مذهب

خدا، مذهب ۽ سماج

ڪتابُ ”خدا، مذهب ۽ سماج“ بني آدم جي ترقي لاءِ خدا جي ڏنل پيغام (طبقاتي نقطي نظر کان سورة الفاتحه جو مطالعو) آھي. سورة الفاتحه جي حيثيت قرآن پاڪ جي پيش لفظ (يا مهاڳ) جي آهي. سمورا مسلمان هن سورة سڳوريءَ کي نماز جي هر رڪعت ۾ پڙهندا آهن. سڀ کان پهريان هن سورة ۾ بيان ڪيل اصطلاحن جي معنى تي غور ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ان معنى جي روشنيءَ ۾ انهيءَ جي ترجمي ۽ مطلب کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. 

Title Cover of book خدا، مذهب ۽ سماج

مالڪ يوم الدين

مالڪ
مالڪ جو اصطلاح اصل ۾ ملڪ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى آهي ”بادشاهه“ (ملڪ الناس)، قاضي القضاة يعني آخري فيصلو ٻڌائيندڙ، احڪم الحاڪمين، خير الفاصلين. قرآن پاڪ جي نازل ٿيڻ واري زماني ۾ اهو خيال عام هو ته بادشاھ ئي فوجن جو مهندار هوندو آهي. اهو ئي رعيت جي هر فرد جي جان، مال، عزت ۽ آبرو جو مالڪ هوندو آهي. انهيءَ ڪري ڪجهه قومن ان کي آسماني بادشاھ، سج جو اوتار مڃيو ويندو هو. اهو خيال مصر، بابل، هندستان ۽ ٻين آڳاٽين تهذيبن ۾ ملندو هو.

يوم
يوم جو مطلب آهي دؤر، گھڙي يا ڏينهن.

دين جو پهريون مطلب
قانون، زندگي گذارڻ جو اصول. دين جي معنى نه رڳو سامي پر آريائي ٻولين ۾ به ”قانون“ جي ئي آهي. انهيءَ ڪري ”يوم الدين“ جو مطلب اهو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن قانوني، يعني انصاف وارو فيصلو ٿيندو. يوم الدين کي ”يوم الحساب“ ۽ ”يوم الفصل“ به سڏيو ويندو آهي. سمورين قومن ۾ اهو تصور ملي ٿو ته انسان جهڙي پوک پوکيندو، تهڙي لڻندو. نيڪي ڪندو ته نيڪ بدلو ۽ برائي ڪندو ته ان جو برو بدلو کيس ضرور ملندو. پوءِ اهو بدلو کيس موجوده زندگيءَ ۾ ئي ملي يا مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ ۾م، پر ملندو ضرور. ”دين“ جي معنى بيان ڪرڻ لاءِ ”مڪافاتِ عمل“ جو اصطلاح به استعمال ٿيندو آهي.
الله تعالى جو بادشاهه جي حيثيت ۾ تصور
مولانا ابو الڪلام آزاد انهيءَ بابت چٽائي ڪندي لکي ٿو ته ”بادشاهه جي لفظ مان عام طور تي دنيا جي مذهبي پيروڪارن ۾ هي خيال پيدا ٿي ويو آهي، الله تعالى جيئن ته بادشاھ آهي، تنهن ڪري هو به ڪڏهن خوش ٿي ڪري انعام ڏيندو آهي ۽ ڪڏهن ناراض ٿي سزا ڏيندو آهي. انهيءَ ڪري مذهبن ۾ ڪيترن ئي قسمن جي قربانين ۽ نذرانن جي رسم، انهيءَ ئي اعتقاد جو نتيجو آهي. ماڻهو ديوتائن جي ڪاوڙ ۽ ڏمر کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ قربانيون ڪندا آهن ۽ انهن جو قرب حاصل ڪرڻ لاءِ نذرانا پيش ڪندا آهن.“

يهودين ۽ عيسائين جو خدا بابت تصور
”يهودي ڪيترن ئي ديوتائن بدران اسرائيلي خاندان جو هڪڙو ئي خدا مڃيندا هئا. پر پراڻن ديوتائن وانگر هي خدا به شاهي ۽ ڇڙواڳيءَ وارو خدا هو. هو ڪڏهن خوش ٿي انهن کي پنهنجي لاڏلي قوم بڻائي ڇڏيندو هو ۽ ڪڏهن وري ڪاوڙ ۾ اچي انهن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندو هو. عيسائين جو عقيدو آهي ته آدم جي گناهه جي ڪري، ان جو سمورو نسل الله تعالى جي ڏمر هيٺ اچي ويو. هن جيستائين پنهنجي صفت ”ابنيت“ کي عيسىؑ جي شڪل ۾ قربان نه ڪيو، ان جي نسلي گناھ ۽ ڏمر هيٺ اچي وڃڻ جو ڪفارو نه ٿي سگھيو“.

قرآن پاڪ جو خدا بابت تصور
پر قرآن ڪريم جزا ۽ سزا جو عقيدو هڪ ٻئي شڪل ۽ نوعيت ۾ پيش ڪيو آهي. هو ان کي خدا جو ڪو اهڙو فعل نٿو سڏي جيڪو ڪائنات جي عام قانونن ۽ نظام کان جدا هجي، پر انهيءَ جو ئي هڪ حصو سڏي ٿو. هو چئي ته ڪائنات ۾ ڪم ڪندڙ عالمگير قانون هي آهي ته هر حالت پنهنجو ڪونه ڪو اثر رکي ٿي ۽ هر شيءِ جي ڪا نه خاصيت آهي. ايئن ممڪن ئي نه آهي ته هتي ڪا شيءِ پنهنجو وجود رکندي هجي ۽ اثرن ۽ نتيجن کان خالي هجي. جهڙي طرح سان الله تعالى شين ۾ خاصيتون ۽ نتيجا رکيا آهن، تهڙي طرح عملن جون به خاصيتون ۽ نتيجا آهن، وري جيئن انساني جسم جا قدرتي طور تي فائدا آهن، تئين انساني روح جا به قدرتي فائدا آهن. جسماني اثر جسم تي ظاهر ٿيندا آهن ۽ معنوي اثرن کان روح متاثر ٿيندو آهي. عملن جا اهي ئي قدرتي گڻ ۽ نتيجا آهن جن کي جزا ۽ سزا سان سڃاتو وڃي ٿو. چڱي عمل جو نتيجو چڱو آهي ۽ اهو ثواب آهي؛ بري عمل جو نتيجو برو آهي ۽ اهو عذاب آهي. انهن منجھان ئي بهشت ۽ جهنم جا فيصلا ٿيندا آهن. مولانا صاحب لکي ٿو:
فطرت پنهنجي هر شيءِ ۾ پنهنجو قانون، مڪافات رکي ٿي. اهو ممڪن ئي نه آهي ته انهيءَ ۾ ڪا تبديلي يا خاموشي اچي وڃي. باھ جي خاصيت ساڙڻ آهي ۽ ان جو اهو قانون هر انسان لاءِ آهي. جيڪو به ماڻهو پنهنجو هٿ باھ ۾ وجھندو سو سوج ۽ تپش محسوس ڪندو. اهڙي طرح پاڻي جي خاصيت ٿڌاڻ ڏيڻ آهي. تنهن ڪري اهو ٿي ئي نٿو سگھي ته ڪو ماڻهو پاڻي ۾ هٿ وجھي ۽ ان کي ٿڌاڻ محسوس نه ٿئي. باھ ۽ پاڻيءَ جا اهي قانون هر ماڻهوءَ جي لاءِ آهن.
”باهه ساڙي ٿي ۽ پاڻي ٿڌاڻ يا رطوبت پيدا ڪري ٿو. سينکيو کائڻ سان ماڻهو مري ويندو آهي ۽ کير پيئڻ سان طاقت ايندي آهي. ڪونين جي ٽڪي سان مليريا بخار رڪجي وڃي ٿو. عقل چوي ٿو ته جڏهن توهان کي انهن سمورن قانونن تي ڪابه حيرت نٿي ٿئي، ته پوءِ عمل جي نتيجن تي حيرت ڇوٿي ٿئي. ڪڻڪ پوکڻ کان پوءِ توهان کي پڪ ٿي ويندي آهي ته ڪڻڪ جي بدران جوئر ڪونه ڦٽندي. اهو انهيءَ ڪري آهي ته فطرت جي مڪافات واري قانون تي ويساهه توهان جي طبيعت ۾ کپي ويو آهي. توهان جي وهم ۽ گمان ۾ به اها ڳالهه نٿي اچي سگهي ته ڪڻڪ جي بدران جوئر پيدا ٿيندي.

ڪسب
مڪافات عمل جي لاءِ قرآن ”ڪسب“ جو لفظ استعمال ڪيو آهي. سنڌيءَ ۾ ان جو مطلب ”ڪمائي“ آهي. يعني اهڙو ڪم، جنهن جي نتيجي ۾ توهان کي فائدو يا نقصان ملي. ان جو مطلب هي ٿيو ته جزا يا سزا انسان جي پنهنجي ئي ڪمائيءَ جو نتيجو آهي. جهڙي ڪمائي هوندي، اهڙو ئي نتيجو اڳيان ايندو. ”كُلُّ امْرِئٍ بِمَا كَسَبَ رَهِينٌ ﴿الطور: ٢١﴾“
(سڀ ڪنھن مڙس جيڪي ڪمايو تنھن ۾ (اُھو پاڻ) ٻڌل آھي).
قرآن ڪريم چٽائيءَ سان ٻڌائي ٿو ته خدائي دين جيڪڏهن نيڪ عملي جي ترغيب ڏئي ٿو ۽ بد عمليءَ کان روڪي ٿو ته رڳو انهيءَ لاءِ ته جيئن انسان نقصان ۽ برباديءَ کان بچي وڃي ۽ ڇوٽڪارو ۽ ڪاميابي ماڻي. ايئن نه آهي ته الله تعالى جو ڏمر ۽ ڪاوڙ کيس عذاب ڏيڻ گھري ٿي ۽ کيس بچڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي مذهبي رياضتن ۽ عبادتن جي ضروت آهي:
”مَّنْ عَمِلَ صَالِحًا فَلِنَفْسِهِ وَمَنْ أَسَاءَ فَعَلَيْهَا وَمَا رَبُّكَ بِظَلَّامٍ لِّلْعَبِيدِ ﴿فصلت: ٤٦﴾“
ترجمو: “جيڪو چڱا ڪم ڪندو سو پاڻ لاءِ (ڪندو) تنھن تي (ئي اُن جو نقصان) آھي، ۽ تنھنجو پالڻھار ٻانھن تي ظلم ڪرڻ وارو آھي. ”
الله تعالى جنهن راضپي ۽ ڏمر جو اظهار ڪري ٿو، سا جزا ۽ سزا جي علت نه، پر جزا ۽ سزا جو قدرتي نتيجو آهي. يعني الله تعالى هي نٿو چئي ته جزا ۽سزا رڳو الله تعالى جي خوشنودي ۽ ناراضگي جو نتيجو آهي؛ نيڪ ۽ بد عملن جو نتيجو نه آهي، پر هو چوي ٿو ته جزا ۽ سزا مڪمل طور تي انسان جي عملن جو نتيجو آهي. الله تعالى نيڪ عملن سان خوش ٿيندو آهي ۽ بد عملن کي ناپسند ڪندو آهي. اقبال به چيو آهي:
از مکافات عمل غافل مشو گندم از گندم بروید جو ز جو

مهاتما ٻڌ جو مڪافات عمل بابت تصور
اهو ئي تصور اصل ۾ سموري هندو مذهب ۽ آريائي قومن جو تصور پڻ آهي. جيتوڻيڪ اهو تصور ابراهيمي مذهبن، جيڪي اصل ۾ سامي مذهب آهن، جي خلاف آهي، پر ٻنهي ۾ ڪنهن حد تائين هڪجهڙائي هيءَ آهي ته چڱي عمل جو نتيجو چڱو ۽ بري عمل جو نتيجو برو نڪرندو آهي. انهيءَ مان ئي فرد جي مرڻ کان پوءِ چڱي يا بري زندگي ٺهندي آهي.
اهو تصور ٻڌائي ٿو ته خدا تعالى جي تصور تي آڌاريل انساني نفس ۽ معاشري جي جوڙ جڪ ئي ڇوٽڪاري جي واٽ آهي. يعني اوچن اخلاقن سان سينگاريل نفس ۽ روحاني اشتراڪي (غير طبقاتي) معاشرو پاڪ ڪتابن ۾ لکيل آهي. ته اسان هن وقت جيڪو ڪجھه آهيون، سو اسان جي عملن جو نتيجو آهي. جيڪڏهن اڳي اسان برائي ڪئي هئي، ته ان جي نتيجي ۾ هاڻي ڏکن ۾ آهيون. جيڪو ڪجھه اسان پوکيو هو، هاڻي ان کي لڻي رهيا آهيون. سو هاڻي اسان جي ايندڙ زندگي جي شڪل، اسان جا موجوده عمل آهن. پر جيڪڏهن اسان پنهنجي هن زندگيءَ ۾ برن عملن کي پنهنجي وجود مان پاڙئون پٽي ڦٽو ڪيون، انهن جي جاءِ تي نيڪيءَ جو ٻج پوکي ڇڏيون، ثابت قدمي ۽ مضبوط ارادي سان انهن جي آبياري ڪريون ۽ غلطين ۽ شهوت کان پاڪ ٿي وڃون ته مستقبل ۾ زندگيءَ جي هيءَ محبت فنا ٿي ويندي ۽ عملن جا ميوا حقيقت بڻجي سامهون ايندا ۽ اسان جو موت اسان جي لاءِ حقيقت ۾ زندگي جي شروعات هوندو. ان زندگيءَ ۾ گناهه اسان جي ويجهو به نه ايندو، سڪون ئي سڪون هوندو ۽ زندگي ۽ اسان هڪ ٿي وينداسين؛ پاڻيءَ جي انهيءَ ڦڙي وانگر جيڪو درياءَ سان ملي درياءُ بڻجي ويندو آهي.

“دين” جي ٻئي معنى:
دين جي هڪڙي معنى ته مڪافاتِ عمل آهي، جنهن جي چٽائي ڪئي وئي. ان جي ٻئي معنى مذهب ۽ قانون آهي. ڇو جو مذهب جو بنياد مڪافاتِ عمل جو عقيدو آهي. ٻئي پاسي قانون جو بنياد به تعزير ۽ سياست آهي. حضرت يوسفؑ جڏهن پنهنجي ڀاءُ کي پاڻ وٽ روڪيو ته چيو ته هي ”دين ملڪ“ آهي يعني بادشاھ جو قانون (سورت يوسف).
هونئن به عربي ۾ ”دين“، عبراني ۾ ”دينه“، سنسڪرت ۾ ”ڌرما“ ۽ پالي ۾ ”ڌما“؛ انهن سڀني جو مطلب قانون ۽ رستو آهي.

دين جي ٽئين معنى:
ربوبيت ۽ رحمت سان گڏ الله تعالى جي ڪنهن صفت جهڙوڪ قهر ۽ جلال جو ذڪر نه ڪيو ويو، پر ”مالڪ يوم الدين“ جو ذڪر آهي، جنهن مان عدالت جو تصور اڀري ٿو. ان جو مطلب هي ٿيو ته ڪائنات جي فطرت ربوبيت ۽ رحمت سان گڏ پنهنجا قانون به رکي ٿي. جيڪڏهن هڪ پاسي ان ۾ پالنا ۽ بخشش آهي، ته ٻئي پاسي وري پڇاڻي وارو قانون به آهي. انساني فڪر جي لاءِ اهم سوال هي آهي ته فطرت جا قانون ان جي قهر ۽ ڏمر جو نتيجو آهن يا عدل ۽ انصاف جو؟
انسان بادشاهت جي پيدا ڪيل ماحول جي ڪري، فطرت جي قانونن کي قهر ۽ ڏمر جي مطلب ۾ وٺي ڇڏيو ۽ عدل ۽ انصاف جي حقيقت کي سمجھي نه سگھيو. اتان کان ئي الله تعالى جي صفتن ۾ خوف ۽ دهشت جو تصور پيدا ٿي ويو. جڏهن ته جيڪڏهن هو غور ڪري ٿو ته کيس خبر پئي ٿي ته جيڪڏهن ڪائنات جي اندر مڪافات جو پڇاڻو هجي ها يا اڏاوت جي خوبصورتي ۽ ڪم جي پڄاڻي لاءِ ڀڃ ڊاھ نه هجي ها ته انصاف جي تارازي به نه رهي ها ۽ ڪائنات جو سمورو نظام به درهم برهم ٿي وڃي ها.

دين جي چوٿين معنى
جهڙي طرح دنيا جو جهان پنهنجي وجود ۽ بقاءَ جي لاءِ ربوبيت ۽ ٻاجهه جو محتاج آهي، اهڙي طرح عدالت جو به محتاج آهي. اهي ئي اُهي معنوي ٽي عنصر آهن جنهن سان هڪ خلقت جي بيهڪ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. ربوبيت پالنا ڪري ٿي، ٻاجھه يا رحمت بخششن جو سرچشمو آهي جڏهن ته عدالت سان ٺاھ ٺوھ ۽ خوبصورتي ظاهر ٿئي ٿي ۽ نقصان جو پورائو ٿئي ٿو.
خلقت جي هن ڪارخاني ۾ ٺاھ ٺوھ، سڌارو، سونهن ۽ سوڀيا سان جيڪو ڪجھه به آهي، سو حقيقت ۾ عدل ۽ انصاف ۾ توازن واري حقيقت جو اظهار آهي. قبوليت ۽ تعمير کي توهان ان جي اڻ ڳڻين شڪلين ۾ ڏسو ٿا ۽ ان جي ڪري اڻ ڳڻين نالن سان سڏيو ٿا. پر جيڪڏهن هڪ حقيقت جي تهه تائين پهچو ته خبر پوندي ته هتي قبوليت واري حقيقت رڳو هڪڙي آهي ۽ اها آهي عدل ۽ وچٿري واٽ!
عدل جو مطلب آهي هڪجيترو هئڻ، گھٽ يا وڌ نه هئڻ. انهيءَ ڪري معاملن ۾ فيصلا ڪرڻ کي عدالت چئبو آهي، جنهن ۾ حاڪم ٻن گروهن جي وچ ۾ هڪٻئي تي ٿيندڙ زيادتين کي ختم ڪري، انهن ۾ برابري پيدا ڪندو آهي. تارازيءَ جي تور کي ”معادلت“ چيو ويندو آهي. ڇو جو اها ٻنهي پلڙن جو وزن هڪجيترو ڪري ڇڏيندي آهي. اها ئي عدالت جڏهن شين ۾ ظاهر ٿيندي آهي، ته ان جي مقدار ۽ شڪل صورت ۾ مناسبت پيدا ڪري ڇڏيندي آهي. هڪ جزي جو ٻئي جزي جي مقدار يا حالت ۾ مناسب ۽ موزون هئڻ عدالت آهي.
هاڻي وري غور ڪريو قدرت جي ڪارخاني تي. ٺاهه ٺوهه ۽ خوبصورتي جا جيترا به نظارا آهن، سي سڀ انهيءَ ئي عدالت جي ڪري ظاهر ٿيا آهن. مثال طور، وجود عنصرن جي ترڪيب جو اعتدال آهي. جيڪڏهن اهو اعتدال نه رهي ته وجود ختم ٿي ويندو. اهڙي طرح جسم، صحت ۽ تندرستي، سونهن ۽ سوڀيا، سڀ جو سڀ مناسبت ۽ اعتدال جي هڪ حالت آهي. جيڪڏهن اهو تناسب ۽ اعتدال انسان ۾ آهي ته انسان به خوبصورت آهي. ٻوٽن ۾ آهي ته گل جي صورت ۾ آهي، عمات ۾ آهي ته تاج محل آهي، جيڪڏهن سُرن ۾ آهي ته نغمو آهي. اها ڳالهه رڳو جسماني شين تي ئي لاڳو نٿي ٿئي، پر هن ڪائنات جو سمورو نظام عدل ۽ برابريءَ تي اهي. جيڪڏهن هڪ پَلڪَ لاءِ به اهو توازن بگڙي وڃي ته ڪائنات جو سمورو نظام تباھ ۽ برباد ٿي وڃي. نظام شمسي ۽ ان جي گرهن جو پنهنجي پنهنجي مدار ۾ هلندو رهڻ به ان جو ئي هڪ مثال آهي.
عددن جي مناسبت ۽ سچائيءَ جو رياضي ۽ حساب جي حقيقت تي دارومدار آهي. قرآن ڪريم انهيءَ عدل ۽ توازن کي سمجھائڻ لاءِ تارازيءَ جو مثال ڏنو آهي. سورت آل عمران جي آيت نمبر 18 ۾ هن ڪائنات جي سمورن ڪمن کي عدالت ”قَائِمًا بِالْقِسْطِ“ سان بيهڪ ڏنل ٻڌايو آهي.
قرآن ڪريم چوي ٿو ته جڏهن عدالت جو قانون ڪائنات جي هر ڪنڊ پاسي ۾ لاڳو آهي ته پوءِ اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگھي ته انسان جا فڪر ۽ عمل ان جي اثرن کان ٻاهر هجن. جيڪو عمل قبول پيل هوندو آهي سو کوٽي واڌي ۽ بي انصافي ۽ نافرمانيءَ جي بدران عدل ۽ انصاف تي آڌاريل هوندو آهي ۽ اهڙي عمل کي خدائي وحي ”عملِ صالح“ سڏي ٿي.
اهو ئي سبب آهي جو قرآن ڪريم بد عملي ۽ برائي جي لاءِ جيتريون به تعبيرون ڪيون اهن، سڀ اهڙيون آهن جو جيڪڏهن انهن جي مطلب تي غور ڪيو وڃي ته عدل ۽ برابريءَ جو ضد ۽ مخالفت ثابت ٿينديون. ڇو جو برائيءَ جي حقيقت قرآن ڪريم جي نظر ۾ ان کانسواءِ ٻيو ڪجھه نه آهي ته انصاف واري حقيقت کان منهن موڙيو وڃي. مثال طور ظلم، سرڪشي، فضول خرچي، بخل، ويڙھ جھيڙو وغيره وغيره.

يوم الدين ۽ اخلاق جو پاڻ ۾ لاڳاپو
آخرت جي ڇوٽڪار جي لاءِ ضروري آهي ته انسان صالح اخلاق تي عمل ڪري ۽ بد اخلاقيءَ کان بچي. علي ڳڙھ يونيورسٽيءَ ۾ اسلاميات جي شعبي جي صدر مولانا تقي اميني پنهنجي ڪتاب ” تہذیب کی تشکیل جدید“ ۾ لکيو آهي ته طبقاتي معاشرو فرد جي فطرت جي اعلي اخلاقي گھرجن کي دٻائي ڇڏيندو آهي ۽ جبلتن جي حيواني خواهشن جي گھرجن کي اڀاري ڇڏيندو آهي. انهيءَ ڪري گڏيل لحاظ کان آخرت جي ڇوٽڪاري لاءِ ضروري آهي ته معاشري جي طبقاتي طريقي کي ختم ڪيو وڃي ۽ دولت جي ورڇ اهڙي طرح ڪئي وڃي جو فرد جون بنيادي جسماني ۽ مادي ضرورتون پوريون ٿي سگھن؛ جهڙوڪه ماني ٽڪر، ڪپڙو لٽو، گھر گھاٽ، عدل انصاف، تعليم تربيت وغيره آسانيءَ سان حاصل ٿي سگھي. اڃا به معاشرتي تنظيم جو فرض آهي ته اها انهن ضرورتن جي پورائي جي پڪ ڏياري.
ان سان گڏوگڏ فرد کي بي روزگاري جي فڪر کان ڇوٽڪارو ملڻ به ضروري آهي. اصل ۾ انسان اڃا تائين معيشت ۽ اخلاقن جي هڪٻئي سان لاڳاپي کي سمجھڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي. جيڪڏهن معاشي نظام جاگيرداري ۽ سرمائيداري تي آڌاريل هوندو ته اهو پنهنجي مزاج ۽ گھرجن موجب انساني اخلاق پيدا ڪندو يا سمورن اخلاقن ۾ انهن کي اخلاقن کي سگھارو بڻائيندو ۽ رواج هيٺ آڻڻ ۾ مدد ڪندو جيڪي ان جي مزاج موجب هوندا. انهيءَ ڪري ئي طبقاتي معاشري ۾ عام ماڻهو پنهنجي محنت ۽ سخت پورهئي باوجود پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي لاءِ زندگيءَ جون بنيادي ضرورتون به پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ٿو. ان جي آئيندو اونداهو ۽ غير يقيني هوندو آهي، جنهن ڪري ان جو ذهني سڪون برباد ٿي ويندو آهي. هو انساني زندگيءَ جي مقصد کي سمجھڻ ۽ ان کي حاصل ڪرڻ کان محروم ٿي ويندو آهي. انهيءَ ڪري هڪ ٻئي جي حقن کي مارڻ ۽ ڦر مار جي روين کي هٿي ملندي آهي. انهيءَ طبقاتي معاشري ۾ پيداواري وسيلن تي ذاتي ملڪيتي قبضو رکڻ جي ڪري دولت جي جھجھائي، عيش پسندي ۽ ظلم ۽ ڏاڍ وارا بد اخلاق پيدا ٿيندا آهن. عزتن کي خريدڻ جي جنسي خواهش پيدا ٿيندي آهي ته ٻئي پاسي غربت، مسڪينيءَ ۽ محرومي جي ڪري مايوسي ۽ نااميدي پيدا ٿيندي آهي. جسماني ۽ مادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ چوري، ڌاڙو ۽ محنت جي لاءِ مقرر وقت ۾ گھٽ ۾ گھٽ ڪم ڪرڻ جو رويو پيدا ٿيندو آهي. اهي حالتون نه رڳو عزتون نيلام ڪرڻ تي اڀارينديون آهن، پر اولاد کي وڪڻڻ تائين جهڙو غير انساني عمل ڪرائڻ تي مجبور ڪري ڇڏينديون آهن. ڇو جو زندگيءَ کي قائم رکڻ فطري ڳالهه آهي.
تنهن ڪري آخرت ۾ ڇوٽڪاري جي لاءِ ضروري آهي ته معاشري جي طبقاتي نظام کي ختم ڪيو وڃي ته جيئن صحيح انساني اخلاق پيدا ٿي سگھن.
مولانا آزاد انهيءَ موضوع تي تفصيل سان ٻڌايو آهي ته عدالت جي اها گھرج آهي ته معاشرو عدل ۽ انصاف تي قائم رهي. پر ربوبيت ۽ ٻاجھه وانگر عدالت جي باري ۾ به انساني تاريخ کي نظر انداز ڪيو ويو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته منڍ کان ئي انساني معاشرو عدل ۽ انصاف ۽ برابري ۽ ترڪيب واري واٽ کان هٽي ويو هو. جڏهن هابيل کي قابيل رڳو پنهنجي هوس جي پورائي لاءِ قتل ڪيو هو ته هن هڪ اهڙي معاشرتي نظام جي شروعات ڪري ڇڏي هئي، جنهن ۾ فرد پنهنجي لالچ ۽ هوس جي لاءِ هر قسم جي اخلاقي حدن کي اورانگھي سگھي پيو. ايئن زراعت واري زماني کان وٺي انساني معاشرو آقا ۽ غلام جي مخالف طبقن ۾ ورهائجي ويو، جنهن معاشرتي ارتقا سان گڏ جاگيردار ۽ زرعي غلام ۽ ڪارخانيدار ۽ پگھاردار غلام جي شڪل اختيار ڪري ورتي. انهيءَ طبقاتي ورڇ سان انساني معاشرو انهيءَ عدل ۽ انصاف ۽ برابري ۽ ترڪيب واري واٽ کان هٽي ويو جنهن تي هن سموري ڪائنات جو نظام بيٺل آهي.
انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته نبين سڳورن کي اهو ئي مقصد ماڻڻ لاءِ موڪلڻ جي شروعات ٿي ته جيئن انساني معاشري کي ٻيهر عدل ۽ انصاف تي بيهاريو وڃي. اهڙيءَ طرح الله تعالى سورت الحديد ۾ فرمائي ٿو:
”لَقَدْ أَرْسَلْنَا رُسُلَنَا بِالْبَيِّنَاتِ وَأَنزَلْنَا مَعَهُمُ الْكِتَابَ وَالْمِيزَانَ لِيَقُومَ النَّاسُ بِالْقِسْطِ وَأَنزَلْنَا الْحَدِيدَ فِيهِ بَأْسٌ شَدِيدٌ وَمَنَافِعُ لِلنَّاسِ وَلِيَعْلَمَ اللهُ مَن يَنصُرُهُ وَرُسُلَهُ بِالْغَيْبِ إِنَّ اللهَ قَوِيٌّ عَزِيزٌ “
﴿الحديد: ٢٥﴾
ترجمو: ”بيشڪ پنھنجن پيغمبرن کي پڌرين نشانين سان موڪليوسون ۽ ساڻن ڪتاب ۽ تارازي ھن لاءِ موڪليوسون ته ماڻھو انصاف سان بيھڪ وٺن، ۽ لوھ موڪليوسون جنھن جي ڪري سخت ويڙھ آھي ۽ ماڻھن لاءِ (ٻيا) فائدا (به) آھن ۽ ته جيڪو الله ۽ سندس پيغمبرن کي پرپُٺ مدد ڏئي تنھن کي الله معلوم ڪري، بيشڪ الله سگھارو غالب آھي.“
هن آيت سڳوريءَ ۾ لفظ ”قسط“ وڏي اهميت رکي ٿو. ان جو مطلب هي آهي ته جيئن ته معاشرو ”قسط“ يعني انصاف واري دڳ کان هٽي ويو آهي، تنهن ڪري نبين سڳورن کي انهيءَ لاءِ موڪليو پيو وڃي ته جيئن اهي معاشري کي ٻيهر ”قسط“ تي قائم ڪن. ”قسط“ جي معنى عام طور تي عدل جي ورتي ويندي آهي، پر انهن ٻنهي لفظن ۾ ٿورو فرق آهي.
عدل جو لفظ قانوني معاملن سان وڌيڪ تعلق رکندو آهي، يعني جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي. انهيءَ ڪري قرآن انساني محنت جي معاملي ۾ عدل جو مطلب هي وٺي ٿو ته ”جيتري محنت ڪريو، انهيءَ جي مطابق پيداوار حاصل ڪريو“. جڏهن ته طبقاتي معاشري ۾ ايئن ٿيندو آهي ته مزدور جيتري محنت ڪندو آهي، اوترو سندس محنت مان ٿيندڙ پيداوار تي حق حاصل نه هوندو آهي. ٻئي پاسي ڪارخانيدار يا جاگيردار ان جي محنت مان ٿيندڙ پيداوار جي گھڻي حصي تي، پاڻ قبضو ڪري ويهي رهندو آهي ۽ ٿورڙي حصي مان ان کي مزدوري ڏيندو آهي. معاشيات جي ٻوليءَ ۾ انهيءَ کي نه ادا ڪيل (Unpaid) مزدوري چيو ويندو آهي. اها مالڪ جي ٽجوڙيءَ ۾ ويندي آهي، جنهن سان ان جي ڪارخانن جي تعداد يا زمين جي ايراضيءَ ۾ واڌارو ٿيندو رهندو آهي ۽ بئنڪ بئلنس وڌندو رهندو آهي. ٻئي پاسي مزدور رڳو انهيءَ ئي ڏهاڙيءَ تي گذارو ڪندو آهي، جيڪا کيس ملندي آهي. انهيءَ جو مقدار ايترو ته ٿورو هوندو آهي جو تمام ئي مشڪل سان پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي ضرورتن کي پورو ڪري سگھي ٿو.
پر ”قسط“ ۾ برابري ۽ مساوات (Equity) جو تصور موجود آهي. يعني انسانن جو پنهنجي محنت جي حقن ۽ فائدن مان برابريءَ جي بنياد تي فائدو ماڻڻ. جڏهن ته عدل جي لاءِ (Justice) جو لفظ استعمال ٿيندو آهي. سورت النساء ۾ آهي ته ”وَإِنْ خِفْتُمْ أَلَّا تُقْسِطُوا فِي الْيَتَامَىٰ “ (آيت نمبر4).
يعني ڏسو، جيڪڏهن توهان کي ان ڳالهه جو خوف هجي ته يتيم ٻارن ۽ بيواھ عورتن جي حقن کي پورو نه ڪري سگھو . هتي لفظ ”قسط“ جو مطلب برابري ۽ هڪهڙائي آهي.
جيئن ته انساني معاشري ۾ پيداواري وسيلن تي ڪن ٿورڙن ماڻهن جي ذاتي قبضي سان دولت جي ورڇ ۾ اڻبرابري پيدا ٿي وئي آهي، انهيءَ ڪري نبوت جو مقصد ئي هي آهي ته اها پيداواري وسيلن کي فردن جي ذاتي قبضي مان ڪڍي، عوام جي ملڪيت ۾ آڻي ته جيئن هر فرد پنهنجي محنت ۽ ان جي پيداوار ۾، ٻئي ڪنهن جي ڀائيواريءَ کانسواءِ ئي مالڪ بڻجي سگھي. قرآن ڪريم انهيءَ مقصد جي نه رڳو نشاندهي ڪئي آهي، پر ان سان گڏوگڏ اهو به ٻڌايو آهي ته طاقت جي ذريعي پيداوار تان، فردن جي ذاتي قبضي کي ختم ڪري انهن کي عوام جي ملڪيت ۾ ڏنو وڃي. انهيءَ جي لاءِ ئي اقبال چيو هو:
رشی کے فاقوں سے ٹوٹا نہ برہمن کا طلسم، عصا نہ ہو تو کلیمی ہے کار بے بنیاد
يعني مهاتما ٻڌ جي رياضتن سان، برهمڻي ڏاڍ ۽ ظلم جي نظام کي ختم نٿو ڪري سگھجي. اهو ايئن ئي شودر جو رت چوسيندو رهندو. قرآن چوي ٿو ته طبقاتي نظام کي رڳو طاقت سان ختم ڪرڻ ئي نبوت جو مقصد ۽ خدائي ارادو آهي. انهيءَ مقصد لاءِ ئي ڪتاب ۽ تارازيءَ سان گڏ لوھ به نازل ڪيو ويو.
ان جو وڏو سبب هي آهي ته قرآن ڪريم جي نظر ۾ هر انساني فرد جي بناوت مٽي (Mud) ۽ خدائي روح جي ڦوڪ جو مرڪب آهي. ٻئي پاسي فردن جي زندگيءَ جو مقصد هي آهي ته اهي مٽي يعني، جسم جي گھرجن کي، خدائي نور جي گھرجن هيٺان رکن ۽ ان جي ارتقا ڪن ته جيئن هو پنهنجي حياتيءَ جي مقصد کي ماڻي سگھي. اها ارتقا ان وقت تائين ناممڪن آهي، جيستائين جو جسم جون ضرورتون پوريون ٿي نه سگھن. جيڪڏهن ضرورتون پوريون نه ٿي سگھنديون ته فرد کي اطمينان ۽ سڪون ملي نه سگھندو ۽ مڪمل توجهه سان ”عمل صالح“ جي ذريعي، خدائي نور جي گھرجن کي پورو نه ڪري سگهندو، جنهن سان نه رڳو دنيا ۾ پنهنجي مقصدن ماڻڻ کان محروم رهندو، پر آخرت واري زندگيءَ ۾ به نقصان کي منهن ڏيندو. انهيءَ ڪري ئي سمورن مذهبن (توحيد پسند توڙي بت پرست) جو مقصد به اهو ئي آهي ته فرد پنهنجي اخلاقي ۽ معاشرتي عملن کان وڌيڪ خدائي قرب حاصل ڪري.
مارڪس جي مذهب کي رد ڪري ڇڏڻ واري عمل، سماجي معيشت کي زندگيءَ جي انهيءَ بنيادي مقصد کان جدا ڪري ڇڏيو ۽ فرد کي رڳو جسماني گھرجن جي پورائي تائين محدود ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪري سوشلسٽ معاشرتي نظام فطرت سان بغاوت تي آڌارجي ويو ۽ ناڪام ٿي ويو. سورت الڪهف جي آخر ۾ انهيءَ ناڪاميءَ جو سبب اهو ئي ٻڌايو ويو آهي ته اها جهنم جي سزا، يعني تباهي انهيءَ ڪري آئي جو انهيءَ نظام جي پيروڪارن الله تعالى جي رسولن ۽ پاڪ ڪتابن جي آيتن تي ٺٺوليون ڪيون.
مولانا آزاد جهڙي طرح ربوبيت ۽ رحمت جي برڪتن ۽ فائدن کي هر فرد تائين پهچڻ واري واٽ ۾، پيداواري وسيلن تي قابض طبقي جو رڪاوٽ بنجڻ جو ذڪر نه ڪيو آهي ۽ نه ئي انهيءَ طبقي جي نشاندهي ڪري انهيءَ کي هٽائڻ نبوت جو مقصد سڏيو آهي، اهڙي طرح عدالت يعني عدل ۽ قسط جي گڻن کي عوام تائين پهچائڻ واري واٽ ۾ به انهيءَ طبقي جي ذريعي، معاشري جي عدل ۽ انصاف کان هٽي وڃڻ جي وضاحت به نه ڪئي آهي. جيڪڏهن ڪائنات ۾ مخلوق ۾ ربوبيت، رحمت ۽ عدالت جا معنوي عنصر ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ڪائنات جو هر مظهر پنهنجي مقرر ڪيل عدل ۽ قسط جي رستي کان هٽي چڪو آهي ته ان جو بنيادي سبب انسان جو آزاد ارادو ۽ آزاداڻي اختيار جي صلاحيت جي موجودگي آهي. انهيءَ ئي صورتحال جي سڌاري لاءِ نبوت جي شروعات ٿي.
اسان جي عالمن ۽ مفسرن هابيل ۽ قابيل جي واقعي جو سرسري نظر سان ئي مطالعو ڪيو آهي، جنهن ڪري ان جي منطقي نتيجي تي نه پهچي سگھيا آهن. جيستائين تاريخ کي طبقاتي نقطي نگاھ سان مطالعو نه ڪيو ويندو ، قرآن ۾ ذڪر ڪيل آدم جي قصي جا فائديمند نتيجا ڪڏهن به سمجھه ۾ ڪونه ايندا.
سماجي معيشت کي قائم ڪرڻ لاءِ جڏهن طاقت جو استعمال ڪيو ويندو آهي ته اعتراض ڪيو ويندو آهي، ايتري تائين جو غلام احمد پرويز به اعتراض ڪيو آهي. جڏهن ته قرآن ڪريم ”قسط“ وارو نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ طاقت جي استعمال کي اڻٽر سڏي ٿو. اڃا به حڪم ڏئي ٿو ته انهيءَ غير انساني معاشي نظام کي، طاقت جي استعمال سان ختم ڪيو وڃي. پيداواري وسيلن تي قابض طبقو واعظن ۽ نصيحتن سان ڪڏهن به ختم نٿو ٿي سگھي ۽ نه ئي اڄ تائين ختم ٿي سگھيو آهي. انهيءَ ڪري تشدد ۽ طاقت جو استعمال جائز آهي ۽ اها ئي جهاد جي صحيح معنى آهي. اهو جهاد ڪوشش ۽ جاکوڙ سان به ٿي سگھي ٿو ۽ هٿيار جي استعمال سان به ٿي سگھي ٿو. ڪتاب ۽ تارازيءَ سان گڏ لوھ نازل ڪرڻ جو مقصد ئي اهو آهي ته انهيءَ ظالم ۽ غير انساني طبقاتي نظام کي طاقت جي استعمال سان ختم ڪيو وڃي.
اسلام ۽ سمورن مذهبن جي مذهبي پيشوائيت، نبين کي موڪلڻ ۽ وحي جي نازل ٿيڻ واري بنيادي مقصد کي، جيڪو معاشري کي عدل ۽ قسط کان هٽي وڃڻ کانپوءِ ان کي ٻيهر ساڳي ئي واٽ تي آڻڻ هو، عوام جي نظرن کان لڪائي ڇڏيو ۽ ان جي جاءِ تي عبادتن ۽ ٻين ظاهري رسمن جي ادائگي کي ئي آخرت ۾ ڇوٽڪاري جي واٽ ٻڌائي ڇڏيو. هاڻي حالت اها رهي آهي ته ڪنهن به مذهب جو پيرو ڪار عبادتن جي ظاهري شڪل جي ادائگي ۽ پنهنجي مذهب کي ٻين مذهبن کان مٿانهون ثابت ڪرڻ ۽ پنهنجي مذهبي ٽولي ۾ شامل ٿيڻ کي ئي آخرت جي ڇوٽڪاري لاءِ لازمي سڏڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان جي نتيجي ۾ مذهب جي بنياد تي جھيڙا پيدا ٿين ٿا ۽ مذهبن جي پيروڪارن ۾ نفرت ۽ دشمني جا جذبا اڀرن ٿا. معاشري جي سڌاري لاءِ ڪو قدم کڻڻ نه ته ديني عمل رهيو آهي ۽ نه ئي آخرت ۾ ڇوٽڪاري جي لاءِ ضروري سمجھيو وڃي ٿو.
جيڪڏهن ڪا ڪوشش ڪئي به وڃي ٿي ته رعايتون ڏنل طبقي کي قائم رکندي ڪئي وڃي ٿي. جڏهن ته اِهي ئي اُهي طبقا آهن، جن جي ڪري معاشرو عدل ۽ قسط جي رستي کان هٽي ويو. هاڻي ان کي ساڳئي رستي تي آڻڻ لاءِ نبين سڳورن جو سلسلو شروع ٿيو، تنهن ڪري اهو ضروري ٿي پيو ته مزدور ۽ پٺتي پيل طبقن ۾ اها سجاڳي پيدا ڪجي ته، پيداواري وسيلا الله تعالى پنهنجي ربوبيت واري صفت جي بنياد تي، سڀني جي فائدي لاءِ پيدا ڪيا آهن جن تي آسودن، وڏائي ڪندڙن ۽ سردارن پنهنجي طاقت ۽ ٺڳي سان قبضو ڪري ورتو آهي. ان شعور سان انهن جي ذهنن کي منظم ڪري ۽ انهن ۾ لوهي تنظيم پيدا ڪئي وڃي ته انهيءَ گڏيل طاقت جي زور سان اهڙي غير عادل ۽ قسط يا برابريءَ کان هٽيل معاشري کي ٻيهر عدل ۽ قسط واري واٽ تي آندو وڃي.

اهو مقصد ڪيئن حاصل ٿيندو؟
انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻن ڳالهين جي ضرورت آهي. پهريون هي ته اسان جي موجوده دؤر ۾، جنهن ۾ معلومات جي هڪٻئي تائين ترت رسائي (Communication) ۽ علم جي اشاعت يا پکيڙ جا وسيلا تمام گھڻي ترقي ڪري چڪا آهن ۽ عملي طرح سان دنيا هڪ عالمي ڳوٺ (Global Village) بڻجي چڪي آهي، ان ڳالهه جي اهميت تمام گھڻي وڌي وئي آهي ته قرآن ڪريم جي تعليم موجب اهو ثابت ڪيو وڃي ته دنيا جي سمورن مذهبن جي بنيادي تعليم هڪ آهي. سڀئي نبي، پوءِ ڀلي اهو سامي نسل مان هجي يا آريائي يا وري زرد قوم سان واسطو رکندو هجي، خدائي هيڪڙائي، قيامت تي ايمان، اخلاقي ۽ روحاني گڻن (عمل صالح) جي ترقي تي زور ڏيندا رهيا. انهيءَ ڪري سمورن پاڪ ڪتابن جو بنياد ۽ مرڪزي تعليم به اها ئي آهي ۽ اها تعليم اڄ به، پنهنجي ڦير ڦار باوجود انهن ڪتابن ۾ موجود آهي. انهيءَ ئي بنياد تي دين يا دينن جي هيڪڙائي واري بنيادي مقصد کي حاصل ڪري سگھجي ٿو.
ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته دين جي هيڪڙائيءَ کي ثابت ڪرڻ لاءِ مذهبي پيشوائيت واري اداري کي ختم ڪرڻو پوندو. ڇو جو اِهو ئي اُهو ادارو آهي، جيڪو پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ مذهبن جي وچ ۾ نفرت ۽ دشمنيءَ جو ٻج پوکي ٿو. ان جو مقصد انساني جماعتن کي ٻيهر هيڪڙائيءَ واري پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ نه آهي، پر پنهنجي مذهبي جي، ٻين مذهبن مٿان برتري ثابت ڪرڻ لاءِ، عوام جي جذبن کي اڀارڻو آهي. جڏهن ته اسلام ۾ ختم نبوت جو، ئي اهو مقصد هو ته وڌيڪ مذهبي ٽولا ٺاهڻ بدران، ٺهيل مذهبي ٽولن کي ديني هيڪڙائيءَ جي بنياد تي گڏ ڪري، وحدت انسانيت واري واٽ تي آندو وڃي.
انهيءَ ڪري ئي قرآن ڪريم سمورن نبين سڳورن تي ايمان آڻڻ ضروري ٻڌائي ٿو. قرآن ڪريم آخري ڪتاب آهي ۽ اهو دنيا جي سمورين قومن سان ڳالهائي ٿو. قرآن چوي ٿو ته دنيا جي هر ڳوٺ (قريه) ۾ اسان هڪ ڊيڄاريندڙ موڪليو. ان جو مطلب هي ٿيو ته انهن سامي، آريائي ۽ زرد قومن جي مذهبن ۽ ان جي مقدس بانين کي به مڃيو وڃي. ان سان گڏوگڏ قرآن ڪريم هي به چوي ٿو ته الله تعالى سمورن نبين سڳورن کي بنيادي طور تي ساڳي ئي تعليم ڏئي ڪري موڪيلو هو.
تنهن ڪري جيستائين دينن جي بنيادي تعليم کي هڪجيتري مڃوتي نه ڏني ويندي ۽ مذهبي ٺيڪيداري واري منظم اداري کي ختم نه ڪيو ويندو، قرآن ڪريم جا ٻڌايل مقصد حاصل ٿي نه سگھندا. انهيءَ لاءِ اقبال ڪيڏي نه سهڻي ڳالهه ڪئي آهي:
کیون خالق و مخلوق میں حائل رہیں پردے
پیران کلیسا کو کلیسا سے ہٹا دو۔

انقلاب جي ضرورت
سوال هي آهي ته ڪيترائي اهڙا واقعا آهن، جو باوجود پنهنجي بڇڙائين جي، ڪيترائي ماڻهو ۽ مختلف قومون هن دنيا ۾ پنهنجي بد عمليءَ جي سزا نٿيون ڀوڳن. اڃا به ڊگھي عرصي تائين پنهنجي ظلمن ۽ بڇڙائين سان دنيا وارن کي تنگ ڪندا رهندا آهن. ان جو سبب قرآن ڪريم هي ٻڌائي ٿو ته مظلوم قومون يا فرد، پاڻ ئي انهيءَ لاءِ ذميوار آهن. انهن جو فرض هو ته اهي منڍ کان ئي ظالمن جي خلاف جهاد شروع ڪري ڏين ها، يا گھٽ ۾ گھٽ انهيءَ جي تياريءَ ۾ ئي مري وڃن ها. پوءِ اڳتي هلي جيئن جيئن واڳ ڌڻين، آسودن ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪندڙ مذهبي پيشوائيت جي خلاف شعور کي منظم ڪندي، جيڪڏهن انهن کي موت به اچي وڃي ها ته، اهو موت به نهايت ئي عزت ڀريو هجي ها ۽ اڳتي واري زندگي ۾ به انهن کي ان جو عظيم اجر ملي ها. پر ظالمن ۽ بدڪارن کي سدائين اهو ٻڌايو ويو ته، اهو نه سمجھهو ته هن دنيا ۾ ظلم ڪندؤ مري کپي ويندؤ ۽ توهان جو خلقڻهار توهان کي ٻيهر پيدا ڪري توهان جي بدعمليءَ جي سزا نه ڏيندو.
پر الله تعالى مالڪ يوم الدين آهي، ان ڏينهن هو ذري ذري جو به حساب وٺي آخري فيصلو ڪندو . هيءَ دنيا آخري فيصلي جي جاءِ نه آهي. هتي انسان پنهنجي عملن جي معاملي ۾ آزاد آهي.
هتي هڪ سوال هيءُ ٿو پيدا ٿئي ته ”گناھ“ جي ڪمائيءَ ۾ آقا ۽ غلام، جاگيردار ۽ زرعي غلام ۽ ڪارخانيدار ۽ پگھاردار غلام ڇا برابر جا ڀائيوار آهن؟ قرآن ڪريم ۾ خاص طرح سان ۽ ٻين پاڪ ڪتابن ۾ عام طرح سان رعايتون ڏنل طبقي کي ئي ظلم ۽ ڏاڍ، محنت جي استحصال، دنيا جي هوس، خود غرضي ۽ جنسي ڇڙواڳي جهڙن وڏن گناهن ۾ ڦاٿل سڏيو آهي. ڇو جو ان وٽ طاقت ۽ پئسو هوندو آهي. پيداواري وسيلن تي ان جو قبضو هوندو آهي ۽ پئسي ڏڪڙ جي جھجھائي به ان وٽ ئي هوندي آهي. اها دولت حاصل ڪرڻ لاءِ هو مزدورن ۽ پورهيتن کان ڏاڍائيءَ سان پورهيو ڪرائيندو آهي ۽ انهن جي محنت مان ٿيندڙ پيداوار جو انهن کي پورو معاوضو نه ڏيندو آهي. رڳو ايترو ئي ڏيندو اٿن جنهن سان اهي پاڻ ۽ سندن اولاد سندس دولت ۾ واڌاري لاءِ جيئرا رهي سگھن. انهيءَ دولت سان هو شريفن جون عزتون پئسا ڏئي يا ڏاڍائيءَ سان خريد ڪندو يا حاصل ڪندو آهي. ان جا بنگلا ۽ محلاتون به ساڳيو ئي مزدور اڏيندو آهي ۽ ان جي ٽجوڙين ۽ بئنڪن ۾ بئلنس به انهيءَ مزدور جي ئي محنت جو نتيجو هوندو آهي. سموري انساني تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته قرآن ڪريم سورت العصر ۾ انهيءَ ئي تاريخ کي شاهد ڪري پيش ڪيو ويو آهي. سموريون تهذيبون انهيءَ ئي طبقي جي بدڪارين، ظلمن ۽ ڏاڍ جي ڪري تباهه ٿي ويون آهن (فَقُطِعَ دَابِرُ الْقَوْمِ الَّذِينَ ظَلَمُوا) ”اسان ظالمن جي پاڙ پٽي ڦٽو ڪندا آهيون.“ اڄ به اولهه جي تهذيب ملٽي نيشنل ڪارپوريشنن ۽ واپاري ادارن تي قبضو ڪري ويٺل جي سيون (G-7) جهڙن مالدارن جي عياشين، محنت جي استحصال، ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي هيڻن ۽ پٺتي پيل قومن (جن کي ڄاڻي واڻي انهيءَ حالت ۾ رکيو ويو آهي) جي خام مال (Raw Material) جي ذخيرن جي ڦر لٽ ۽ انهن پورهيتن جي سستي اگھه تي خريد ڪيل محنت جي وسيلي، يورپ ۽ آمريڪا جي تهذيب پنهنجي چمڪاٽ، تشدد ۽ جنسي ڇڙواڳيءَ جي ڪري تباهيءَ جي رستي تي وڃي رهي آهي. ٻه عالمي جنگيون ٿي چڪيون آهن ۽ ٽئين جي لاءِ تياري ٿي رهي آهي. جيڪڏهن يورپ جي سياڻن ان ڳالهه جو احساس نه ڪيو ته انهن تهذيبن جي مڪمل طرح سان تباھي ۾ ڪو گمان نه آهي.
ان جي ڀيٽ ۾ مزدور ۽ پٺتي پيل فردن وٽ پنهنجي محنت وڪڻي پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ ٻي ڪابه شيءِ نه هوندي آهي جو ان جي وسيلي اهي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪا خوشحالي پيدا ڪري سگھن. ڇو جو دولت، تعليم ۽ تهذيب جي سمورن وسيلن تي ڏاڍن طبقن جي ٺيڪيداري هوندي آهي. محنت ڪري ٿڪجي چُور ٿيلن وٽ مستقبل جي باري ۾ مايوسي ۽ نااميدي کانسواءِ ٻيو ڪجھه نه هوندو آهي . انهن وٽ نه ته ايتري دولت هوندي آهي ۽ نه ئي ايترو وقت، جو هو ٻئي ڪنهن پاسي ڌيان ڏئي سگھن. نه ئي هو پنهنجي خواهشن کي خدا بڻائي انهن جي پورائي لاءِ ڪوشش ڪري سگھي ٿو. انهيءَ ڪري امام شاهه ولي اللهؓ ”حجة الله البالغه“ ۾ لکيو آهي ته: اميرن جي عيش ۽ ٺاھ ٺوھ لاءِ سخت محنت جي ڪري، مزدور انساني سطح کان ڪري حيواني سطح تي اچي وڃي ٿو . ايئن هو آخرت جي اوچن علمن ڏانهن ڌيان ئي نٿو ڏئي سگھي. اها حالت الله تعالى جي ڏمر کي سڏيندي آهي ۽ پوءِ انهيءَ تهذيب کي تباھ ڪيو ويندو آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته سموريون تهذيبون ۽ موجوده تهذيب جي تباهيءَ جو ڪارڻ به اها ئي ڳالهه ٿي رهي آهي.

تصوف ۽ يوم الدين
حضرت عبيد الله سنڌيؓ پنهنجي ڪتاب ”امام ولی الله کی حکمت کا اجمالی تعارف“ جي تصوف واري باب ۾ فرمايو آهي ته آخرت واري زندگيءَ ۾ ڇوٽڪاري لاءِ تصوف ئي تمام ئي وڏي اهميت رکي ٿو. ڇو جو انهيءَ ۾ فرد گھڻي عبادت ۽ رياضت جي سبب خدا ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي معاملي ۾ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندو ويندو آهي ۽ انهيءَ عمل سان انسان پنهنجي جبلتن جي گھرجن کي خدائي طاقت مطابق ڪري ڇڏيندو آهي. اها خدائي طاقت هر فرد ۾ موجود هوندي آهي. ان جي پاڪائي ۽ پورائي سان ماڻهو خدائي نور مان فائدو حاصل ڪندي، موت کان پوءِ خدائي ويجھڙائيءَ وارو درجو حاصل ڪري وٺندو آهي.
علامه اقبال پنهنجي ڇهين خطبي ۾ امت جي زوال جا سبب ڄاڻائيندي، معتزله جي عقليتي زوال ۽ بغداد تي تاتارين جي حملي سان گڏ ازمنه وسطي جي تصوف جي به نشاندهي ڪئي آهي. ڇو جو اهو تصوف زندگيءَکي پنهنجي لاءِ روشن بنائڻ بدران، زندگيءَ کان بيزاري واري حيثيت حاصل ڪري چڪو هو. اصل ۾ بزرگ عالم عام طور تي عالمن جي فڪرن جي ئي پيروي ڪندا آهن ۽ عالمن وري نبوت جو مقصد عبادتن ۽ ظاهري رسمن جي ادائگي ٻڌائي ڇڏيو آهي ۽ معاشري جي تبديليءَ کي ديني عملن ۾ شامل نه ڪيو آهي. جڏهن ته قرآن ڪريم نبين سڳورن جي موڪلڻ جو مقصد عدل ۽ انصاف کي قائم ڪرڻ ٻڌايو آهي، جيڪو سراسر معاشرتي عمل آهي. تنهن ڪري عام طور تي بزرگن ۽ وڏن صوفين سڳورن جي مسلڪ ۾ معاشري جي تبديلي کي نظر انداز ڪيو ويو، اڃا به صوفياڻي رياضتن جو مقصد ئي روحاني رمزن جي مرڪزن کي جاڳائڻ ٻڌايو آهي.
شريعت ته اسان جي نمازن کي به خشوع ۽ خضوع سان ادا ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ۽ انهيءَ کي فرد جي روحاني ترقي لاءِ ڪافي سمجھيو آهي. ڇو جو سورت المزمل ۾، نبي اڪرمﷺ کي چيو ويو ته عبادت جي لاءِ اڌ رات جي چوٿين حصي کي مقرر ڪن. ڇو جو ڏينهن جو اسلامي انقلاب آڻڻ لاءِ ڳري ذميواري کي نڀائڻو آهي ۽ انهيءَ لاءِ ڊگھي جاکوڙ ڪرڻي آهي. انهن آيتن ۾ معاشري کي عدل ۽ قسط تي قائم ڪرڻ کي پهرين حيثيت ڏني وئي آهي ۽ انهيءَ مقصد هيٺ رات جو جاڳڻ واري وقت کي گھٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پر بادشاهت جي گھرجن هيٺ، معاشرتي تبديليءَ جو عمل نظر انداز ڪيو ويو ۽ اڳتي هلي امت ۾ اها نظراندازي ديني حيثيت سان رواج هيٺ اچي وئي. انهيءَ جو ئي نتيجو آهي جو اڄ سموري امت اولهه جي جمهوريت کي پنهنجايون ويٺي آهي ۽ قرآن ڪريم هن امت کي ”وچٿري امت“ سڏيندي دنيا جي قومن جي سڌاري جي ذميواري حوالي ڪئي هئي، امت انهيءَ عظيم فرض کان پاسيري ٿي وئي آهي.
علامه اقبال چواڻي، بزرگن جون گاديون اڄ بازن جا ٽڪاڻا بنجڻ بدران، ڳجهن جا آکيرا بڻجي چڪا آهن. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته پهريان ته مسلمان قومون اولهه وارن جي غلاميءَ ۾ ڦاسي ويون ۽ هاڻي وري جڏهن آزاد ٿيون ته انهن کي اها به خبر نه رهي آهي ۽ نه ئي عالم انهن کي ٻڌائي سگھيا آهن ته انهن جا مسئلا ڪهڙي طرح سان اسلامي شريعت هيٺ حل ٿي سگھن ٿا. عالمن جي نظر ۾ اسلام جو قائم ۽ نافذ هئڻ ان ڳالهه ۾ آهي ته، تعزيري حڪمن کي نافذ ڪيو وڃي ۽ پيداواري وسيلن تي ذاتي ملڪيت جي تقدس کي قائم رکندي، زڪوات جي ادائگي ۽ ميراث جي ورهاست کي جاري رکيو وڃي. پر موجوده دؤر جي معاشي ضرورتن کي. اهو پروگرام پورو نٿو ڪري سگھي. اقبال ته چيو هو ته قرآن ڪريم ۾ ٽٻي هڻي ”قل العفو“ جي حقيقت کي سمجھيو وڃي، پر هتي وڌ ۾ وڌ سورت الحشر جي انهيءَ آيت تي زور ڏنو وڃي ٿو ته ”دولت کي اميرن جي ئي ٽولي ۾ گردش نه ڪرڻ گھرجي، پر ان کي هيٺين درجي جي ماڻهن ۾ به لهڻ گھرجي“ جڏهن ته هن آيت سڳوريءَ جي سمجھڻ جي معاملي ۾، عالمن سڳورن تاريخ کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته اميرن جي طبقي مان جڏهن به دولت هيٺ لهي ٿي ته اها يا ته مزدوريءَ جي شڪل ۾ هوندي آهي يا وري خيرات جي شڪل ۾. ٽئين ڪا شڪل اڄ تائين سامهون نه آئي آهي. ٽئين شڪل جيڪا ٻڌائي وڃي ٿي، سا ڪڙمت کانسواءِ لميٽڊ ڪمپنين ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج جي شڪل ۾، اميرن جي طرف کان سرمائي ڪاري ڪرڻ آهي. اسٽاڪ ايڪسچئنج ته چٽيءَ طرح سان جوا جي هڪ شڪل آهي. سڀ کان پهرين ڳالهه جنهن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي، سا هيءَ آهي ته ”اميرن“ وٽ اهو سرمايو اچي ڪٿان ٿو؟ اسلام جي ظاهر ٿيڻ وقت ان جي هڪڙي شڪل واپار هو، جيڪو موجوده وقت ۾ تمام ئي منجھيل شڪل اختيار ڪري ويو آهي، جنهن ۾ محنت جو استحصال ۽ غير قانوني حيلن وارا عمل شامل ٿي چڪا آهن. اڄ جي دؤر جو سڀ کان وڏو وسيلو زمين ۽ مشين آهي. اهي ٻئي وسيلا زرعي ۽ پگھاردار غلامن جي محنت جو چٽو پٽو ۽ ڏاڍ جي بنياد تي استحصال ڪندڙ آهن. انهيءَ استحصال سان فرد وٽ سرمايو گڏ ٿي وڃي ٿو، جيڪو کيس ”امير“ بڻائي ڇڏي ٿو، ڇو جو ان سان سندس بئنڪ بئلنس ٻيڻو ٽيڻو ٿي وڃي ٿو.
انهيءَ معاملي ۾ سڀ کان اهم ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪڏهن انهن معاشي شڪلن کي مڃيو به وڃي ته زمين، مشين ۽ لميٽڊ ڪمپنين وغيره ۾ جيڪي ماڻهو ڪم ڪندا ، تن کي ”ڏهاڙي“ جي شڪل ۾ معاوضو ملندو. سو ڳالهه ته ساڳي ٿي ته جيڪا به صورت هوندي اميرن وٽان دولت يا ته مزدوريءَ جي شڪل ۾ يا وري خيرات جي شڪل ۾ ئي غريب عوام ڏانهن ويندي آهي. اها صورتحال رڳو ان وقت ئي تبديل ٿي سگھي ٿي، جڏهن پيداواري وسيلا عوام جي ملڪيت ۾ اچي وڃن ۽ انهن لاءِ جوڙيل ڪميٽيون انهن کي ڪم ۾ آڻن. اهڙي طرح مزدور ”ملازم“ يا ”نوڪر“ (جنهن کي ٻين لفظن ۾ ”غلام“ سڏيو وڃي ٿو) جي حيثيت بدران، مالڪ جي حيثيت اختيار ڪري وڃي ٿو. ڇو جو هو پنهنجي محنت ۽ ان جي پيداوار جو پاڻ ئي مالڪ هوندو آهي، جنهن مان هو سماجي ڀلائي جي لاءِ حڪومت يا ٻئي ڪنهن منظم اداري کي ٽيڪس ادا ڪري، باقي بچي ويل رقم کي پنهنجي ڀلائيءَ لاءِ خرچ ڪري سگھي ٿو. ان کانسواءِ ٻيون سڀئي شڪليون استحصال جو وسيلو آهن.
انهيءَ ڪري امام ولي اللهؓ پنهنجي ڪتاب ”حجة الله البالغه“ ۾ چيو آهي ته فرض عبادتن کان پوءِ جيترو وقت بچي، اهو دين جي اسرارن کي سمجھڻ واري علم ۾ خرچ ڪرڻ گھرجي. دين جي اسرارن جو مطلب ئي اهو آهي ته، وقت جي جديد گھرجن ۽ ضرورتن کي سامهون رکندي، قرآن ۽ سنت ۾ ٽٻي هڻي، انهن جو حل تلاش ڪيو وڃي. ڊاڪٽر فضل الرحمان فرمايو آهي ته قرآن ڪريم جو هڪ حصو اسان جي سامهون آهي، جڏهن ته ان جا نَوَ حصا تاريخ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهن. قدامت پسندي ۽ تقليد واري روش انهيءَ عظيم حقيقت کان مسلمانن جي ذهنن کي اوجھل رکي ڇڏيو آهي. نتجي ۾ امت جو نوجوان نسل اولهه جي تهذيب کي پنهنجائيندو پيو وڃي.
تنهن ڪري صوفياڻي رياضت ۽ عبادتن سان گڏوگڏ، معاشري کي عدل ۽ قسط تي قائم ڪرڻ لاءِ، جيڪا نبين سڳورن جي اچڻ جو بنيادي مقصد آهي، ڪوشش ڪئي وڃي ته دين جو مقصد پورو ٿيندو. ٻي صورت ۾ اولهه جي علمي، معاشي، سياسي ۽ تهذيبي غلاميءَ ۾ رهندي، رياضت جي وسيلي روحاني مرڪزن کي جاڳائڻ فرد توڙي امت لاءِ فائديمند ثابت نه ٿي سگھندو ۽ نه ئي هن کان اڳ وارين ڪيترين ئي صدين ۾ فائديمند ٿي سگھيو آهي.

شڪل مٽائڻ وارو تصور
آڳاٽن مصري شهرين ۾ اهو تصور عام هو ته مرڻ کان پوءِ انسان جو روح مري نٿو، پر اهو سج جي مختلف برجن ۾ جادوءَ جي زور تي گردش ڪندي، نور اعظم يا ”را“ تائين پهچي وڃي ٿو. ساڳيو ئي خيال ٻئي شڪل ۾ آڳاٽي بابل ۾ به هو. هندي آرين جي فلسفين ۽ ڪن يوناني ۽ مصري فلسفين ۽ ڪجھه وحشي قومن ۾ به اهو ئي خيال هو ته انسان ئي نه، پر حيوان جي مرڻ سان ئي ان جو روح ڪنهن ٻئي شڪل ۾ پيدا ڪيو ويندو آهي ۽ پنهنجي گذري ويل زندگيءَ جي عملن جي جزا يا سزا ماڻيندو رهندو آهي. اهو شڪلين مٽائڻ يا پيدائش جو عمل لڳاتار جاري رهندو آهي ۽ نيڪ عمل ڪرڻ سان ئي کيس انهيءَ جھنجھٽ مان ڇوٽڪارو ملي سگھي ٿو. مهاوير (مهابير) ۽ گوتم ٻڌ به شڪلين مٽائڻ سان ڇوٽڪاري کي دائمي ڇوٽڪارو سڏي ٿو. قرآن ڪريم انهيءَ کي نفس مطمئنه جو نالو ڏئي ٿو. بهرحال خيالن کي ادا ڪرڻ جا مختلف طريقا آهن. حقيقت هيءَ آهي ته قيامت جي ڏينهن ۽ مرڻ کان پوءِ جيئرو ٿي اٿڻ ، ٻنهي جو مقصد ساڳيو ئي آهي ته برن عملن جو نتيجو سخت عذاب ۽ نيڪ عملن جو نتيجو ثواب ۽ دائمي خوشي آهي. الله تعالى عملن جو بدلو ڏيڻ وارو آهي جو هو مالڪ يا قاضي آهي جيڪو ضرور انصاف وارو فيصلو ڪندو.
شڪليون مٽائڻ واري عقيدي تي اهو اعتراض ته، فرد جي چڱي يا بري زندگيءَ بابت کيس خبر ئي نه هوندي آهي ته سندس موجوده شڪل ڪهڙي عمل جو نتيجو آهي، اهو اعتراض غير ضروري آهي. ڇو جو جڏهن ماڻهوءَ کي پنهنجي پرسڪون ۽ عذابن سان گھيريل زندگيءَ جي باري ۾ ڄاڻ حاصل هوندي آهي ته اها سندس گذريل جنم يا چڱي يا خراب عمل جو نتيجو آهي، ته اها ڳالهه بلڪل ئي غير ضروري آهي ته هو پنهنجي گذريل زندگيءَ جي باري ۾ سمجھي نٿو سگھي ته اها سندس ڪهڙن عملن جو نتيجو آهي. جهڙي طرح مرڻ کان پوءِ ٻئي وقت ۽ جاءِ جي باري ۾ فرد جو ايمان هوندو آهي، ته اتي سزا ۽ جزا سندس هن دنيا ۾ ڪيل نيڪ ۽ بد عملن جو نتيجو آهي يا هوندو، ته بلڪل ايئن ئي شڪليون مٽائڻ وارو عقيدو رکندر ماڻهوءَ جو به ايمان هوندو آهي ته، سندس موجوده چڱي يا خراب زندگي سندس گذريل زندگيءَ جي عملن جو نتيجو آهي.
جهڙي طرح موت کان پوءِ ماڻهو کي ان ڳالهه جو ويساهه به هجي ٿو ته هن دنيا کانسواءِ ٻئي ڪنهن دنيا (جهڙوڪه برزخ) ۾ پنهنجي عملن جي سزا ۽ جزا کي منهن ڏيڻو پوندو، پر ان هيءَ ايمان باوجود به هو تمام ئي ڪريل ۽ غير انساني عملن کان نٿو مڙي، اهڙي طرح شڪليون مٽائڻ واري عقيدي تي ويساهه رکندڙ به غير اخلاقي ۽ غير انساني عملن ۾ ڦاسڻ کان نٿا مڙن. ان جو سڀ کان وڏو سبب استحصال پسند معاشي نظام جي ڪري، معاشري جو عدل ۽ قسط جي رستي کان هٽي وڃڻ آهي.
اها ڳالهه تجربي مان ثابت ٿي چڪي آهي ته سوشلسٽ معاشرو مذهب جي اخلاقي ۽ روحاني قدرن کي پنهنجائڻ کانسواءِ، پنهنجو پاڻ کي قائم رکي نٿو سگھي ۽ نه ئي وري ڏوهن جي روڪ ٿام جي ضمانت ڏئي سگھي ٿو. اهڙي طرح سرمائيداري نظام معيشت وارو معاشرو، مذهب کي پنهنجائڻ باوجود، فردن جي نفسيات ۾ اخلاقي ۽ روحاني گڻن کي کُپائي نٿو سگھي. اهي ٻئي ڳالهيون تاريخي تجربن سان هڪ حقيقت بڻجي چڪيون آهن. انهيءَ ڪري سوشلسٽ معاشي نظام جو نظرياتي بنياد، مذهب جي معبود واري تصور، مرڻ کان پوءِ واري زندگي ۽ اخلاقي ۽ روحاني قدرن تي قائم ڪرڻ، انسان جي سڌاري ۽ تڪميل ۽ آخرت واري زندگيءَ ۾ ڇوٽڪاري لاءِ ضروري ۽ اڻٽر آهي. ان کانسواءِ انسان ناڪاميءَ جي رڻ پٽ ۾ تباھ ۽ برباد ٿيندو رهندو ۽ هن وقت به ٿي رهيو آهي. انهيءَ جي لاءِ مارڪس جا معاشرتي تجزيا ۽ پاڪ ڪتابن جو گڏوگڏ مطالعو ضروري آهي.

نفسيات ۽ آخرت واري زندگي
”الله“ واري باب ۾ ”اولهه جي ڏاهن جو مذهب ڏانهن لاڙو“ جي عنوان هيٺ، يورپ جي وڏن سائنسدانن ۽ فلسفين جي فڪرن جو تت ڏنو ويو آهي. انهن فڪرن جو بنيادي خيال هي آهي ته ڪائنات جي حقيقت مادو نه پر شعور آهي. ڪائنات، حيوان ۽ انسان جي اندر هڪ مقصد ڪم ڪري رهيو آهي. هڪڙو سوچيل سمجھيل منصوبو (Plan) آهي، جيڪو ارتقا کي هڪ خاص طرف ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي. ان جو مقصد انساني دماغ جي اهڙي تڪميل آهي، جيڪا الله تعالى جي صفتن جو مظاهرو ڪري سگھي ۽ ان جي تجلين کي برداشت ڪري سگھي. اهو منصوبو هڪ روحاني ۽ مادي عمل آهي.
پر اولهه جي ڏاهپ انهيءَ حد تائين محدود نه رهي آهي. سڀ کان وڏو مسئلو، جيڪو هن دؤر جي ڏاهپ اڳيان آهي ۽ جنهن جو لاڳاپو نفسيات سان آهي، سو هي آهي ته انساني عملن کي ڪهڙي ڳالهه اڀاري ٿي؟ ميڪ ڊوگل (Mc Dougall) جي نظر ۾ اهي جبلتون آهن، فرائڊ ان کي جنسيت (Sex) سڏي ٿو. ايڊلر ان کي پاڻ پڏائڻ جو جذبو ٻڌائي ٿو. انهن نظرين انسان جي حيواني حيثيت کي چٽو ڪيو آهي، پر ان جي انساني شخصيت بابت ڪابه وضاحت نه ڪئي آهي. نتيجو اهو نڪتو آهي جو اولهه، جنهن تهذيب کي پيدا ڪيو آهي، ان ۾ انسان جي حيثيت جو رڳو هڪڙو پاسو هاڪاري انداز ۾ سامهون آيو آهي ۽ اهو آهي فطرت جو سائنسي مطالعو ۽ سماجي ادارن جي تنظيم. پر انهن ٻنهي ڳالهين سان جيڪا شيءِ پيدا ٿي پئي آهي آهي ۽ جيڪو رويو ظاهر ٿيو آهي، تنهن جو بنياد اعلى اخلاقي ۽ روحاني قدرن تي هئڻ بدران، جبلتن جي حيواني گھرجن ۽ جنسي خواهشن جي پورائي تي آهي.

اشتراڪي نظام جي ناڪامي
اولهه جي سرمائيداراڻي ۽ سامراجي نظام کان ته اها اميد لازمي هئي ته انهيءَ نظام سان اخلاقي ۽ روحاني خواهشن جو اڀرڻ ناممڪن آهي، پر زندگيءَ جي اشتراڪي نظام مان اها اميد نه هئي ته اهو سوشلسٽ معيشت جي منطقي گھرجن باوجود، جيڪي محبت، برابري، امن، عدل ۽ فڪر ۽ عمل جي آزادي جهڙن اعلى اخلاقي ۽ انساني گڻن تي مشتمل هئا، سرمائيداراڻي نظام مان پيدا ٿيندڙ جنسي ڇڙواڳي، تشدد، نفرت، هيڻن فردن ۽ قومن تي فوجي قبضي ۽ کليل طرح سان محنت جي استحصال کي پنهنجائڻ جي ڪوشش ڪندو. ماديت جي فلسفي يا جدلياتي ماديت تي آڌاريل نظرياتي بنياد، آخرڪار اشتراڪي معاشري ۽ ان جي فردن کي سرمائيداراڻي يا طبقاتي نظام مان پيدا ٿيندڙ غير انساني ۽ غير اخلاقي روين کي پنهنجائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. اشتراڪي فرد به اولهه واري سرمائيداري مان اڀرندڙ مورثي آزادي جو عاشق بڻجي ويو ۽ سندس اخلاقي رويا حيواني خواهشن جي پورائي واري جاکوڙ سان واڳجي ويا ۽ آخرڪار اشتراڪي معاشرو بگڙي ويو.
تنهن ڪري هن دؤر جي صورتحال، انهن ٻنهي نظامن جي ڪري تمام ئي غير انساني ۽ غير اخلاقي بڻجي وئي آهي. ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته اولهه جي ڏاهپ کي مذهب ڏانهن موٽائڻ واري ڪوشش کي هٿي ڏني وڃي ۽ هن دؤر جي انساني شعور کي ضروري جزو بڻايو وڃي ۽ نفسياتي روين کي جبلت جي حيواني گھرجن ۽ جنسي لذت ڏانهن وڃڻ بدران، اعلى اخلاقي ۽ روحاني مقصدن جي حاصلات سان وابسته ڪيو وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ سڀ کان پهريان ميڪ ڊوگل جي جبلت واري نظرئي تي تنقيدي نظر وڌي وڃي ٿي. (بسم الله واري باب ۾ اولهه جي نفسيات تي علامه اقبال جي خيال کي پيش ڪيو ويو آهي).

ميڪ ڊوگل
ميڪ ڊوگل جي نظر ۾ حيوان جا سمورا ڪم جبلتن جي اثر هيٺ ٿيندا آهن، جڏهن ته جبلت هڪ خاص اندروني حياتياتي دٻاءُ جو نالو آهي، جنهن لاءِ حيوان جي عصبي نظام يا دماغ ۾ ڪي خاص مرڪز هوندا آهن. هر جبلت جي هڪ قدرتي فعليت، هڪ خاص اندروني ۽ ٻاهرين هلچل هيٺ، هڪ خاص مقصد سان شروع ٿيندي آهي. پوءِ جيستائين اهو مقصد حاصل نه ٿيندو آهي، اها هلچل لڳاتار جاري رهندي آهي. جبلن جي عمل جو قدرتي مقصد انسان جي زندگي ۽ نسل جي حفاظت ۽ ان کي باقي رکڻ آهي. انسان جي اندر به اهي ساڳيون ئي جبلتون هونديون آهن، جيڪي حيوانن ۾ موجود آهن؛ جهڙوڪه بک، ڪاوڙ، جنسيت وغيره ۽ انهن جو مقصد به حيوانن جي زندگي ۽ نسل کي قائم رکڻ آهي.
ايتري حد تائين ته ڳالهه ٺيڪ آهي، پر ميڪ ڊوگل جو اهو خيال غلط آهي ته انساني فطرت رڳو جبلتن ۾ ئي هوندي آهي ۽ ان جي عمل جو مآخذ ۽ سرچشمو به اها ئي آهي. گھرائيءَ سان مطالعي جي صورت ۾ خبر پئي ٿي ته انساني فطرت جا اهڙا ڪيترائي پاسا آهن جيڪي حيوان جي اندر نه آهن. مثال طور، حيوان رڳو سوچيندو، ڄاڻيندو ۽ محسوس ڪندو آهي، پر انسان ڄاڻيندو آهي ته هو سوچي به ٿو ۽ محسوس به ڪري ٿو. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته حيوان رڳو شعور (Consciousness) رکي ٿو جڏهن ته انسان پاڻ کي سمجھڻ (Self Consciousness) جي صلاحيت به رکي ٿو.
ٻئي ڳالهه اها ته حيوان پنهنجي جبلتن جي مخالفت نٿو ڪري سگھي. انهن جي طبعي مطالبن کي رد نٿو ڪري سگھي. جڏهن ته انسان انهن جي مخالفت ڪري سگھي ٿو، انهن کي رد ڪري سگھي ٿو ۽ انهن کي پنهنجي اختيار ۽ ارادي سان اڃارو ۽ غير مطمئن به رکي سگھي ٿو. جهڙوڪه روزي ۾ سخت اڃ ۽ بک جي باوجود هو غذا نٿو وٺي سگھي. جنسي مطالبي باوجود انهيءَ اڃ کي اجهائي نٿو سگھي ۽ پنهنجي اختيار ۽ ارادي سان جنسي لاڳاپن کان پاڻ کي پري رکي ٿو. انهن سڀني ڳالهين مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته انسان ۾ ارادي جي پختگي موجود آهي.
ٽئين ڳالهه اها آهي ته حيوان پنهنجي جبلت جي طبعي مطالبي واري حد کي اورانگهي نٿو سگھي، جيئن انسان پنهنجي جنسي لذت کي مطمئن ڪرڻ لاءِ هر وقت وس رکي ٿو. جبلت کي ان جي طبعي حدن ۽ ضرورت کان وڌيڪ مطمئن ڪري سگھي ٿو، جڏهن ته حيوان ايئن نٿو ڪري سگھي. هو پنهنجي طبعي فعليت کان اڳتي وڃي نٿو سگھي.
چوٿين ڳالهه اها آهي ته انسان پنهنجي مقصد جي پورائي لاءِ جبلي گھرجن کي قربان ڪري ڇڏيندو آهي، جڏهن ته حيوان ايئن نٿو ڪري سگھي. ان جي اندر عمل جو اهڙو ڪو جذبو موجود ئي نه آهي. انساني تاريخ اهڙين شاهدين سان ڀري پئي آهي ته انسان پنهنجي ڪنهن اوچي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو سر ساھ صدقو ڪري ڇڏيو ۽ زندگيءَ جي سمورن سهولتن کان منهن موڙي ڇڏيو ۽ سخت جاکوڙ ۽ محنت سان، پنهنجو مقصد ماڻڻ لاءِ ڪوشش ڪئي. حيوان جي اندر ته پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ جي ئي صلاحيت نه آهي، ان ڪري ان جي اندر ڪنهن مقصد جي محبت به نه هوندي آهي.
پنجين ڳالهه هيءَ آهي ته انسان اخلاق جي عالمگير اصول جي پيروي ڪندو آهي. علم حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندو آهي، هنر لاءِ ڪوشش ڪندو آهي. حيوان جي اندر به هڪ ڳولا جو ذوق (Curiousty)هوندو آهي، پر اهو سندس جبلتن جي پورائي لاءِ مددگاري پيدا ڪندو آهي، پر انسان وانگر سچائي، اخلاق، علم ۽ هنر، فلسفي ۽ سائنسي ڳولا جي مقصد سان نه ڪندو آهي. ان جي جاکوڙ يا محبت رڳو آزاد شعوري گڻ آهي، جيڪو يا ته خدا تعالى ۾ آهي يا وري انسان جي اندر رکيو ويو آهي.
ڇهين ڳالهه هيءَ آهي ته انسان اخلاقي گڻن کي انهن گڻن لاءِ ئي گھرندو آهي. انهن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هو پنهنجي جبلي گھرجن جي پورائي جي پرواھ ناهي ڪندو. اهو گڻ رڳو انسان جي اندر ئي موجود آهي. مذهب، اخلاق، سياست، قانون وغيره انسان جي سمجھه جي انهيءَ پاسي جا نتيجا آهن.
ستين ڳالهه اها آهي ته انسان سونهن کي سونهن لاءِ، آزاداڻي طور تي گھر ڪندو آهي ۽ پنهنجي ڪمن ڪارين ۾ به پنهنجي فن جو اظهار ڪندو آهي. ان جي هڪ ننڍڙي شڪل هنر يا فن (Art) آهي. حيوان به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو آهي. مثال طور هو آکيرو جوڙيندو آهي، وغيره. پر حيوان ۾ سونهن جي اظهار هڪ مقرر ٿيل ۽ نه تبديل ٿيندڙ شڪل ۾ هوندو آهي ۽ جبلت جي شڪل اختيار ڪري وٺندو آهي. انهيءَ ڪري ئي انسان فن يا فن لطيفه جا اڻ ڳڻيا نمونا ملندا آهن.
اٺين ڳالهه اها ته انسان جا جذبا حيوان جي جذبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ قسم جا هوندا آهن. ان جو سبب اهو آهي ته جذبا پاڻ سمجھڻ سان لاڳاپو رکندا آهن، جبلتن سان انهن جو ڪو به واسطو نه هوندو آهي. جذبا پاڻ سڃاڻپ وارا گڻ آهن. جيئن ته هر جبلت پاڻ سڃاڻپ جي ڪنهن نه ڪنهن گڻ کي ظاهر ڪندي آهي، تنهن ڪري هر جبلي لاڙي سان گڏ هڪ جذباتي ڪيفيت به واڳيل هوندي آهي. جڏهن جبلتي لاڙو ظاهر ٿيندو آهي ته اها جذباتي ڪيفيت به ان گڏ ئي ظاهر ٿيندي آهي. حيوان ۾ پنهنجي سڃاڻ آزاد نه هوندي آهي ۽ هو پنهنجي سمورن گڻن جو اظهار نٿو ڪري سگھي. انهيءَ ڪري ان جا سمورا جذبا ظاهر نه ٿيندا آهن، رڳو انسان ۾ ئي ظاهر ٿيندا آهن. ڇو جو انسان ۾ خود شعوري آزادي هوندي آهي. اها ڳالهه ڌيان ۾ رهي ته رڳو سمجھه ئي جذباتي احساس نه آهي.
نائين ڳالهه هيءَ آهي ته صوفين سڳورن کي اهڙا روحاني تجربا حاصل هوندا آهن جنهن سان انهن جون خوشيون پنهنجي عروج تي پهچي وينديون آهن، اهڙي خوشي ڪنهن جبلت جي اطمينان سان نٿي ملي سگھي. ان جو سبب هي آهي ته اهڙي قسم جي تجربي دوران انهن جو محبت وارو جذبو مڪمل اطمينان حاصل ڪري ٿو. حيوان اهڙي اطمينان کان محروم هوندو آهي. ان جي حصي ۾ جبلتي خواهشن جي اطمينان سان رڳو ڪريل قسم جي خوشي واڳيل هوندي آهي.
ميڪ ڊوگل جي جبلت بابت نظريي تي مٿين تنقيد مان هي نتيجو نڪري ٿو:
پهريون هي ته حيواني جبلتن کي انساني عملن جو سرچشمو سڏڻ کان پوءِ، حيوان ۽ انسان جي فطرت ۾ اَٺَن چٽن اختلافن بابت ميڪ ڊوگل خاموش آهي. وٽس انهن اختلافن جي موجودگيءَ جو ڪوبه جواب نه آهي. يعني اهي جبلتون حيوان جي اندر اهي فرق ڇو نٿيون پيدا ڪن ۽ انسان جي اندر ڇو ٿيون پيدا ڪن؟
ٻيو هي ته ميڪ ڊوگل رڳو عزم ۽ ارادي جي تشريح ڪري ٿو، پر اها به عقل کان مٿاهين تشريح آهي.
ٽيون هي ته ميڪ ڊوگل ارادي ۽ ڪردار کي عقل جو نتيجو سڏي ٿو، پر پوءِ وري تشريح ڪندي ارادي کي جبلت سان واڳيل ٻڌائي ٿو. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ميڪ ڊوگل ان ڳالهه کي مڃي ٿو ته انسان جي اندر عقل ۽ ارادو اهڙا گڻ موجود آهن، جيڪي حيوان جي اندر نه آهن. پر سمجھي ٿو ته انسان پنهنجي عقل ۽ ارادي، ٻنهي کي پنهنجي جبلتي خواهشن جي تسلي ۽ اطمينان جي لاءِ ڪم ۾ آڻي ٿو. اهڙي طرح هو لکي ٿو: ”انسان جي سمورن عملن يا ڪمن جو سرچشمو سندس جبلتون آهن. خيالن جا سڀئي سلسلا، پوءِ ڀلي اهي جذبن کان ڪيترو به خالي ۽ خشڪ نظر ڇونه ايندا هجن، ڪنهن نه ڪنهن طرح سان جبلت ۾ هلچل مچائيندڙ سگھه جي ڪري، پنهنجي مقصد کي پهچن ٿا. هڪ تمام ئي اوچي درجي جي ترقي يافته ذهن جي فڪري ڪِلَ جا سمورا پرزا ملڻ کان پوءِ به، رڳو هڪ اهڙي اوزار جي حيثيت اختيار ڪن ٿا، جنهن جي وسيلي اهي جبلتون پنهنجي لاءِ تسلي ۽ اطمينان حاصل ڪن ٿيون. انهن جبلتي خواهشن کي ان جي زبردست مادي حياتياتي پرزن سميت، انساني دماغ کان خارج ڪري ڇڏيو ته توهان ڏسندا ته جسم جي لاءِ اهو ناممڪن آهي ته هو ڪنهن قسم جي سرگرمي يا ڪنهن عمل جو اظهار ڪري. اهو بلڪل ئي بي عمل ۽ بي حرڪت ٿي ويندو.
ان جو مطلب چٽيءَ طرح سان هي ٿيو ته جيڪڏهن انسان جي مزاج ۾ ڪي اهڙيون قوتون موجود آهن، جن کي عقل ۽ ارادو سڏيو وڃي ٿو، ته اهي به ان وقت تائين ڪوبه فائدو نٿيون ڏئي سگھن، جيستائين جو جيستائين ڪا جبلتي خواهش انهن کي پنهنجي قرار ۽ اطمينان جي لاءِ ڪم ۾ نه آڻي. جيستائين ڪنهن غلط خواهش کي روڪڻ لاءِ اسان عقل ۽ ارادي کان ڪم نه وٺون، اسان ان کي روڪي نٿا سگھون. جڏهن ته عقل ۽ ارادي کي ڪم ۾ آڻڻ جي خواهش اسان جي حيواني جبلتن جي ماتحت آهي. انهيءَ نقطي نگاھ کان انسان رڳو هڪ ترقي يافته ذهن رکڻ وارو هڪ حيوان ثابت ٿئي ٿو، جيڪو پنهنجي بهتر دماغي صلاحيتن جي باوجود، پنهنجي حيواني مزاج کان ٻاهر قدم رکي نٿو سگھي.
ان سان گڏوگڏ ان جو مطلب هي آهي ته انسان جي بهترين سرگرميون، جيڪي خاص ان سان لاڳاپو رکن ٿيون ۽ کيس حيوان کان جدا ڪن ٿيون، جهڙوڪه مذهب، اخلاق، سياست، علم، فن، سهڻا خيال وغيره، سي جبلتن مان ۽ جبلتن جي اطمينان جي لاءِ (يعني فرد ۽ نسل جي بقاءَ جي مقصد هيٺ) پيدا ٿينديون آهن ۽ انهن جو ڪو اوچو مآخذ يا مقصد انسان جي فطرت اندر موجود نه آهي.
انهيءَ تنقيد مان معلوم ٿئي ٿو ته ميڪ ڊوگل ذهني مونجھارن ۾ مبتلا آهي. انساني فطرت جون ڪيتريون ئي اهڙيون حقيقتون آهن جن کي هو پنهنجي جبلت واري نظرئي سان حل نٿو ڪري سگھي.
ميڪ ڊوگل جي ڏکيائيءَ جو حل رڳو اسلام يا دنيا جي مذهبن جي حقيقي تعليم ۾ آهي. جيئن ته اسلام جي دعوى آهي ته ان جي تعليم ۽ سمورن حقيقي مذهبن جي تعليم ساڳي ئي آهي، تنهن ڪري هتي سمورا حوالا اسلام ۽ قرآن مان ڏنا وڃن ٿا ۽ اهي ئي ڳالهيون ۽ تعليم دنيا جي مذهبن جي حقيقي تعليم ۾ به موجود آهن.
قرآن جي نظر ۾ انساني عملن کي قوت ڏيندڙ ان جون حيواني جبلتون نه، پر الله تعالى جي عبادت ۽ محبت جو زبردست جذبو آهي. قرآن چوي ٿو:
فَأَقِمْ وَجْهَكَ لِلدِّينِ حَنِيفًا فِطْرَتَ اللَّهِ الَّتِي فَطَرَ النَّاسَ عَلَيْهَا لَا تَبْدِيلَ لِخَلْقِ اللَّهِ ذَٰلِكَ الدِّينُ الْقَيِّمُ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
﴿الروم: ٣٠﴾
ترجمو: ”پوءِ (اي پيغمبر) پنھنجي منھن کي دين لاءِ ھڪ طرفو ڪري بيھار، الله جي دين جي (پيروي ڪر) جنھن تي ماڻھن کي پيدا ڪيائين، الله جي خلقڻ (واري قانون) کي ڪا مٽ سٽ نه آھي، اھو سِڌو دين آھي، پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.“
ٻئي جاءِ تي فرمايو ويو:
وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْإِنسَ إِلَّا لِيَعْبُدُونِ ﴿الذاريات: ٥٦﴾
ترجمو: ”۽ جِنّن ۽ ماڻھن کي رڳو پنھنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيوسون.“
هڪ جاءِ تي ايئن به فرمايو ويو:
وَإِذْ أَخَذَ رَبُّكَ مِن بَنِي آدَمَ مِن ظُهُورِهِمْ ذُرِّيَّتَهُمْ وَأَشْهَدَهُمْ عَلَىٰ أَنفُسِهِمْ أَلَسْتُ بِرَبِّكُمْ قَالُوا بَلَىٰ شَهِدْنَا﴿الأعراف: ١٧٢﴾
ترجمو: ”۽ (اي پيغمبر ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار آدم جي اولاد مان (يعني) پٺين مان سندن اولاد کي پيدا ڪيو ۽ سندن وجود کي مٿن شاھد ڪيائين، (۽ پڇيائين) ته (آءٌ) اوھانجو پالڻھار نه آھيان ڇا؟ چيائون ته ھائو (آھين)، گواھ ٿيا آھيون.“
اهي آيتون ٻڌائن ٿيون ته قول ۽ فعل ۾ الله تعالى جي ربوبيت ۽ محبت جو اقرار انسان جي فطرت ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
حديث پاڪ ۾ اچي ٿو:
”قال الله عز و جل اني خلقت عبادي حنفا فجاء تهم الشياطين فاجتالتهم عن دينهم و حرمت عليهم احللت لهم“.
ترجمو: ”الله تعالى فرمائي ٿو، ته مون پنهنجي ٻانهن جي فطرت ۾ اڪيلي الله جي عبادت جي خواهش رکي آهي، پر شيطانن اچي کين پنهنجي فطرتي دين کان گمراھ ڪري ڇڏيو ۽ هو انهن شين کي حرام سمجھڻ لڳو جيڪي مون مٿس حلال ڪيون هيون.“
مٿين آيتن ۽ حديث مان خبر پئي ٿي ته انساني زندگيءَ جو مقصد الله تعالى جي ٻانهپ آهي. پر هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن ٻانهپ يا عبادت جو مطلب رڳو نماز (صلواة) جو ورتو وڃي ته پوءِ ڇا نماز کان پوءِ واري زندگي عبادت کان خالي هوندي؟ قرآن ڪريم جي اها دعوى ته انسان جي زندگيءَ جو هر فعل عبادت جي جذبي سان ظاهر ٿئي ۽ ان جي عبادت تي مشتمل هجي، ته عبادت جو مفهوم رڳو نماز ادا ڪرڻ غلط ٿيندو. جيتوڻيڪ قرآن ڪريم جي اها دعوى وڏو انقلاب رکندڙ آهي ۽ انساني فطرت جي سمورن قديم ۽ جديد فلسفياڻن نظرين جي لاءِ هڪ چئلنج به آهي ، پر جڏهن اسان انهيءَ نظرئي تي غور ڪريون ٿا ته سڀ کان پهريون سوال هي پيدا ٿيندو آهي ته خدا جو مطلب ڇا آهي ۽ عبادت جي معنى ڇا آهي؟

لفظ خدا جي معنى
اها ذات، جيڪا سمورن اهڙن گڻن واري آهي، جيڪي واکاڻ ۽ ساراھ جوڳا آهن. قرآن ڪريم انهن گڻن کي اسماءُ الحسنى سڏي ٿو ۽ انهن جي هڪ فهرست ڏئي ٿو. هر قوم يا مذهب خدا تعالى جي لاءِ جيڪو به نالو ڏنو آهي سو اسم ”حسنى“ آهي. اهي گڻ ۽ نالا الله تعالى کانسواءِ ٻئي ڪنهن ذات ۾ نه آهن. جيڪڏهن ٻئي ڪنهن ذات ۾ آهن، ته به اهي الله تعالى جي گڻن جو عڪس آهن، جيڪي عارضي ۽ ڪنهن حصي تائين کيس بخشيا ويا آهن. اُها ئي ذات سراسر حقيقي سونهن آهي، جنهن ۾ سونهن جي ڪمال جو مفهوم به شامل آهي. عيبدار سان محبت نٿي ڪري سگھجي، الله تعالى خلقيندڙ ۽ مربي آهي.

عبادت جو مطلب
عبادت جو هڪ مفهوم ته هي آهي ته محبوب، جيڪو سونهن سوڀيا وارو آهي، جي ساراھ ۽ واکاڻ ڪرڻ، سندس ويجھو ٿيڻ، ان جي اڳيان نياز ۽ نوڙت جو اظهار ڪرڻ، ان جي فرمانبرداري ڪرڻ ۽ هر ڏينهن ۽ هر گھڙي سندس رضامندي جي لاءِ جاکوڙيندو رهڻ. اهو مطلب ته فرد سان لاڳو آهي، جنهن جي هڪ شڪل نماز آهي. پر نماز کان پوءِ واري زندگي ۾ انهيءَ مفهوم بابت ڊاڪٽر يوسف گورايه وضاحت ڪئي آهي. ڊاڪٽر صاحب چوي ٿو:
هي اصطلاح هڪ اهڙي اڏاوت جي گھر ڪري ٿو، جيڪو جديد دؤر ۾ عقيدن، اخلاق، عبادتن، ملڪي ۽ حڪومتي معاملن، معاشرتي، سياسي، تهذيبي ۽ تمدني معاملن ۽ وسيلن ۾ الله تعالى جي مرڪزيت کي ثابت ڪري وڃي.
انهيءَ لحاظ کان رسمي عبادتون (نماز ۽ نفل) انهيءَ پکڙيل خدائي عباتن جو هڪ حصو آهن. حڪم، حڪومت ۽ رياست جا سمورا معاملا، سياست، معاشرت ۽ معيشت جا سمورا معاملا، انفرادي اجتماعي، قومي ۽ بين الاقوامي لاڳاپن ۽ رابطن جي سمورن اصولن ۽ قاعدن قانونن کي توحيد تي بيهارڻ، خدائي عبادت جا مختلف پاسا آهن. سموري معاشرتي نظام کي بدلائي، ان کي توحيد جي اصولن تي ٻيهر قائم ڪرڻ ئي نظام الصلواة آهي. لفظ صلواة جي مطلب جي وضاحت شعيبؑ جي قوم جي انهيءَ سوال سان ٿئي ٿي، جيڪو هنن حضرت شعيبؑ کان ڪيو هو، ته، ڇا تنهنجي نماز اهو سيکاري ٿي ته جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا آيا آهن، اسان انهن کي ڇڏي ڏيون يا پنهنجي مالن ۾ جيئن خرچ ڪرڻ چاهيون ٿا تيئن نه ڪريون؟
ڪائنات کي پنهجي ڪم ۾ آڻڻ، انسانيت جي سمورن معاملن ۽ خالق، مخلوق ۽ ڪائنات جي لاڳاپي وارن فطري اصولن کي ڳولي لهڻ ۽ انهن موجب انفرادي ۽ اجتماعي زندگي گذارڻ ئي خدائي عبادت يا ٻانهپ آهي.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن الله تعالى انسان جي فطرت ۾ پنهنجي ٻانهپ ۽ محبت جو جذبو رکي ڇڏيو آهي، ته پوءِ انسانن جي گھڻائي انهيءَ تي عمل ڇو ڪونه ٿي ڪري؟ جڏهن ته انسان جي فطرت جا قانون تبديل ٿيڻ جوڳا آهن ئي ڪونه. ٿيندو اصل ۾ هيئن آهي ته انسان پنهنجي جبلتن جي حيواني گھرجن جي دٻاءَ ۾ اچي، پنهنجي فطرت جي عبادت وارن گهرجن کي وساري ويهندو آهي. انهيءَ ڪري هو سچي الله جي جاءِ تي پنهنجي جوڙيل خدا جي فرمانبرداري ۽ ان جي سامهون نياز ۽ نوڙت جو اظهار شروع ڪري ڏيندو آهي . اهي هٿراڌو ٺاهيل معبود سندس نفساني خواهشون ٿي به سگھن ٿيون ۽ ڪو ڪوڙو محبوب به ٿي سگھي ٿو. ايئن ئي پٿر يا وري پنهنجي خيالن جا گھڙيل بت به ٿي سگھن ٿا. انسان فطرت جي طاقتن کي شڪل ڏئي، ان جو بت ٺاهي، ان ۾ خدائي گڻ واڳي، پنهنجي خيال ۾ خدائي قرب حاصل ڪرڻ جو هڪ وسيلو جوڙي وٺندو آهي ۽ ان جي پوڄا شروع ڪري ڏيندو آهي.
انهيءَ صورتحال جو پهريون سبب ته انسان جي علمي اڻ ڄاڻائي آهي. سندس سمجھه، بي سمجھي جي ڪري مختلف قسم جي گمانن ۾ گهيرجي ويندي آهي، جنهن ڪري هو محسوس کان مٿانهون ٿي، غير محسوس حقيقت جي سمجھه حاصل ڪرڻ کان لاچار ٿي ويندو آهي.
ان جو ٻيو سبب معاشري جي طبقاتي ورڇ آهي، جنهن ۾ هڪ ٿورڙو طبقو پيداواري وسيلن تي قابض هوندو آهي ۽ انسانن جي گھڻائي انهن وسيلن مان فائدو وٺڻ کان محروم هوندي آهي. انهيءَ ڪري پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري ويٺل طبقي وٽ دولت جي جھجھائي هوندي آهي ۽ اها جھجھائي دولتمند کي عيش ۽ آرام تي اڀاريندي آهي. انهيءَ ڪري هو وڌيڪ دولت حاصل ڪرڻ لاءِ مزدور ۽ پٺتي پيل فردن تي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ انهن جي محنت جو کليل طرح سان استحصال تي آماده ٿي ويندو آهي. علم ۽ تهذيب جا وسيلا به انهيءَ ئي طبقي جي ڪم ايندا آهن، جنهن ڪري اهو طبقو مزدور ۽ پٺتي پيل عوام کي ڄاڻي واڻي علم ۽ تهذيب جي روشنيءَ کان محروم رکندو آهي ته جيئن هو انهن جي علمي اڻڄاڻائيءَ جو فائدو وٺندي، انهن جي محنت جو استحصال جاري رکي سگھي.
ٻئي پاسي پيداواري وسيلن کان محروم طبقي جي فردن وٽ رڳو انهن جي محنت ئي هوندي آهي جنهن کي وڪڻي هو پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي سگھندا آهن. انهيءَ محنت جو معاوضو يا مزدوريءَ جي رقم به زمين، ڪارخاني، تيل جي کوھ، ڪوئلي يا ٻين ڌاتن جي کاڻين تي قبضو ڪري ويٺل طبقي جا فرد ئي طئي ڪندا آهن. اهي کيس ايترو ڏيندا آهن جنهن سان هو رڳو جسم ۽ روح جي رشتي کي جاري رکي سگھي ته جيئن هو پنهنجي محنت سان انهن جون ٽجوڙيون ڀري سگھي. بقول امام ولي اللهؓ مزدور پنهنجي سخت پورهئي جي ڪري، آخرت جي مٿانهن علمن تي ڌيان ڏئي نٿو سگھي. پر ان سان گڏوگڏ اها ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گھرجي ته واڳ ڌڻي توڙي دولتمند ماڻهو به دولت جي جھجھائي جي ڪري، آخرت جي عالي علمن ڏانهن ڌيان ڏئي نٿا سگھن. تنهن ڪري انهيءَ طبقاتي نظام جي ڪري، انسانن جي گھڻائي اخلاقي لحاظ کان برباد ٿي ويندي آهي. انسان جي سموري تاريخ انهيءَ هاڃي کي ڏسندي رهي آهي ۽ رياست جي حدن جي پکيڙ، غنيمت جي مال جي جھجھي مقدار حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ غلامن ۽ ٻانهين جي تعداد ۾ واڌاري لاءِ هڪٻئي سان جنگاڻ ۽ رت ۾ ريٽي ٿيل آهي.
ٽيون سبب دنيا جي مذهبن جي مذهبي پيشوائيت آهي. مذهبي پيشوا، مادي زندگيءَ جي سهولت ۽ پنهنجي اڳواڻيءَ واري حيثيت جي تقدس کي قائم رکڻ لاءِ، دولتمند ۽ اقتداري طبقن جي مفاد کي تحفظ ڏيندي، مذهبن جي پاڪ بانين جي پاڪ مقصد يعني محروم پورهيت عوام جي معاشي حالت سڌارڻ، انهن کي پيداواري وسيلن مان فائدو ماڻڻ جو حق ڏيارڻ، انهن وسيلن کي هڪ ٿورڙي طبقي جي قبضي مان ڇڏائي عوامي ملڪيت ۾ ڏيڻ لاءِ انهن کي انقلابي تعليم ۽ معاشري کي معاشي طبقن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ انقلابي شعور بيدار ڪرڻ جهڙي جاکوڙ جي عمل کي بگاڙي ڇڏي ٿو. عوام جي اڻڄاڻائيءَجو فائدو وٺندي هو پاڪ ڪتابن جي اهڙي تشريح ۽ تفسير ڪري ٿو جنهن ۾ معاشري کي تبديل ڪرڻ واري تعليم بدران، رڳو رسمن ۽ ظاهري عبادتن جي ادائگي، عبادتگاهن جي ٺاھ ٺوھ ۽ سينگار ۽ پنهنجي مذهبي تقدس جي احترام تي زور ڏئي ٿو. مذهبي پيشوا پنهنجي مذهب کي ٻين مذهبن کان مٿانهون ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ڏئي ٿو ۽ آخرت جي ڇوٽڪاري کي پنهنجي مذهبي ٽولي ۾ شامل ٿيڻ سان مشروط بڻائي ٿو. اهڙي طرح هو مذهبن جي پيروڪارن وچ ۾ نفرت ۽ هڪٻئي سان دشمنيءَ جو ٻج پوکي ٿو، جنهن سان انسانن وچ ۾ ويڇا پيدا ٿي پون ٿا.
تنهن ڪري جيستائين پيداواري وسيلن تي قابض طبقي ۽ مذهبي پيشوائيت واري اداري کي ختم نه ڪيو ويندو ۽ عوام کي علم ۽ تهذيب جي روشنيءَ مان فائدو ماڻڻ نه ڏنو ويندو، انسان پنهنجي زندگيءَ جي مقصد کان ايترو واقف نه ٿي سگهندو، جيترو حق آهي. جيستائين توحيدي معاشري جي جوڙجڪ ۽ نفس جي پاڪائي وسيلي اعلى اخلاقي ۽ روحاني گڻن کي پنهنجي اندر پيدا نٿو ڪيو وڃي، ان وقت تائين انسان جي دنياوي ۽ آخرت واري زندگيءَ جي ڪاميابي نا ممڪن آهي.
فرائڊ جي نظريي جي مختصر تشريح ڊاڪٽر رفيع الدين جي پنهنجي لکت مان ڏني وڃي ٿي ته جيئن انهيءَ نظرئي کي سمجھڻ ۾ ڏکيائي نه ٿئي.

فرائڊ جو نظريو
ميڪ ڊوگل انساني عملن جو محرڪ حيواني جبلتون ٻڌائي ٿو. ڪجهه جبلتون انسان ۾ ته آهن، جن ۾ ”ارادو“ به آهي، پر حيوانن ۾ موجود نه هونديو آهن. حيواني جبلتن تي تنقيدي نظر وجھڻ سان خبر پوي ٿي ته سموريون جبلتون انسان جي اندر حيوان کان بلڪل جدا ٿي وڃن ٿيون، جنهن جو ميڪ ڊوگل ڪو جواب ڏئي نه سگھيو آهي.
ميڪ ڊوگل کان پوءِ ٻيو وڏو نفسيات دان ڊاڪٽر فرائڊ آهي. ان جي نظر ۾ عملن ۾ هلچل پيدا ڪندڙ جذبو جنس (Sex) آهي. اڃا به ايئن چوڻ گھرجي ته عملن ۾ هلچل پيدا ڪندڙ جذبو لاشعور (Sub consciousness) آهي. انهيءَ جذبي جي نوعيت جنسي محبت آهي ۽ اها ڳالهه قرآن جي خلاف آهي. قرآن جي نظر ۾ عملن جو محرڪ خدا تعالى جي محبت ۽ عبادت جو جذبو آهي، جنهن جو ذڪر ميڪ ڊوگل جي مضمون ۾ ڏنو ويو آهي. هن جا دليل هي آهن:
1. انسان جي سمورن عملن جي سرچشمو رڳو هڪڙو ئي آهي ۽ اهو زبردست جذبو محبت جي شڪل ۾ آهي. فرائڊ انهيءَ جذبي کي جنسي محبت سڏي ٿو، پر قرآن حقيقي مذهب، جيڪو سمورن مذهبن جو مرڪزي نظريو آهي، جي نظر ۾ خدا جي محبت آهي. آيتن جو حوالو ميڪ ڊوگل تي تبصري ۾ ڏنو ويو آهي.
2. اهو جذبو لاشعوري آهي. ڇو جو انسان ان کي ڄاڻڻ يا سمجھڻ کانسواءِ به ان موجب عمل ڪرڻ تي مجبور آهي. ڄڻ ته هو انهيءَ جذبي سان کيس مجبو ڪيو ويندو آهي.
گمراهي ۽ هدايت جي قرآني اصطلاحن جو مطلب لاشعور جو غلط يا صحيح تصور آهي. جيڪڏهن انهيءَ جذبي کي صحيح طرح سان ڄاتو ۽ سمجھيو نه وڃي، ته اهو جذبو ڀٽڪجي وڃي ٿو ۽ اها گمراهي آهي. جيڪڏهن انهيءَ کي چڱيءَ طرح سان سمجهي، ان کي مطمئن ڪيو وڃي ته اها هدايت آهي. گمراهي انهيءَ جذبي جي لاشعوري فرمانبرداري آهي ۽ هدايت ان جي سمجھه سان اطاعت يا فرمانبرداري آهي.
3. ننڍپڻ ۾ اسان جو لاشعوري جذبو پيءُ ماءُ، استادن ۽ بزرگن جي محبت ۾ يا سنگت ۾ ظاهر ٿيندو آهي، پر پوءِ اڳتي هلي اهي ان جو معيار يا مثالي نمونا (Ideals) ٿي ويندا آهن.
4. اهي مثالي نمونا ارتقا ڪندا آهن ۽ وڌ ۾ وڌ ڪامل بڻجي ويندا آهن. جيئن جيئن اهي ارتقا ڪندا آهن، اهي مادي کان پاڪ گڻ (Abstract Quality) تي آڌارجي ويندا آهن.
5. انساني نفس جا ٽي ڪم آهن جيڪي ان جي ٽن حصن جي حوالي ٿيل آهن. فرائڊ جي نظر ۾ انهن جا نالا هي آهن:
أ‌. لاشعور: انساني نفس جو اهو حصو آهي جيڪو سندس سمورن عملن جو بنيادي محرڪ آهي.
ب‌. شعور: انساني نفس جو اهو حصو آهي، جيڪو مثالي نموني جي صورت ۾ لاشعور جي خواهشن جي ترجماني ڪري، ان جي اطمينان جو بندوبست ڪندو آهي.
ت‌. فوق الشعور: انساني نفس جو اهو حصو آهي، جيڪو شعور جي ترجماني ڪندو آهي. انهيءَ جي ڪري شعور ۽ لاشعور جي اطمينان جي لاءِ مثالي نمونن کي پيدا ڪري انهن جي پيروي ڪري ٿو.
6. انسان پنهنجي لاشعوري جذبي کي، پنهنجي ذهني صحت (Mental health) کي نقصان پهچائڻ کانسواءِ دٻائي نٿو سگھي. جيڪڏهن سندس لاشعور جو جذبو اطمينان حاصل ڪرڻ کان رڪجي وڃي، مايوس، محروم يا ناڪام ٿي وڃي ته انسان ذهني مرضن ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي. ڪڏهن ته صدمي جي ڪيفيت يا شدت موجب سخت اعصابي گڙٻڙ يا جنون جي شڪل اختيار ڪري وٺندو آهي.
قرآن ٻڌائي ٿو ته جنتي ماڻهو خوف ۽ ڳڻتي کان محفوظ هوندا. ان جو سبب هي آهي ته جنت وارن جي الله تعالى سان محبت، بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ترقي ڪندي رهندي. حسن يا خدا جي محبت ۾ رڪاوٽ گناھ سان پيدا ٿيندي آهي. جنتي اهي ماڻهو هوندا، جيڪي يا ته گناهن کان پاڪ هوندا يا وري گناهن جي سزا ڀوڳڻ کان پوءِ، انهن رڪاوٽن کي پار ڪري چڪا هوندا.
7. مذهب جي پيروي، اخلاقي اصولن جي پيروي، علم جي لاءِ جاکوڙ ۽ فن (Art)جو شوق اهڙيون سرگرميون آهن، جيڪي مايوس يا ناڪام لاشعوري جذبي کي اطمينان ڏين ٿيون ۽ انسان کي ذهني مرضن کان بچائن ٿيون، جيڪي انهيءَ جذبي کي روڪڻ سان پيدا ٿينديون آهن.
فرائڊ غلطي سان انهيءَ مظهر کي اوچائي (Sublimation) جو نالو ڏئي ٿو. سندس خيال آهي ته جڏهن انسان سماج جي خوف سبب، پنهنجي جنسي خواهشن کي چڱيءَ طرح سان مطمئن نٿو ڪري سگھي، ته پوءِ مجبور ٿي هو ان کي علم، فن، مذهب ۽ اخلاقي خواهشن جي شڪل ۾ بدلائي ڇڏيندو آهي. ڄڻ ته جنسي خواهشن کي پنهنجي جاءِ تان کڻي، ڪنهن مٿانهن جاءِ تي رکي ٿو. اهڙي طرح هو انهن پاڪ سرگرمين کي اصلي ۽ فطرتي نٿو سمجھي، پر دٻيل جنسي خواهشن جي بدليل غير فطري شڪل سڏي ٿو. قرآن جي نظر ۾ اهي سڀئي سرگرميون اصلي ۽ فطري آهن ۽ انهن جي اطميناني جو سبب هي آهي ته اهي سڀئي سونهن جي ڳولا يا خدا جي ذڪر جون شڪليون آهن. سونهن جي محبت جو لاشعوري جذبو آهن. سونهن ۽ جمال خدا ئي آهي، جنهن جي ذڪر سان دلين کي قرار حاصل ٿيندو آهي: ”أَلَا بِذِكْرِ اللَّهِ تَطْمَئِنُّ الْقُلُوبُ ﴿الرعد: ٢٨﴾“
8. هر ڪم جيڪو انسان ننڍپڻ کان وٺي مرڻ گھڙيءَ تائين ڪندو آهي، پوءِ ڀلي اهو ننڍڙو هجي يا وڏو، خسيس هجي يا تمام ئي اهم، انساني نفس ۾ اهڙي طرح سان چٽجي ويندو آهي جو وري ڪڏهن به نٿو مِٽجي، پوءِ ڀلي انسان ان کي بلڪل ئي وساري چڪو هجي ۽ ياد ڏيارڻ سان به ياد نه ايندو هجي.
فرائڊ تجربن سان ڄاڻي ورتو ته انسان جو هر عمل، پوءِ ڀلي اهو ننڍڙو هجي يا وڏو، ان جي لاشعور ۾ سدائين جي لاءِ محفوظ ٿي ويندو آهي ۽ وقت جي گذرڻ سان ان ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نه ايندي آهي. قرآن ڪريم انساني نفس جي انهيءَ قانون جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪيو آهي:
وَإِنَّ عَلَيْكُمْ لَحَافِظِينَ كِرَامًا كَاتِبِينَ يَعْلَمُونَ مَا تَفْعَلُونَ
﴿الإنفطار: ۱۰-۱۲﴾
ترجمو: ”بيشڪ توهان جي مٿان سڳورا لکڻ وارا مقرر آهن، جيڪو ڪجھه توهان ڪريو ٿا سو ڄاڻن ٿا“.
ٻئي جاءِ تي فرمايو ويو:
وَكُلَّ إِنسَانٍ أَلْزَمْنَاهُ طَائِرَهُ فِي عُنُقِهِ ﴿الإسراء: ١٣﴾
ترجمو: ”۽ سڀ ڪنھن ماڻھوءَ جي ڳچيءَ ۾ سندس عمل نامو ٻڌوسون“
ان لاءِ کيس چيو ويندو:
”اقْرَأْ كِتَابَكَ كَفَىٰ بِنَفْسِكَ الْيَوْمَ عَلَيْكَ حَسِيبًا ﴿الإسراء: ١٤﴾“
ترجمو: ”(چيو ويندو ته) پنھنجو ڪتاب پڙھ، اڄ تنھنجو جيءُ توتي حساب وٺندڙ بس آھي.“
هر انسان جي ڀاڳ ۽ نڀاڳ جو اعمالنامو اسان ان جي ڳچيءَ ۾ ٽنگي ڇڏيو آهي. سو هاڻي تون پنهنجي عملن جي تفصيل کي پڙهي وٺ. اڄ تون پنهنجي عملن جو حساب ڪتاب ڪرڻ لاءِ پاڻ ئي ڪافي آهين:-
لَا يُغَادِرُ صَغِيرَةً وَلَا كَبِيرَةً إِلَّا أَحْصَاهَا ﴿الكهف: ٤٩﴾
ترجمو: ”(هيءَ لکت به عجيب آهي ته) ڪو ڪم ننڍو هجي يا وڏو اهڙو نه آهي، جنهن جو ذڪر هن لکت ۾موجود نه هجي.“
فَمَن يَعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ خَيْرًا يَرَهُ وَمَن يَعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ شَرًّا يَرَهُ
﴿الزلزلة﴾
ترجمو: ”پوءِ جنھن ذري جيترو چڱو ڪم ڪيو ھوندو سو اُن کي ڏسندو ۽ جنھن ذري جيترو بد ڪم ڪيو ھوندو سو اُن کي ڏسندو. “
فرائڊ چوي ٿو ته انساني شخصيت يا انساني نفس رڳو اهو ئي نه آهي، جنهن کي اسان شعور سڏيون ٿا ۽ جنهن جي مدد سان سوچيون، ڄاڻون ۽ محسوس ڪريون ٿا ۽ اوسي پاسي جي حالتن ۾ تبديلي آڻڻ جي لائق هوندا آهيون. ان کانسواءِ به انساني نفس جو هڪ حصو اهڙو آهي، جيڪو اسان جي شعور جي سطح کان هيٺ موجود هوندو آهي. اهو حصو، جنهن کي فرائڊ لاشعور (Unconsciousness) جو نالو ڏئي ٿو، ان جي خيال ۾ انساني شخصيت جو سڀ کان وڏو حصو آهي. ائين چئجي ته انسان جي سموري شخصيت يا انساني نفس ۾ اهو لاشعور ئي آهي، جيڪو شعور جو هڪ جزو آهي جيڪو ٻاهرين دنيا جو جائزو وٺڻ لاءِ مٿي اڀري آيو آهي. انساني نفس جو مثال ايئن آهي، جيئن سمنڊ ۾ ترندڙ برف جي هڪ ڇپ، جيڪا پنهنجي تمام ئي ٿورڙي، لڳ ڀڳ ڏهين، حصي کان سواءِ سڄي جا سڄي سمنڊ جي اندر هوندي آهي. پر اها ڀيٽ به شعور ۽ لاشعور جي پاڻ ۾ نسبت کي چٽو ڪرڻ لاءِ اڻپوري آهي. ايئن چوڻ گھرجي ته شعور جي لاشعور سان اها ئي نسبت آهي، جيڪا سمنڊ جي ان جي جهڳ سان آهي. ڇو جو شعور جي اندر موجود سموريون ڳالهيون ۽ جذبا، احساس ۽ خيال لاشعور مان ئي ايندا آهن.

خواهش جو طوفان
لاشعور ۾ خواهشن جو هڪ طوفان هر وقت برپا هوندو آهي. اها خواهش هڪ زبردست جنسي خواهش آهي، جنهن کي هر عورت ۽ مرد جو لاشعور آخري حد تائين مطمئن ڪرڻ گھرندو آهي. پر لاشعور پنهنجي جنسي خواهشن کي شعور جي وسيلي ئي پورو ڪندو آهي. تنهن ڪري اهو شعور کي مجبور ڪندو آهي ته هو ان جي اطمينان جو سامان پيدا ڪري. جيتوڻيڪ شعور، جيڪو حقيقت ۾ لاشعور جو ئي هڪ حصو ۽ ان جي پيداوار آهي، لاشعور جي خواهشن کي پورو ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪندو آهي. تنهن هوندي به گھڻائي دفعا انهن کي پورو ڪرڻ کان لاچار هوندو آهي. ان جو سبب هي هوندو آهي ته هڪ مخالف پاسي کان ان جي خلاف هڪ زبردست دٻاءُ موجود هوندو آهي، جيڪو کيس سندس خواهشن جي پورائي کان روڪيندو آهي. اها مخالف قوت سماج آهي. فرد مجبور هوندا آهن ته سماج ۾ پنهنجو نالو ۽ پت رکڻ لاءِ پنهنجي لاشعوري حصي جي ڪيترن ئي خواهشن کي ٻنجو ڏين. پر انهن خواهشن کي روڪڻ سان فرد کي هڪ بي چيني ۽ بي قراري پيدا ٿي پوندي آهي ۽ سندس دماغي حالت خراب ٿيڻ شروع ٿيندي آهي. ڪيترائي دفعا هو پريشاني، جنون، چريائپ وغيره جهڙن دماغي مرضن ۾ ڦاسي ويندو آهي ته جيئن فرد انهن مرضن کان بچي وڃي ۽ سماج ۾ پنهنجي نيڪ نامي جي گھرجن کي به پورو ڪري سگھي. سماج ڪي اجايون ڳالهيون به جوڙي ڇڏيون آهن، جن جي پيروي سان فرد جو ڌيان انهن خواهشن کان ڪنهن حد تائين هٽي وڃي ٿو ۽ ان جي لاءِ ممڪن ٿي پوي ٿو ته هو انهن مرضن کان ڪنهن حد تائين محفوظ ٿي وڃي. سماج جون اهي اجايون ڳالهيون مذهب، اخلاق، فلسفي، علم ۽ هنر جي نالن سان مشهور آهن.

جنسيت ۽ پالڪپڻ
جيئن ته انسان پنهنجي پيدائش وقت پنهنجو لاشعور پاڻ سان گڏ کڻي ايندو آهي، تنهن ڪري، فرائڊ جي نظرئي مطابق ضروري آهي ته ان جي جنسي خواهشن جو عمل ننڍپڻ کان ئي شروع ٿي وڃي. پر عام خيال هي آهي ته جنسي خواهشون جوانيءَ ۾ پيدا ٿينديون آهن. انهيءَ اعتراض جي جواب ۾ فرائڊ اسان کي ٻڌائي ٿو ته ٻار جو آڱوٺو چوسڻ يا ماءُ جا پستان چوسڻ يا پيشاب ۽ پائخانو خارج ڪرڻ ٻار جا جنسي ڪم آهن، جن سان ان کي جنسي لذت حاصل ٿيندي آهي. پوءِ وري جڏهن ٻار ٿورو وڏو ٿيندو آهي ته ان جي دل ۾ جيڪڏهن ڇوڪري آهي ته پنهنجي پيءُ سان ۽ جيڪڏهن ڇوڪرو آهي ته پنهنجي ماءُ سان هڪ جنسي نوعيت جي محبت پيدا ٿي ويندي آهي. انهيءَ جنسي محبت جي رد عمل ڪري ئي ٻار جي دل ۾ جيڪڏهن ڇوڪري آهي ته ماءُ جي خلاف ۽ جيڪڏهن ڇوڪرو آهي ته پيءُ جي خلاف هڪ قسم جي رقابت جو جذبو پيدا ٿيندو آهي. محبت جي انهيءَ جذبي کي فرائڊ خانداني الجھاءَ (Oedipus Complex) جو نالو ڏنو آهي. اهو خانداني الجھاءُ فرائڊ جي لاشعور واري نظرئي جو مرڪزي نقطو آهي، جنهن مان هو پنهنجا سمورا نتيجا ڪڍي ٿو.

اميد ۽ خوف
پيءُ ماءُ ٻار جي محبت جي جواب ۾ ساڻس محبت ڪن ٿا. پر جيڪڏهن هو انهن جي خواهش موجب ڪم نه ڪري ته ان سان سختيءَ سان پيش ايندا آهن. سختي ۽ نرميءَ جي انهيءَ ٻٽي ورتاءَ جي ڪري، اهي ٻار جي شخصيت تي پنهنجو مڪمل ضابطو حاصل ڪري وٺندا آهن. ٻار هميشه پنهنجي پيءُ ماءُ جي محبت جي خواهش ۽ ان جي کوٽ جي خوف جي ڪري ٻن متضاد جذبن وچ ۾ رهندو آهي، جيڪي سندس شعور ۾ هڪ مستقل جاءِ والاري وٺندا آهن ۽ مرڻ گھڙيءَ تائين سندس ذهن تي سوار رهندا آهن. جيئن جيئن ٻار جي عمر وڌندي ويندي آهي، ان جا اهي ٻئي جذبا، يعني محبت جي اميد ۽ ان جي خاتمي جو خوف، پيءُ ماءُ کان هٽي ان جي مثالي نمونن (Ideals) ڏانهن وڃڻ لڳندا آهن. ٻار جي دل ۾ پيءُ ماءُ لاءِ محبت گھٽجي ويندي آهي ۽ مثالي نمونن جي محبت وڌي ويندي آهي. فرائڊ جي لفظن ۾ ڄڻ ته ٻار خانداني الجهاءَ تي سوڀارو ٿي ويندو آهي ۽ ان کان پوءِ فوق الشعور ان جي جاءِ والاريندو آهي. فوق الشعور، شعور جو ئي هڪ گڻ آهي، جيڪو فرائڊ جي خيال مطابق خانداني الجھاءَ جي گھٽجڻ سان وجود ۾ ايندو آهي ۽ جيئن پوءِ تيئن سگھارو ٿيندو ويندو آهي. فوق الشعور جو ڪم هي هوندو آهي ته شعور جي سامهون هڪ معيار پيش ڪري. ان جي ڪري فرد ضمير، اخلاق، مذهب ۽ مقصد جي مقرر ڪيل عمل واري اصول جو زور يا دٻاءُ محسوس ڪندو آهي.

پيءُ ماءُ جي نائبي
فوق الشعور جيئن ته خانداني الجهاءَ يا پيءُ ماءُ جي محبت جو قائم مقام هوندو آهي، تنهن ڪري اهو فرد سان اهو ئي ورتاءُ ڪندو آهي جيڪو اڳي پيءُ ماءُ ساڻس ڪندا هئا. هو پيءُ ماءُ وانگر انهن جهڙي سرپرستي ۽ اڳواڻيءَ جي هام هڻندو آهي. ڪن ڪمن کان روڪيندو آهي ۽ ڪن جي تاڪيد ڪندو آهي. وري فرد جڏهن ڪو اهڙو ڪم ڪندو آهي، جيڪو سندس مرضيءَ جي خلاف هوندو آهي ته هو ان کي پنهنجي پيءُ ماءُ وانگر ئي ڊيڄاريندو ۽ ڌمڪائيندو آهي ۽ پريشان ڪري سزا ڏيندو آهي. تنهن هوندي به فوق الشعور جو ورتاءُ انهيءَ لحاظ کان پيءُ ماءُ کان مختلف هوندو آهي، جو اهو پيءُ ماءُ وانگر محبت نه ڪندو آهي. اهو به ضروري نه آهي ته سندس دڙڪو دهمان کيس خانداني الجھاءَ کان ورثي ۾ مليو هجي. پيءُ ماءُ ٻار کي ڀلي ڪيتري به محبت سان پاليو هجي ۽ سندس پالنا جي دوران دڙڪي دهمان کان ڪيترو به پاسو ڪيو هجي، فوق الشعور هر حالت ۾ نرمي ۽ سختي کان ڪم وٺي ٿو ۽ ان جي دڙڪي دهمان ۾ ڪوبه فرق نٿو اچي.

فوق الشعور جا گڻ
فرائڊ چوي ٿو ته جيڪڏهن فرد خانداني الجھاءَ تي پوري طرح سان سوڀارو نه ٿي سگھيو، ته ان جو فوق الشعور پوري سگھه ۽ پوري واڌ ويجھه حاصل ڪري نه سگھندو. ٻين لفظن ۾ جيستائين فرد جي دل ۾ پيءُ ماءُ جي ٻالڪپڻ واري محبت موجود رهندي آهي، هو مثالي نمونن سان پوري طرح محبت نٿو ڪري سگھي. وري فوق الشعور انهن ماڻهن جو اثر به قبوليندو آهي، جيڪي پيءُ ماءُ سان قائم مقام جي حيثيت اختيار ڪري چڪا هجن. يعني اهڙا ماڻهو، جيڪي ٻار جي تربيت ۾ حصو ڳنڍي رهيا هجن ۽ جن کي ٻار عظمت ۽ ڪمال جو نمونو سمجهندو هجي.
عام طور تي فوق الشعور پيءُ ماءُ کان لڳاتار پري ٿيندو ويندو آهي. ڄڻ ماڻهن کان جدا ٿي، خيالن جي دنيا ڏانهن هليو ويندو آهي. ٻار پنهنجي عمر جي مختلف حصن ۾ پنهنجي پيءُ ماءُ جي اهميت جو اندازو مختلف طرح سان ڪندو آهي. فوق الشعور جي ظاهر ٿيڻ ۽ خانداني الجھاءَ جي ميسارجي وڃڻ کان اڳ، پيءُ ماءُ ٻار کي ڪامل ۽ اعلى درجي جا انسان محسوس ٿيندا آهن، پر اڳتي هلي جڏهن خانداني الجهاءَ ڪمزور ٿي ويندو آهي ۽ فوق الشعور سگھارو ٿي ويندو آهي، ته ٻار جي نظر ۾ انهن جي گڻن ۽ ڪمال ۾ عيب پيدا ٿي ويندو آهي. پوءِ شعور جو ڌيان ڪنهن نه ڪنهن مثالي نموني ڏانهن ٿي ويندو آهي. اهو مثالي نمونو کائنس گھُر ڪندو آهي ته هو سندس پيروي ۾ اڳ کان اڳرو ٿيندو وڃي. شعور سندس انهن گھرجن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ان جي لاءِ هٿ پير هڻندو آهي ۽ ان سان پنهنجو مقابلو ڪري، پنهنجي حيثيت جو جائزو وٺندو آهي. فوق الشعور شعور جي مثالي نموني جي ترجماني ڪندو آهي.

فوق الشعور جو سبب
فرائڊ جي خيال ۾ شعور جو اهو مثالي نمونو، جنهن جي ترجماني فوق الشعور ڪندو آهي، فرد جي پراڻي مثالي نموني يعني پيءُ ماءُ جي ئي هڪ شڪل آهي، جيڪا باقي رهجي وئي آهي. ڇو جو فرد ان کي ايئن ئي شڪرگذاري ۽ واکاڻ لائق سمجهندو آهي، جيئن هو پنهنجي پيءُ ماءُ کي سمجھندو هو. هو چوي ٿو ته فوق الشعور سمورن اخلاقي ۽ مذهبي پابندين جو سرچشمو ۽ پوري خواهش جو حامي ۽ مددگار آهي. عام طور تي پيءُ ماءُ ۽ انهن جهڙا ٻئي بزرگ ٻارن جي تربيت ڪرڻ وقت، پنهنجي پنهنجي فوق الشعور جي گھرجن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. نتيجو اهو ٿيندو آهي ته ٻار جو فوق الشعور سندن والدين جي نموني تي نه اڏبو آهي، پر سندس پيءُ ماءُ جي فوق الشعور جي نموني تي اڏبو آهي.

لاشعور جا گڻ
فرائڊ لکي ٿو:
”لاشعور اٻرندڙ خواهش جي هڪ ديڳ آهي. ان جي اندر ڪو نظم ۽ ڪو سوچيل سمجھيل ارادو نه آهي.رڳو لذت جي لاءِ جنسي خواهشن جي پورائي جو جذبو آهي. منطق جا قانون توڙي ضدن جا اصول به لاشعور جي عمل تي حاوي نٿا ٿين. مخالف خواهشون هڪ ٻئي کي وڃائڻ کانسواءِ ان سان هميشه گڏ گڏ رهنديون آهن. لاشعور ۾ ڪا به اهڙي شيءِ نه آهي جيڪا نفي سان هڪجهڙائي رکندي هجي. اسان کي اهو ڏسي حيرت ٿئي ٿي ته فلسفي جي اها دعوى ته وقت ۽ وٿي اسان جي عملن جا لازمي عنصر آهن، لاشعور جي دنيا ۾ غلط ٿي ويندي آهي. لاشعور جي اندر ڪابه اهڙي شيءِ نه آهي جيڪا وقت جي تصور سان واسطو رکندي هجي. لاشعور ۾ وقت گذرڻ جو ڪوبه نشان نه آهي. اها هڪ حيرت ۾ وجھندڙ حقيقت آهي، جنهن جي معنى کي سمجھڻ جي باري ۾ اڃا تائين فيلسوفن ڌيان نه ڏنو آهي، ته وقت جي گذرڻ سان لاشعور جي عمل ۾ ڪابه تبديلي نٿي اچي. عمل جون اهڙيون خواهشون، جيڪي لاشعور مان ڪڏهن به ٻاهر نه نڪتيون آهن، اڃا به اهي ذهني تاثر به جن کي روڪي لاشعور ۾ دٻايو ويو هجي، لاشعور ۾ هر لحاظ کان غير فاني هوندا آهن ۽ سالن تائين اهڙي طرح محفوظ رهندا آهن جو ڄڻ ته ڪالهه ئي وجود ۾ آيا آهن.“

شعور جا گڻ
شعور لاشعور جو اهو حصو آهي، جيڪو ٻاهرين دنيا سان ويجھو هجڻ ۽ ان کان متاثر هئڻ جي ڪري بدلجي ويو آهي. شعور پنهنجي مٿان اها ذميواري رکي آهي ته لاشعور جي لاءِ ٻاهرين دنيا جي ترجماني ڪري کيس بچائي. ڇو جو جيڪڏهن لاشعور پنهنجي جنسي خواهشن جي انڌي اطمينان لاءِ ٻاهرين طاقتن کي، جيڪي کائنس وڌيڪ سگھاريون آهن، بلڪل نظر انداز ڪري ڇڏي ته سندس زندگي ئي خطري ۾ پئجي ويندي. عام لفظن ۾ ايئن چئجي ته شعور هوش ۽ احتياط جو حامي آهي ۽ لاشعور غير مهذباڻن ۽ اڻ گھڙيل خواهشن جو. شعور فعاليت جي لحاظ کان ڪمزور آهي ۽ پنهنجي سموري سگھه لاشعور کان اڌارو وٺي ٿو، جنهن جو هي پاڻ هڪڙو حصو آهي. اهو لاشعور جي گھرج سان پنهنجو پاڻ کي واڳي لاشعور جي خوشنودي جو دعويدار پيدا ڪرڻ آهي ۽ انهيءَ طرح سان اهو لاشعور جي عمل واري سگھه ۾ حصو وٺي ٿو. لاشعور جي خواهشن جي تڪميل شعور جو ڪم آهي. جيڪڏهن اهي حالتون پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي، جيڪي انهن خواهشن جي پورائي جي لاءِ مددگار هجن، ته ان جو فرض پورو ٿي وڃي ٿو.

شعور ۽ لاشعور جو لاڳاپو
شعور ۽ لاشعور جو پاڻ ۾لاڳاپو اهڙو ئي آهي جهڙو هڪ سوار ۽ ان جي گھوڙي جو پاڻ ۾. گھوڙو سوار جي لاءِ چرپر جا وسيلا مهيا ڪندو آهي ۽ سوار ان ڳالهه جو حق رکندو آهي ته هو ان جي ۽ پنهنجي لاءِ ڪا منزل مقرر ڪري ۽ گھوڙي جي چرپر کي ان پاسي موڙي ڇڏي. پر شعور ۽ لاشعور جي صورت ۾ گھڻو ڪري ايئن ٿيندو آهي ته سوار مجبور هوندو آهي ته گھوڙي کي انهيءَ ئي پاسي وٺي وڃي، جنهن پاسي گھوڙو پاڻ وڃڻ گھرندو هجي.

شعور لاءِ ڏکيائيون
پهاڪو مشهور آهي ته ڪوبه ماڻهو ٻن مالڪن کي خوش نٿو رکي سگھي. پر ويچاري شعور جو ڪم ان کان به وڌيڪ ڏکيو آهي. کيس هڪ ئي وقت ٽن مالڪن کي خوش ڪرڻو ۽ انهن جي مطالبن کي پورو ڪرڻو هوندو آهي. اهي مطالبا سدائين هڪ ٻئي کان مختلف هوندا آهن ۽ گھڻو ڪري انهن ۾ هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ ناممڪن هوندي آهي. ان ۾ ڪابه حيرت جي ڳالهه نه آهي ته شعور گھڻو ڪري همت هاري ويهندو آهي. اهي ٽئي ڏاڍائي ڪندڙ مالڪ ٻاهرين دنيا، فوق الشعور ۽ لاشعور هوندا آهن. شعور ٻاهرين دنيا جا مطالبا پيش ڪرڻ لاءِ آيو آهي، پر اهو ان ڳالهه لاءِ به لاچار آهي ته لاشعور جو به فرمانبردار خادم بڻجي رهي. پنهنجو پاڻ کي لاشعور جي گھربل حيثيت ۾ پيش ڪري ۽ لاشعور جي عمل واري سگھه سان حصو وٺي. لاشعور ۽ ٻاهرين دنيا وچ ۾ ٺاھ ڪرائڻ جي ڪوشش دوران هي گھڻو ڪري مجبور ٿي پوندو آهي ۽ لاشعور جي غير شعوري حڪمن کي معقوليت جو وڳو ڍڪائي ، لاشعور ۽ ٻاهرين دنيا جي اختلافن کي دوکي سان نظر انداز ڪندو رهي. اهڙي حالت ۾ به، جڏهن لاشعور پنهنجي ضد ۽ نه مڃڻ واري روش تي زور ٻڌي رهيو هجي، ته هو ٻاهرين دنيا جي احترام جي ڪوڙي دعوى ڪندو رهي. ٻئي پاسي سندس هر چر پر سخت قسم جي فوق الشعور جي نظر ۾ رهندي آهي، جيڪا لاشعور ۽ ٻاهرين دنيا ڏانهن پيدا ٿيندڙ ڏکيائن کان منهن موڙي، عمل جا اصول مقرر ڪندي آهي. پر جيڪڏهن شعور انهن اصولن تي عمل نه ڪري، ته اهو کيس پريشان ڪري سزا ڏيندي آهي ۽ سندس پريشاني احساس ڪمتري ۽ ڏوھ جو احساس اختيار ڪندي آهي.

شعور جي بيوسي
اهڙي طرح جڏهن شعور کيس پويان کان هڪلي رهيو هجي، فوق الشعور کيس اڳيان روڪي رهيو هوندو آهي ۽ سماج کي ملامت ڪري رهيو هوندو آهي. شعور انهن سمورين طاقتن کي، جيڪي سندس اندران ۽ ٻاهران مٿس اثر انداز ٿينديون آهن، هڪٻئي سان هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو رهندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان گھڻو ڪري دانهن ڪري چوندا آهيون ته ”زندگي سراسر سور“ آهي. جڏهن شعور پنهنجي بيوسيءَ جو اعتراف ڪندو آهي ته ان کي ٽن قسمن جون پريشانيون اچي گھيرينديون آهن؛ هڪ سماج جي طرف کان، ٻيو فوق الشعور جي طرف کان ۽ ٽيون لاشعور جي طرف کان.

سماج جون ٺڳيون
جيئن ته فرائڊ جي نظر ۾ انسان شرمائي ڇڏيندڙ جنسي خواهشن جو غلام آهي ۽ بڇڙائي ان جي فطرت ۾ شامل آهي، تنهن ڪري هو چوي ٿو ته انسان جون اوچيون سرگرميون يعني علم، هنر، مذهب، فلسفو ۽ اخلاق پنهنجا ڪي مستقل گڻ يا حيثيت نٿا رکن، پر ان جي اطمينان نه ٿيڻ جوڳين ۽ مجبور ٿي ڇڏيل جنسي خواهشن کي وندرائڻ جو هڪ ذريعو آهن. انهن جي پاڙ يا بنياد انسان جي اها ئي پليت فطرت آهي، جنهن کي هو سماج جي خوف کان، پنهنجي اصلي شڪل ۾ مطمئن نٿو ڪري سگھي ۽ هڪ ٻئي ويس ۾ ظاهر ڪرڻ تي مجبور ٿيندو آهي. مذهب جي حقيقت رڳو هي ءَآهي ته جڏهن انسان جي عمر ترقي ڪري ويندي آهي ۽ هو سمجھڻ لڳندو آهي ته هاڻي سندس پيءُ ماءُ سندس حفاظت يا پالنا ڪرڻ کان لاچار آهن، ته هو هڪ آسماني پيءُ جي خواهش پيدا ڪري وٺندو آهي. اخلاق جا اصول سماج جي پيدا ڪيل هڪ جڙتو رڪاوٽ آهن، ته جيئن فرد جون جنسي خواهشون ڇڙواڳ بنجي کيس نقصان نه پهچائن. ضمير ڄڻ ته سماج جو سپاهي آهي جيڪو فرد جي شعور ۾ پهرو ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.

انسان جو پيدائشي نڀاڳ
ٿورن لفظن ۾ فرائڊ جي نظر ۾ انسان هڪ شهوت کان هار کاڌل حيوان آهي، جنهن کي قدرت هيٺ ڏنل ٽن متبادل طريقيڪارن مان هڪ کي اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.
1. هو پنهنجي لاشعور جي حد کان وڌيڪ شرمناڪ جنسي خواهشن کي پوري آزادي ۽ بي حيائي سان مطمئن ڪري. انهيءَ طرح عمل ڪرڻ جي صورت ۾ سماج کيس پڪ سان بڇڙو سڏيندو، پر کيس ڪوشش ڪرڻ کپي ته هو سماج جي پرواھ نه ڪري.
2. هو سماج جي خوف کان پنهنجي سگھاري جنسي خواهشن کي همٿ سان دٻائي ڇڏي ۽ پوءِ پريشاني، چريائپ، خوف وغيره جهڙي دماغي مرضن ۾ ڦاسي وڃي.
3. هو پنهنجي جنسي خواهشن کي نظر انداز ڪندي، انهن جي بدران مذهب، اخلاق، علم ۽ هنر جهڙين سرگرمين سان پنهنجو پاڻ کي رُجھائي رکي ۽ ان سان گڏوگڏ چڱي طرح سان ياد رکي ته انهن سرگرمين جي حقيقت هڪ وهم کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهي ۽ اصل ۾ سندس پنهنجي ڪا به حيثيت نه آهي، سواءِ ان جي ته هو ان جي ڏکايل دل کي دوکي ۾ رکڻ جو هڪ ذريعو آهن.

فرائڊ جي مقبوليت
فرائڊ جو نظريو اولهه جي يونيورسٽين ۾ تعليمي نصاب جو لازمي جزو آهي. جديد نفسيات جي نالي سان ان تي هزارين ڪتاب لکجي چڪا آهن ۽ ڏينهن رات اڃا به لکيا پيا وڃن. انهيءَ نظرئي جي اشاعت، اولهه وارن جي جنسي لاڳاپن بابت انهن پابندين کي، جيڪي مذهب يا سماج لاڳو ڪري ڇڏيون هيون، تمام ئي ڍلو ڪري ڇڏيو آهي. اتي هاڻي اهو خيال عام آهي ته اهي پابنديون صحت لاءِ هاڃيڪار آهن. دماغي مرض پيدا ڪن ٿيون ۽ انهن سان چنبڙيو رهڻ هڪ خطرناڪ قسم جي پراڻي سوچ آهي.

فحاشي
فحاشي ڀلي ڪهڙي به قسم جي هجي، هاڻي يورپ ۾ هڪ معمولي ۽ ذاتي خواهش جي پورائي جو هڪ ذريعو سمجھي وڃي ٿي. ان ۾ ٻئي ڪنهن کي مداخلت ڪرڻ يا رڪاوٽ پيدا ڪرڻ جو ڪوبه حق نه آهي. انهن وٽ جنسي خواهشن جو آزاداڻو پورائو، ايئن آهي جيئن اڃ وقت پاڻيءَ جو هڪ گلاس پاڻيءَ پيئڻ، پوءِ ڀلي اهو ڪٿان به ملي وڃي. جنسي خواهش انساني فطرت جي هڪ حياتياتي گھرج آهي جنهن کي دٻائڻ توڙي لڪائڻ ٻئي ناجائز آهن. انهيءَ ذهنيت اولهه ۾ هڪ تمام ئي وڏو ادبي ذخيرو پيدا ڪري ورتو آهي جنهن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو پيو وڃي ۽ ان جو خاص گڻ اگھاڙپ آهي. انهيءَ ئي ذهنيت هيٺ يورپ ۾ ڪي اهڙا مذهب به پيدا ٿي پيا آهن، جن جي نظر ۾ اگھاڙپ ۽ بي حيائيءَ کي مقدس سمجھيو وڃي ٿو. مثال طور جيئن نيچرزم (Naturism) ۽ نيوڊزم (Nudism) ۽ ان کان به بڇڙي قسم جا ڪيترائي ازم آهن، جن کي ذڪر ڪندي قلم به شرمائي وڃي ٿو.

اسان جي نقالي
اسان وٽ به فرائڊ جو نظريو ساڳيا ئي اثر پيدا ڪري رهيو آهي. هي نظريو اسان جي يونيورسٽين ۾ نفسيات جي نصاب جو جزو آهي. انهيءَ تي هاڻي اردو ۾ڪتاب لکيا پيا وڃن ۽ تمام ئي زور ۽ شور سان ان جي اشاعت ٿي رهي آهي. ان جي اثر سبب جنسي لاڳاپن جي پابندي يا آزادي جي باري ۾ اسان جو خيال به اولهه سان سهمت ٿيندو پيو وڃي. اسان به هڪ اگھاڙي قسم جو ادب پيدا ڪري رهيا آهيون، جيڪو تمام ئي پيارو ٿو لڳي. ان کانسواءِ اسان وٽ فرائڊ جي نفسيات تي اخبارون ۽ رسالا ماڪوڙن وانگر نڪري رهيا آهن ۽ هٿو هٿ کپي رهيا آهن. اها صورتحال پنهنجو پاڻ ئي ٻڌائي رهي آهي ته اهي نظريا اسان جي دين ۽ ايمان کي ڪيتري حد تائين تباھ ۽ برباد ڪري رهيا آهن.

مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ جي ثابتي
فرائڊ کي اها ته خبر ئي نه آهي ته عملن جو انهيءَ احتياط ۽ حفاظت سان لاشعور ۾ ڳنڍيل رهڻ سمجهي ٿو، قدرت جي ڪارخاني ۾ ڪهڙي مقصد کي پورو ڪري ٿو. تنهن ڪري هو رڳو فلسفين کي دعوت ڏيڻ کي ڪافي سمجهي ٿو ته اهي ئي انهيءَ حقيقت تي غور ۽ فڪر ڪن ۽ ان جو سبب ڳولي لهن ۽ ان جي اندر لڪل حقيقتن کي ظاهر ڪن.
پر قرآن جي نظر ۾ انسان جي لاشعوري اعمال نامي ۾، سندس عملن جو محفوظ رهڻ ان لاءِ آهي ته موت کان پوءِ انهن عملن کي انسان پنهنجي ارتقا جي لاءِ ڪم آڻي. يعني تمام ئي تڪليف ڏيندڙ حالتن مان گذري، غلط ڪمن جي بندشن ۽ رڪاوٽن کان ڇوٽڪارو ماڻي ۽ صحيح عملن جي طاقت سان ارتقا جي اوچي درجي تي وک ڌريندو وڃي. ڇو جو انسان جي خود شعوري جسم جي مري وڃڻ کان پوءِ به، پنهنجي گھربل مقصد واري منزل ڏانهن ارتقا ڪندي رهندي آهي.
فرائڊ جي نظرئي ۾ سڀ کان وڏي غلطي اها آهي ته هو لاشعور جي جذبي کي، جنسي نوعيت جو جذبو سڏي ٿو. سندس ٻالڪپڻي جنسيت وارو نظريو تمام ئي هاڃيڪار آهي. جيتوڻيڪ اهو فرائڊجي نظرئي جو بنياد آهي، پر انهيءَ نظرئي بنسبت ڪيترا ئي نفسيات جا ماهر به قائل نه ٿي سگھيا. ان جي ڪري مٿس الزام آهي ته هو پاڻ ئي جنسي خواهشن جو غلام آهي ۽ دنيا جي هر شيءِ کي جنسي نقطي نظر سان ڏسندو آهي. نفسي تحليل واري نظرئي جي خلاف، تمام ئي سخت اعتراض انهيءَ ئي تصور سبب ڪيا ويا آهن. سندس پنهنجا ئي شاگرد، ايڊلر (Adler) ۽ يونگ (Jung) به سندس عقيدي سان متفق ٿي نه سگھيا. ايڊلر جنسيت جي جاءِ تي اوچائيءَ جي چاھ جو نظريو پيش ڪيو، پر يونگ جي نظر ۾ اهو جذبو نه مرتبي لاءِ آهي ۽ نه ئي جنسي جي لاءِ، پر اهڙي شيءِ جي لاءِ آهي، جيڪا انهن ٻنهي جي بلڪل وچ تي هجي.
فرائڊ مڃي ٿو ته ٻار پنهنجي پيءُ ماءُ سان محبت ڪندو آهي، جو هو کين واکاڻ جوڳي شخصيت سمجھندو آهي. انهن جي لاءِ شڪرگذاريءَ وارو جذبو محسوس ڪندو آهي. انهن ڏانهن ڪماليت کي منسوب ڪندو آهي. هو پنهنجي استادن لاءِ به شڪر گذاريءَ وارا جذبا رکندو آهي، ڇو جو اهي سندس نظر ۾ ڪمال جو هڪ نمونو هوندا آهن. اڳتي هلي جڏهن فرد جي عمر ۾ ترقي ٿيندي آهي ۽ فوق الشعور خانداني الجھاءَ جي جاءِ والاريندو آهي ته فوق الشعور ڪمال کي حاصل ڪرڻ واري خواهش جو حامي بڻجي ويندو آهي ۽ اڻ کٽ ڪمال جي لاءِ مطالبو ڪرڻ لڳندو آهي.
ان جو مطلب اهو ٿيو ته انسان جي لاشعور ، يعني روح جي طلب ۾ سونهن (يعني خدا جي طلب، جيڪو سونهن ۾ ڪامل آهي) جو جذبو آهي ۽ انسان پنهنجي سڄي ڄمار انهيءَ جذبي جي پورائو ۽ اطمينان جي لاءِ تمام ئي ڀلي، تمام ئي پوري ۽ تمام ئي اوچي جي ڳولا ۾ ڪوشش ڪندو رهندو آهي. جيڪڏهن ڪا هڪ شيءِ سندس جذبي کي مطمئن نه ڪري سگھي ته وري ٻئي ڏانهن منهن ڪندو آهي، وري ٽئين شيءِ ڏانهن. اهو ئي جذبو، ڪمال تي پهچڻ جي انهيءَ خواهش جو سبب آهي، جنهن جي پٺڀرائي فوق الشعور جي ذمي آهي. اڻ کٽ سونهن ۽ ڪمال جي لاءِ فوق الشعور جو مطالبو ان کانسواءِ ٻيو ڪهڙو مطلب رکي ٿو ته هو الله تعالى کي ئي گھري ٿو. ڇو جو انسان جي اڄ تائين اڻ کٽ سونهن ۽ ڪمال کي، خدا جي تصور کانسواءِ، ٻئي ڪنهن تصور ڏانهن نسبت نٿي ڏئي سگھجي.

هيگل جي خدا لاءِ واکاڻ
هيگل جي نظر ۾ بجا طور تي خدا جي لاءِ ئي واکاڻ آهي. ڇو جو هو هڪ اهڙي هستي آهي، جنهن جي سونهن ۽ ڪمال جي ڪا حد نه آهي.

ڏکيائن جو حل
جيڪڏهن اسان فرض ڪريون ته لاشعور جو جذبو سونهن ۽ ڪمال جي لاءِ آهي ۽ فوق الشعور لاشعور جي خواهشن جي اها ترجماني آهي، جيڪا شعور ڪڏهن ڪڏهن ڪندو رهندو آهي، ته اسان کي فرائڊ جي نظرئي تي اٿيل سمورن سوالن جو تسلي جوڳو جواب ملي ويندو. مثالي نمونن جي محبت جو ڪارڻ ، سڌو سنئون لاشعور جو دٻاءُ آهي. تنهن ڪري اها محبت، انساني نفس جو هڪ مستقل ۽ قدرتي وظيفو آهي، جيڪو ڪنهن خانداني الجھاءَ جو نتيجو نه، پر خانداني الجھاءَ ان جو نتيجو آهي. جيئن ته لاشعور جو سونهن ۽ ڪمال وارو نظريو، انسان جي فطرت جي هڪ مستقل گھرج آهي، ان جو ڪمال زندگيءَ جي منڍ کان ئي شروع ٿي ويندو آهي. ننڍپڻ ۾ اهو جذبو پهريان ماءُ پيءُ ۽ پوءِ استادن ۽ بزرگن جي محبت ۾ ظاهر ٿيندو آهي. ڄڻ ته اهي شخصيتون ٻار جي لاءِ مثالي نمونو ٿيندا آهن. پر جيئن جيئن شعور جي ڄاڻ ترقي ڪندي ويندي آهي، تيئن تيئن اهو جذبو ڪامل ترين مثالي نمونن ۾ ڳولا ۾ ظاهر ٿيندو آهي. انهيءَ مفروضي جي مدد سان، ٻالڪپڻي محبت ۽ ٻالڪپڻي بندشن جي اهڙي صحيح تشريح ٿي ويندي آهي جو پوءِ ان جي تشريح لاءِ ٻالڪپڻي جنسيت جو نظريو، جيڪو فرائڊ پيش ڪيو آهي، جنهن جي ڪري کيس ڪيترن ئي نفسيات جي ماهرن طرفان ملامت کي منهن ڏيڻو پيو، غير ضروري ٿي وڃي ٿو.

مرڻ کان پوءِ جي زندگي
انسان جو هر عمل خود شعوري عمل هوندو آهي، جسم جو عمل نه هوندو آهي. خود شعوري جسم کي پنهنجي عمل لاءِ وسيلي جي طور تي ڪم آڻيندي آهي. تنهن ڪري هر عمل آخرڪار هڪ ذهني ڪيفيت جو نالو آهي ۽ اها ذهني ڪيفيت يا ته خود شعوري کي محبوب حقيقي (خدا تعالى) جي ويجھو آڻي ٿي، يا ان کان پري ڪري ڇڏي ٿي. تنهن ڪري اها سگھه يا سڪون واري هوندي آهي يا ڏکن واري، يا جنت واري هوندي آهي يا دوزخ واري. پر خود شعوري جو مطلب ڇا آهي؟
انسان جي اصل حقيقت انسان جو شعور يا خود شعوري آهي، جنهن کي علامه اقبال اڃا به مختصر ڪري خودي (Self Ego) سڏيو آهي. تنهن ڪري اسان ان کي شعوري، خود شعوري يا خودي وارو فلسفو سڏي سگھون ٿا. وري جيئن ته انسان جي خوديءَ جا سمورا گڻ سندس مرڪزي خاصيت مان پيدا ٿيندا آهن، جو اهو هڪ مقصد سان محبت ڪندو آهي ۽ انهيءَ مان ئي پنهنجي زندگيءَ جو نظريو اخذ ڪندو آهي، تنهن ڪري اسان ان کي زندگيءَ جي مقصدن وارو نظريو (Philosophy of Ideals) به سڏي سگھون ٿا. اسلام ۽ دنيا جي مذهبن جي حقيقي تعليم هڪ ئي جملي ۾ بيان ٿي سگھي ٿي:
”زندگيءَ جي مقصدن سان محبت جو جذبو، جيڪو انسان جي سمورن عملن جو سرچشمو آهي، رڳو هڪڙو مڪمل زندگيءَ جي مقصد (يعني الله تعالى جي ذات) سان ئي مڪمل طرح مطمئن ٿي سگھي ٿو، انساني فطرت جو هڪ مستقل ۽ پيدائشي مطالبو آهي“.
خودي يا خود شعوري اها ئي خدائي يا نوراني توانائي آهي، جيڪا خدا تعالى جي پنهنجي روح ڦوڪڻ سان پيدا ٿي. قرآن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن ماءُ جي ڳنڀيرڻيءَ ۾ ٻار جو جسم ۽ دماغ مڪمل ٿيو ته الله تعالى ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيو:
فَإِذَا سَوَّيْتُهُ وَنَفَخْتُ فِيهِ مِن رُّوحِي فَقَعُوا لَهُ سَاجِدِينَ ﴿ص: ٧٢﴾
ترجمو: ”پوءِ جڏھن کيس پورو ٺاھي رھان ۽ منجھس پنھنجو رُوح ڦوڪيان تڏھن کيس سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پئجو.“
اهو خدائي روح جبلتن کانسواءِ آهي. جبلتون ته حيوان ۽ انسان ۾ هڪجهڙيون آهن. حيوان شعور ته رکي ٿو، پر پنهنجو پاڻ کي سمجھي نٿو سگھي. يعني ان جي اندر خودشعوري نه آهي. اها خود شعوري خدائي روح جي ڦوڪجڻ جو نتيجو آهي. اهو ئي روح زندگي آهي ۽ اهو موت سان مري نٿو پر پنهنجي عملن جي اثرن سان قائم ۽ هميشه رهندي آهي. انهن ئي اثرن جي نوعيت موجب فرد موت کان پوءِ واري زندگيءَ ۾ جنت يا جهنم ۾ رهندو آهي.
وِٿي ۽ سگھه جا قانون رڳو هن دنيا جي اندر رائج آهن. باقي جيڪڏهن موت کان پوءِ ٻئي ڪا دنيا آهي ته اُها انهن قانونن جي عملي دائري کان ٻاهر آهي. موجوده زندگيءَ ۾ اسان جو هر شعوري عمل وقت ۽ وٿي جي قانونن موجب ظاهر ٿئي ٿو. پر جيڪڏهن فرائڊ جي نظرين موجب اسان جي اهڙي ڪا ذهني زندگي آهي، جيڪا انهن قانونن جي پابندي کان آجي آهي ته ان جو مطلب چٽيءَ طرح سان اهو ٿيو ته، اسان جي هيءَ زندگي موت کان پوءِ به جاري رهندي. ڇو جو موت کان پوءِ موجوده وقت ۽ جاءِ جا قانون باقي نه رهندا. اسان جو موت پاڻ ئي وٿي ۽ وقت جي قانونن جي عمل جو نتيجو آهي، جڏهن ته لاشعور انهن قانونن جي عمل کان مٿانهون آهي. انهيءَ ڪري ئي موت ان تي نٿو اچي، پر رڳو جسم تي اچي ٿو. جيئن ته لاشعور عملن کي سنڀالي رکي ٿو، تنهن ڪري اهو ثابت ٿئي ٿو ته لاشعور جسم جو نتيجو آهي. جسم جو هر ذرڙو ٽن سالن کان پوءِ بدلجي ويندو آهي. جيڪڏهن اهو عملن جو دفتر جسم سان واسطو رکي ٿو ته پوءِ انهيءَ تبديليءَ جي منهن ڇونه ٿو اچي ۽ ڪٿي ٿو رهي؟

دوزخ
ڪامل سونهن جي خواهش جي گھُر، خود شعور جي فطرت جو هڪ مستقل گڻ آهي، جيڪو جسم جي موت کان پوءِ به ان کان جدا نٿو ٿئي. جيڪڏهن هو انهيءَ خواهش کي هن دنيا ۾ پورو نه ڪري سگھيو، ته اهو ضرور موت کان پوءِ ان کي پورو ڪرڻ ۽ ان جي پورائي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ جاکوڙ کي جاري رکڻ تي مجبور هوندو. انهن رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۾جيڪا تڪليف اچي ٿي، اهو ئي دوزخ آهي.

جنت
جيڪڏهن اهو هن دنيا ۾ حقيقي سونهن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڏکيائن ۽ رڪاوٽن کي پار ڪري وڃي ۽ سمورين آزمائشن ۾ پورو لهي ٿو ته اڳئين دنيا ۾ پهچي، محبت واري رستي جون سموريون ڏکيائيون ۽ رڪاوٽون هڪدم ختم ٿي وينديون ۽ ان کي جيڪا خوشي پيدا ٿيندي، تنهن جو تصور هن دنيا ۾ نٿو ڪري سگھجي. اها ئي اُها خوشي آهي جنهن جو نالو جنت آهي. قرآن ڪريم ٻڌائي ٿو:
فَلَا تَعْلَمُ نَفْسٌ مَّا أُخْفِيَ لَهُم مِّن قُرَّةِ أَعْيُنٍ جَزَاءً بِمَا كَانُوا يَعْمَلُونَ
﴿السجدة: ١٧﴾
ترجمو: ”پوءِ جيڪو اکين جو ٺار انھن لاءِ لڪايو ويو آھي سو ڪو جيء نه ڄاڻندو آھي، اُھو بدلو ھنن جيڪي ڪمايو ھو تنھن سببان آھي.“
رسول الله ﷺ جن جي حديث آهي ته: ”لَا عَيْنٌ رَاتْ وَلَا اذنٌ سَمِعَتْ وَلَا خَطَرَ عَلٰي قلب بشر“ يعني نه ڪنهن اک ان کي ڏٺو آهي نه ڪنهن ڪن ٻڌو آهي ۽ نه ڪنهن انسان جي دل ۾ ان جو پوري طرح سان خيال ئي آيو آهي.
پاڻ هيئن به فرمايائون: ”الدنيا سجن المؤمن و جنته الکافر“ يعني دنيا مؤمن جي لاءِ قيد خانو آهي ۽ ڪافر جي لاءِ جنت آهي.

موت کان پوءِ ذهني ڪيفيتن جي حالت
خود شعوري اڳئين دنيا ۾ پنهنجي ذهني ڪيفيتن کي هڪ ٻاهرين شڪل ڏيندي ۽ ايئن ڪرڻ وقت اها انهن شين کي ڪم ۾ آڻيندي، جيڪي هن دنيا ۾ سندس تجربي ۾ اچي چڪيون هونديون ۽ جيڪي ان جي ذهني ڪيفيتن جي ٻاهرين جسامت ۽ شڪل جي لاءِ تمام ئي مناسب هونديون. ايئن قرآن ڪري چيو: ”قَالُوا هَٰذَا الَّذِي رُزِقْنَا مِن قَبْلُ وَأُتُوا بِهِ مُتَشَابِهًا ﴿البقرة: ٢٥﴾“ يعني جنتي چوندا ته هي ته ساڳيون ئي نعمتون آهن، جيڪي اسان کي دنيا ۾ ڏنيون ويون هيون. حقيقت ۾ اهي نعمتون هن دنيا جي نعمتن سان ملندڙ جلندڙ هونديون.
تنهن ڪري برڪلي (Berkeley)، هيگل (Hegel)، ڪروچي (Croce)، جينٽلي (Gentiley) جهڙا فيلسوف ۽ ايڊنگٽن (Edingtin) جهڙا سائنسدان بلڪل صحيح چون ٿا ته، جيڪڏهن هن دنيا ۾ ڪنهن شيءِ جي موجودگيءَ جي اسان کي پڪ ٿي سگھي ٿي، ته اهي اسان جون ذهني ڪيفيتون آهن. سو جهڙي طرح هن دنيا جي ذهني ڪيفيتن کانسواءِ ڪا شيءِ حقيقت ۾ موجود نه هوندي، جهڙي طرح هن زندگيءَ ۾ ٻاهرين دنيا اسان جي ذهني ڪيفيتن جي تصوير آهي، اهڙي طرح اڳئين جهان ۾ به ٻاهرين دنيا اسان جي ذهني ڪيفيتن جي تصوير هوندي.

خواب واري جهان جو مثال
اسان جي خوابن ۾ جيڪا شيءِ اصل ۾ موجود هوندي آهي، سا اسان جي ذهني ڪيفيت هوندي آهي. پر انهيءَ ذهني ڪيفيت موجب اسان ٻاهر هڪ دنيا پيدا ڪري وٺندا آهيون، جنهن ۾ اسان ڏسندا، ٻڌندا، ڇهندا، سنگھندا، چرپر ڪندا، سوچيندا، ڄاڻيندا ۽ محسوس ڪندا آهيون. جڏهن ته اسان جو جسم هڪ جاءِ تي پيو هوندو آهي ۽ اسان جي ظاهري طاقتن جو عمل بيٺل هوندو آهي.

اڳئين دنيا جون شيون
تنهن ڪري اڳئين دنيا اندر دوزخ جي باهه ۾ ضريع (هڪ قسم جو ڪنڊيدار ٻوٽو يا گاھ جنهن جي کائڻ سان جانور ڏٻرو ٿي ويندو آهي)، زقوم (ٿوهر) ۽ حميم (ٽهڪندڙ پاڻي) ۽ جنت ۾ حورون، غلمان، واهيون ۽ باغ باغيچا، اهي سموريون شيون اسان جي ذهني ڪيفيتن جون ٻاهريون شڪليون هونديون. ڇو جو اهي انهن جي ٻاهرين جوڙ جڪ جي لاءِ تمام ئي موزون هونديون. اهي شيون مادي دنيا جي شين کان گھٽ اصلي نه هونديون، ڇو جو مادي دنيا جون اهي شيون، اسان جي ذهن کان جدا ڪوبه وجود نٿيون رکن. انهيءَ ڪري اڳئين دنيا ۾ ٻاهر جون شيون هر لحاظ کان اهڙيون ئي سچيون پچيون شيون هونديون، جهڙيون اسان هن دنيا ۾ ڏسون ٿا.
جيئن ته خود شعوري پنهنجي گذريل (دنياوي) زندگي جي واقعن ۽ تجربن کانسواءِ ڪنهن اهڙي مواد يا سامان کي نٿيون ڄاڻن، جنهن جي وسيلي هو انهن جي ٻاهرين جوڙ جڪ ڪري سگھي. اهو ئي سبب آهي جو قرآن جنت جي نعمتن ۽ دوزخ جي سزائن جي تشريح ڪندي، انهن شين جو ذڪر ڪيو آهي، جن کان اسان واقف آهيون. قرآن ڪريم جو اهو ذڪر استعارن ۽ تشبيهن جي طور تي نه، پر انهيءَ لاءِ آهي ته جنت ۽ دوزخ ۾ اهي شيون قرآن جي تشريح مطابق موجود هونديون. فرق رڳو اهو هوندو ته دوزخ ۽ جنت جون اهي شيون، دنيا جي شين کان وڌيڪ خوفناڪ هونديون يا وري وڌيڪ خوشي ۽ فرحت ڏيندڙ هونديون.

جنت ۽ دوزخ جا مختلف درجا
جيئن ته اڳئين دنيا ۾ هر فرد جون ذهني ڪيفيتون مختلف هونديون، تنهن ڪري انهن ڪيفيتن جي مقابلي ۾ هر فرد جي لاءِ ٻاهريون شيون به پنهنجي مقدار ۽ نوعيت جي لحاظ کان مختلف هونديون. هر خود شعوري هڪ جدا دنيا هوندي، جيڪا هُن دنيا جي زندگي ۾ پنهنجي لاءِ تيار ڪري رکي هئي. هر خود شعوري جي دوزخ جو گرمي پد جدا هوندو ۽ هر خود شعوري جي غلمانن ۽ حورن جي سونهن سوڀيا ۽ پيار محبت جي ڪيفيت جدا هوندي. اها ڪيفيت خود شعوري جي محبت واري مرتبي سان نسبت رکندڙ هوندي. جيئن ته دوزخ ۽ جنت رڳو خود شعوري جي ذهني ڪيفيتن منجھان پيدا ٿيندا، تنهن ڪري جيئن جيئن خود شعوري جي محبت جي ارتقا ٿيندي ويندي ۽ سندس ذهني ڪيفيتون پنهنجي تڪليف ڏيندڙ عنصرن کي وسارينديون وينديون، ان لاءِ دوزخ جو عذاب گھٽبو ويندو ۽ جنت جون خوشيون وڌنديون وينديون.

اعمال نامو
موت کان پوءِ اسان جون شعوري سرگرميون ختم ٿي وينديون آهن. تنهن ڪري اسان جي خود شعوري جا گذريل سمورا عمل، جيڪي لاشعور ۾ ويڙهيل ۽ محفوظ هوندا آهن، ذهني ڪيفيتن جي هڪ سلسلي طور ان جي سامهون اهڙي طرح کلي ويندا آهن، جيئن سينيما جو ويڙهيل ريل کُلي ويندو آهي:
وَنُخْرِجُ لَهُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ كِتَابًا يَلْقَاهُ مَنشُورًا ﴿الإسراء: ١٣﴾
ترجمو: ”۽ قيامت جي ڏينهن اسان هڪ اهڙي لکت ان جي سامهون آڻينداسين جنهن کي هو پنهنجي سامهون کليل ڏسندا.“
خود شعوري مجبور هوندي آهي، ته نه رڳو انهيءَ ريل جي هر فوٽو گراف ۾ ٻيهر پنهنجو مشاهدو ڪري، پر هر فوٽوگراف ان جي جنهن منظر کي محفوظ ڪري ٿو، ان کي ٻيهر هلائي ۽ پنهنجي عمل کي ٻيهر ورجائي، هڪ هڪ ڪري هر ذهني ڪيفيت مان ٻيهر گذري. جيڪڏهن اهي ذهني ڪيفيتون خوشين واريون هونديون، ته انهن جي خوشي انهن سمورن ڏکن کان، جيڪي دنياوي زندگيءَ ۾ خود شعوري جي ڇڪتاڻ ۽ جاکوڙ مان پيدا ٿي کيس بگاڙي رهيون هونديون آهن، وڌيڪ هوندي آهي. پر جيڪڏهن اهي ڏکن سان ڀريل هونديون ته انهن جو ڏک انهن سمورن ڪوڙين خوشين کان، جيڪي خود شعوري جي غلط فهمين سان پيدا ٿي ان جي اصليت کي لڪائي رهيون هيون، وڌيڪ هوندو آهي. خود شعوري پنهنجي انهن گذريل ذهني ڪيفيتن مان ڇو گذرندي آهي؟ ان جو سبب هي آهي ته کيس پنهنجي گھربل منزل ڏانهن ارتقا ڪرڻي هوندي آهي. اها گهربل منزل حقيقي سونهن (خدا) جي محبت جو اهو ڪمال آهي، جنهن کي سندس فطرت هر حال ۾ ماڻڻ گھري ٿي. هن دنيا ۾ خود شعوري جو هر عمل يا ته کيس محبوب جي ويجھو آڻي ٿو، يا ان کان پري ڪري ڇڏي ٿو. غلطين جي ڪري پنهنجي وڃايل مرتبن کي حاصل ڪرڻ واري انهيءَ جاکوڙ ۾، خود شعوري کي پنهنجي نيڪ عملن، جيڪي کيس محبوب (خدا) جي ويجھو آڻڻ جو سبب ٿيا هئا، آسانيون پيدا ڪن ٿيون. اهي ڪيفيتون ان جي ڪوتاهين جي تلافي جي ڪوشش ۾ ان جي مدد ڪنديون آهن.

حساب جي نوعيت
تنهن ڪري موت کان پوءِ، پنهنجي دوزخ يا پنهنجي جنت جي جنهن جاءِ کان خود شعوري پنهنجي ارتقا جي شروعات ڪري ٿي، سا آخرڪار انهيءَ ڳالهه تي دارومدار رکندي آهي ته دنيا جي زندگي ۾ خود شعوري پنهنجي محبوب ڏانهن جيترو اڳتي وڌي هئي ۽ جيترو پوئتي هٽي هئي، انهن ٻنهي وٿين جو فرق ڇا آهي؟ اهو ئي خود شعوري جو ”حساب“ آهي. انهيءَ حساب جو نتيجو اهو هوندو آهي جو، ڪي دوزخ مان پنهنجي ارتقا جي شروعات ڪندا آهن ۽ ڪي وري جنت کان. ڪي وري بد قسمت هوندا آهن ۽ ڪي خوش قسمت هوندا آهن. انهن ٻنهي حالتن ۾ زمين آسمان جو فرق هوندو آهي.

فرد جا عمل ۽ انسانذات
هر فرد پنهنجو هڪ جدا وجود رکي ٿو. پر ان جي باوجود هو هڪ وڏي وجود جو اڻٽٽ جزو آهي ۽ اهو وجود سموري انسان ذات جو آهي. تنهن ڪري فرد جي موت کان پوءِ ان جا عمل ختم نه ٿيندا، پر جاري رهندا آهن ۽ انسانذات جي ارتقا تي چڱو يا خراب اثر پيدا ڪندا رهندا آهن. انهن جي موت کان پوءِ جو دفتر ٻين فردن جي لاشعور ۾ پابند ٿيندو رهندو آهي.

صالح ۽ غير صالح عمل
سٺو عمل اهو آهي جيڪو فرد جي پنهنجي خود شعوري ۽ سموري انسانذات جي خودشعوري جي ارتقا ۾ مدد ڪري ٿو. جڏهن ته برو عمل اهو آهي جيڪو انهيءَ ارتقا تي برو اثر وجھي ٿو. تنهن ڪري ضروري آهي ته فرد جي عملن جا موت کان پوءِ وارا اثر به ان جي دوزخ ۽ جنت ۾ پنهنجو پنهنجو حصو ڳنڍين.

قيامت کان پوءِ وارن عملن جو آخري جائزو
پر سموري انسانذات جي ارتقا جي تائيدي يا مخالف، قوت جي طور تي، ڪنهن انساني فرد جي عملن جي حيثيت جو جائزو رڳو ان وقت وٺي سگھجي ٿو، جڏهن انهن عملن جا اثر ۽ نتيجا ختم ٿي وڃن. يعني جڏهن هيءَ مادي دنيا ختم ٿي وڃي. تنهن ڪري جڏهن هيءَ دنيا ختم ٿيندي ته ان وقت هر فرد جي عملن جو هڪ ٻيو حساب ٿيندو. انهيءَ حساب جي نتيجي ۾ هر انسان جي لاءِ جنت يا دوزخ ۾، آخري ٺڪاڻي طور جاءِ مقرر ڪئي ويندي.

انسانذات جي عملن جو حساب
سموري ڪائنات اڪيلي فرد سان هڪهڙائي رکي ٿي. امام ولي الله جي نظر ۾ ان جو نالو ”شخص اڪبر“ آهي. جهڙي طرح سان هڪ انسان جي موت کان پوءِ ان جي خود شعوري جو حساب ٿيندو آهي، جنهن ۾ ان جي سموري زندگي جي عملن کي جاچيو ويندو آهي، اهڙي طرح ڪائنات جي موت يا قيامت کان پوءِ ڪائنات، يعني انسانذات جي خود شعوري جو حساب ٿيندو جنهن ۾ ماضي ۽ مستقبل جي پوري زندگي جي عملن کي جاچيو ويندو.

فرد ۽ انسانذات ۾ هڪجهڙائي
انسانذات جي ارتقا هڪ انساني فرد جي واڌ ويجھه سان هڪجهڙائي رکي ٿي. انسانذات جي هر نسل جا بيشمار فرد، هڪ انساني فرد جي جسم ۾ موجود بيشمار جيو گھرڙن (Cells) سان هڪجهڙائي رکن ٿا. هڪ جيئري انساني جسم جا جيو گھرڙا پيدا ٿيندا آهن، جيئرا رهندا آهن، وڌندا ويجھندا آهن، ڪم ڪندا آهن، پنهنجو نسل پيدا ڪندا آهن ۽ انهن جي ڪري جسم قائم رهندو آهي ۽ تربيت وٺندو آهي. اهي جيو گھرڙا ڪمزور ٿي مرندا رهندا آهن ۽ ٻئي وڌيڪ صحتمند ۽ وڌيڪ سگھارا جيو گھرڙا پيدا ٿي، انهن جي جاءِ والاريندا رهندا آهن ۽ پنهنجي واري سان اهي ئي ڪم ڪندا آهن، جيڪي انهن کان اڳيان جيوگھرڙا ڪندا هئا. اهڙي طرح سان هر سال جسم جي واڌ ويجھه جاري رهندي آهي.
ساڳيو ئي حال اڪيلي جسم جو آهي، جنهن کي اسان انسانذات سڏيون ٿا. انسانذات جي هر نسل ۾ ڪيترائي فرد پيدا ٿيندا آهن، جيئرا رهندا آهن، وڌندا ويجھندا آهن، ڪم ڪندا آهن، پنهنجو نسل پيدا ڪندا آهن ۽ انهن جي ڪري انساني نسل قائم رهندو آهي ۽ تربيت وٺندو آهي. فرد ڪمزور ٿي مرندا رهندا آهن ۽ ٻئي وڌيڪ تندرست ۽ وڌيڪ سگھارا فرد پيدا ٿي اڳين جي جاءِ والاريندا رهندا آهن ۽ پنهنجي واري سان اهي ئي ڪم ڪندا آهن، جيڪي ان کان اڳ وارا فرد انجام ڏيندا هئا. اهڙي طرح هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين انسانذات جي ترقي جاري رهندي آهي.

فرد ۽ ڪائنات جي زندگيءَ جا مرحلا
هڪ انساني فرد جي زندگيءَ جا مرحلا هي آهن: پيدائش، ٻالڪپڻ، جواني، ڪرڙوڍ عمر، ڪراڙپ، موت ۽ موت کان پوءِ جي زندگي. فرد جو مادي جسم پيدا ٿيندو آهي، وڌندو ويجھندو آهي، هيڻو ٿيندو آهي ۽ مري ويندو آهي. پر ان جي خود شعوري لڳاتار ترقي ڪندي رهندي آهي ۽ ان جي ارتقا جو عمل. مادي جسم جي فنا ٿي وڃڻ کان پوءِ به جاري رهندو آهي. جسم جي فنا ٿي وڃڻ کان پوءِ خود شعوري جي سموري ترقي جو حساب ٿيندو آهي. ان کان پوءِ خود شعوري جي ترقي جاري رهندي آهي، جنهن سان ان جو دوزخ، آهستي آهستي جنت جي شڪل اختيار ڪندو ويندو آهي، جڏهن ته جنت وري اڳي کان وڌيڪ بهتر ٿيندو ويندو آهي.
ڪائنات جي زندگيءَ ۾ به هڪ پيدائش آهي. ٻالڪپڻ آهي، جواني آهي، اڌروٽ پڻو آهي، ڪراڙپ آهي، موت آهي ۽ موت کان پوءِ وري زندگي آهي. ڪائنات (انسانذات) جو مادي جسم پيدا ٿيندو آهي، وڌندو ويجھندو آهي، هيڻو ٿيندو آهي ۽ مري ويندو آهي. پر ڪائنات يعني انسانذات جي خودشعوري لڳاتار ارتقا ڪندي رهندي آهي ۽ ان جي ارتقا جو عمل ڪائنات جي مادي جسم جي فنا ٿيڻ کان پوءِ به جاري رهندو آهي. جيئن ته مادي ڪائنات جي فنا کان پوءِ، هر فرد جا عمل آخري طور تي ختم ٿي ويندا، تنهن ڪري انسانذات جي خود شعوري جي سموري ترقي جو حساب ٿيندو، جنهن جي ڪري انسانذات جي گڏيل ارتقا ۾ هر انساني فرد جو سمورو حصو اتي جو اتي دوزخ يا جنت ۾، ان جي جاءِ تي اثر انداز ٿيندو. انهيءَ آخري حساب کان پوءِ انسانذت جي ترقي جاري رهندي، جنهن سان ان جو دوزخ آهستي آهستي جنت جي شڪل اختيار ڪندو ۽ جنت وري اوچي کان اوچو ٿيندو ويندو، ايستائين جو ڪائنات جي خالق جو مقصد پورو ٿي ويندو ۽ پوءِ وري هڪ ٻئي ڪائنات جي پيدائش ڏانهن ڌيان ڏيندو.

جنت ۽ خدا
هن دنيا ۾ اسان ڪائنات جي خلقڻهار جي خود شعوري ۾، تصورن جي طور تي جيئرا آهيون ۽ ارتقا ڪري رهيا آهيون. اڳئين جهان ۾ به اسان جي حيثيت ساڳي ئي هوندي. جڏهن اسان ارتقا جي ڪمال کي پهچنداسين ته اسان ڪائنات جي خالق جي هڪ اهڙي مثالي نموني جي حيثيت سان، جيڪو حاصل ٿي چڪو هجي، سدائين جيئرا رهنداسين ۽ ڪاميابي اسان جي لاءِ ۽ اسان جي خالق لاءِ تمام ئي ابدي درجي جي خوشين جو سبب هوندي. هو اسان کان راضي هوندو ۽ اسان ان کان راضي هوندا سين ۽ اِها اُها جنت هوندي، جنهن کي ڪڏهن به زوال نه هوندو.

قيامت جا سائنسي دليل
ڪائنات جي موت يا قيامت جي سلسلي ۾ هتي انهيءَ ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ بي وقتو نه ٿيندو ته، طبيعيات جي هڪ قانون جي لحاظ کان، جنهن کي ڪارناٽ (Carnot) جو اصول يا ٿرمو ڊائنا مڪس (Thermodynamics) جو ٻيو قانون سڏيو ويندو آهي، هاڻي اهو مڃيو ويو آهي ته ڪائنات هڪ شروعات ۽ هڪ پڄاڻي رکندي آهي. يعني ماضي ۾ هڪ خاص وقت تي ظاهر ٿي هئي ۽ مستقبل ۾ هڪ خاص وقت تي ختم ٿي ويندي.
انهيءَ سموري بحث ۾ ڊاڪٽر رفيع الدين آخرت واري زندگيءَ ۾ آسودن، وڏائي ڪندڙن ۽ وڏيرن ۽ انهن جي ڀيٽ ۾ مسڪين، عوام تي آڌاريل طبقن بابت اهو نه ٻڌايو آهي انهن ٻنهي طبقن مان ڪهڙو طبقو آخرت واري زندگيءَ ۾ وڌيڪ ڪامياب ٿيندو ۽ ڪهڙو وڌيڪ عذاب ۾ مبتلا ٿيندو. اهي ٻئي معاشي طبقا آهن. هڪڙو طبقو پيداواري وسيلن تي قابض هئڻ ڪري محنت جو استحصال ٿو ڪري ۽ ٻيو طبقو محروم هئڻ سبب پنهنجي محنت وڪڻي رڳو پيٽ ٿو پالي. ٻنهي طبقن جا معاشي حالتن جي ڪري، ٻه مختلف اخلاق پيدا ٿين ٿا. اهي طبقا تاريخ ۾ آقا، جاگيردار ۽ صنعتي سرمائيدار ۽ ان جي مقابلي ۾ غلام، زرعي غلام ۽ پگھاردار غلام جي شڪل ۾ هوندا آهن.
قرآن ڪريم جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري ويٺل طبقو، آخرت واري زندگيءَ ۾ پنهنجي دولت جي جھجھائيءَ سبب پيدا ٿيندڙ اخلاقي بڇڙائين جي ڪري، وڌيڪ عذاب ۾ گرفتار هوندو. اهو ئي طبقو اقتدار تي بادشاهت ۽ سرمائيداراڻي جمهوريت جي شڪل ۾ پڻ قبضو ڪري ويٺل هوندو آهي. انهيءَ طبقي جا ساٿي بدديانتي، رشوت خوري ۽ وڏين وڏين رقمون ڦٻائڻ سان پنهنجي لاءِ دولت پيدا ڪندا آهن. انهيءَ طبقي ۾ بئنڪن جا ڊائريڪٽر، انهن کان قرض کڻندڙ اعلي عملدار، ڊرگ مافيا ۽ ٻئي چالاڪ، ٺڳ ۽ مفاد پرست ماڻهو شامل هوندا آهن.
مزدور پنهنجي غربت، مسڪيني ۽ هيڻائپ جي ڪري چوري، ڌاڙي يا اهڙي قسم جي ٻين ڏوهن ۾ ملوث ٿي وڃن ٿا، پر اهڙا ماڻهو تمام ئي ٿورڙا هوندا آهن. انهن مان به اهڙن ڦورن جي پٺڀرائي دولتمند ۽ اعلي عملدارن جا فرد ئي ڪندا آهن. انهيءَ بابت شرڪ واري باب ۾ آيتون ڏنيون ويون آهن، جن جو اتي مطالعو ڪيو وڃي.