الرحمٰن
”العالمين“ جو لفظ قرآن ڪريم جي تعليم کي عالمگير، بين الاقوامي ۽ دائمي ٻڌائي ٿو. ڇو ته اسلام ۾ نبوت ختم ٿي چڪي آهي. تنهن ڪري اسلام ڪنهن نئين مذهبي گروھ بندي جو نالو نه آهي، پر ان جو بنيادي مقصد اهو ئي آهي ته گذريل سمورين مذهبي گروھ بندين کي دينن جي وحدت واري بنياد تي آڻي بيهاري، انساني وحدت جي جوڙ جڪ واري عمل کي هٿي ڏني وڃي.
قرآن ڪريم يهوديت ۽ ڪجھه ٻين دينن جي انهيءَ نظريي جي مخالفت ڪئي آهي ته الله تعالى جو تصور قومي به ٿي سگھي ٿو ۽ اهو قومي خدا پنهنجي قوم جي بڇڙن عملن تي ملڻ واري سزا کي تمام ئي جلد ختم ڪري، انهيءَ قوم کي بچائي وٺندو. انهيءَ تصور جي برخلاف قرآن ڪريم جو ٻڌايل خدا ڪنهن خاص قوم جو خدا نه، پر دنيا جي سمورن قومن جو خدا آهن. انهيءَ ڪري ڪابه قوم ان جي لاڏلي يا دل گھري نه آهي. جزا ۽ سزا جا قانون فطري آهي ۽ غير جانبدار آهن.
جيئن ته قرآن جو خدا دنيا جي سمورين قومن جو خدا آهي، تنهن ڪري هر قوم ۽ تهذيب خدا جي لاءِ ڪونه ڪو نالو متعين ڪري ڇڏيو آهي. قرآن ڪريم دنيا جي سمورين قومن جي خدا لاءِ مقرر ڪيل نالا ته نه ٿو ٻڌائي، پر نموني جي طور تي ”رحمٰن“ جي نالي کي پيش ڪيو آهي. قرآن ڪريم سڀ کان پهريان جن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي سي عرب هئا. حبشه جي عيسائي گورنر ابره، جيڪو يمن جو حڪمران هو، ڪعبت الله کي ڊاهڻ لاءِ مڪي تي حملو ڪيو. حبشه جي عيسائين وٽ الله تعالى جي لاءِ لفظ ” رحمٰن“ هو. تنهن ڪري عربن کي لفظ ” رحمٰن“ سان چڙ هئي. اها حقيقت آهي ته ابره جي انهيءَ ناپاڪ منصوبي جي تائيد ” رحمٰن“ نه ڪئي هئي. اهو هن جو ذاتي معاملو هو. انهيءَ ڪري ابره سان نفرت جو مطلب ” رحمٰن“ کان نفرت ڪرڻ غلط ڳالهه هئي. انهيءَ ڪري قرآن ٻڌايو ته الله تعالى جي ڪنهن به پاڪ نالي سان نفرت نه ڪرڻ گھرجي. اها نفرت قومن جي وچ ۾ نفرت جو ٻج پوکي ٿي جيڪا ڳالهه انساني وحدت جي خلاف آهي. انهيءَ سان وحدت بدران ويڇا پيدا ٿيندا جيڪو هڪ قسم جو ”شرڪ“ آهي ۽ شرڪ ظلم عظيم آهي. مڪي جا مشرڪ ۽ عرب ” رحمٰن“ جو انڪار ڪندا هئا (وقالوا وما الرحمٰن) اهو رحمٰن ڪير آهي؟ پر پاڻ سڳورنﷺ جن وحي جي ٻوليءَ ۾ فرمايو: ”ادعوالله اودعو الرحمٰن“ يعني رحمٰن الله تعالى جو ٻيو نالو آهي.
رحمٰن جو نالو حبشه ڏانهن هجرت واري وقت کان وٺي قرآن ڪريم ۾ اچڻ شروع ٿيو، ڇو ته حبشه جا عيسائي الله تعالى جي لاءِ ” رحمٰن“ جو نالو وٺندا هئا. انهيءَ دور ۾ حضرت مريم جو قصو قرآن ڪريم ۾ آيو ۽ نبي ڪريم ﷺ جن جي لاءِ مبشر يا بشير جو لفظ اچڻ شروع ٿيو. اهو ئي لفظ عيسائي حضرت عيسىؑ جي لاءِ ڳالهائيندا هئا. يعني خوشخبري ڏيندڙ (Evangelist).
” رحمٰن“ لفظ کان عربن کي ايتري ته چڙ هئي جو حبشه ڏانهن هجرت واري دور ۾ حضرت عبدالله بن مسعود پهريون دفعو ڪعبي جي سامهون بيهي وڏي آواز سان سورت الرحمٰن جي تلاوت ڪئي. مشرڪن کان اها ڳالهه برداشت نه ٿي ته سندس منهن تي ٿپڙون هڻڻ شروع ڪيائون ايستائين جو سندس منهن رتورت ٿي ويو، پر پوءِ به هن سموري سورت جي تلاوت ڪري چپ ڪئي. انهيءَ ڳالهه جي تائيد ۾ ته ” رحمٰن “ اسم صفت نه پر الله تعالى جي نالي وانگر اسم ذات آهي، جنهن جو ترجمو نٿو ٿي سگھي ۽ اهو لفظ عربي ٻوليءَ جو به نه آهي، پر اهو اصل ۾ عبراني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪا عربي ٻوليءَ جي ڀيڻ هئي. انهيءَ لاءِ سيد سليمان ندوي جي ڪتاب ”ارض القرآن“ جي ٻئي حصي جي آخر ۾ لکيل عبارت جو اقتباس ڏنو وڃي ٿو:
”خدا جي لاءِ ” رحمٰن“ جو لفظ اسلام کان اڳ عام طور تي عربن ۾ رائج ڪونه هو. اصل ۾ اهو عبراني ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ رڳو يهودي ۽ عيسائي ۽ ٻين مذهبن وارا ڳالهائيندا هئا. ايئن يمن (جتي ابره گورنر هو) جي آخري ڪتبن ۾ ” رحمٰن“ جو ئي نالو ملي ٿو. سد ارم جي عيسائي ڪتبن جي شروعات ”بنعمته الرحمٰن الرحيم“ سان ٿئي ٿي. تنهن ڪري اسلام جڏهن شروع ۾ ” رحمٰن“ جو نالو ورتو ته قريشن کي عجيب لڳو ته هي وري ڪهڙو نئون نالو آهي. صلح حديبيه ۾ حضرت عليؐ ٺاهه واري دستاويز جي منڍ ۾ بسم الله الرحمٰن الرحيم لکيو ته قريشن ان کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ته اسان ” رحمٰن“ کي نٿا سڃاڻون.
قرآن پاڪ ۾ قريش جي انهيءَ انڪار جي تشريح موجود آهي:
وَإِذَا قِيلَ لَهُمُ اسْجُدُوا لِلرَّحْمَٰنِ قَالُوا وَمَا الرَّحْمٰنُ أَنَسْجُدُ لِمَا تَأْمُرُنَا وَزَادَهُمْ نُفُورًا ﴿الفرقان: ٦٠﴾
ترجمو: ”۽ جڏھن کين چئبو آھي ته رحمٰن کي سجدو ڪريو، (تڏھن) چوندا آھن ته رَحمٰن ڇا آھي جنھن لاءِ اسان کي حُڪم ٿو ڪرين؟ تنھن کي سجدو ڪريون ڇا؟ ۽ (اُنھي ڳالھ ھٿئون) سندن نفرت وڌائي.“
وَهُم بِذِكْرِ الرَّحْمَٰنِ هُمْ كَافِرُونَ ﴿الأنبياء: ٣٦﴾
ترجمو: ”رحمٰن جي ياد کان اهي انڪاري آهن.“
قرآن انهن کي ٻڌايو ته الله تعالى جي لاءِ سمورا سٺا نالا وٺي سگھجن ٿا ۽ ”رحمٰن“ هڪ ئي ذات جو ٻيو نالو آهي.
قُلِ ادْعُوا اللهَ أَوِ ادْعُوا الرَّحْمٰنَ أَيًّا مَّا تَدْعُوا فَلَهُ الْأَسْمَاءُ الْحُسْنَىٰ
﴿الإسراء: ١١٠﴾
ترجمو: ”(اي پيغمبر) چؤ ته (الله کي) الله (جي نالي سان) سڏيو يا رحمان (جي نالي سان) سڏيو، جنھن نالي سان (اوھين) سڏيو انھي جا (سڀ) نالا چڱا آھن.“
قرآن ڪريم جي هر سورت جي شروعات ” بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ “ سان ٿئي ٿي. اسان جي مفسرن ”الرحمٰن“ ۽ ”الرحيم“ ٻن ساڳي معني وارا لفظ ثابت ڪرڻ لاءِ گھڻيون ئي تاويلون ڪيون آهن ۽ انهن ٻنهي لفظن جي معنى وچ ۾ تمام ئي نازڪ ۽ ٿورڙو فرق ڪڍيو آهي. پر اسان جي نظر ۾ اهو سڀ ڪجهه جبل کوٽڻ برابر آهي. قرآن ڪريم جي استعمال مان صاف ظاهر آهي ته ان ۾ رحمٰن جو استعمال صفت جي طور تي نه پر علم جي طور تي ڪيو آهي. ائين سڄي قرآن ڪريم ۾ 53 دفعا اهو نالو الله تعالى جي لاءِ استعمال ٿيو آهي. تنهن ڪري انهيءَ کي صفت سڏڻ صحيح نه آهي. سورت نبي اسرائيل جي مٿين آيت مان اهو سمجھي سگھجي ٿو ته رحمٰن الله تعالى جي صفت نه، پر اسم علم يعني اسم ذات آهي.
اسان سمجھون ٿا ته عرب ۾ ٻه متضاد جماعتون هيون، جن مان هڪ پنهنجي معبود کي الله ۽ ٻي رحمٰن سڏيندي هئي. اسلام انهن ٻنهي کي گڏائي ٿو ته توهان جنهن کي الله سڏيو ٿا ۽ اهو جنهن کي رحمٰن سڏيو ٿا، سي حقيقت ۾ هڪ ئي ذات جا ٻه نالا آهن ۽ انهن جي وچ ۾ فرق رڳو لفظن جو آهي. انهيءَ بنياد تي بِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيمِ جي معنى اسان جي نظر ۾ هيءَ آهي: ”اسان پنهنجو هي ڪلام انهيءَ الله جي نالي سان شروع ڪريون ٿا جنهن جو ٻيو نالو رحمٰن آهي جيڪو رحم ڪندڙ آهي“.
(ارض القرآن، صفحه 421-422)
اصل ۾ ختم نبوت جي ڪري پاڻ سڳورنﷺ جو مقصد هي هو ته مختلف قومن، جيڪي الله جي پوڄا ڪن ٿيون، پوءِ ڀلي ڪهڙي به نالي سان ڪري رهيون هجن، سي بي ديني ۽ شرڪ جي خلاف هڪ مورچو قائم ڪن. تجربو ٻڌائي ٿو ته لفظ ”رحمٰن “ جي ڪري حبشه جي بادشاھ حبشه ڏانهن هجرت ڪندڙن کي رحمٰن پرست سمجھي ڪري پناھ ڏني ۽ کين قريش جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ڊاڪٽر خليفي عبدالحڪيم پنهنجي ڪتاب ”اسلامڪ آئيڊيالوجي“ ۾ لکيو آهي ته ”قرآن ڪريم سمورن خدا پرستن کي هڪ وسيع برادري جي قيام تي به زور ڏنو آهي“.
خدا پرستن جي اها عالمگير برادري ان وقت تائين قائم نٿي ٿي سگھي، جيستائين انهن تهذيبن ۽ قومن، الله تعالى جي ذات جي لاءِ جيڪي نالا ڏنا آهن، انهن کي نه مڃيو وڃي. قرآن پاڪ جي ڳالهه ٻولهه دنيا جي سمورين قومن سان آهي. ڇو جو اهو آخري ”ذڪر للعالمين“ آهي. انهيءَ ڪري ٻين قومن جي خدائي نالن کي مڃڻ لاءِ نموني جي طور تي ”رحمٰن“ جو لفط استعمال ويو ڪيو آهي. ايئن هندن جي پاڪ ڪتاب ۾ اهو پرميشور، ڀڳوان، اوم، زرتشين ۾ اهور مزدا، يهودين ۾ يهودا، عيسائين ۾ پيءُ (اب) يا گاڊ (God)، ٻڌ مت ۾ قانون مطلق، جين مت ۾ رحم مطلق ۽ يونان ۾ سقراط زيوس (Zeus) يا اپالو (Opollo) سڏيو ويو آهي. چين جي لاؤتزيءَ ان کي تاؤ (Tao) سڏيو آهي.
الغيب
قرآن ڪريم انهيءَ حقيقت کي سامهون رکندي الله تعالى جي لاءِ ”الغيب“ جو لفظ استعمال ڪيو آهي. سرسيد ”الغيب“ جو مطلب الله ورتو آهي. الغيب کي ڪوبه اسم ذات ڏئي سگھجي ٿو. الغيب قرآن ڪريم جي عالمگير ۽ دائمي ڪردار کي تمام ئي سگھارو ڪري ڇڏيو آهي. ايتري تائين جو سعدي شيرازيءَ به چيو آهي:
بنام ان کو اصور نام اندارد
ايئن ئي لاؤتزي پنهنجي ڪتاب ”تاؤتَي ڪنگ“ ۾ چيو آهي: ”اهو عقل جنهن کي سوچ ۾ آڻي سگھجي سو عقل دائمي نه آهي، اهو نالو جنهن کي ڪو نالو ڏئي سگھجي سو ازلي نالو نه آهي، اهو جنهن جو ڪو نالو نه اهي، سو ئي زمين ۽ آسمان جو ماخذ آهي“.
”هڪ چاڪ ۾ ٽيهه پٽيون لڳنديون آهن. ۽ اها جاءِ جتي عدم آهي، يعني چاڪ جو سوراخ، انهيءَ تي ڦيٿي جي ڪارائتي هجڻ جو سڄو دارومدار آهي. مٽيءَ مان ٿانو ٺاهيو ويندو آهي، پر اهو جيڪو ان جو عدم آهي، يعني خلا انهيءَ تي ئي ٿانو جي ڪارائتي هجڻ جو دارومدار آهي. گھر ۾ دروازا ۽ دريون ڪٽي اسان گھر ٺاهيندا آهيون ۽ اهو جيڪو ان جو عدم آهي يعني گنجائش، انهيءَ تي ئي مڪان جي ڪارائتي هجڻ جو دارومدار آهي“.
”اسان تاؤ (حق) ڏانهن ڏسندا آهيون ۽ اسان کي ڪجھه به نظر ناهي ايندو. ان جو ڪوبه رنگ نه آهي. اسان تاؤ کي ڪن ڏئي ٻڌندا آهيون، ان جو ڪوبه آواز نه آهي، اسان تاؤ کي لوڏيندا آهيون، پر هو اسان کي هٿ ناهي ايندو. ان جو ڪوبه جسم نه آهي. سدائين! تاؤ گمنام رهندو آهي ۽ ور ور ڪري عدم ڏانهن واپس ايندو آهي“.
ڪائنات جي سڀ کان هيڻي شيءِ سڀ کان سگھاري شيءِ تي سوڀاري ٿيندي آهي. جيئن پاڻي ڇپ تي سوڀارو ٿي ويندو آهي. عدم انهيءَ حقيقت جي دل آهي. انهيءَ مان منهنجي سمجھه ۾ ”عدم ادعا“ جا فائدا ايندا آهن ۽ چپ رهڻ جو سبق ملي ٿو. تاؤ ڪڏهن ”ادعا“ نٿو پيو ڪري پر اهو سڀ ڪجھه جيڪو ٿيڻو هوندو آهي، ٿي ويندو آهي. اڻ ٿيڻو رهندو ئي نه آهي. (انواع فلسفه جي باب سريت مان اخذ ڪيل)
لاؤتزي جي نظر ۾ عدم جو مطلب رڳو انڪار نه، پر باري تعالى جو ڪنهن به قسم جي نالي ۽ نشان کان مٿانهون هجڻ آهي. قرآن ڪريم انهيءَ فلسفي کي ”ليس کمثله شي“ چئي سمجھايو آهي. يعني هو هر قسم جي مشابهت يا مثاليت کان پاڪ آهي.
قرآن ڪريم جي ”الغيب“ واري حقيقت تي روشني وجھڻ جي سلسلي ۾ هندو فلسفي جي اپاني شدن مان هڪ اپاني شد جو هي اقتباس ڏنو وڃي ٿو:
”سامهون واري وڻ مان هڪ ميوو پٽي اچ، هي وٺو مرشد سائين، تون انهيءَ ۾ ڇا ٿو ڏسين؟ مرشد سائين، مون کي انهيءَ ۾ ننڍڙا ننڍڙا ٻج نظر اچن ٿا. انهن مان هڪ ٻج کي ذرا ذرا ڪري ڇڏ، مرشد سائين حڪم جي تعميل ڪئي وئي. هاڻي توکي ڇا ٿو نظر اچي؟ مرشد سائين ڪجھه به نه. اهو نرم ۽ نازڪ جوهر، جيڪو تون نٿو ڏسي سگھين، انهيءَ مان ئي حقيقت ۾ هيءَ وڻ ڦٽو، منهنجا پيارا يقين ڪر، اهو ئي نرم ۽ نازڪ جوهر ڪائنات جي حقيقت آهي، اهو ئي حق آهي، اهو ئي روح آهي، اهو ئي ته آهي اي منهنجا ٻچڙا“.
”ٿور اوري آءُ. لوڻ جي هڪ چپٽي پاڻي ۾ وجھه ۽ پوءِ سڀاڻي مون وٽ اچج. هو اهو حڪم پورو ڪري آيو. تڏهن کيس چيو ويو، اهو لوڻ جيڪو تو ڪالهه پاڻي ۾ وڌو هو، مون کي آڻي ڏي. هن ڳوليو، پر اهو ڪٿي به نه مليو. چڱو هِن پاسي کان چک، ذائقو ڪيئن آهي؟ ”لوڻياٺو“ وچ کان چک، ذائقو ڪيئن آهي؟ ”لوڻياٺو“، چڱو، هُن پاسي کان چک، ذائقو ڪيئن آهي؟ ”لوڻياٺو“ چڱو هاڻي انهيءَ کي ڦٽو ڪر ۽ مون وٽ اچي ويهه. هن حڪم مڃيو، فرمايائين، لوڻ فنا ڪونه آهي؛ ٿيو اهو هينئر به موجود آهي. پوءِ فرمايائين، سچ آهي ته تون جسم جي اندر واجب الوجود کي نٿو ڏسي سگھين، پر ان جي باوجود اهو آهي. اهو ئي نرم ۽ نازڪ جوهر ڪائنات جي حقيقت آهي، اهو ئي حق آهي، اهو ئي روح آهي، اهو ئي ته آهي، اي منهنجا ٻچڙا!“.
”جيڪڏهن ڪو هن وڻ کي پاڙ کان ڪٽي ڦٽو ڪري ته انهيءَ مان پاڻي جا ٽيپا نڪرندا آهن. ڇو جو اهو ساهوارو آهي. جيڪڏهن وچ کان ڪٽيو وڃي ته به ڦرا نڪرندا آهن. جيئن ته اهو ساهوارو آهي، جيڪڏهن ان کي چوٽين کان ڪٽيو وڃي ته به ڦڙا نڪرندا آهن. اهو پنهنجي رڳ رڳ ۾ زندگيءَ سان ڀرپور آهي. پر جيڪڏهن زندگي ان جي هڪڙي ٽاريءَ مان به جدائي ڪري وڃي ته اها سڪي وڃي ٿي. ايئن توکي سمجھڻ گھرجي ته جسم مرندو رهندو آهي، جڏهن ته جيئڻ وارو جيئندو رهندو آهي. پر جيئڻ وارو ڪڏهن مرندو نه آهي. اهو ئي نرم ۽ نازڪ جوهر ڪائنات جي حقيقت آهي، اهو ئي حق آهي، اهو ئي روح آهي، اهو ئي ته آهي اي منهنجا ٻچڙا!“.
(انواع فلسفه جي باب سريت مان اخذ ڪيل)
لاؤتزي ۽ اپاني شد جي تصور کان پوءِ مهاتما ٻڌ جو خدا بابت تصور پيش ڪيو وڃي ٿو. اهو هڪ اهڙو تصور آهي جيڪو الغيب آهي، جنهن کي ڪوبه اسم ذات ڏئي سگھجي ٿو.
”حقيقت سمورين انهائين کان به وڌيڪ اونهي، آسمان کان به وڌيڪ مٿانهين، ستارن کان ڏُور ۽ برهما کان گھڻو ڏُور ازلي ۽ ابدي آهي. اها هڪ همه گير ۽ مٿانهين قوت آهي جيڪا سدائين سونهن پسند آهي، اڃا به ائين چئجي ته اها پاڻ ئي سونهن آهي. اها قوت گل کي سهڻو بڻائي ٿي، رنگا رنگ ڪڪرن کان گڏ ڪري زمين جي مٿاڇري کان مٿي کڻي وڃي ٿي ۽ انهن کي وسائي مئل زمين کي جيئرو ڪري، انهيءَ کي ساوڪ جو وڳو ڍَڪرائي ٿي. مئل ٻج کي ڦُٽائي وڻ بنائي ٿي ۽ ان کي مٺن ميون جو پينگھو بڻائي ٿي. اها مور کي خوبصورت پر عطا ڪري ٿي ۽ ٻين پکين کي خوبصورت بيهڪ ۽ رنگ ڍنگ بخشي ٿي. مک کي انهيءَ ئي ذات ماکي بنائڻ ۽ ان کي ماناري ۾ محفوظ ڪرڻ سيکاريو. اها جيئري کي ماري ٿي ۽ مئل کي زندگي بخشي ٿي. اها هند حاضر آهي. ستارن ۾ آهي، وڄ ۾ آهي، هوا ۾ آهي، مينهن ۾ آهي، ڪا اهڙي جاءِ نه آهي، جتي اها موجود نه هجي. سڀ ڪجهه ان سان ئي آهي ۽ هر شيءِ ان ڏانهن ئي موٽي ويندي. چرپر ۽ تبديلي به ان سان ئي آهي. اها ئي هر ننڍي وڏي شيءِ جي خالق آهي. ماءُ جي ڇاتي ۾ کير پيدا ڪندي آهي. نانگ جي وات ۾ زهر ڀريندي آهي. ڪڏهن پَٽَن کي گلن جو ويس ڍڪائي ۽ ڪڏهن باغيچا ويران ڪري ٿي. اها سرو (ڊگھو جابلو وڻ) جي پاڙن ۾ ويهي ٿي ۽ ان جي ٻج جي حفاظت ڪري ٿي ته جيئن اهو ڦٽي پوي. ان مان نازڪ گؤنچ نڪري ٿو جنهن کي هوءَ هڪ مضبوط وڻ بڻائي ڇڏي ٿي. محبت جي ڌاڳي مان ڏک ۽ موت بڻبي آهي. اها ئي ٺاهي ۽ ڊاهي ٿي. دوست جي دل ۾ محبت پيدا ڪندي آهي. ان جا اهڙا ئي گڻ آهن، جيڪي ظاهر آهن ۽ جن کي اسان ڄاڻون ٿا. ان کانسواءِ ان جا اهڙا اڻ ڳڻيا ڳڻ آهن، جن کي اسان نٿا ڄاڻون. اسان ان کي ڏسون نٿا، پر اها اسان جي سمورن ڪمن ۾ مددگار آهي. اسان ان جو آواز نٿا ٻڌون پر اها گروڙ کان به وڏي آواز ۾ ڳالهيون ڪري ٿي. ان کي نه ڪنهن سان محبت آهي نه دشمني. نفعي ۽ نقصان جا ذميوار اسان پاڻ ئي آهيون. هوءَ سڀ ڪنهن کي ڏسي ٿي، ۽ هر هنڌ موجود آهي. نيڪ عمل ڇوٽڪاري جو سبب آهن. پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻندؤ ته هو توهان کي نه بخشيندي. هوءَ ڪنهن جي پاسي نه آهي. اسان کان رڳو فرض نڀائڻ جي خواهشمند آهي. ان جي انصاف جي تارازي هر وقت تيار آهي. جڏهن به گھرندي ته اسان کي توري وٺندي. ان وقت خبر پئجي ويندي ته اسان جو ڪجھه ڪيو، سو غلط ڪيو. اتي ڪير به ڪنهن جي واهر ڪري نه سگھندو. ڪوڙي جي زبان پنهنجي ڪوڙ مان ظاهر ٿيندي آهي. چور کي خبر هوندي آهي ته چوري جو مال حرام آهي، تنهن ڪري کيس واپس ڪرڻ گھرجي. هر وقت ان جو انصاف قائم آهي. ان کان وڏي ٻي ڪابه طاقت نه آهي. ان جو منڍ محبت ۽ پڄاڻي امن آهي. ان جي فرمانبرداري لازم آهي.
امام ولي الله دهلويؓ به چيو آهي ته اصل ۾ الله تعالى به اسم ذات نه آهي. اسم ذات سڃاڻ لاءِ ڏنو ويندو آهي. جيئن ته حقيقت مطلقه بي رنگ ۽ بي نام آهي، تنهن ڪري ”الغيب“ کي هر قوم ۽ هر تهذيب جي ڏنل اسم ذات سان سڏي سگھجي ٿو ۽ انهيءَ ئي بنياد تي خدا پرستن جي هڪ عالمگير برداري قائم ٿي سگھي ٿي. پر هر مذهب جي مذهبي پيشوائيت سندس اسم ذات کانسواءِ ٻين مذهبن جي سمورن نالن جو انڪار ڪرڻ پنهنجو وطيرو ٺاهي ورتو آهي. انهيءَ ڪري مذهب انسانن وچ ۾ ميلاپ پيدا ڪرڻ بدران جدائيءَ جو سبب بڻجي ويو آهي. انهيءَ ئي ڪري اسلام، جيڪو آخري مذهب آهي، ٻڌي ۽ انساني وحدت کي قائم ڪرڻ لاءِ مذهبي پيشوائيت جي اداري جو انڪار ڪري ڇڏيو ۽ احبار و رهبان جي حوالي سان ان جي انسان دشمن ڪردار جي سخت تنقيد ڪئي آهي. مذهبي پيشوائيت اسلام جي نالي تي مسلمانن ۾ هڪ سگھاري تنظيم يا اداري جي طور تي پنهنجو وجود قائم ڪري ورتو آهي ۽ ٻين مذهبن جي پاڪ ڪتابن کي ڦير ڦار ٿيل ۽ رد ٿيل سڏيو آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ قرآن ۾ ذڪر ڪيل نبين سڳورن کانسواءِ سامي، آريائي ۽ زرد قومن جي نبين سڳورن ۽ حڪيمن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ان سبب اسلام ٻڌي ۽ انساني هيڪڙائي ۽ آدم جي خلافت کي قائم ڪرڻ بدران انساني جدائيءَ جو سبب بڻجي ويو آهي ۽ مذهبي گروهه بندين کي ختم ڪرڻ بدران پنهنجو پاڻ ئي هڪ سگھارو مذهبي گروھ بڻجي ويو آهي. اسان جي مفسرن جي اڳيان جيئن ته اسلام ۽ قرآن جو اهو مؤقف نه رهيو هو، تنهن ڪري انهن جون تفسيرون انساني ٻڌي جي سلسلي ۾ ڪوبه ڪردار ادا ڪري نه سگھيون. مفسر سڳورا انسانيت جي قيام جو عملي طرح سان انڪار ڪندا رهيا آهن.
تصوف ۾ صوفين سڳورن وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود تي ڊگھو بحث ڪيو آهي. پر امام شاھ ولي اللهؓ فرمائي ٿو ته اهي ٻئي ڳالهيون هڪ ئي حقيقت جا ٻه پاسا آهن. خدائي صفتون جڏهن اسان جي محسوس زماني ۽ جاءِ ۾ ظاهر ٿينديون آهن ته انهيءَ صورتحال کي وحدت الشهود سان تعبير ڪيو ويندو آهي. شنڪر آچاريه ويدانت سوتر جي تفسير ۾ ٻنهي صورتن جو ذڪر ڪيو آهي جنهن کي هو ادوتيا (وحدت الوجود) ۽ دوتيا (وحدت الشهود) سڏي ٿو. الله تعالى جي وجود بابت انهن ٻنهي تعبيرن جا انساني زندگيءَ تي مختلف اثر پيدا ٿين ٿا. حيدرآباد دڪن جي هڪ عالم ”سائنس ۽ تصوف“ جي موضوع تي ڊاڪٽريٽ لاءِ شايد آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجو مقالو پيش ڪيو هو. ان ۾ ٻنهي تعبيرن جي اثرن جي وضاحت ڪئي وئي آهي.
قرآن ڪريم انهن ٻنهي تعبيرن جو ذڪر ڪيو آهي. سورت الحديد ۾ ”هُوَ الْأَوَّلُ وَالْآخِرُ وَالظَّاهِرُ وَالْبَاطِنُ“ ۾ وحدت الوجود ۽ ”اللَّهَ غَنِيٌّ عَنِ الْعَالَمِينَ“ ۾ وحدت الشهود ڏانهن اشارو آهي. اهو ياد رهي ته وحدت الوجود جو مطلب Pantheism نه آهي. ڇو جو اهو Union of Beings کي ظاهر ڪري ٿو، جڏهن ته خدائي توحيد Unity of Beings کي ظاهر ڪري ٿي. هيگل ان کي Panantheism چيو آهي، جنهن جو جھڪاءُ وحدت الشهود ڏانهن آهي. ان جو نقشو هيٺ ڏجي ٿو.
وحدت الوجود وحدت الشهود
هو الکل • هو الباري
1. نظريو همه اوست يا همه اندر اوست • همه از اوست
2. ارتقا پاڻمرادو ٿيندي آهي Emergant لائڊ مارگن برگسمان • پيدا ڪئي وڃي ٿي Creative
3. تصوف، عمل يا سڪون ڏانهن مائل Peace Ecstcy
احساس ۽ تاثر يا جذبو، اهو ۽ مان جدا نه آهيون.
(درياءُ ۽ قطرو)
علم، وجده، وصل • جوش ڏانهن مائل آهي
• ان سان گڏ مان ۽ هو مون سان گڏ آهي.
• ٻئي گڏ گڏ پر ٻنهي جو وجود هڪٻئي کان جدا آهي.
• عشق، جدائي
4. حقيقت، حق حق حق • حسن ازل، محبوب ڪل
5. اعتقاد ۾ ڪير؟ ان الحق عارف • انا عبده، عاشق
ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته مذهب جي پاڪ بانين ۽ معاشري ۾ تبديلي آڻيندڙ صوفين سڳورن جو رجحان وحدت الشهود ڏانهن رهيو آهي. پر جڏهن انقلابي عمل جو جوش ۽ جذبو دٻجي ويندو آهي ته وحدت الوجود جو نظريو مختلف قوميتن، مذهبن ۽ ٻولين وچ ۾ ٻڌي، هيڪڙائي، محبت، برابري ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪندو آهي. پر اهو رويو دائمي نٿو رهي سگھي ڇو جو معاشرو ۽ فرد جي نفسيات ۽ ارتقا کي قائم رکڻ جي لاءِ لڳاتار انقلاب جي ضرورت هوندي آهي. انهيءَ ڪري اهڙن موقعن تي وحدت الشهود جو نظريو ڪم ڏئي ٿو.
امام انقلاب حضرت مولانا عبيدالله سنڌي هڪ دفعي پنهنجي فڪر جي وضاحت ڪندي اسان کي ٻڌايو ته اقبال جو نظم ”نيا شواله “ رڳو هڪ شاعراڻو تخيل آهي. پر اڪبر اعظم جي رياست سچ پچ ”نيا شواله“ هئي. جيئن ته اهو تخيل تمام ئي مٿانهون هو ۽ مسلمان حڪومت جون گھرجون ان جي مخالف هيون ۽ ان سان گڏوگڏ ”دين الاهي“ جي سلسلي ۾ ڪجھه غلطيون به ٿيون، مخالف قوتن انهيءَ تصور کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سڀ کان وڏي غلطي اها ٿي ته دينن جي هيڪڙائيءَ واري فلسفي جي بنياد تي هندو ۽ مسلمان مذهبن جي عبادتن ۽ ظاهري ريتن رسمن کي به ختم ڪيو ويو، جيڪي ٻنهي مذهبن جي سڃاڻ هيون. انهيءَ ڪري امام ولي الله لکيو آهي ته رسمون ۽ ظاهري شريعت ڪنهن به مذهب جو بنياد هوندي آهي. انهن جي ختم ڪرڻ سان خرابيون پيدا ٿي وينديون آهن ۽ دينن جي هيڪڙائيءَ واري خيال کي سخت نقصان پهچي ٿو. اهو ئي سڀ ڪجھه اڪبر سان به ٿيو. ڪجھه گھٽ ڄاڻ رکندڙ صوفين، وحدت الوجود جي هڪ غلط عقيدي طور تعبير ڪري ورتي، جنهن جو ابن عربيءَ جي وحدت الوجود واري تصور سان ڪوبه لاڳاپو نه هو. پاڻ وڌيڪ فرمايائون ته اڪبر قرآن ڪريم جي حڪمت جي بنياد تي انسانيت جو اتحاد گھري پيو ۽ عالمگير قرآن جي فقه تي مسلمان قومن جو اتحاد گھري پيو.
حضرت امام سنڌيؓ جا اهي ارشاد پنهنجي اندر وڏو اونهو علم رکن پيا. اڄ جي جديد ٽيڪنالاجي دنيا کي هڪ ”عالمي شهر“ بڻائي ڇڏيو آهي. جيئن جيئن دنيا جون قومون انهن جي مذهبن، فلسفي، تهذيب ۽ تمدن ۽ رنگ نسل هڪٻئي جي ويجھو ايندا ويندا ۽ سرمائيداراڻو نظام يعني پيداواري وسلين تي ذاتي ملڪيت ختم ٿي ويندي، اڪبر اعظم جو ٻڌي ۽ انساني هيڪڙائيءَ وارو تصور چٽو ٿيندو ويندو. اهڙي طرح ختم نبوت واري عقيدي مان پيدا ٿيندڙ اسلام جو عالمگير ۽ دائمي تصور سامهون ايندو ويندو ۽ مسلمان امت ڏاهپ، ٻڌي ۽ انساني هيڪڙائيءَ واري تصور کي حقيقت جي رنگ ۾ پيش ڪرڻ جي لائق بڻجي ويندي. اهو سڀ ڪجھه تڏهن ئي ممڪن ٿي سگھندو، جڏهن دنيا جا مذهب ۽ اسلام پنهنجي مذهبي پيشوائيت واري مٺ مان آزاد ٿي، عالمي سطح تي سوچڻ شروع ڪندا ۽ قرآن ڪريم جي بنيادي مقصد ”هُوَ الَّذِي أَرْسَلَ رَسُولَهُ بِالْهُدَىٰ وَدِينِ الْحَقِّ لِيُظْهِرَهُ عَلَى الدِّينِ كُلِّهِ وَلَوْ كَرِهَ الْمُشْرِكُونَ ﴿الصف: ٩﴾“ جي جيڪا غلط تعبير ڪئي وئي آهي، ان جي جاءِ تي انسان دوستي، ”حِكْمَةٌ بَالِغَةٌ“ ۽ ”مَوْعِظَةِ الْحَسَنَةِ“ تي آڌارايل رويو نه پنهنجائيندا.
تنھن ڪري اها ڳالهه پڪي آهي ته انساني هيڪڙائي ۽ عالمگير روحاني اشتراڪي معاشرو الله تعالى جي مختلف نالن کي مڃڻ کانسواءِ قائم نٿو ٿي سگھي. جڏهن ته ”رحمٰن“ جي ذڪر جو مقصد ئي اهو آهي ۽ ان جو قائم ڪرڻ مسلمان امت جو فرض عين آهي.