مذهب

خدا، مذهب ۽ سماج

ڪتابُ ”خدا، مذهب ۽ سماج“ بني آدم جي ترقي لاءِ خدا جي ڏنل پيغام (طبقاتي نقطي نظر کان سورة الفاتحه جو مطالعو) آھي. سورة الفاتحه جي حيثيت قرآن پاڪ جي پيش لفظ (يا مهاڳ) جي آهي. سمورا مسلمان هن سورة سڳوريءَ کي نماز جي هر رڪعت ۾ پڙهندا آهن. سڀ کان پهريان هن سورة ۾ بيان ڪيل اصطلاحن جي معنى تي غور ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ان معنى جي روشنيءَ ۾ انهيءَ جي ترجمي ۽ مطلب کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. 

Title Cover of book خدا، مذهب ۽ سماج

العالمين

قرآن ڪريم ٻڌائي ٿو ته هن ڪائنات جو رب رڳو مسلمانن جو ئي رب نه آهي، پر هو سمورن قومن جو پڻ رب آهي. ٻين لفظن ۾ خدا تعالى ڪو قومي خدا نه پر بين الاقوامي خدا آهي. قرآن ڪريم جي عالمگير رخ جي وضاحت لاءِ جتي الله تعالى پنهنجي لاءِ لفظ ”رب العالمين“ چيو آهي، اتي پنهنجي رسول حضرت محمد عربيﷺ کي ”رحمة اللعالمين“ ۽ ”کافة للناس“ يعني سمورن انسانن لاءِ موڪليل ٻڌايو آهي. اهڙي طرح قرآن کي ”ذکر للعالمين“، ” بصائر للناس“ ۽ ” هدي للناس“ سڏيو آهي. عالمين جو مطلب ته دنيا جون قومون آهن. پر الناس جو مطلب عوام (The Masses) آهي. قرآن اصل ۾ رعايتون ڏنل طبقي کي ختم ڪرڻ گھري ٿو. ان جي خاتمي کان پوءِ جيڪو ٻين جي محنت تي پلجي ٿو، رڳو پنهنجي ئي محنت سان روزي حاصل ڪري عوام بڻجي وڃي ٿو، جن جي تعليمي، اخلاقي ۽ تهذيبي تربيت ڪرڻ قرآن جو مقصد آهي. جهڙي طرح سان الله تعالى سمورن انسانن ۽ قومن جي لاءِ پرورش جو سامان مهيا ڪندڙ آهي، اهڙي طرح سان رسول الله جو فيض، سندن محبت ۽ ٻاجھه ۽ سندن تعليم به سمورن قومن لاءِ آهي. قرآن ڪريم گذريل نبين جي تعليم کي ياد ڪرائيندڙ، دنيا جي قومن جي لاءِ سبق ۽ نصيحت ڏيندڙ ۽ انهن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو فرض نڀائيندڙ ڪتاب آهي.
عالمين جو لفظ ڪائنات جي بدران ڪائناتن جي وجود تي روشني وجھي ٿو. جيتوڻيڪ مخلوق جو هر قسم پنهنجي جاءِ تي هڪ جدا ڪائنات آهي، پر هتي اهو به سمجھي سگھجي ٿو ته اسان جي ڪائنات کانسواءِ اڻ ڳڻين ڪهڪشائن ۾ موجود اڻ ڳڻيا نظام شمسي به انهيءَ مطلب ۾ شامل آهن. ايئن سورت شورى جي آيت نمبر 29 ۾ آهي ته:
وَمِنْ آيَاتِهِ خَلْقُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَمَا بَثَّ فِيهِمَا مِن دَابَّةٍ ۚ وَهُوَ عَلَىٰ جَمْعِهِمْ إِذَا يَشَاءُ قَدِيرٌ
ترجمو: ”۽ آسمانن ۽ زمين جو بڻائڻ ۽ جيڪي سندن وچ ۾ چرندڙ (جيت جڻا، پکي، پکڻ جانور وغيره) پکيڙيائين (جيڪي هڪ ٻئي کان جدا آهن) تن جو (بڻائڻ) سنديس نشانين مان آھي، ۽ اُھو جڏھن گھرندو (تڏھن) سندن گڏ ڪرڻ تي وس وارو آھي.“
تنهن ڪري العالمين يعني دنيا جي قومن جو ذڪر ڪرڻ سان قرآن جي تعليم عالمگير حيثيت اختيار ڪري وڃي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو قرآن دينن جي وحدت واري تصور کي وڏن دليلن سان پيش ڪيو آهي. هن ٻڌايو آهي ته سامي، آريائي ۽ زرد قومن ۾ موڪليل نبين سڳورن جي تعليم بنيادي طور تي ساڳي ئي هئي. يعني ته هر نبي خدائي هيڪڙائي، مرڻ کان پوءِ واري زندگي ۽ نيڪ عملن جي تاڪيد ڪئي آهي. جيئن فرمايو ويو:
إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَالَّذِينَ هَادُوا وَالصَّابِئُونَ وَالنَّصَارَىٰ مَنْ آمَنَ بِاللَّهِ وَالْيَوْمِ الْآخِرِ وَعَمِلَ صَالِحًا فَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ
ترجمو: ”(جيڪي) مؤمن ۽ يھودي ۽ صابي ۽ نصارى (آھن اُنھن مان) جن الله کي ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي ڪو ڀؤ ڪونه آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا. “
قرآن ڪريم جي عالمگير تعليم تي تفصيلي ۽ دليلن سان بحث مولانا ابو الڪلام آزاد سورت فاتحه جي تفسير ۾ ”دينن جي وحدت جي بنيادي تعليم ۽ قرآن مجيد“ جي عنوان هيٺ ڪيو آهي. اهو سمورو مقالو ”اهدنا“ جي باب ۾ ڏنو ويو آهي. اهو به ياد رهي ته تفسيرن جي سموري ذخيري ۾ اها ئي هڪ لکڻي اهڙي آهي، جنهن قرآن جي تعليم کي عالمگير ثابت ڪيو آهي. نه رڳو عالمگير، پر انساني وحدت جي ضمانت پڻ ڏسيو آهي. جڏهن ته ختم نبوت جو مقصد به انساني وحدت جو قائم ڪرڻ آهي.
افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي ته مسلمانن جي ڪنهن ديني جماعت يا تنظيم انهيءَ لکڻي جي افاديت کي ڌيان ۾ ناهي رکيو. پنهنجي سمورن دعوائن باوجود ختم نبوت ۽ قرآن ڪريم جي نزول جي بنيادي مقصد، جيڪو انساني ٻڌي ۽ وحدت قائم ڪرڻ آهي، لاءِ ڪابه ڪوشش نه ڪئي. اڃا به سمورن غير مسلم قومن کي ”ڪافر“، انهن جي مذهبي پاڪ ڪتابن کي مڪمل طور تي هير ڦير ٿيل ۽ ردي سڏي، انساني ٻڌي ۽ وحدت جي قيام لاءِ ڪوشش ۽ جاکوڙڻ بدران پنهنجي تقريرن ۽ تحريرن ۾ اسلام جي ظاهري رسمن جي ادائگي ۽ سزائن واري قانونن جي نفاذ لاءِ زور ڏنو وڃي ٿو.
اها ڳالهه ڌيان طلب آهي ته دنيا جي سمورين قومون، اڃا به ’الناس‘ (عوام) جي پرورش ۽ واڌ ويجھه تڏهن ئي ٿي سگھي ٿي، جڏهن پيداواري وسيلا ٿورڙن انسانن جي قبضي مان ڪڍي عوام جي ملڪيت ۾ ڏنا وڃن. انهيءَ ئي صورت ۾ رب العالمين جي اصطلاح جون گھرجون پوريون ٿي سگھن ٿيون.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته الله تعالى جي ربوبيت واري نظام جي ڀيٽ ۾، انسان جيڪو ربوبيت وارو نظام قائم ڪيو آهي، تنهن خدا تعالى کي ”رب العالمين“ يا ”رب العوام“ هجڻ بدران رب المترفين بڻائي ڇڏيو آهي. اقتدار ۽ دولت جا سمورا وسيلا ٿورڙن ماڻهن جي هٿن ۾ رهيا آهن. گھڻائي غلام، زرعي غلام ۽ پگھاردار غلام جي شڪل ۾ ان وقت تائين موجود رهندي جيستائين پيداواري وسيلن کي عوام جي ملڪيت ۾ نٿو ڏنو وڃي. جيئن ته سمورن نبين سڳورن جو معاشي نظام به اهو ئي آهي ۽ انهيءَ معاشي نظام کي عملي طور تي ديني نقطي نظر کان، جيستائين سمورن مذهبن جي پيروڪارن ۾ قائم نٿو ڪيو وڃي، خدا تعالى ”رب العالمين“ جي حيثيت اختيار ڪري نٿو سگھي. هو ساڳيو ئي ”رب المترفين“رهندو ۽ اها ئي شڪايت محروم انسانن کي خدا تعالى سان آهي ته ٿورڙن انسان کي ايترو گھڻو ڏنو ويو آهي، جڏهن گھڻائيءَ کي محروم رکيو آهي.
اصل ۾ عوام جي انهيءَ غلط فهميءَ جي ذميواري دنيا جي مذهبي اڳواڻن تي اچي ٿي، جن اها ڳالهه پکيڙي ڇڏي آهي ته غربت ۽ مسڪينيءَ جو ذميوار خدا تعالى آهي. هو ئي ماڻهن کي امير ۽ غريب ڪري ٿو. جيستائين مذهب جي صحيح معاشي نظريي کي عوام جي سامهون پيش نه ڪيو ويندو، عوام جي شعور کي انهيءَ نظريي سان سگهارو نه ڪيو ويندو ۽ عوام پنهنجي گڏيل سگھه سان پيداواري وسيلن تي قبضو نه ڪندي، خدا جي ربوبيت جي باري ۾ عوام اندر اها غلط فهمي قائم رهندي.
سماجي معيشت جي قيام لاءِ انهيءَ تازي جاکوڙ ۾، پيداواري وسيلن جي مالڪن کان سواءِ هڪ جنگ مذهبي اڳواڻيءَ جي خلاف به وڙهي ويندي. انهيءَ جنگ ۾ انهن طرفان خدائي ربوبيت بابت پکيڙيل باطل تصورن کي ختم ڪري، خدا جي عام ربوبيت جي تصور کي رائج ڪيو ويندو. اهووڏو انقلاب هوندو ۽ شايد آخري انقلاب هوندو.

ميڪياولي جو قوميت وارو نظريو
معاشرتي ارتقا جو عمل خاندان کان شروع ٿي قبيلي جي شڪل اختيار ڪري ٿو، قبيلا پاڻ ۾ ملي هڪ قوم (Nation) جوڙين ٿا ۽ دنيا جي قومن مان عالمگير انسانيت جو تصور اڀري ٿو. يورپ جي نئين سر اڏاوت واري دور ۾ مشين جي ايجاد سان، قديم جاگيرداري نظام ختم ٿي ويو جنهن هڪ ملڪ ۾ رهندڙن کي، مختلف جاگيرداري علائقن ۾ ورهائي رکيو هو. واپاري کي هر علائقي ۾ ٻيهر ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو هو. انهيءَ نظام جو سربراھ بادشاھ هوندو هو، جيڪو جاگيردارن کان زرعي ٽيڪس ۽ سپاهي حاصل ڪندو هو. پر وڌندڙ واپار جي ڪري، ضرورت پوڻ تي بادشاھ کي واپارين پئسا ڏيڻ شروع ڪيا. فرانس واري انقلاب، واپارين ۽صنعتڪارن جي رستي جي سمورين جاگيرداري حدبندين کي ختم ڪري ڇڏيو. بادشاهت جي جاءِ جمهوريت والاري ورتي ۽ جاگيرداري نظام کي آسماني سند مهيا ڪندڙ ڪيٿولڪ چرچ کي معاشرتي معاملن کان بي دخل ڪري، سيڪيولر ازم پنهنجائي ورتو. انهيءَ دور جي ذڪر ڪيل معاشي حالتن جي ڪري قوم ۽ قوميت جو تصور اڀريو. قوميت جي سڃاڻ وطن، ٻولي، نسل ۽ گڏيل تهذيبي گڻن سان ٿيڻ لڳي ۽ يورپ مختلف قومن ۾ ورهائجي ويو، جڏهن ته انهن جو مذهب عيسائيت ساڳيو ئي هو. حضرت عيسى ؑ جي عالمگير اخلاقي قانونن جي جاءِ قومي اخلاقن والاري.
مشين جي پيداوار کي وڪڻڻ لاءِ منڊين جي ڳولا شروع ٿي وئي. يورپ جي هر قوم هڪ ٻئي تي منڊين ۾ قبضو ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪرڻ لڳي. آدم سمٿ جي آزاد معاشي تصور ۽ قوميت جي نظريي پاڻ ۾ ملي جارحاڻي قوميت جي تصور کي اڀاريو. انهيءَ عمل کي نظرياتي بنياد اٽلي جي فلسفي ميڪياولي (Machavelli) قوميت جي نظريي سان ڏنو. انهيءَ جو نظريو هي هو ته رياست جي حفاظت ۽ ترقي انسان جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو مقصد آهي. تنهن ڪري ضروري آهي ته مذهب ۽ اخلاق انهيءَ هيٺ ان جا خدمتگار ٿي رهن. جڏهن رياست جا مقصد ان ڳالهه جي گھر ڪن ته حڪمرانن جي لاءِ نه رڳو جائز، پر ضروري آهي ته اهي دوکي، دغا، ڪوڙ ۽ ظلم کان جيترو گھرن ڪم وٺي سگھن ٿا.
يورپ ۾ قومي رياست جي وجود، ان جي حفاظت ۽ ترقي لاءِ يورپ جي سياستدانن ۽ انهن جي ايشيائي شاگردن جا اهي طريقا، جن ۾ اهي مذهب، نيڪي، تهذيب، عدل، انسانيت، شرافت ۽آزاديءَ جو نالو کڻي ٻين قومن تي هر طرح جا ظلم ڪن ٿا، انهيءَ ئي فلسفي جو نتيجو آهن. هاڻي يورپ ۾ ڪوڙ، دوکو، سياست جو لازمي جزو سمجھيو وڃي ٿو. سياستدانن جو ڪوڙ هڪ فن ڳڻيو وڃي ٿو، جنهن کي ڊپلوميسي (Diplomacy)، سٽيٽسمين شپ (Statesmanship) ۽ پروپيگنڊا (Propaganda) جي مهذب نالن سان سڃاتو وڃي ٿو. جيئن ته هر قومي رياست پنهنجن ئي مفادن جي حفاظت ڪندي آهي، انهيءَ مقصد ماڻڻ لاءِ اها ٻين قومن جي مفادن کي لتاڙيندي آهي. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيندو آهي جو هر قوم ۾ ٻين سمورين قومن جي خلاف هڪ دشمني ۽ نفرت جو جذبو اڀري ٿو. جيتوڻيڪ هر قوم يا رياست پنهنجي انهيءَ شرمناڪ جذبي کي مٺن ۽ مهذب لفظن ۽ وڻندڙ نظرين ۽ معصوماڻن نصيحتن جي شڪل ڏئي ڇڏيندي آهي، پر حقيقت ۾ اِهو ئي اُهو جذبو آهي جيڪو انسانن ۾ فساد پيدا ڪرڻ ۽ قومن کي پاڻ ۾ جنگن لاءِ اڀاريندو آهي.

قوميت مذهب جي حيثيت ۾
قوم پرست پنهنجي قوم کي هڪ مقدس تصور جي حيثيت ڏيندا آهن. پوءِ انهيءَ تصور کي پنهنجي سموري زندگيءَ جو دائرو ۽ پِڙُ ٺاهي ڇڏيندا آهن. انهن جو هر ڪم، گھمڻ ڦرڻ، اٿڻ ويهڻ ۽ جيئن مرڻ انهيءَ قوميت واري تصور جي خدمت لاءِ ٿي ويندو آهي. انهن جو تعليمي نظام، اخلاقي نظام، سياسي نظام، معاشي نظام، بنيادي آئين، مطلب ته انهن جي جماعتي زندگيءَ جو هر پاسو انهيءَ تصور جي ضرورتن مطابق ٺهندو آهي. جيتوڻيڪ اهي خدا کي به مڃيندا آهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن مذهب سان به پنهنجو لاڳاپو ظاهر ڪندا آهن، پر خدا يا مذهب سان انهن جو لاڳاپو نالي ماتر ۽ مٿاڇرو هوندو آهي. جيڪڏهن انهن جو مذهب يا خدا ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ اخلاقي گڻن (مثال طور انسان دوستي، نيڪي، انصاف، آزادي وغيره) جون گھرجون انهن جي سياسي تصور جي خلاف هجن ته اهي سدائين خدا، مذهب، انسانيت، نيڪي، انصاف ۽ آزاديءَ جي گھرجن کي ڇڏي، پنهنجي سياسي تصور يا معبود جو ساٿ ڏيندا آهن. ان جو سبب هي آهي ته هڪ انسان جي لاءِ ان جي فطري اصولن جي لحاظ کان اهو ناممڪن آهي ته هو هڪ ئي وقت ٻن مقصدن سان محبت ڪري. جيڪڏهن قوم پرست ماڻهو مذهب ۽ خدا کي اهميت ڏين ته قوم پرست نه، پر خدا پرست هوندا. حضرت عيسى ؑ چيو هو ته هڪ ماڻهو ٻن مالڪن کي خوش نٿو ڪري سگھي. قرآن به چوي ٿو:
مَّا جَعَلَ اللَّهُ لِرَجُلٍ مِّن قَلْبَيْنِ فِي جَوْفِهِ﴿الأحزاب: ٤﴾
ترجمو: ”الله ڪنھن مڙس جي اندر ۾ ٻه دليون (پيدا) نه ڪيون آھن.“

قوم پرستيءَ جون خوبيون
هر غلط سياسي نظريي وانگر قوم پرستي ۾ به ڪجھه چڱيون ڳالهيون موجود آهن. مثال طور، هي نظريو جماعت جي فردن ۾ ٻڌي، تنظيم ۽ قربانيءَ جون وصفون پيدا ڪندو آهي. جيتوڻيڪ انهن گڻن جو دائرو تمام ئي سوڙهو هوندو آهي، يعني سموري انسانيت کي پنهنجي اندر شامل ناهي ڪندو. يورپ جي قومن انهيءَ قوميت واري نظريي هيٺ جيڪا مادي ترقي حاصل ڪئي، تنهن ٻين قومن کي سياسي، معاشي ۽ ذهني لحاظ کان غلام بڻائي ورتو.
زندگيءَ جي گڏيل (اشتراڪي) فلسفي، قوميت جي انهيءَ تنگ نظريي جي مخالفت ڪئي. انهن نعرو هنيو ته ”دنيا جا مزدورؤ! هڪ ٿي وڃو!!“ ڇو جو دنيا جي سمورن مزدورن جا مفاد ۽ مسئلا ساڳيا ئي آهن. پر انهيءَ تصور سان گڏ ماديت جي فلسفي سبب ٻيون انسان دشمن خرابيون پيدا ٿي پيون آهن. پر هڪ سچو مذهب پنهنجي آفاقيت، انسان دوستي ۽ خدا پرستي جي ڪري، هڪ مڪمل ۽ انسان جي فطري گھرجن کي پورو ڪرڻ وارو نظريو هوندو آهي. اقبال چوي ٿو:
مکہ نے دیا خاک جنیوا کو یہ پیغام جمیعت اقوام کی جمیعت آدم!

قبائلي اخلاقي ۽ قوميت
هڪ قبيلي جي فردن ۾ نسل، رنگ، ٻولي، عادتن ۽ ريتن رسمن جي معاملي ۾ جيتري حد تائين هڪجهڙائي هوندي هئي، سو اڄ هڪ ئي ملڪ ۾ رهڻ وارن ۾ ممڪن نه آهي. اڄ اسان سمجھون ٿا ته قبيلي پرستيءَ سان انسان جون همدرديون محدود ٿي وڃن ٿيون ۽ انهيءَ جو نتيجو قبائلي جنگين جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي. بلڪل ساڳي ئي حالت وطن يا قوم پرستي سان پيدا ٿي رهي آهي. جيڪڏهن ماضي جي هڪ قبيلي جا فرد ٻئي قبيلي، جيڪي انهن جا ئي مٽ مائٽ هئا، جي قتل ۽ خون خرابي لاءِ تيار هوندا آهن، ته اهڙي طرح اڄ هڪ قوم جا فرد ٻئي قوم جي فردن کي قتل ڪن ٿا ۽ رت وهائن ٿا. جيڪڏهن قبائلي دور بربريت جو هو ته قوميت جو دور به بربريت جو ئي دور چئبو. جيڪڏهن قبيلي پرست انسان وحشي ۽ غير تهذيب يافته هئا ته قوميت جو پيروڪار به اهڙو ئي آهي.

مذهب ۽ قوميت جو نظريو
جيتوڻيڪ سمورن مذهبن جي سچي تعليم انسان دوستي واري آفاقي نظريي کي پيش ڪري ٿي، پر اسلام انهيءَ تي چٽائيءَ سان روشني وڌي آهي. قرآن جي نظر ۾ قبيلن يا قومن جي رنگ، نسل، ٻولي ۽ تهذيب جو اختلاف هڪ ٻئي جي سڃاڻ لاءِ آهي.
وَجَعَلْنَاكُمْ شُعُوبًا وَقَبَائِلَ لِتَعَارَفُوا إِنَّ أَكْرَمَكُمْ عِندَ اللَّهِ أَتْقَاكُمْ
﴿الحجرات: ١٣﴾
ترجمو: ”۽ اوھان کي ذاتيون ۽ پاڙا ڪيوسون ته ھڪ ٻئي کي سڃاڻو، بيشڪ اوھان مان تمام عزت وارو الله وٽ اُھو آھي جيڪو اوھان مان ڏاڍو پرھيزگار آھي.“
ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته انسانن ۾ سڀ کان وڌيڪ عزت وارو اهو ئي آهي جيڪو سڀ کان وڌيڪ نيڪ، علم وارو ۽ پرهيزگار آهي.
وَمِنْ آيَاتِهِ خَلْقُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَاخْتِلَافُ أَلْسِنَتِكُمْ وَأَلْوَانِكُمْ
﴿الروم: ٢٢﴾
ترجمو: ”آسمانن ۽ زمين جو بڻائڻ ۽ اوھان جي زبانن ۽ شڪلن جو قِسمين قِسمين ھجڻ سندس نشانين مان آھي (يعني انهن جو مقصد الله تعاليٰ جي سڃاڻ حاصل ڪرڻ آهي جيڪو انسان جو بنيادي مقصد هئڻ سان گڏوگڏ سندس عزت ۽ مرتبي جو معيار پڻ آهي.“
حجة الوداع جي خطبي ۾ پاڻ سڳورنﷺ جن فرمايو ”لا فضل لعربي على عجمي“ يعني عربي کي ڪنهن عجمي جي مٿان ڪا فضيلت نه آهي.
هڪ خدا پرست جي زندگيءَ جو مقصد قوميت، رنگ، نسل يا ٻولي نه هوندو آهي، پر هو رڳو الله تعالى جي ويجھڙائي گھرندو آهي:
قُلْ إِنَّ صَلَاتِي وَنُسُكِي وَمَحْيَايَ وَمَمَاتِي لِلَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ (۱۶۲)
لَا شَرِيكَ لَهُ ۖ وَبِذَٰلِكَ أُمِرْتُ وَأَنَا أَوَّلُ الْمُسْلِمِينَ (۱۶۳)﴿الأنعام﴾
ترجمو: ”(اي پيغمبر کين ھيء به) چؤ ته مُنھنجي نماز ۽ منھنجون مڙئي عبادتون ۽ منھنجو جيئڻ ۽ منھنجو مرڻ (سڀ) جھانن جي پالڻھار الله لاءِ آھي. ان الله جو ڪوبه ڀاڱي ڀائيوار نه آهي ۽ مون کي اهو ئي حڪم ڏنو ويو آهي ۽ مان سڀ کان پهريان ان کي مڃان ٿو.“
هنن پاڪ آيتن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انسان جي زندگيءَ جو مقصد قوم، رنگ، نسل، ٻولي وغيره تي آڌاريل محدود جماعتي نظريو نه آهي، پر انهن سمورن غير انساني ٻنڌڻن کان مٿانهون ٿي، عالمگير روحاني گڏيل معاشري يا رياست کي جوڙڻ آهي ۽ اها ئي آخري رياست آهي. اها رياست اشتراڪي معيشت ۽ دنيا جي مذهبن طرفان ٻڌايل ڪائنات، انساني فطرت جي روحاني تعبير ۽ گڏيل اخلاقي ۽ روحاني گڻن کي پنهنجاڻ واري اصول تي قائم ٿيندي. هن رياست جي قائم ٿيڻ کان پوءِ وطنيت ۽ قوميت جي بنياد تي انسانن جو هڪ ٻئي کي ۽ خون خرابي واري عمل کي وحشياڻي ۽ غير مهذب صورتحال سان تعبير ڪندا. ڇو ته انسانيت جي وحدت واري واٽ ۾ ٽي رڪاوٽون آهن. پهرين رڪاوٽ پيداواري وسيلن تي ڪن ٿورڙن ماڻهن جي نجي ملڪيت جو قبضو آهي، ٻي رڪاوٽ نسل، قوم، رنگ، ٻولي ۽ مذهب جي اختلاف تي گروھ بندي آهي ۽ ٽين رڪاوٽ مذهبي پيشوائيت جي مذهبي گروھ بندي آهي، جيڪا مذهب ۽ ان جي پيروڪارن وچ ۾ نفرت ۽ دشمني جو ٻج پوکي ٿي. جڏهن ته سمورن مذهبن جي تعليم ساڳي ئي آهي جنهن تي دينن جي هيڪڙائيءَ جو سائنسي تصور اڀريو آهي. قرآن ڪريم انهيءَ تصور جو اڻٿڪ مبلغ آهي. ”اهدنا“جي باب ۾ انهيءَ تي مڪمل روشني وڌي وئي آهي. موجوده دور ۾ انهن رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ زبردست اميد پيدا ٿي پئي آهي ۽ انهن جي خلاف عمل به شروع ٿي ويو آهي.
قرآن ڪريم ۾ آيل لفظ ”عالمين“ جو مطلب عالمگير انسانيت آهي. انهيءَ عالمگير انسانيت جي تصور مان عالمگير روحاني اشتراڪي يا گڏيل معاشرو ۽ رياست وجود ۾ ايندا. اشتراڪي دانشورن جو نعرو ”دنيا جا مزدورؤ! هڪ ٿي وڃو!!“ بدقسمتيءَ سان لادينت، دهريت ۽ ماديت جي فلسفي تي قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هر ملڪ ۾ اشتراڪي جاکوڙ کي سخت نقصان پهتو آهي. انهيءَ نعري جو بنياد ”مذهب انسانيت“ تي آڌاريل هئڻ گھربو هو جيڪو سمورن مذهبن جو گڏيل تعليمي گڻ آهي، جنهن جو قرآن پڻ سختيءَ سان تبليغ ڪندڙ آهي.
افسوس آهي جو قوميت جو ذهن مسلمانن جي ئي ذهن ۾ کُپي ويو آهي جنهن ڪري اڄ مسلمان امت ۾ هڪٻئي سان ڄنڊا پٽ لڳي پئي آهي. اهو ئي زهر اسلام ۽ مسلمانن جي زوال جو سبب آهي. مسلمان کي ٻيهر قرآن ۽ اسلام جي آفاقيت ۽ انسان دوستيءَ ڏانهن واپس اچڻ گھرجي.
قرآن ٻڌايو آهي ته سموري انساني مخلوق، عورت هجي يا مرد، هڪ ئي نفس مان پيدا ٿي آهي. ان جو مطلب هي آهي ته سمورن انسانن جي فطرت ساڳي ئي آهي. انهن جو معاشي ۽ سياسي نظام به هڪ ئي آهي، يعني عوامي معيشت ۽ عوامي جمهوريت. انهن جي زندگيءَ جو مقصد به هڪ ئي آهي. انسان جي رنگ، نسل، قوميت، ٻولي، نفسيات ۽ رهڻي ڪهڻي ۾ جاگرافيائي اختلافن باوجود سمورا انسان هڪڙي امت آهن ۽ انهن ۾ نظر ايندڙ اختلاف تِرڇو آهي. مواصلات، اطلاع، اشاعت، علم ۽ لڏ پلاڻ جي وسيلن ۾ ترقي جي ڪري اهي اختلاف ڪابه حيثيت نٿا رکن. انهن اختلافن کي اڀارڻ لاءِ رعايتون ڏنل طبقي جا فرد، منڊين ۾ ڳولا ڪندڙ سامراجي ۽ مذهبن جي وچ ۾ نفرت پيدا ڪرڻ وارا مذهبي پيشوا آهن. ايندڙ وقت ۾ ٽئي رڪاوٽون پنهنجا پساھ پورا ڪنديون ۽ انساني وحدت صحيح معنى ۾ ڪامياب ٿي ويندي. علي شريعتي جي لفظن ۾ ايڪيهين صدي تصوف جي صدي آهي. مسلمانن کي قرآن ڪريم جو پوئلڳ هئڻ ڪري تاريخ جي انهيءَ عمل جي پورائي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.