد رهندي، پنهنجي مرضيءَ موجب پنهنجي اڏاوت ڪري سگھي. گڏيل انقلاب اولهه جي نئين آبادي نظام ۾ جڪڙيل قومن کي انهن جي آزاديءَ لاءِ مالي ۽ مسلح مدد ڪئي، جڏهن ته مسلمان پنهنجي آزاديءَ کي به قائم رکي نه سگھيا.
ٿورڙن لفظن ۾ اهي تفسير دنيا ۾ بدحالي، غلامي، جهالت ۽ غربت ختم ڪرڻ ۾ به ته ڪابه مدد نه ڪري سگھيا پر ان جي برخلاف مسلمان امت جي صفن مان به غير انساني حالتن کي ٻاهر نه ڪڍي سگھيا. انهن تفسيرن مسلمانن جو ذهن اهڙو بڻائي ڇڏيو آهي جيڪو نه رڳو عالمگير سطح تائين، پر قومي سطح تائين به انهن غير انساني حالتن جو ديني نقطي نگاھ کان مقابلو ڪرڻ کي پنهنجو فرض ئي نٿو سمجھي.
تنهن ڪري جيستائين تفسيرڪرڻ وقت طبقاتي، انقلابي، عالمگير ۽ رسول اللهﷺ جي جاکوڙ بابت اونهائيءَ سان مطالعي واري روش پنهنجائي نه ويندي، تيستائين قرآن جي دائمي ۽ عالمگير مقصد، جن ۾ دينن جي هيڪڙائي، انسانيت جي هيڪڙائي، آدم جي خلافت ۽ معاشي انصاف اچي وڃن ٿا، ڪڏهن به حاصل نٿا ٿي سگھن. انهيءَ ڪري ضروري آهي ته مسلمان ذهن دنيا جي مذهبن ۽ انهن جي پاڪ ڪتابن جو حڪمت ۽ محبت جي جذبي سان مطالعو ڪن. دنيا جي انهن مذهبن ۾ موجود هڪ نيڪ دل فردن سان گڏجي خدا پرستن جي هڪ برادري قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن نه ڪه انهن مذهبن جي پاڪ ڪتابن کي منسوخ ۽ مڪمل طور تي ڦير ڦار ٿيل ۽ انهن جي پيروڪارن کي ”ڪافر“ ۽ ”مشرڪ“ سڏي ويڇا وڌائن.
انهيءَ ڪري ضروري آهي ته مسلمان ڏاها قرآن ڪريم جي پيغام جي عالمي مقصدن جي پورائي لاءِ سامي مذهبن کانسواءِ جن جو ذڪر قرآن ۾ آهي، آريائي ۽ زرد قومن جي نبين ۽ حڪيمن ۽ انهن جي پاڪ ڪتابن جي پاڪ تعليم کي تسليم ڪن. ڇو جو زرتشت، ڪرشن، رامچندر، مهابير، ٻڌ، ڪنفيوشس ۽ سقراط جي تعليم کي مڃيندڙ ڪروڙن جي تعداد ۾ آهن. قرآن ڪريم انهن مذهبن جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي ”مهيمن“ (نگهبان) سڏيو آهي. تنهن ڪري قرآن ڪريم جي انهيءَ دعوى کي ثابت ڪرڻ لاءِ انهن مذهبن جي پاڪ ڪتابن جو اونهائيءَ سان مطالعو ڪرڻ ضروري آهي.
هن سموري بحث جو تت هي آهي ته:
1. اسلام انقلاب جو هڪ بين الاقوامي پروگرام آهي ۽ ان جي تعليم عالمگير ۽ دائمي آهي.
2. ان جو پيغام دنيا جي سمورن انسانن لاءِ آهي جنهن ۾ موجوده توڙي ايندڙ دؤرن جا سمورا انسان اچي وڃن ٿا.
3. اسلام سمورن دينن (مذهبن) جي بنيادي تعليم کي ساڳي ئي ۽ گڏيل سڏي ٿو. هر مذهب جا پاڪ باني خدائي هيڪڙائي، مرڻ کان پوءِ ٻيهر جيئرو ٿيڻ ۽ نيڪ عمل جي تعليم ڏيندا رهيا. مذهب جا اختلاف انهن جي رسمن، عملي معاملن ۽ غير مادي تشريحن ۾ لڪل آهن.
4. اسلام معاشري کي انسانن جو هڪ سادو ميڙ نٿو سڏي، پر ان کي وڏائي ڪندڙن جي مقابلي ۾ هيسايل، الناس ۽ الانام جي اندروني مخالف طبقن تي مشتمل سڏي ٿو.
5. قرآن ڪريم مرد کي عورت جي مٿان حاڪم بڻائڻ بدران ان کي گھر جي سربراھ جي حيثيت ڏئي ٿو. ساڻس هر ڪم ۾ پنهنجي زندگيءَ جي ساٿي ۽ جوان اولاد سان صلاح مشورو ڪرڻ کي فرد لاءِ فرض سمجھي ٿو جيڪو پنهنجي مرضي مڙهڻ جي ڪوشش نٿو ڪري.
6. اسلام غلام کي احسان يا فديي جي ذريعي آزاد ڪري ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ٿو. ان کي سدائين لاءِ غلاميءَ جي حالت ۾ ڦاٿل رهڻ نٿو گھري، جيئن بادشاهت جي گُهرجن هيٺ ٿيو. انساني ڏيتي ليتي جي ڪاروبار کي آمريڪا جي صدر ابراهيم لنڪن اچي ختم ڪيو، پر مسلمان انهيءَ توفيق کان بي نصيب رهيا.
7. قرآن انسان کي چيڪي مٽي (mud) ۽ خدائي روح (Divine Energy) جو مرڪب سڏي ٿو. چيڪي مٽي يعني جسماني يا مادي مقصدن کي حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ذڪر ۽ عبادت جي ذريعي اخلاقي ۽ روحاني پاسن جي سڌاري ۽ تڪميل کي لازمي سڏي ٿو. ڇو جو اِهو ئي اُهو پاسو آهي جيڪو موت کان پوءِ چڱن يا برن عملن جي اثرن کي کڻي، جسم کان جدا ٿي ويندو آهي ۽ نئين وقت ۽ جاءِ ۾ پنهنجي ارتقائي جاکوڙ جاري رکندو آهي.
8. قرآن ڪريم ٽيويهن سالن جي عرصي ۾ ٿورو ٿورو ٿي نازل ٿيو آهي، جنهن ۾ پهريان مڪي ۾ نازل ٿيندڙ سورتون اچي وڃن ٿيون. ان کان پوءِ مدني تعليم جو دؤر اچي ٿو. عليڳڙهه يونيورسٽي جي اسلاميات شعبي جي صدر مولانا تقي اميني مڪي سورتن کي ”مطلقات“ ۽ ”تعميات“ سڏيو آهي جڏهن ته مدني سورتن کي ”مقيدات“ ۽ ”تحديدات“ چئي ٿو. انهيءَ صورتحال کي سامهون رکندي مڪي ۽ مدني سورتن کي هڪ ئي انداز سان مطالعو ڪرڻ بدران، انهن کي جدا جدا تاريخي تناظر ۾ رکندي انهن جا مطلب بيان ڪيا وڃن. مڪي قرآن جي مطالعي ۾ اسلام کان اڳ واري انسان جي ذهني، تهذيبي، شهري ۽ طبقاتي تاريخ سان گڏ دنيا جي مذهبن ۽ انهن جي پاڪ ڪتابن جو اونهو مطالعو به ضروري آهي. ڇو جو مڪي ۾ نازل ٿيندڙ قرآن ان وقت جي علمي مرڪزن، جيڪي يونان، هندستان، ايران، اسڪندريه (مصر) ۽ چين ۾ قائم هئا ۽ انهن مان جيڪي فلسفياڻيون سوچون ۽ شهري ۽ خانداني خيال پيدا ٿيا هئا، تن تي تنقيدي نظر رکي ٿو. انهيءَ تنقيد جي روشنيءَ ۾ اسلام کان پوءِ اچڻ وارين يورپي تهذيبن جو مطالعو پڻ ڪري سگھجي ٿو. اڃا به قيامت تائين اچڻ وارين تهذيبن تي تنقيدي نظر سان ڏسي سگھجي ٿو.
9. قرآن ڪريم قومن جي تباهي جو سبب جتي آڪڙيل ۽ رعايتون ڏنل طبي جي جنسي ڇڙواڳي ۽ ٻيا غير اخلاقي انساني عمل ٻڌايو آهي، اتي غلامن، مزدورن ۽ ٻين ڏتڙيل طبقن جي محنت جو استحصال پڻ ٻڌايو آهي. جيئن جيئن دولت ۽ اقتدار ٿورڙن رعايتون ڏنل ۽ ڏاڍن ماڻهن جي هٿن ۾ وڪوڙبا وڃن ٿا، تيئن تيئن هيڻن ۽ محروم ماڻهن جي غربت ۽ بي وسي وڌندي وڃي ٿي، ايتري تائين جو انهن جي نُنهن ۽ ڌيئرن جي عزت ۽ پاڪدامني به انهن جي رحم ۽ ڪرم تي آڌارجي وڃي ٿي. انهيءَ لاءِ ئي اقبال چوي ٿو:
خواجہ نان بندہ مزدور برد
آبروئے دختر مزدور برد
خواجه يعني ڌڻي، جاگيردار ۽ صنعتي سرمائيدار جتي مزدور (هاري ۽ غلام) جي محنت مان ٿيندڙ اپت تي قبضو ڪري وڃي ٿو، اتي پنهنجي دولت ۽ اقتدار جي سهاري ان جي ڌيءَ جي عزت به لٽي وڃي ٿو.
10. انهيءَ صورتحال جي خاتمي لاءِ قرآن ڪريم مذهب جي بنيادي اصول، خدائي هيڪڙائي جي بنياد تي توحيدي معاشرو جوڙڻ لاءِ تاڪيد ڪري ٿو. ڇو جو توحيد جو رڳو زباني اقرار اڄ تائين انسان جي لاءِ هاڪاري نتيجا پيدا ڪري نه سگھيو آهي. جيئن ته فرد هڪ معاشري ۾ پيدا ٿيندو آهي پوءِ جيڪو معاشرتي نظام قائم ٿيندو آهي اهو نظام فرد جي نظرين، عقيدن، سيرت ۽ ڪردار جي جوڙجڪ جو بنيادي سبب ٿيندو آهي. انهيءَ ڪري ئي توحيدي معاشري جو قيام نبوت جو بنيادي مقصد هوندو آهي، جنهن ۾ پيداواري وسيلا عوام جي ملڪيت ۾ هوندا آهن ۽ علم، تهذيب، اخلاق ۽ روحانيت جي برڪتن مان معاشري جو هر فرد هڪجيترو لاڀ حاصل ڪندو آهي. ڊاڪٽر علي شريعتي انهيءَ نقطي نگاهه کان توحيدي معاشري کي اڻ طبقاتي معاشرو سڏيو آهي، جڏهن ته طبقاتي معاشري کي مشرڪ يا شرڪ جي اثر ۾ آيل معاشرو سڏيو آهي.
توحيد جي بنياد تي اڻ طبقاتي معاشري جي جوڙجڪ کي دنيا جي مذهبن توڙي اسلام جي مذهبي پيشوائيت، رعايتون ڏنل طبقي جي مفادن جي تحفظ لاءِ انهن سان ٻِٽُ ٿي، نه رڳو نظر انداز ڪري ڇڏيو، پر ان کي مذهب ۽ نبوت جي بنيادي مقصد جي حيثيت ۾، مذهب جي تعليم مان ئي ڪڍي ڦٽو ڪيو آهي ۽ توحيد جي رڳو زباني اقرار ۽ دل سان مڃڻ واري بي ضرر اصول کي مذهب جي بنيادي تعليم قرار ڏنو آهي. انهيءَ اصول سان رعايتون مليل طبقي جي دولت جي وسيلن ۽ اقتدار تي ڪابه آڱر نٿي کڄي ۽ ويچارو عوام مذهب جي معنى رڳو رسمن ۽ عبادتن جي ادائگي، عبادتگاهن جي ٺاھ ٺوھ ۽ سينگار ڪرڻ ۽ مذهبي پيشوائيت جي اڳواڻيءَ کي مڃڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو. پر هاڻي زمانو بدلجي رهيو آهي. هڪ ته اهڙن مذهبن کي ٿڏيو ويو آهي، جيڪي محنت جي استحصال ۽ امير ۽ غريب ۾ دولت جي ورڇ واري فرق کي الله تعالى جي مرضي سڏي ٿو، پر ان سان گڏوگڏ اقبال ۽ ان جي شاعريءَ جي بهترين تشريح ڪندڙ علي شريعتي شهيد، نبين جي انقلابي ۽ اصلي مذهب جي مقابلي ۾ مذهبي پيشوائيت جي ڦير ڦار ٿيل مذهب جي فرق کي، پنهنجي رت جي شهادت سان چٽو ڪري ڇڏيو. هن انهيءَ دوکي جي پردي کي ڦاڙي ڇڏيو آهي ته مذهب يا دين جي معنى رڳو عبادت ۽ رسمن جي ادائگي آهي ۽ معاشرتي تبديلي مذهب جو بنيادي مقصد نه آهي. معاشرتي تبديلي ڪميونسٽ دهرين جي شرارت سڏي وئي آهي.
ڊاڪٽر خليفو عبدالحڪيم مديني پاڪ ۾ قائم ٿيندڙ رياست کي ”گڏيل جمهوري رياست“ سڏي ٿو، جيڪا مڪمل طور تي اقبال جي فڪر موجب آهي. اقبال اسلامي رياست جي شڪل ۽ صورت کي ”محڪماتِ عالم قرآني“ ۽ ”فلڪ مريخ“ جي ”مرغديني معاشره“ جي مضمون ۾ بيان ڪيو آهي. پر اسان جي ديني عالمن ۽ اولهه جي سرمائيداراڻي نظام جي پٺڀرائي ڪندڙ دانشور انهيءَ تصور کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. اقبال ته ايئن به چئي ڇڏيو آهي ته:

چیست قرآن؟ خواجہ را پیغام مرگ
دستگیر بندہ بے ساز و برگ