حقيقت جو اعتراف
نزولي ترتيب تي ڪم ڪرڻ لاءِ مولانا آزاد جي پرسنل سيڪريٽري پروفيسر محمد اجمل خان کي متعين ڪيو. هن ڪجھه سالن جي محنت ۽ تحقيق سان ٻه هزار صفحن تي مشتمل نزولي ترتيب جي روشنيءَ ۾ سيرت پاڪ سهيڙي ورتي. ان جو تفصيل مون پنهنجي ڪتاب ”انقلاب مڪه اور فهم قرآن ڪي جديد مناهج“ ۾ ڏئي ڇڏيو آهي. مولانا موصوف ”قرآن ڪريم جي نزولي ترتيب“ تي پنهنجو ديباچو به لکيو آهي. آيتن ۽ سورتن جي نزولي ترتيب سان ’تفسير بالراءِ‘ جو دروازو به بند ٿي وڃي ٿو ۽ آيتن ۽ سورتن جي معنى ۽ مطلب، انهن جي نزولي دؤر جي تاريخي حوالي سان متعين ٿي وڃي ٿو. اهڙي طرح مفسر جي پنهنجي ذاتي راءِ ڏيڻ جو سلسلو ختم ٿي وڃي ٿو. پروفيسر اجمل خان هڪ خط ۾ مون کي ٻڌايو ته کيس مولانا سنڌيؓ اهو ڪم ڪرڻ جي لاءِ همٿايو هو. اهو خط مون ڊاڪٽر سلمان شاهجهانپوري کي ڏئي ڇڏيو هو.
معاشيات جي طبقاتي نقطي نگاھ کي ماسڪو جي قيام سان سگھه ملي ۽ مولانا موصوف مزدورن ۽ ڏتڙيل عوام جي حق ۾ هڪ طرفو (Partisan) ٿي ويا ۽ قرآن حڪيم جي تفسير ۽ مطالعي سان انهيءَ ورڇ واري طريقي کان ڪم وٺڻ لڳا. مولانا ڪيترائي دفعا فرمايو ته جيستائين امت جي گهڻائي جو شعور نه جاڳندو، جيڪا مزدور ۽ ڏتڙيل عوام تي مشتمل آهي، تيستائين رڳو قبضو ڪري ويٺل طبقن جي حڪمراني امت جي سجاڳيءَ لاءِ ڪم نٿي ڪري سگھي. مولانا جي تفسير ۾ مذهبي پيشوائيت ۽ سرمائيداراڻي معاشي نظام تي سخت تنقيد موجود هوندي.
اسلام جي عالمگير جي رخ کي سمجھڻ ۽ انسان جي خلافت قائم ڪرڻ لاءِ ”دينن جي هيڪڙائي“ سندن پسنديده موضوع هو. امام شاھ ولي اللهؓ پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”حجة الله البالغه“ ۾ ”اخلاق اربعه“ جي باب ۾ فرمايو آهي ته سمورن نبين سڳورن کي موڪلڻ جو مقصد انهن چئن اخلاقن کي عوام ۾ عام ڪرڻ ۽ انهن کي انساني نفسيات ۾ کپائڻو هو. اهي اخلاق سمورن پاڪ ڪتابن ۾ تحريف جي باوجود موجود آهن. مولانا صاحب سامي قومن جي نبوت ۽ آريائي حڪمت ۾ هڪجهڙائيءَ تي روشني وڌي آهي ۽ حضرت ابراهيمؑ کان اڳ وارين قومن ۾ خدائي وحي جي نوعيت ۽ حضرت ابراهيمؑ کان حنيفيت واري تحريڪ جي جاري ڪرائڻ ۾ بنيادي فرق کي تمام ئي چٽائيءَ سان پيش ڪيو آهي. شاھ صاحب جي رسالي’تاويل الاحاديث‘ ۽ سورة انعام جي تشريح ۾ انهيءَ کي ڏسي سگھجي ٿو. انهيءَ نظرياتي ۽ فڪري بنياد تي دنيا جي مذهبن ۽ انهن جي پيروڪار قومن ۾ ٻڌي ۽ هيڪڙائي پيدا ڪري سگھجي ٿي. جيتوڻيڪ انهيءَ عمل ۾، هر مذهب جي مذهبي پيشوائيت سان ٽڪراءُ اڻ ٽر آهي.
ان سلسلي ۾ مولانا صاحب علامه اقبالؓ جي نظم ’نيا شواله‘ تي روشني وجھندي فرمايو هو ته اڪبر اعظم جي حڪومت سچ پچ هڪ مهاديو جو نئون اسٿان (نيا شواله) هئي، جنهن جو نظرياتي بنياد ابن عربي جي فلسفي وحدة الوجود تي رکيو ويو هو. ترڪي ۾، مولانا هندستان جي ورهاڱي جو جيڪو نقشو ٺاهيو هو، انهيءَ نقشي ۾ سنڌو، نربدا ۽ جمنا ندي ۽ انهن مان نڪرندڙ شاخن سان آباد ٿيندڙ علائقو موجود هو. انهيءَ علائقي ۾ دهلي ۽ بنارس ٻئي شامل هئا. مولانا فرمائيندو هو ته هن علائقي ۾ قائم ٿيندڙ حڪومت جو نظرياتي بنياد ابن العربي جو فلسفو وحدت الوجود هوندو. انهيءَ فلسفي جي بنياد تي اسان انسانيت جا سچا خدمتگار پيدا ڪنداسين. اهي خدمتگار هندو ۽ مسلم مذهبن سان تعلق رکندڙ هوندا ۽ انهيءَ ۾ ٻين مذهبن جا روشن فڪر ۽ انسان دوست عالم ۽ ڏاها به شامل ٿي سگھن ٿا. اهري طرح خدا پرستن جو هڪ بين الاقوامي معاشرو وجود ۾ اچي ويندو. انهيءَ ڪري هن ”جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي“ پڻ جوڙي هئي.
امام ولي الله فرمايو آهي ته کيس ٻه علم عطا ڪيا ويا آهن. هڪڙو دين جي اسرارن جو علم ۽ ٻيو علم ‘تطبيق الارا’. امام صاحب انهن علمن جي بنياد تي مشتمل ڪتاب حجة الله البالغه سهيڙيو. مولانا فرمائيندو هو ته دين جي اسرارن جو علم ته هر نئين تاريخي دؤر ۾ انهيءَ دؤر جي گھرجن موجب قرآني فڪر تي سهيڙبو رهندو، پر علم ’تطبيق الارا‘ تي پاڻ امام ولي الله فقه ۽ علم الڪلام جي مختلف نظامن ۾ گڏيل بنيادن واري تحقيق لاءِ ڪم ڪيو. سندس سڀ کان اهم ڪم دنيا جي مذهبن جي ساڳين گڻن کي ڄاڻڻ ۽ انهيءَ بنياد تي مذهبن جي هيڪڙائي واري فسلفي کي ترتيب ڏيڻ هو. انهيءَ بنياد تي موجوده دؤر جو هر مهذب ۽ روشن فڪر ۽ انسان دوست ڏاهو، انساني اتحاد قائم ڪرڻ لاءِ تمام ئي سؤلائيءَ سان ڪم ڪري سگھي ٿو، ڇو جو اڄوڪي دؤر ۾ نه رڳو علم تمام گھڻي ترقي ڪري چڪو آهي، پر پيغام رسانيءَ جي وسيلين ۾ وسعت ۽ لائبريرين ۾ سمورن علمن تي ڪتابن جي گڏ ٿي وڃڻ جو ڪم عمل ۾ اچي چڪو آهي.
مولانا فرمائيندو هو ته يورپ ۾ فطرت جي مطالعي ۽ ان کي پنهنجي ڪم ۾ آڻڻ (تسخير) جي عمل سان چار علم پيدا ٿيندا آهن. پهريون انڊسٽريلزم يا مشيني صنعت جي واڌ ويجھه آهي، جنهن سان انساني محنت جو ٻوجھه هلڪو ٿئي ٿو ۽ ان جي وسيلي علمي ۽ تهذيبي ارتقا جي لاءِ واندڪائي وڌي چڪي آهي. ٻيو لبرل ازم آهي، جنهن ۾ علم جي پکيڙ ۽ ٻين علمن ۽ خيالن ۾ موجود اختلافن کي صبر، بردباري ۽ کليل ذهن سان برداشت ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري ڇڏي آهي. ڇو جو حق تي ڪنهن جي به ٺيڪيداري نه آهي، هر مذهب ۽ علمي شعبي ۾ ”حق“ موجود هوندو آهي. ٽيون نيشنلزم آهي، جنهن ۾ هر لساني هيڪڙائي تي ڪا خاص ثقافت ۽ تمدن رکندڙ انساني جماعت کي قوم سڏيو ويندو آهي. انهيءَ ڪري ضروري آهي ته هر قوم پنهنجي قومي دائري ۾ رهندي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ترقي ڪري. اهو ئي عمل اڳتي هلي دنيا جي قومن ۾ ٻڌيءَ جو بنياد ٿيندو ۽ انساني هيڪڙائيءَ جي جوڙ جڪ ۾ مدد ڪندو ۽ اها ئي ڳالهه هڪ عالمي حڪومت جي قيام جو سبب بڻبي. قوم اها بنيادي سِرَ آهي، جنهن تي سموري انسانيت جي هيڪڙائيءَ جو محل اڏي سگهجي ٿو.
انهيءَ عمل ۾ مولانا موصوف مسلم اقليتن کي، پنهنجي هم وطن غير مسلمانن سان گڏجي، زندگيءَ جي اڏاوت ڪرڻ جي تلقين ڪندو هو. مولانا “نياشواله” جي نظم منجھان هن شعر کي گھڻو پسند ڪندا هئا ۽ اڪثر پڙهندا هئا:
شکتی بھی شانتی بھی بھگتوں کے گیت میں ہے،
دھرتی کے باسیوں کی مکتی پریت میں ہے۔
(مذهبن جي بانين جي تعليم ۾ ئي معاشري جي طاقت ۽ امن امان جي ضمانت آهي ۽ ان معاشري جو ڇوٽڪارو ڀائيچاري ۽ محبت ۾ آهي)
انهيءَ سلسلي ۾ پاڻ جارحاڻي قوميت کان، جنهن سان سامراجي رويا اڀرندا هجن سخت نفرت ڪندو هو ۽ مذهبي ”شاؤنزم“ جو سخت مخالف هو، جنهن سان دنيا جي مذهبن ۾ سنڌو پيدا ٿئي ٿو ۽ انساني هيڪڙائيءَ کي نقصان پهچي ٿو.
چوٿين ڳالهه ملٽري ازم هئي. يورپ فوجي انتظام ۽ سائنس ۾ وڏي ترقي ڪئي آهي. مولانا جو خيال هو ته مسلمانن کي اها ڳالهه نه رڳو پنهنجائڻ گھرجي، پر انهيءَ ۾ تحقيق ڪري اڃا به ترقي ڪرڻ گھرجي. ڇو جو، سندس خيال ۾، مسلمانن کي تاريخ جي ڪنهن به موڙ تي اسلام دشمن قوتن سان واسطو پئجي سگھي ٿو ته اهڙي وقت ۾ اها مهارت کين ڪم ايندي.
مولانا جو خيال هو ته ڪارل مارڪس جي معاشي فلسفي کان مسلمان نوجوان جو متاثر ٿيڻ لازمي ڳالهه آهي، پر ان سان گڏوگڏ مارڪس جو ماديت بابت فلسفو به کين پنهنجائڻو ئي پوندو. انهيءَ ڳالهه کان مسلمانن کي بچائڻ لاءِ مولانا امام ولي الله جي فڪر ۽ فلسفي ۽ ان جي سياسي تحريڪ، جنهن بالاڪوٽ ۾ هار کاڌي هئي، جو تمام ئي اونهائيءَ سان مطالعو ڪيو هو. هو ابن خلدون کان پوءِ امام ولي الله کي اسلامي دنيا جو نظرياتي استاد ۽ اڳواڻ مڃيندو هو. اهو مقصد ماڻڻ لاءِ هن ”محمد قاسم ولي الله ٿيولاجيڪل ڪاليج“ جو بنياد به رکيو هو، جنهن جو پرنسپال شيخ بشير احمد لڌيانوي کي مقرر ڪيو هو. امام ولي الله دهلوي کي نظرياتي امام ۽ رهنما مڃڻ سان مسلمانن جي صفن مان نه رڳو نظرياتي پريشاني ختم ٿي ويندي، پر انهيءَ فڪر جي ذريعي يورپ ۽ ڪارل مارڪس جي فڪر جي مٿڀرائيءَ جو مقابلو به ڪري سگھجي ٿو.
مولانا موجب نبوت جي خاتمي جو سڀ کان وڏو ۽ اهم سبب ”علم“ کي عام ڪرڻ لاءِ قرآن پاڪ ۾ جتي ڪٿي آيل تاڪيد آهي. اسلام علم کي مذهبي اڳواڻن، ڀوپن ۽ ٻين ٺيڪيدارن جي دائري مان ڪڍي، ان کي عام ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي آهي. اڃا به قرآن پاڪ يوناني عقليت جي استخراجي طريقي (Deductive Method) جي مقابلي ۾ علم بالقلم کي پيش ڪيو آهي، جنهن جو مطلب اهو علم آهي، جنهن جو بنياد تجربي ۽ مشاهدي تي هجي، رڳو قياس يا اندازي تي آڌاريل نه هجي. موجوده دؤر ۾ علم حاصل ڪرڻ جي انهيءَ طريقي کي استقرائي طريقو (Inductive Method) سڏيو وڃي ٿو، يعني سائنسي علم. مون پنهنجي ڪتاب
”اسلام میں حرکت وارتقا کا تصور“ ۾ ان جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي.
علامه اقبال به سائنسي طريقي کي ختم نبوت جو سبب سڏيو آهي. مولانا مڪمل طور تي انهيءَ خيال جو هو ته، هاڻي انسانن جي مذهبي اڳواڻي ڪندڙ جماعتن جي ٺيڪيداري کي ختم ڪرڻ لاءِ، جيڪي ترقي جي راھ ۾ سدائين وڏي رڪاوٽ بڻبا آهن، ڪنهن نبي جي ضرورت نه آهي، پر استقرائي طريقي سان ڪائناتي ۽ سماجي علمن ۾ ترقي وسيلي پنهنجي ذهنن کي مسلح ڪري انقلاب برپا ڪرڻ جو عمل ئي ڪافي آهي. ايئن اسلام کان پوءِ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته مسلم اندلس (اسپين) وسيلي فلسفي، طب، فلڪيات ۽ سماجيات وغيره ۾ مسلمانن جي اجتهادي تحقيقي نظرين تي آڌاريل علمن، يورپ ۾ هڪ ذهني ۽ علمي انقلاب آڻي ڇڏيو. ان انقلاب اڳتي هلي فرانس ۽ روس جي انقلاب جي شڪل اختيار ڪري ورتي. يورپ پنهنجي ڪيٿولڪ مذهب کي رد ڪري، بي دينيءَ کي پنهنجائي ورتو. جڏهن ته قرآن پاڪ فطرت ۽ معاشري جو وري وري مطالعو ۽ ان ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ جي تلقين ڪئي هئي. اولهه وارن ان نظريي ئي اخذ ڪري، زندگيءَ جي هر شعبي ۾ حيران ڪري ڇڏيندڙ حد تائين ترقي ڪئي. تنهن ڪري هاڻي اهو ڪم، جنهن کي هڪ ”نبي“ پورو ڪندو هو، تنهن کي ڪائناتي ۽ سماجي علمن سان مسلح شعور، پڄاڻي تائين وٺي ويندو. هاڻي انقلاب رڳو هڪ نعرو نه رهيو آهي، پر هڪ سماجي حقيقت بڻجي ويو آهي. ڪامريڊ لينن پنهنجي هڪ مقالي ”لينن ازم جو بنياد“ ۾ انقلاب کي هڪ سائنس سڏيو هو. مون پنهنجي ڪتاب ”اسلام مين حرڪت و ارتقا ڪا تصور“ ۾ ختم نبوت جي سلسلي ۾ ڇهه اهم ڳالهين جو ذڪر ڪيو آهي.
انهيءَ جو هاڪاري پاسو هي آهي ته نبوت جي دعوى سان مختلف مذهبي جماعتون پيدا ٿينديون رهيون آهن جن ۾ هڪ جارحاڻو رويو به هوندو آهي. ختم نبوت سان مذهبي گروھ بندي جو خاتمو ٿي ”دينن جي هيڪڙائي“ واري فلسفي جي بنياد تي، انساني هيڪڙائيءَ جي جوڙجڪ آسان ٿي وئي آهي، جنهن جو لازمي نتيجو خلافتِ آدم ۽ عالمي حڪومت جو قيام هوندو.
ياد رهي ته مولانا جي انهيءَ ذهني ڪشادگي ۽ دورانديشي جي اؤسر ۾ شيخ الهند مولانا محمود الحسنؓ جو وڏو هٿ آهي. مولانا سنڌي پندرنهن سالن جي عمر ۾ ديني علم حاصل ڪرڻ لاءِ ديوبند آيو. اتي کين شيخ الهند جهڙو ڪامل استاد مليو. شيخ الهند ٿورڙي ئي عرصي ۾ پنهنجي شاگرد جي بي پناھ صلاحيتن جو اندازو ڪري ورتو هو، انهيءَ ڪري ئي پاڻ مولانا سنڌي جي تعليم ۽ تربيت تي خاص توجهه ڏنائون.
ديوبند مان تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ مولانا سنڌي سنڌ ۾ موٽي آيو. ڇهن ستن سالن تائين پنهنجي علم سان پنهنجي شاگردن کي سيراب ڪندو رهيو. انهيءَ عرصي کان پوءِ حضرت شيخ الهند مولانا صاحب کي ديوبند موڪليو ۽ کيس مدرسي جي پراڻن شاگردن کي منظم ڪرڻ جو ڪم حوالي ڪيو. حضرت شيخ الهند جي تربيت سان مولانا سنڌي ديوبنديت جي ظاهري رنگ ۽ روپ کان متاثر ٿيڻ بدران، ديوبند جي انهيءَ روح تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن کي ديوبند جي اڪابرن امام شاھ ولي الله محدث دهلويؓ وٽان اخذ ڪيو هو. انهيءَ ڪري ئي مولانا محمد قاسم نانوتويؓ، جيڪو ديوبند مدرسي جو باني هو سو ۽ حضرت شيخ الهند ظاهري شڪل شبيهه ۽ رسمن جي پردن کي هٽائي، پنهنجي پياري شاگرد (مولانا سنڌي) کي انهيءَ جي روح جو جلوو ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
ديوبند جي امت لاءِ علمي، سياسي ڀلائي گھرندڙ روح کان واقفيت جو اهو نتيجو نڪتو جو مولانا جهڙي طرح سِکَ سماج جي دائري مان نڪري مسلم امت جي پکڙيل دائري ۾ داخل ٿيو، اهڙي طرح هاڻي مسلمانن جي جڙتو سماج مان، جنهن کي هو اسلام جو نالو ڏئي رهيا هئا، ئي تنگ ٿي پيو هو. ديوبند اڪابرن جي درٻار جي هڪ حصي ته کيس ”ڪافر“ جو لقب به ڏئي ڇڏيو. شيخ الهند جي تربيت سان مولانا اهو ڄاڻي ورتو هو ته اسلام اهو نه آهي، جيڪو اسلام جو نالو کڻندڙ هي ٺيڪيدار پيش ڪري رهيا آهن.
حضرت شيخ الهند جي چوڻ تي مولانا دهلي هليو ويو ۽ اتي ”نظارة المعارف“ نالي هڪ مدرسي جو بنياد وڌو. هتان ئي مولانا قرآن ڪريم جي تفسير کي انقلابي نقطي نظر کان پيش ڪرڻ شروع ڪيو ته جيئن نئين اسلامي معاشري جي جوڙجڪ ٿي سگھي. انهيءَ وچ ۾ پهرين عالمي جنگ شروع ٿي وئي ۽ اهم سياسي مقصدن جي پورائي لاءِ مولانا صاحب کي شيخ الهند وٽان ڪابل وڃڻ جو حڪم مليو.
انهن ڏينهن ۾ ڪابل ايشيا جو سوئزلينڊ بڻيل هو. هتي هر سلطنت جا ڏاها ۽ سياست دان هڪ ٻئي کي ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪري رهيا هئا. مولانا بين الاقوامي سياست جي انهيءَ ڇڪتاڻ کي نه رڳو ڏٺو، پر انهيءَ ۾ عملي حصو پڻ ورتو. هتي مولانا صاحب کي شيخ الهند جي تربيت جا جوهر ڪم آيا. مولانا خلافت کي بچائڻ لاءِ ڪابل آيو هو، پر ترڪي خلافت جي اداري کي ختم ڪري ڇڏيو. انهيءَ سان مولانا جي فڪر ۾ هڪ بنيادي تبديلي آئي. ان جي سامهون ’بين الملي‘ منظر ختم ٿي ويو هو. هاڻي هو مجبور هو ته هندستان ۾ پنهنجي هندو ساٿين سان ملي، آزادي جي جاکوڙ ۾ حصو وٺي ۽ مسلم بين الاقواميت کي مستقل مسلم قومي هيڪڙائيءَ تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري.
هندستان ۾ حضرت شيخ الهند کي گرفتار ڪيو ويو. هو مالٽا ۾ ستن سالن جي قيد کان پوءِ جڏهن وطن موٽي آيو ته ڪانگريس ۾ شامل ٿي ويو. ان سان گڏ ئي مولانا محمد علي جوهر، ڊاڪٽر انصاري، مولانا شوڪت علي ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد به ڪانگريس ۾ شامل ٿي ويا. مولانا انهن کي حالتن کي سامهون رکندي ڪابل ۾ ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي شاخ قائم ڪئي ۽ ان جو صدر به پاڻ ئي ٿيو.
حالتن جي دٻاءَ ۽ ريشمي رومال جي سازش کي سامهون رکندي مولانا کي پنهنجي گرفتاريءَ جو خدشو محسوس ٿيو. ٿيو ائين جو برطانوي حڪومت گرفتاريءَ جا وارنٽ به جاري ڪري ڇڏيا، تنهن ڪري مولانا ڪابل کان روس هليو ويو، جتي کين هڪ اهڙي نئين دنيا جي اڏاوت کي ڏسڻ جو موقعو مليو جنهن جو هو سوچي به نٿي سگھيو. هتي حضرت شيخ الهند جي تربيت سان مولانا کي جيڪا ذهني ڪشادگي ۽ مخالف جي فڪر کي برداشت ۽ دور انديشيءَ سان مطالعو ڪرڻ جي جيڪا صلاحيت ملي هئي، سا ڪم آئي. ايئن مولانا کليل ذهن سان سماجي فلسفي ۽ عمل کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي.
جڏهن شيخ الهند مدرسي ديوبند جي اڳواڻي سنڀالي ۽ هن مولانا سنڌيءَ کي پاڻ وٽ گھرائي ورتو ۽ جميعت الانصار جو قيام وجود ۾ آيو جنهن جو ناظم اعلى مولانا سنڌيءَ کي مقرر ڪيو ويو. انهيءَ جميعت جو بنيادي مقصد هي هو ته ديوبند ۽ علي ڳڙھ جي شاگردن جي اندر فڪري ۽ علمي ڳانڍاپو ۽ مضبوطي پيدا ڪئي وڃي ته جيئن امت جا هي ٻه فڪري وهڪرا، جدا جدا رخن ۾ وهڻ جي بدران گڏجي وهڻ شروع ڪن . مولانا سنڌي جي محنت ۽ شيخ الهند جي اڳواڻي سان جميعت جو دائرو تمام گھڻو پکڙيو. هڪ گڏجاڻيءَ ۾ ٽيهه هزار عالم شريڪ ٿيا!
1876ع ۾ ڪانگريس جيڪا هندو مسلم اتحاد جي بنياد تي وجود ۾ آئي هئي، گانڌي جي اڳواڻيءَ جي ڪري ان ۾ بگاڙ پيدا ٿيڻ شروع ٿيو ۽ مسلمان اڳواڻ هڪ ٻئي پويان ڪانگريس مان نڪرڻ شروع ٿي ويا. ان جو وڏو سبب هي هو ته گانڌي رڳو هڪ سياسي اڳواڻ ئي نه هو، پر هو ”مهاتما“ بڻجي ويو هو ۽ هندو ڌرم کي زنده رکڻ هن جو مقصد بڻجي ويو هو. انهيءَ ڪري گانڌي جيڪو ’هڪ ملڪ‘، ’هڪ قوم‘، ’هڪ ٻولي‘، ’هڪ تهذيب‘ ۽ ’هڪ ئي زندگي‘ واري فلسفي جو جيڪو نعرو هنيو هو، ان جو عملي مفهوم ۽ مقصد آريا ورت، هندو قوم، ٻولي ، ويدڪ تهذيب ۽ گانڌي جي پنهنجي مخصوص فلسفي جو جياپو هو. گانڌي انهيءَ تاريخي حقيقت کي نظر انداز ڪري ڇڏيو ته هزار سالن کان هڪ ٻي قوم، هڪ ٻي ٻولي، هڪ نئين تهذيب ۽ هڪ نئون فڪر اسلام جي شڪل ۾ هندستان کي پنهنجو گھر بڻائي چڪو آهي ۽ هن ڌرتيءَ تي ان جو به ايترو ئي حق آهي جيترو گانڌيءَ جي قوم، ٻولي، تهذيب ۽ فلسفي جو آهي. ان کانسواءِ هن اهو به منظر نظر انداز ڪري ڇڏيو ته انگريزن جي اچڻ سان هڪ ٻي نئين تبديلي به اچي چڪي آهي ۽ اها تبديلي زندگيءَ جي هر شعبي تي اثر انداز ٿي چڪي آهي.
حضرت شيخ الهند ٽي شيون ٻڌايون آهن؛ هڪ اهو ته ديوبندي ۽ علي گڙھ پارٽي گڏجي ڪم ڪري، ٻيو هي ته انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شرڪت ڪئي وڃي ۽ اسلامي ملڪن جي سياست کان جدائي اختيار ڪئي وڃي ۽ ٽيون هي ته ديوبندي جماعت امام ولي الله جي فلسفي ۽ مولانا محمد قاسم نانوتويؓ جي حڪمت کي پنهنجي فڪري ۽ عملي زندگيءَ جو بنياد بڻائي.
حضرت شيخ الهند جي وفات کان پوءِ ديوبند تي مذهبي تنگ نظري جو غلبو ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ مولانا سنڌيؓ کي اتان نڪرڻو پيو. جامعه مليه به انهيءَ تنگ نظري جو شڪار ٿي وئي جنهن ڪري ديوبند ۽ علي ڳڙھ جي فڪري اتحاد وارو خواب تعبير ٿي نه سگھيو. گانڌيءَ جي هندو پرستيءَ هندو مسلم اتحاد کي اندران ئي اندران کوکلو ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ديوبند عالم پنهنجي رجعت پسند مذهبي فڪر جي ڪري، امام ولي الله ۽ حضرت نانوتويؓ جي فلسفي ۽ حڪمت کي سمجھي نه سگھيا. ايئن حضرت شيخ الهندؓ جو خواب پورو نه ٿي سگھيو.
مولانا سنڌي روس کان ترڪي پهچي ويو ۽ جديد ترڪي جي اڏاوت جو چئن سالن تائين مطالعو ڪندو رهيو. ان کان پوءِ سوئيزرلينڊ ۽ اٽلي کان ٿيندي مڪي پاڪ وڃي پهتو. سعودي حڪومت سان معاهدو ڪري ٻارنهن سالن تائين حرم پاڪ مقدس ڀتين جي ڇانو ۾ ٽڪي پيو. انهيءَ وچ ۾ مصر مان نڪتل تازن علمن تي لکڻيون ۽ هندستان ۾ ڇپجندڙ فڪرن تي آڌاريل لکڻين جو مطالعو ڪندو رهيو. ان دوران مولانا سنڌيؓ امام ولي الله ۽ ان جي خاندان جي لکڻين جو تمام ئي اونهائيءَ سان مطالعو ڪيو. بالا ڪوٽ ۾ ولي اللهي سياسي هلچل جي هار جا سبب جاچيندو رهيو. انهن سمورين ڳالهين جو مطالعو ۽ تجربو رکندڙ، شيخ الهندؓ جي تربيت ورتل هن تمام ئي عزت ڀرئي شاگرد 1939ع ۾ ڪراچيءَ جي سمنڊ ڪناري قدم رکيو. هتي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جون متضاد تحريڪون هلي رهيون هيون. مسلمانن جي گھڻائي ڪانگريس کان بدظن ٿي چڪي هئي. ديوبند جو مدرسو رجعت پسند اسلامي فڪرن جو ڳڙھ بڻجي ويو هو. سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته مولاناؓ ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيڻ سبب ڄمي ڪري پنهنجي فڪر کي ترتيب ڏئي، ان جي اشاعت نه ڪري سگھيو. پروفيسر محمد سرور انهيءَ تي ڪجھه ڪم ڪيو، پر ڪو نتيجو نڪري نه سگھيو. اڄ به مولاناؓ جي مقصدن ۽ منشور جي اوچائي ۽ اونهائيءَ کي سمجھڻ واري جي ضرورت آهي. ٿي سگھي ٿو ته وقت جي ڪنهن موڙ تي مسلمانن کي پنهنجي فڪري ۽ عملي تنظيم جي لاءِ مولانا (سنڌؓ) جي فڪرن جي ضرورت پوي .
مون سورة الفاتحه جي تفسير ۾ مولانا سنڌيؓ جي انهن اوچن فڪرن مان ڀرپور استفادو ڪيو آهي. اهو هڪ اهڙو علمي ۽ انقلابي دستاويز بڻجي ويو آهي جنهن جي روشنيءَ ۾ سموري قرآن پاڪ جو مطالعو ڪري سگھجي ٿو. ان جو نتيجو اهو ٿيندو ته قرآن پاڪ جي فڪري پختگي هڪ دفعو ٻيهر بحال ٿي، انساني زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ارتقا لاءِ رهنمائي ڪندڙ سگھه ثابت ٿيندي.
ٿي سگھي ٿو ته روايت پسند عالمن کي انهيءَ سان اختلاف هجي، پر انهن کي اها ڳالهه چڱيءَ طرح سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته ڪابل ۾ هندستان جي آزاديءَ جي جاکوڙ لاءِ پندرنهن سالن واري عرصي جي تجربن، ترڪي جي انقلاب ۽ روس اندر آيل اشتراڪيت جي ڪاميابيءَ سان پيدا ٿيندڙ نتيجن ۽ يورپ جي صنعتي ۽ فني ارتقا، انسان جي ڪائناتي ۽ سماجي ارتقا ۾ جيڪو حصو ورتو آهي، تنهن زندگيءَ جي هر شعبي جو انقلاب آڻي ڇڏيو آهي. انهيءَ انقلاب کي مولانا سنڌيؓ نه رڳو پنهنجي اکين سان ڏٺو، پر انهن انقلابي قوتن سان گڏ رهي، زندگيءَ جي نئين سر تعمير جو مطالعو به ڪيو آهي. انهيءَ معيار تي تمام ئي ٿورا مسلمان اڳواڻ پورا لهندا آهن، جن پنهنجي فڪر جي تدوين ۾ انهن تجربن کان ڪم ورتو هجي.
مون مولاناؓ جي فڪر کان سواءِ علامه عبدالرحيم پوپلزئي جي انقلابي فڪر ۽ عمل سان، ڊاڪٽر خليفي عبدالحڪيم، ڊاڪٽر فضل الرحمان، ڊاڪٽر يوسف گورايه، ڊاڪٽر علي شريعتي ۽ ڊاڪٽر رفيع الدين جي جديد فڪرن ۽ انهن جي اولهه تي ٿيل تنقيد جو اونهائي سان مطالعو ڪيو آهي. ان سان گڏوگڏ پنهنجي قابل احترام دوست قاضي ڪفايت الله، جيڪو هڪ دور انديش، روشن فڪر ۽ گھرو مطالعو رکندڙ عالم دين آهي، جي ذريعي مصر ۽ الجزائر جهڙن عرب ملڪن جي مالڪ بن بني ۽ محمد الغزالي جهڙن روشن فڪر مفڪرن جي نظرين کان به واقفيت حاصل ڪئي آهي. مون کي اميد آهي ته هي تفسير ملسم ذهن ۾ انقلابي فڪر ۽ عمل جي جذبن کي جاڳائيندو ۽ اهو قرآن جو انقلابي فڪر ۽ مسلم امت جي اڳواڻيءَ کي دنيا جي قومن ۾ روشناس ڪرائڻ جو وسيلو ٿيندو.
-الطاف جاويد