اياڪ نعبد
هن آيت سڳوري جي ذريعي سورت الفاتحه ۾ زندگيءَ جي سڌاري ۽ تڪميل لاءِ بنيادي اصول ۽ قانون بيان ڪرڻ کان پوءِ، دعا وارو انداز اختيار ڪيو ويو آهي. اهو انداز ٻڌائي ٿو ته جن عملن ۽ عقيدن سان انسان تباهي ۽ برباديءَ جو شڪار ٿئي ٿو، انهيءَ کي وحي جي ٻوليءَ ۾ بيان ڪرڻ بدران، انسان پنهنجي ٻوليءَ ۾ انهن جو اقرار ڪري. بيان جو اهو انداز فرد جي نفسيات ۾ هاڪاري ۽ ناڪاري، ٻئي عقيدا ۽ عمل مضبوط ڪرڻ ۾ تمام ئي مددگار آهي. ڇو جو ان ۾ انسان ٻئي جي زبان سان نٿو ٻڌي، پر پنهنجي زبان سان مڃي ٿو ۽ انهن کان بچڻ لاءِ پنهنجي پالڻهار کان دعا گھري ٿو. علامه اقبال فرمايو آهي ته دعا انسان جي نفسيات کي به تبديل ڪري ڇڏيندي آهي ۽ انهيءَ سان انسان پاڻ ئي بدلجي ويندو آهي.
اهڙي طرح خدا تعالى جي هستي، ان جي ربوبيت ان جي عام رحمت ۽ دنياوي ۽ آخرت واري عدالت جي عقيدي تي ايمان آڻڻ کان پوءِ، فرد انهيءَ نتيجي تي پهچي ٿو ته انساني زندگي کي ڪامياب ڪرڻ وارن انهن عقيدن کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ئي نه آهي. تنهن ڪري هو دعا ڪري ٿو، اقرار ڪري ٿو ۽ واعدو ڪري ٿو ته هو انهن عقيدن ۽ انهيءَ رستي کانسواءِ، ٻئي ڪنهن عقيدي کي پنهنجائڻ ۽ ٻئي ڪنهن رستي تي هلڻ جي ڪوشش نه ڪندو. اها دعا، اهو اقرار يا واعدو هڪ فرد پنهنجي خالق سان به ڪندو آهي ۽ پنهنجي فطرت جي اعلى حصي سان به ڪندو آهي، جيڪو خدائي روح تي مشتمل هوندو آهي. ڇو جو خدا انسان کان پري نه آهي، ان جي فطرت جو حصو آهي ۽ انسان جي ساھ واري رڳ کان به وڌيڪ ويجھو آهي. الله تعالى سان واعدو پنهنجي فطرت جي اعلى حصي کي پنهنجي ادنى حصي تي سوڀارو رکڻ جو اقرار آهي. قرآن کان سواءِ گيتا به انهيءَ فلسفي تي ڀرپور روشني وڌي آهي.
گيتا جي نظر ۾ جسم ۽ ان جي جبلتن جون حيواني گھرجون انسان جي ادنى فطرت آهي. گيتا انهيءَ کي ”اپراپر ڪرتي“ سڏي ٿو. اها ادنى فطرت ٽن بنيادي جذبن، ڪم (جنسي خواهش)، لوڀ (لالچ ۽ خود غرضي) ۽ ڪروڌ (ڪاوڙ ۽ نفرت ڀريل جذبن)تي آڌاريل آهي. قرآن ڪريم وري ٻڌائي ٿو:
انطَلِقُوا إِلَىٰ ظِلٍّ ذِي ثَلَاثِ شُعَبٍ (٣٠)لَّا ظَلِيلٍ وَلَا يُغْنِي مِنَ اللَّهَبِ (٣١)
﴿المرسلات﴾
ترجمو: ”(چئبن ته اي بدڪارؤ) ٽن شاخن واريءَ ڇانوَ ڏانھن وڃو. نه ٿڌي ڇانوَ ھوندي ۽ نه (باھ جي) توَ کان توکي بچائيندي.“
يعني اهو ٽه رخو پاڇو شهواني قوت، لوڀ ۽لالچ ۽ ڪروڌ ۽ ڪاوڙ وارن جذبن جو عڪس آهي.
انساني فطرت جو ٻيون درجو جيڪو تمام ئي نازڪ آهي، حواس، عقل ۽ چاهت (دل) وغيره آهي. گيتا انهيءَ کي ”پاپر ڪرتي“ سڏي ٿو. فطرت انساني جو ٽيون درجو روح آهي، جنهن کي قرآن ڪريم خدائي روح جو ڦوڪجڻ چوي ٿو. اهو حقيقي انسان آهي ۽ هي موت کان پوءِ پنهنجي عملن جي اثرن سان جسم کان جدا ٿي ويندو آهي. پهريان ٻه درجا جسم ۽ عقل وغير روح جي لاءِ لباس جي حيثيت رکندا آهن. انهيءَ روح کي علامه اقبال خودي (Ego) سڏي ٿو.
گيتا جي نظرئي موجب اهو روح قائم رهي ٿو ۽ ڪڏهن به فنا نٿو ٿئي. ٻالڪپڻ ۾ ساڳيو ته جواني ۽ ڪراڙپ ۾ به ساڳيو ئي هوندو آهي. اهو ڪڏهن به بدلجي نٿو ۽ اهو ئي اصل شيءِ آهي. انسان نه جسم جو نالو آهي نه عقل جو ۽ نه ئي چاهت جو، پر اهو روح جو نالو آهي. اهو روح هميشه رهندڙ آهي ۽ اهو ئي الاهي قوت (Divine Energy) آهي. گيتا انهيءَ کي اعلي فطرت سڏي ٿو.
قرآن چيو آهي ته فرد جيڪو به نيڪ ڪم ڪري ٿو؛ عبادت، رياضت وغيره، اهي سڀ سندس ئي ڀلي جا عمل آهي.
مَّنْ عَمِلَ صَالِحًا فَلِنَفْسِهِ وَمَنْ أَسَاءَ فَعَلَيْهَا وَمَا رَبُّكَ بِظَلَّامٍ لِّلْعَبِيدِ
﴿فصلت: ٤٦﴾
ترجمو: ”جيڪو چڱا ڪم ڪندو سو پاڻ لاءِ (ڪندو) تنھن تي (ئي اُن جو نقصان) آھي، ۽ تنھنجو پالڻھار ٻانھن تي ظلم ڪرڻ وارو آھي.“
گوتم ٻڌ به فرمائي ٿو ته چور انهيءَ لاءِ چوري ڪري ٿو ته هو ڀاڳئي کي وڌيڪ واپس ڪري. قاتل جو خنجر آخر ڪار ڏانهن ئي واپس ايندو آهي. بدڪار جي بدڪاري باھ وانگر سندس ئي ذات کي ساڙي ڇڏيندي آهي. مهاتما جي اهڙي اعلي تعليم جا لفظ بهار صوبي ۾ ٻڌ ڌرم جي نالنده يونيورسٽيءَ جي مک دروازي تي لکيل آهن. انهن جو مطلب به اهو ئي آهي ته، فرد کي نيڪ ۽ بد عملن جا نتيجا کيس ئي ڀوڳڻا پوندا آهن. الله تعالى سان انهن جو ڪوبه واسطو نه آهي.
فرد جڏهن پنهنجي خالق کي ايئن چوي ٿو ته توکانسواءِ ٻيو ڪنهن جي به عبادت نه ڪندس، ته ان جو مطلب هي هوندو آهي ته ڪجھه هستيون ۽ شيون اهڙيون به آهن، جن جي اطاعت ۽ پوڄا به ٿي سگھي ٿي. قرآن ڪريم ۾ جڏهن غور ڪري ڏسبو ته خبر پوندي پهرين ڳالهه جنهن جي قرآن مخالفت ڪئي آهي سا بت پرستي آهي. فطرت جي جلالي ۽ جمالي قوتن کي شخصي روپ ڏئي، انهن ۾ خدائي صفت منسوب ڪري انهن جي پوڄا ڪرڻ، عبادت جو غلط طريقو ۽ جاءِ آهي. ان جو سبب هي آهي ته هڪ ته اها ڳالهه انسان جي عظمت جي خلاف آهي. ڇو جو انسان پاڻ ڪائنات جي سمورين قوتن، ويندي ملائڪن کي به فرمانبردار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو پاڻ ئي انهن جي عبادت ۾ لڳي وڃي ٿو. ان جو ٻيو سبب هي آهي ته عبادت جو اهو طريقو انسانن ۾ وهمن کي پکيڙي ٿو، جنهن ڪري اهي پنهنجي خالق حقيقي الله تعالى جي ذات سان سڌو سنئون پنهنجو لاڳاپو قائم ڪري نٿا سگھن. ٽيون اهو ته عبادت جي انهيءَ طريقي ۾ مذهبي پيشوائيت جي ضرورت هوندي آهي ۽ اها پيشوائيت مختلف طريقن سان عوام کان پئسو ڦريندي آهي؛ پنهنجو پاڻ کي انهن لاءِ ڇوٽڪارو ڏياريندڙ ٻڌائيندي آهي ۽ عوام کي عام تعليم کان وانجھيل ڪري ڇڏيندي آهي ته جيئن اهي پاڪ ڪتابن جو پاڻ مطالعو نه ڪري سگھن. انهيءَ مذهبي ٺيڪيداري واري نظام پويان رعايتون ڏنل طبقو پنهنجو پاڻ کي لڪائي وٺندو آهي. اهو طبقو مذهب جي نالي تي ۽ پاڪ ڪتابن جي سند سان، مزدورن جي محنت جي استحصال جو جواز حاصل ڪري وٺي ٿو. ٻئي پاسي مذهبي پيشوا عوام اڳيان هيءَ مرني وڄائيندو رهي ٿو ته دولتمند جي دولت خدا تعالى جي طرف کان آهي، اهو ئي تقديرون لکڻ وارو آهي. اهڙي طرح معاشري جي طبقاتي ورڇ کي خدا جي نالي تي قائم رکيو ويندو آهي ۽ عوام کي مختلف ديوتائن وغيره ۽ خدا جي نالي تي ڦريو ويندو آهي.
ٻئي ڳالهه انسان جو پنهنجي نفساني خواهشن کي الٰه يعني مقصد بڻائي ڇڏڻ آهي. شرڪ واري باب ۾ اڳي ئي ٻڌائي چڪا آهيون ته نساني خواهشن جي پورائي لاءِ جاکوڙيندڙ طبقو، حڪمران ۽ دولتمند ماڻهن تي مشتمل هوندو آهي. غلام، زرعي غلام ۽ پگھاردار غلام ته پنهنجي محنت سان ايترو ٿڪجي پوندو آهي، جو هو ٻئي ڪنهن ڳالهه تي ڌيان ئي نه ڏئي سگھندو آهي. نه ئي وٽس اهڙا موقعا ۽ ايتري دولت هوندي آهي، جو هو پنهنجي خواهشن جي پورائي لاءِ ٻين کي دوکو ڏئي سگھي؛ جهڙي طرح سان رعايتون ڏنل طبقي جا فرد ڪندا آهن. سورت الجاثيه جي آيت ۾ انهيءَ موضوع تي تفصيلي بحث ٿي چڪو آهي.
ٽئين ڳالهه توحيد پرست مذهبن جو اڪيلي الله جي عبادت بابت آهي. انهيءَ سلسلي ۾ عبادت جو مطلب نماز ورتو ويندو آهي ۽ ان کي ئي عبادت سڏيو ويندو آهي. ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ظاهري ادبن سان الله تعالى جي اڳيان بيهڻ ۽ رڪوع ۽ سجدو ڪرڻ به خدائي عبادت جي هڪ شڪل آهي، جنهن سان فرد جو پنهنجي مالڪ حقيقي يا پنهنجي فطرت جي اعلى حصي سان لاڳاپو قائم ٿي ويندو آهي ۽ فرد انهيءَ عبادت ڪرڻ ۾ پنهنجي نفساني خواهشن کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اهڙي طرح سندس نفس جو سڌارو ۽ صفائي ٿيندي آهي ۽ هو جبلتن جي حيواني گھرجن تي، پنهنجي خدائي فطرت جي مطالبن کي سوڀارو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
پر انهيءَ ظاهري عبادت کانسواءِ عبادت جو هڪ ٻيو قسم به آهي. اهو آهي معاشري جي طبقاتي بيهڪ کي بدلائڻ لاءِ ڪوشش ۽ ان جي بدلي ۾ ايندڙ تڪليفن تي صبر ڪرڻ. سورت المزمل ۾ جتي پاڻ سڳورنﷺ کي رات جي وقت ۾ بيهڻ ۽ رڪوع ۽ سجدن جي اجازت ڏني وئي آهي، اتي کين اهو به حڪم ڪيو ويو آهي ته، ڏينهن جي وقت سندن مٿان هڪ عظيم ذميواري حوالي ڪيل آهي، ان کي نڀائڻ لاءِ رات جو بيهڻ (قيام)، رڪوع ۽ سجدي واري وقت کي گھٽ ڪن. شروع ۾ سورت الم نشرح ۾ چيو ويو آهي ته قوم جي سڌاري جي ڳري بار جو غم تنهنجي چيلهه ڀڃي رهيو هو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته رات جو قيام، انهيءَ ڳري بار کي برداشت ڪرڻ ۽ معاشري جي انقلابي سڌاري کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ تياري جو هڪ ذريعو به هو. ڇو جو خدائي توحيد جي روشني ۾ معاشري جي طبقاتي طريقي کي بدلائي، جيڪو هڪٻئي ۾ جدائي ۽ شرڪ جو سبب آهي، وحدت قائم ڪرڻ ۽ طبقن کان مٿانهون غير طبقاتي معاشرو اڏڻ ئي نبوت جي ذميواري آهي. جيڪڏهن قيام ۽ سجدا معاشري جي غير طبقاتي اڏاوت واري مقصد کان هٽي، پنهنجو پاڻ ئي مقصد بڻجي وڃن ته اها ڳالهه خدائي مرضي ۽ نبوت جي ذميوارين جي خلاف ڳالهه هوندي.
افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اسلام ۽ ٻين مذهبن جي مذهبي پيشوائيت قيام ۽ سجدن (نماز)کي ئي رڳو مقصد بڻائي ڇڏيو آهي ۽ انهيءَ کي ئي ”عبادت“ ٻڌائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته معاشري جي طبقاتي بناوت کي تبديل ڪرڻ جي عمل کي عبادت جي عنوان مان ئي ڪڍي ڇڏيو ۽ ان کي هڪ دنياوي ڪاروبار سمجھي ورتو.
سمورا نبي سڳورا، پوءِ ڀلي اهي سامي نسل جا هجن يا آريائي ۽ زرد قومن سان واسطو رکندا هجن، سڀني جي عمل ۾ اها ڳالهه ساڳي نظر اچي ٿي ته انهن نمازن کانسواءِ معاشري جي اصلاح لاءِ ڏاڍن سان مٿو اٽڪايو. انهيءَ لاءِ کين سخت سورن سان منهن ڏيڻو پيو، جلاوطن ٿيڻو پيو يا وري کين قتل ڪيو ويو. جيڪڏهن اهي نبي سڳورا خاموشيءَ سان ظاهري عبادتن ۽ رياضتن ۾ رُڌل رهن ها ۽ انهيءَ ئي طريقي تي رهڻ لاءِ تبليغ ۽ تاڪيد ڪن ها، جنهن کي اسان جي ڪجهه عالمن ”دعوت و ارشاد“ جو نالو ڏئي ڇڏيو آهي، ته رعايتون ڏنل ۽ حڪمران طبقي سان مهاڏو اٽڪائڻ جي انهن کي ڪابه ضرورت نه هئي.
جيڪڏهن ايئن چئجي ته اهي بتن جي خلاف تبليغ ڪندا هئا، تنهن ڪري انهن جي مخالفت ڪئي ويندي هئي، ته هن کان اڳ ٻڌايو ويو آهي ته بتن جي مخالفت اصل ۾ انهن تي قائم ڪيل ٺيڪيداري ۽ مذهبي پيشوائيت واري نظام جي مخالت هئي، جيڪا انهن بتن جي نالي تي رعايتون ڏنل طبقي رائج ڪري ڇڏي هئي. انهيءَ ڪري قرآن ٻڌايو آهي ته نبين سڳورن کي چيو ويو ته تنهنجي نماز اسان جي دولت ۾ هٿ ٿي وجھي. صفا جبل تي جيڪا دعوت ڏني وئي ته پاڻ سڳورنﷺ جي چاچي ام جميله چيو هو ته توکي انهيءَ لاءِ پاليو سين ته تون اسان جي دولت ۾ هٿ وجھه؟ انهيءَ سلسلي ۾ سورت القصص جي آيت نمبر 5 تمام ئي اهم حيثيت رکي ٿي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نبين سڳورن جي موڪلڻ جو مقصد ئي اهو آهي ته محروم، مزدور ۽ پٺتي پيل فردن کي، جن جو وڏو تعداد غلامن تي مشتمل هوندو هو، تن کي ذلت واري زندگيءَ مان ڇوٽڪارو ڏئي، انهن کي معاشي خوشحالي، سياسي اقتدار ۽ علم ۽ تهذيب جي برڪتن سان نوازيو وڃي. آيت جا لفظ هي آهي جن ۾ فرعون سان ڳالهايو پيو وڃي:
وَنُرِيدُ أَن نَّمُنَّ عَلَى الَّذِينَ اسْتُضْعِفُوا فِي الْأَرْضِ وَنَجْعَلَهُمْ أَئِمَّةً وَنَجْعَلَهُمُ الْوَارِثِينَ(۵) وَنُمَكِّنَ لَهُمْ فِي الْأَرْضِ وَنُرِيَ فِرْعَوْنَ وَهَامَانَ وَجُنُودَهُمَا مِنْهُم مَّا كَانُوا يَحْذَرُونَ(۶) ﴿القصص﴾
ترجمو: ”۽ گھُريوسون ته جن کي مُلڪ ۾ ھيڻو ڪيو ويو تن تي اِحسان ڪريون ۽ کين سردار بڻايون ۽ کين وارث ڪريون. ۽ کين مُلڪ ۾ دٻدٻو ڏيون ۽ فرعون ۽ ھامان ۽ سندن لشڪرن کي اُنھن (ھيڻن) کان اُھا (ڳالهه) ڏيکاريون جنھن کان ڊڄندا ھوا.“
ان کانسواءِ قرآن ڪريم ڪيترن ئي جائن تي اهڙي قسم جي ارادي ۽ خيالن جو پٺتي پيل ۽ محروم طبقن جي حق ۾ اظهار ڪيو آهي. قرآن کانسواءِ ٻين پاڪ ڪتابن ۾ پڻ اهڙي قسم جي خيالن جو اظهار موجود آهي. ڊاڪٽر علي شريعتي ٻڌائي ٿو ته، هابيل جي قتل کان پوءِ آدم جو اولاد قابيل جي قبضي ۾ اچي ويو. اهو قابيل انساني تاريخ ۾ ٽن شڪلين ۾ وري وري ظاهر ٿيندو آيو آهي؛ پهريون حڪمران (فرعون)، ٻيو دولتمند (قارون) ۽ ٽيون مذهبي پيشوا (هامان يا بلعم باعور). اهي ٽئي ناپاڪ عنصر اڄ تائين آدم جي اولاد جي ڪنڌ تي سوار آهن. انهن جي قائم ڪيل قابيلي نظام، زندگيءَ کي ختم ڪري، هابيلي زندگيءَ وارو نظام آڻڻ ۽ اخلاقن کي رائج ڪرڻ لاءِ نبي سڳورا موڪليا ويا، جن جي مقصد کي حڪمران ۽ دولت مند طبقن مذهبي پيشوائن سان ملي، عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجھي، رڳو ظاهري رسمن جي ادائگي واري عبادت کي زندگيءَ جو اصل مقصد ٻڌائي ڇڏيو.
ڊاڪٽر شريعتي چوي ٿو ته توحيد ۾ خدا تعالى جو هڪڙو ئي چِهرو هوندو آهي ۽ اهو عوام جو چهرو هوندو آهي. پر مسلمان ۽ غير مسلمان مذهبي پيشوائيت، توحيد کي رڳو زباني اقرار تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهيءَ جي بنياد تي لا طبقاتي معاشري جي اڏاوت واري مقصد کي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيو، اڃا به ان کي ”دنياوي معاملو“ سڏي عبادت واري معنى مان ئي ڪڍي ڇڏيو، هاڻي مسلمان، عيسائي، يهودي ۽ ٻين مذهبن جا پيروڪار عبادت کي عبادتخانن اندر ڪجھه ظاهري رسمن کي پورو ڪرڻ جي معنى ۾ وٺن ٿا. حضرت شعيبؑ جي قوم جي تباهي ۽ برباديءَ بابت چيو ويو ته انهن جي تباهيءَ انهيءَ ڪري ٿي جو هنن پنهنجي ”نماز“ وڃائي ڇڏي هئي. جنهن جو مطلب اهو اهڙن اخلاقن، عقيدن ۽ عملن کان منهن موڙڻ آهي، جنهن ۾ امير ۽ غريب وچ ۾ موجود تمام وڏي وٿي کي پيداواري وسيلن تي ڏائي سان قبضو ڪري ويٺل طبقي بدران عوام جي ملڪيت کي قائم ڪرڻ واري عمل کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، ته جيئن عام ماڻهو معاشي خوشحالي، سياسي ۽ فڪري آزادي ۽ تهذيب ۽ علم جي روشنيءَ مان لاڀ پرائيندي ، پنهنجي خالق حقيقي سان تعلق قائم ڪرڻ جي لائق نه رهن. ڇو جو اهڙي طرح سان مادي ۽ ذهني ضرورتن جي پورائي سان عوام کي ڪجھه دلي اطمينان ۽ واندڪائي نصيب ٿي وڃي ٿي ۽ هو پنهنجي مالڪ حقيقي سان تعلق قائم ڪرڻ جي لائق بڻجي وڃن ٿا.
تنهن ڪري اهي سمورا عمل ۽ ڪوشش، جيڪا معاشري کي توحيدي معاشري (جنهن ۾ پيداواري وسيلا عوام جي ملڪيت ۾ هوندا) بڻائڻ ۾ خرچ ٿيندي، سا خدائي عبادت ۾ شامل هوندي. اصل ۾ نماز جي ظاهري عبات جو مقصد به معاشرتي سڌاري جي لاءِ ڪم ڪرڻ آهي جيڪو ڪم هڪ لڳاتار عبادت آهي. اها ئي ڳالهه سمورين نبين سڳورن ۽ انهن جي پيروڪارن جو مقصد هئي ۽ اهو ئي مقصد خاتم النبيين، سيد المرسلين حضرت محمدﷺ ۽ سندن صحابن سڳورن جو هو. عام مزدور ماڻهن کي، رعايتون ڏنل طبقي ۽ مذهبي پيشوائيت جي ملي ڀڳت سان تيار ڪيل سازش کان خبردار رهڻ لازمي آهي.
مسلمان توڙي غير مسلمان مذهبي عالم جيڪڏهن سياست ۾ حصو وٺن ٿا، ته انهن جو مقصد معاشري جي طبقاتي طريقي کي تبديل ڪرڻ نه هوندو آهي، پر خيرات ۽ زڪوات جي ورهاست وسيلي، دولتمندن وٽان ڪجھه پئسا وٺي عوام کي ڏيڻ گھربل هوندو آهي. دنيا جي مذهبن جي مذهبي پيشوائيت، پيداواري وسيلن کي هڪ خاص ۽ محدود طبقي جي ملڪيت کان آزاد ڪري، عوام جي ملڪيت ۾ ڏيڻ کي خدائي عبادت نٿي سمجھي. ايئن ڪرڻ سان اهي نبين سڳورن جي طريقي تي هلڻ جي سعادت کان نه رڳو پاڻ ئي محروم ٿي وڃن ٿا، پر عوام کي محروم ڪري ڇڏن ٿا.
اهڙي طرح ”اياک نعبد“ جو مطلب هي ٿيندو ته ماڻهو واعدو ڪري ٿو ته هو نه ته بتن جي پوڄا ڪندو، نه پنهنجي نفساني خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجي زندگي وڃائيندو ۽ نه ئي پيداواري وسيلن جهڙوڪه زمين، ٻيلن، مشينن، پيٽرول ۽ ٻين شين جي کاڻين تي قبضو ڪري ويٺلن جي قبضي کي مڃيندو. ڇو جو اهي سمورا پيداواري وسيلا الله تعاليٰ انسان جي فائدي لاءِ پيدا ڪيا آهن. انهن وسيلن تي طاقت ۽ ٺڳيءَ سان ڪي ٿورڙا ماڻهو قبضو ڪري پاڻ معبود بڻجي ويٺا آهن. ماڻهن جي گھڻائي کي، ڪوڙن معبودن جي هٿان، پنهنجي محنت وڪڻي پيٽ پالڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي.
”اياک نعبد“ اصل ۾ انهن سمورن ڪوڙن خدائن جي خلاف بغاوت جو اعلان آهي. ڇو جو انهن رزق جي وسيلن تي قبضو ڪري، عام انسان کي پنهنجي اڳيان جھڪڻ ۽ فرمانبرداري لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو آهي. جيئن هن کان اڳ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته تاريخ ٻڌائي ٿي ته حڪمران، دولت مند ۽ مذهبي پيشوائيت جي ٽه ياري، انسانن جي مٿان ظلم جا جبل ڪيرائي ڇڏيا آهن. جيستائين پيداواري وسيلن تي ذاتي ملڪيت جو نظام قائم رهندو، اهو ظلم ۽ ڏاڍ ٿيندو رهندو. خدا جي عبادت جو مطلب سمورن غير خدائن جي فرمانبرداري ۽ انهن جي اڳيان جھڪڻ کان بغاوت ڪرڻ آهي. انهيءَ بغاوت ۽ انقلاب کي مذهبي پيشوائيت لاديني عمل سڏي، عوام کي ٺڳيندي آهي. عوام انهن جي واعظن، تقريرن، تفسيرن ۽ عالمن جي احترام کان متاثر ٿي، انهيءَ ڏاڍائي ڪندڙ طبقي جي فرمانبرداري جاري رکيون ايندو آهي.
سمجھڻ گھرجي ته جنهن هاري، مزدور، اڳواڻ ۽ واپاري يونين جو مقصد پيداواري وسيلن کي عوام جي ملڪيت ۾ آڻي، غير طبقاتي معاشرو قائم ڪرڻ نه آهي، سو مزدور جي مقصد سان غداري ڪندڙ آهي. مزدور عوام جو فرض آهي ته اهڙي اڳواڻ ۽ واپاري يونين کي مڃڻ کان انڪاري ٿي وڃن، پوءِ ڀلي اهو اڳواڻ ڪيترو ئي وڏي مذهبي فڪر جي سند کڻي آيو هجي. مزدور عوام جي انقلاب جو رستو روڪڻ لاءِ ڪجھه مذهبي جماعتن واپاري يونينون ٺاهي ڇڏيون آهن، جن جو فلسفياڻي بنياد هي آهي ته پيداواري وسيلن تي ڪجھه فردن جو ذاتي ملڪيت جي حيثيت سان قبضو جائز آهي. انهن جو اهو به خيال آهي ته طبقا ۽ طبقاتي معاشرو خدا تعالى جي مرضيءَ مطابق ٺهي ٿو. ٿيڻ ايئن گھرجي ته زڪوات، خيرات ۽ ميراث جي ورهاست وسيلي مزدور جي پگھار ۾ واڌارو ڪيو وڃي ۽ ان جي لاءِ سستي اگھه تي شيون مهيا ڪرڻ لاءِ يوٽيلٽي اسٽور قائم ڪيا وڃن. يعني هڪ فلاحي رياست قائم ڪئي وڃي، جيڪا انقلاب کي روڪڻ لاءِ هڪ سازش آهي. انهيءَ باري ۾ ڊاڪٽر انور سجاد لکيو آهي:
”مارڪس چيو هو ته سوشل وجود ئي سوشل سوچ جو تعين ڪندو آهي. انهيءَ ڪري حاڪم طبقا، عوام جي لاءِ ڏکين وقتن ۾، انهن سان همدرديءَ جو اظهار ڪنداآهن ۽ سڌارا نافذ ڪندا آهن، ته جيئن غير مطمئن ماڻهو مڪمل طور تي غير مطمئن بڻجي انقلابي نه بڻجي وڃن. يعني گھٽ بک.... گھٽ انقلاب!“
”انهيءَ ڪري سرمائيدار ملڪن جي فلاحي رياستن ۾، انقلابي جذبو نه رڳو گھڻو گھٽ هوندو آهي، پر ڪن حالتن ۾ ان جي محروم عوام رجعت پسند ٿي ويندي آهي (جيئن يورپ ۾ مزدور طبقو غير انقلابي بڻجي چڪو آهي). اهڙن اولهه جي ملڪن ۾ مزدورن جي سوچ، ٽئين دنيا جي انهيءَ عوام کان بلڪل مختلف هوندي آهي، جيڪي گندگيءَ ۾ رهندا آهن، جن کي بک، بيماري، بيڪاري جي خلاف ڪوبه بچاءُ نه هوندو آهي“.
(تلاش وجود، ص 214)
طبقاتي معاشري ۾ انسان جي حالت ڇا هوندي آهي؟ انهيءَ باري ۾ ڊاڪٽر سجاد لکي ٿو:
”طبقاتي معاشري ۾ انسان جو وجود ان کان وڌيڪ ڪجھه به نه هوندو آهي ته هو پنهنجي ذات کي وساري، پاڻ کي ترڪ ڪري، غير انسان بڻجي ويندو آهي. بي عملي، بي مقصد جاکوڙ جيڪا هو اڪيلي طور منظم بي انصافين جي خلاف ڪندو آهي، ان جو مقدر بڻجي ويندي، “.
(تلاش وجود، ص 43)
تنهن ڪري فلاحي رياست، رعايتون ڏنل طبقي ۽ مذهبي پيشوائيت جي مليل سازش آهي ته جيئن مزدور عوام انقلابي قدم نه کڻي سگھي. ”اياک نعبد“ هڪ مڪمل طور تي انقلابي نعرو آهي. جڏهن ته فلاحي رياست جو قيام انهيءَ نعري جي خلاف سازش آهي.
عبادت جي معنى بابت وڌيڪ وضاحت
هتي ڊاڪٽر يوسف گواريه جي عبادت جي معنى بابت ڪجھه لفظ لکيا وڃن ٿا، جن مان خبر پئي ٿي ته عبادت رڳو نماز جو ئي نالو نه آهي، پر اها معاشري جي سموري زندگي ۽ تنظيم تي حاوي آهي. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته انسان جي پيدائش جو مقصد عبادت آهي، جئين قرآن ڪريم ۾ فرمايو ويو:
وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْإِنسَ إِلَّا لِيَعْبُدُونِ ﴿الذاريات: ٥٦﴾
ترجمو: ”۽ جِنّن ۽ ماڻھن کي رڳو پنھنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيوسون.“
سمورن نبين سڳورن جي موڪلڻ جو مقصد اها ئي دعوت هئي. ڇو جو الله تعالى جي عبادت ئي انسان جو حقيقي مقصد آهي.
جڏهن خدائي عبادت زندگيءَ جو حقيقي مقصد آهي ته پوءِ انهيءَ مقصد جو صحيح تعين ۽ ان جي معنى ۽ مطلب جي صحيح سمجھه حاصل ڪرڻ پهرين ترجيح ٿيندي. اهو اصطلاح هڪ اهڙي تعبير جي گھرج ڪري ٿو، جيڪو جديد دؤر جي عقيدن، عبادتن ۽ اخلاقي رياستي يا حڪومتي، معاشرتي، معاشي، سياسي، تهذيبي ۽ تمدني معاملن ۽ مسئلن ۾ الله تعالى جي مرڪزيت کي ثابت ڪري وٺي.
انهيءَ لحاظ کان رسمي عبادتون انهيءَ پکڙيل ۽ همه گير خدائي عبادت جو جزو آهن. حڪم، حڪومت ۽ رياست جي سمورن معاملن، معاشرت، معيشت ۽ سياست جي سمورن معاملن، انفرادي، اجتماعي، قومي ۽ بين الاقوامي لاڳاپن ۽ رابطن جي سمورن اصولن ۽ قانونن کي توحيد تي بيهارڻ خدائي عبادت جا مختلف پاسا آهن.
إِنِ الْحُكْمُ إِلَّا لِلَّهِ أَمَرَ أَلَّا تَعْبُدُوا إِلَّا إِيَّاهُ ذَٰلِكَ الدِّينُ الْقَيِّمُ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ ﴿يوسف: ٤٠﴾
ترجمو: ”الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي حڪومت نه آھي، حُڪم ڪيائين ته خاص اُن (الله) کانسواءِ ڪنھن جي عبادت نه ڪريو، اُھو دين قائم آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن. “
معاشرتي ۽ معاشي نظام کي بدلائي ان کي توحيدي اصولن تي ٻيهر قائم ڪرڻ ئي نماز جون نظام آهي. انهيءَ تي ئي شعيبؑ جي قوم حيران ٿي کائنس پڇيو هو:
قَالُوا يَا شُعَيْبُ أَصَلَاتُكَ تَأْمُرُكَ أَن نَّتْرُكَ مَا يَعْبُدُ آبَاؤُنَا أَوْ أَن نَّفْعَلَ فِي أَمْوَالِنَا مَا نَشَاءُ ﴿هود: ٨٧﴾
ترجمو: ”چيائون ته اي شعيب تنھنجي نماز توکي حڪم ڪيو آھي ڇا ته جنھن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا ھوا تنھن کي يا پنھنجن مالن ۾ جيڪي ڪرڻ گھرندا آھيون سو ڇڏي ڏيون “.
”ڪائنات جي تسخير، انسانيت جي سمورن معاملن ۽ خالق، مخلوق ۽ ڪائنات جي لاڳاپن جي فطري اصولن کي سمجهڻ ۽ انهن مطابق انفرادي ۽ اجتماعي زندگي گذارڻ ئي خدائي عبادت آهي.“ توحيد جي عبادت ۽ نماز واري معنى کي عملي جامو پهرائڻ، يعني ان کي معاشرتي حالتن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي؟ انهيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر گواريه چوي ٿو ته خدائي عبادت جي انهيءَ وسيع تصور کي عملي جامو پهرائڻ جو فطري ۽ سائنسي ذريعو اها هدايت آهي، جيڪا قرآن ۾ محفو ظ آهي. موجوده دؤر ۾ قرآن ڪريم ڏانهن سڏڻ جو مطلب، انهيءَ فطري ۽ سائنسي طريقي جي دريافت ۽ زندگي ۽ ڪائنات جي سمورن معاملن کي انهيءَ تي بيهارڻ جي لاءِ ڪو عملي پروگرام جوڙڻ آهي. انهيءَ پروگرام جا ڪجھه اصول هن طرح آهن:
1. جديد سائنسي، ٽيڪنيڪي، حياتياتي، نفسياتي، معاشي ۽ جمهوري نظرين ۽ تصورن جي عظمت کي مڃيندي، انهن جي اصولن تي تحقيق ڪرڻ ۽ ڏسڻ ته اهي ڪيتري حد تائين خدائي عبادت جي قرآني عقيدي سان هڪجهڙائي رکن ٿا ۽ ڪنهن حد تائين ٽڪراءَ ۾ آهن.
2. فرد، خاندان، قبيلن ۽ قوم جي لاڳاپن، رياستي ۽ حڪومتي معاملن ۽ معاشرتي لاڳاپن کي الاهياتي عقيدن سان جاري ٿيڻ وارن ديني، اخلاقي ۽ روحاني گڻن تي بيهارڻ، ته جيئن فرد ۽ معاشري جا لاڳاپا ۽ فرد، معاشري ۽ رياست جا رابطا، خدائي عبادت واري عقيدي سان ڳنڍجي وڃن.
3. عقيدن، عبادتن ۽ معاملن جي اهڙي طرح سان تعبير ڪرڻ جو، اهي هڪٻئي جا مددگار هجن ۽ هڪ ٻئي سان ٽڪراءَ ۾ نه هجن. حقوق الله ۽ حقوق العباد ۾ انهيءَ توازن ۽ مناسبت کي اجاگر ڪرڻ، جنهن کي قرآن ”فطرت الله“ سڏيو آهي:
”فِطْرَتَ اللَّهِ الَّتِي فَطَرَ النَّاسَ عَلَيْهَا لَا تَبْدِيلَ لِخَلْقِ اللَّهِ
﴿الروم: ٣٠﴾
ترجمو: ”الله جي فطرت کي جنهن تي انسان کي پيدا ڪيو آهي (اختيار ڪري رک) الله تعالى جي بڻايل فطرت ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نٿي ٿي سگھي.“
4. گذريل زماني جي سياسي، معاشي ۽ معاشرتي نظام جي جياپي ۽ ان کي ٻيهر ترقي وٺرائڻ بدران، اسلام جي فطري، دائمي، هميشه قائم رهندڙ ۽ آفاقي اصولن کي صاف ۽ کليل انداز ۾ پيش ڪرڻ، ته جيئن انهن جي بنياد تي نئون سياسي، معاشي ۽ معاشرتي نظام وجود ۾ آندو وڃي. فطرت جو نظام پنهنجو پاڻ ئي ارتقا ڪندڙ آهي. ڪنهن دؤر جو سياسي نظام ڪيئن مستقل ٿي سگھي ٿو؟ زماني ۾ تبديلي اڻٽر آهي. جنهن نسبت سان فطرت ۽ معاشرت ارتقا ڪن ٿا، انهيءَ نسبت سان قرآني قدرن جي بنياد تي نئون نظام، لازمي طور وجود ۾ اچڻ جي گھُر ڪري ٿو.
5. قرآن ڪريم جي تعليم کي پيش ڪرڻ وقت انهيءَ اصول کي سامهون رکڻ گھرجي ته، قرآني تعليم جي هڪڙي تعبير ٿي چڪي آهي ۽ جديد تعبير ممڪن آهي. جنهن تعليم جي تعبير ماضي واري دؤر ۾، ٻاهرين گھرجن جي کوٽ جي ڪري هن وقت تائين نه ٿي سگھي، انهيءَ تعبير کي پهريان مڃوتي ڏيڻ ۽ ان جي پٺڀرائي ڪرڻ ئي قرآن ڏانهن دعوت ڏيڻ آهي. قرآن ڪريم پنهنجي اندر هر زماني جي گھرجن لاءِ هدايت رکي ٿو. هن زماني جي ماڻهن جو اهو فرض آهي ته اهي پنهنجي دؤر جي لاءِ محفوظ هدايت ڳولن. گذريل دؤر جي رهنمائن، پنهنجي پنهنجي دؤر جي گھرجن جي لاءِ هدايت ڳولي هئي. موجوده دؤر يا مستقبل جون حالتون يا گھرجون انهن جي سامهون نه هيون. اهي انهن تي پنهنجي فڪرن جو اظهار ڪيئن ڪن ها؟ قرآن ڪريم جي تعليم ڦير ڦار کان پاڪ آهي، پر مختلف حالتن ۾ ان جون تعبيرون تبديل ٿيندڙ آهن. شريعت خدا تعالى جي ڏنل آهي ۽ اها تبديل نٿي ٿي سگھي. جڏهن ته شريعت جي تعبير انسان جي آهي، تنهن ڪري ان ۾ تبديلي ممڪن آهي. اها به قرآن ڏانهن ئي دعوت آهي ته دائمي، آخري، اٽل ۽ نه تبديل ٿيندڙ کي وقتي، عارضي، تبديل ٿيندڙ کان جدا ڪيو وڃي ۽ ”لومة لائم“ سان شريعت کي شريعت ۽ تعبير شريعت کي تعبير شريعت سڏيو وڃي. (انقلاب مکہ اور فہم قرآن کے جدید مناہج ص 207، 210، از الطاف جاويد)