مذهب

خدا، مذهب ۽ سماج

ڪتابُ ”خدا، مذهب ۽ سماج“ بني آدم جي ترقي لاءِ خدا جي ڏنل پيغام (طبقاتي نقطي نظر کان سورة الفاتحه جو مطالعو) آھي. سورة الفاتحه جي حيثيت قرآن پاڪ جي پيش لفظ (يا مهاڳ) جي آهي. سمورا مسلمان هن سورة سڳوريءَ کي نماز جي هر رڪعت ۾ پڙهندا آهن. سڀ کان پهريان هن سورة ۾ بيان ڪيل اصطلاحن جي معنى تي غور ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ان معنى جي روشنيءَ ۾ انهيءَ جي ترجمي ۽ مطلب کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. 

Title Cover of book خدا، مذهب ۽ سماج

اياڪ نستعين

الله تعالى کان مدد گھرڻ جي عملي شڪل عام طور تي دعا کي سمجھيو ويندو آهي. ان ۾ڪوبه شڪ نه آهي ته اهو به هڪ اهم ذريعو آهي. الله تعالى دعائن کي ٻڌندو آهي ۽ انهن کي قبوليندو آهي. شرط رڳو هي آهي ته ماڻهو تمام ئي عاجزي ۽ انڪساري ۽ مڪمل ڌيان سان الله تعالى جي اڳيان پنهنجو عرض رکي. هونئن به ڪنهن مجبور ۽ مظلوم انسان جي لاءِ ظلم کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ دعا به هڪ اهم ذريعو آهي. هو ظالم کي پاراتو ڏيندو آهي ۽ ان جي برباديءَ جو انتظار ڪندو رهندو آهي. پر ان سان گڏوگڏ هڪ دولتمند به پنهنجي دولت ۾ واڌاري جي لاءِ دعا ڪندو آهي، جنهن جو ٻيو مطلب هي هوندو آهي ته خدا تعالى کيس محنت جي استحصال جي وڌيڪ توفيق عطا فرمائي. ڇو جو دولت کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو، مزدور جي محنت جو استحصال هوندو آهي. اهڙي طرح هڪ حڪمران پنهنجي رياست جي حدن ۾ واڌاري لاءِ ۽ وڌ کان وڌ غلام، ٻانهيون ۽ غنيمت جو مال حاصل ڪرڻ لاءِ به دعا ڪري سگھي ٿو؛ اڃا به ائين چئجي ڪندو رهيو آهي. اهي سموريون جائز توڙي ناجائز دعائون الله تعالى وٽ پهچن ٿيون ۽ رڳو جائز دعائون ئي الله تعالى وٽ قبول ٿينديون آهن. انفرادي دعائن جي ڀيٽ ۾ اجتماعي دعا رڳو اها ئي قبول ٿيندي آهي، جيڪا اجتماعي مفادن جي معاملي ۾ ڀلي هجي.
دعا سان، دعا گھرڻ واري جي نفسيات ۾ هڪ بنيادي تبديلي پيدا ٿي ويندي آهي، جيڪا کيس نيڪيءَ جي رستي تي وٺي وڃڻ لاءِ همت پيدا ڪندي آهي. هو الله تعالى کان دعا جي منظوري جي لاءِ، سمورن دنياوي لاڳاپن کي ٽوڙي الله تعالى جي اڳيان اچي ويهندو آهي. اهو عمل ڀلي وقتي ئي هجي، پر جيڪڏهن دعا ۾ تسلسل پيدا ڪيو وڃي ۽ نماز اندر عاجزي ۽ انڪساريءَ ۾ گھرائي پيدا ڪئي وڃي ته الله تعالى ڏانهن ڌيان ڪرڻ واري ڪيفيت مستقل ۽ دائمي ٿي پوندي آهي.
الله تعالى کان مدد گھرڻ جا ٻئي وسيلا به آهن، جن مان هڪڙو طبقاتي معاشري کي توحيدي معاشرو بنائڻ جي لاءِ ۽ ان کي عدل ۽ قسط تي قائم ڪرڻ جي لاءِ انقلابي جاکوڙڻ آهي ۽ پڻ انهيءَ رستي ۾ اچڻ وارين تڪليفن کي برداشت ڪرڻ آهي، اها هڪ اهڙي مقدس جاکوڙ آهي جو جيڪڏهن انهيءَ رستي ۾ ساھ هليو وڃي ته شهادت جو مرتبو حاصل ٿي ويندو آهي. قرآن ڪريم چوي ٿو ته انهيءَ سلسلي ۾ صبر (ثابت قدمي) ۽ صلواة (الله تعالى جي ذات تي ڀروسو ۽ لڳاتار جاکوڙ) کان مدد وٺڻ گھرجي. وري اهو به فرمايو ته انهيءَ رستي ۾ مري ويلن کي مئل نه چئو، پر اهي جيئرا آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته توهان انهن جي زندگيءَ جي نوعيت جي باري ۾ شعور نٿا رکو. انهيءَ جاکوڙ ۾ خوف کي منهن ڏيڻو پوندو، ڇو جو مخالف قوتون طاقت جو استعمال ڪرڻ کان به نه مڙنديون. خوف کانسواءِ بک، مالن جي تباهي ۽ جاني قرباني کي به منهن ڏيڻو پوندو، جيڪو ڏاڍن طبقن جي تشدد جو نتيجو هوندو ۽ ميون سان سٿيل باغن ۽ پوکن جي تباهي سان، اپت ۾ نقصان پڻ ڏسڻو پوندو. انهيءَ انقلابي جاکوڙ ۾ اچڻ وارين تڪليفن ۽ نقصانن تي جيڪي ماڻهو (ڪارڪن ۽ اڳواڻ) صبر ڪن ٿا، تن کي انهن مصيبتن اچڻ وقت چوڻ گھرجي ته اسان الله جا آهيون ۽ الله تعالى ڏانهن ئي موٽي وڃڻو آهي. انهن انقلابي جاکوڙ ڪرڻ وارن تي الله جون وڏيون مهربانيون آهن ۽ ان جي رحمت جو پاڇو انهن جي مٿان هوندو. اهي ئي ماڻهو هدايت واري واٽ تي آهن. (البقره، 153-157)
قرآن ڪريم ۽ ٻين آسماني ڪتابن جو مقصد، معاشري جي طبقاتي نظام کي تبديل ڪري غير طبقاتي بنائڻ هو. ڇو جو طبقاتي معاشري ۾ انساني فطرت جي ننڍڙي حصي (جبلتن جي حيواني گھرجن) کي اڀاريو ويندو آهي، جڏهن ته ان جي فطرت جو اوچو حصو (خدائي روح جي ڦوڪ) دٻجي وڃي ٿو. نبين سڳورن جي تعليم اها هئي ته معاشرتي حالتن کي عدل ۽ قسط تي قائم ڪيو وڃي. ان جو مطلب هي آهي ته پيداواري وسيلن کي ڪن ٿورڙن ماڻهن جي قبضي مان ڪڍي، عوام جي ملڪيت ۾ ڏنو وڃي، ته جيئن هر فرد پنهنجي جسماني ۽ ذهني محنت جو بدلو ماڻي سگھي ۽ پنهنجي مادي ۽ جسماني ضرورتن جي پورائي کان پوءِ هو الله تعالى ڏانهن وڃڻ جي تياري ڪري سگھي. اها ئي ڳالهه سندس زندگيءَ جو بنيادي مقصد آهي. معاشرتي تبديليءَ ۾ رعايتون ڏنل طبقي کان پوءِ، سڀ کان وڏي رڪاوٽ مذهبي پيشوائيت آهي، جيڪا پنهنجي نفعي حاصل ڪرڻ لاءِ، رعايتون ڏنل طبقي جي مفادن جي حمايت ۾ پاڪ ڪتابن جي سند پيش ڪري ٿي.
سورت البقره جون هي آيتون بيعت رضوان ۽ مڪي جي فتح سان لاڳاپو رکن ٿيون. بيعت رضوان ۾ نبي ڪريم ﷺ جن جي هٿ تي اصحابن سڳورن مڪي جي فتح لاءِ، پنهنجو سِرُ قربان ڪرڻ جي بيعت ڪئي هئي، جنهن سان يهودي ۽ مڪي جا مشرڪ تمام گھڻو پريشان ٿي ويا، اڃا به ايئن چئجي ته ڏڪي ويا. صفا جبل جي دعوت کان وٺي مڪي جي فتح تائين، پاڻ سڳورنﷺ جن جو سمورو عمل، معاشري کي عدل ۽ قسط تي قائم ڪرڻ جي لاءِ هو. انهيءَ ۾ بنياي ڳالهه هيءَ آهي ته اسلام جي ظاهر ٿيڻ واري زماني ۾ واپار رياست يا شورائي جمهوريت ۾ شامل نٿي ٿي سگھيو، ڇو جو قبائلي معاشري جي ڪري ان جي نوعيت ئي اهڙي هئي، پر زمين تي گڏيل ملڪيت قائم ٿي پئي سگھي. تنهن ڪري پاڻ سڳورنﷺ ڪڙمت کي وياج تي مبني ڪاروبار ٻڌايو. پاڻ ٻڌايائون ته زمين ان جي ئي ملڪيت هوندي، جيڪو ان کي کيڙيندو. بغداد ۾ ظاهر ظهور بادشاهت قائم ٿيڻ کان پوءِ امام ابويوسفؓ حالتن جي نزاڪت کي سامهون رکندي، ڪڙمت جي اجازت ڏني، پر اهو حڪم دائمي نه هو. اڳتي هلي پڪي تقليد جي حامي عالمن انهيءَ کي دائمي حڪم بڻائي ڇڏيو. انهيءَ ڪري اهو چوڻ ته اسلام ۾ پيداواري وسيلن تي فردن جي ذاتي يا نجي ملڪيت جائز آهي، هڪ غلط ڳالهه آهي. حضرت عثمانؐ زميندار نه هو، پر واپاري هو. اهڙي طرح ٻئي مالدار اصحابي سڳورا به واپاري هئا. زمينداري ۽ جاگيرداري جو عمل حضرت عثمانؐ جي پوئين دؤر ۾ شروع ٿيو، جنهن جو رياستي سيڪريٽري مروان به حڪم هو، مروان بنو اميه خاندان جي مفادن جو نمائندو هو. ان کان پوءِ اصحاب سڳورا خانه جنگي جو شڪار ٿي ويا، ايتري تائين جو حضرت معاويهؐ جي زماني ۾ اسلام جي شورائي نظام کي دمشق ڏانهن منتقل ڪري، بادشاهت ۾ تبديل ڪيو ويو. حضرت امير معاويهؐ پنهنجي پٽ يزيد جي حق ۾ ڏاڍ سان بيعت ورتي ۽ اڳتي هلي اها حڪومت بغداد ۾ ظاهر ظهور بادشاهت جي شڪل اختيار ڪري وئي. ايئن دنيا اسلام جي سياسي، معاشي ۽ تهذيبي برڪتن کان مستفيد نه ٿي سگھي.
بيعت رضوان اصل ۾ اسلام جي عالمگير انقلاب جو بنياد هئي. ڇو جو صلح حديبيه کان جلد ئي پوءِ پاڻ سڳورن اوسي پاسي جي رياستن جي اڳواڻن کي اسلام جي دعوت جا خط لکيا ۽ ايئن اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته اسلام رڳو عربي معاشري جي سڌاري لاءِ ئي نه، پر ختم نبوت جي ڪري، دنيا جي سمورين قومن جي معاشرن کي عدل ۽ قسط تي قائم ڪرڻ لاءِ هڪ عالمگير انقلاب آڻڻ آيو آهي. انهيءَ ڪري الله تعالى کان مدد گھرڻ جي هڪ اهم شڪل انقلابي جاکوڙي کي سڏيو ويو آهي. مفسرن ۽ عالمن انهيءَ تاريخي حقيقت کي سمجھڻ ۽ انهيءَ جي لاءِ امت کي تيار ڪرڻ بدران، اسلام کي رڳو ظاهري عبادتن ۽ رسمن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. رعايتون ڏنل طبقي جي مالي مدد تي آسائش واري زندگي گذارڻ کي پنهنجو مقصد بڻائي ورتو ۽ انقلابي جاکوڙ سان لاڳاپيل آيتن جو مطلب رڳو فرد جي ترقي ٻڌائي ڇڏيو. اهڙي طرح اسلام جي اجتماعي مقصد جي جاءِ انفرادي مقصدن والاري ورتي.
انهن آيتن کان اڳ قرآن ڪريم قبلي جي تبديليءَ جي معاملي ۾ به مسلمانن کي وچٿري امت، يعني انقلاب آڻڻ واري مرڪزي جماعت سڏيو آهي. اهو انقلاب قومي به آهي ۽ بين الاقوامي به. انهيءَ ڪري چيو ويو آهي ته توهان ماڻهن (دنيا جي قومن) تي شاهد آهيو ۽ رسول توهان جي مٿان شاهد آهي. ان جو مطلب ئي اهو آهي ته قيامت جي ڏينهن توهان کان اهو پڇيو ويندو ته، رسول اللهﷺ جيڪا توهان کي تعليم پهچائي هئي، توهان انهيءَ جي بنياد تي نه رڳو پنهنجي معاشري ۾، پر عالمي معاشرن ۾ ڪيتري تائين انقلابي تبديلي پيدا ڪئي؟ ٻئي پاسي رسول اللهﷺ پاڻ به شاهدي ڏيندا ته امت کي اها تعليم پهچائي وئي هئي.
بيعت رضوان کان پوءِ پاڻ سڳورن عالمگير انقلاب جا بنياد رکي ڇڏيا هئا. پر افسوس جو عالمن سڳورن انهيءَ حقيقت کي وساري ڇڏيو ۽ گھڻي عرصي کان پوءِ انهيءَ انقلاب کي، اڌوري شڪل ۾ بين الاقوامي سطح تي ڪميونسٽ پارٽي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. زندگيءَ جي انهيءَ فلسفي کي مڃڻ وارن، وڏي پيماني تي پنهنجي جان ۽ مال جون قربانيون ڏنيون. سوويت يونين، چين، ڪيوبا، اتر ڪوريا، ويٽ نام وغيره ۾ انهن قربانين سان سوشلسٽ رياستون قائم ٿي ويون.
ڪميونزم، جنهن کي بالشوازم چيو وڃي ٿو، جي باري ۾ علامه اقبال نوجوان مڙس (Young Husband) جي هڪ خط جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته جيڪڏهن بالشوزم ۾ خدا جي تصور جو واڌارو ڪيو وڃي، ته، اهو اسلام جي تصور جي بلڪل ويجھو اچي وڃي ٿو. اهو خط سول اينڊ مليٽري گزيٽ ۾ شايد 30 مئي 1931ع ۾ ڇاپيو ويو.
نئون تماشو هي آهي ته عالم ۽ مفسر سڳورا انهيءَ واقعي مان سبق سکن ها، پر الٽو ڪميونزم تي ٺٺوليون ڪري چپ ٿي ويا. تنهن ڪري الله تعالى کان مددگھرڻ جي ٻئي شڪل معاشري کي انقلابي جاکوڙ سان، توحيدي مقصدن تي قائم ڪرڻ آهي. اهو انقلاب نه رڳو قومي هوندو، پر بين الاقوامي نوعيت وارو پڻ هوندو. ڇو جو مسلمانن جي حيثيت رڳو وچٿري امت جي آهي.
الله تعالى کان مدد جي ٽئين شڪل عوامي مفادن وارو آئين ۽ قانون جوڙڻ آهي. جيئن ٻڌايو ويو آهي ته قرآن ڪريم جو مقصد انساني معاشري کي توحيد جي اصولن تي قائم ڪرڻ آهي، جنهن کي عدل ۽ قسط به سڏيو ويو آهي.
سياست جي اصول (Political Science) جو هي به هڪ قانون آهي ته امن، عدل، قسط، فڪرجي آزادي، سياسي آزادي ۽ معاشي برابري جي قدرن مان لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ، انهن کي آئين جي شڪل ۾ آندو ويندو آهي، جنهن جي بنياد تي قانون ٺهندا آهن. قرآن ڪريم جنهن انقلاب کي آڻڻ جي تاڪيد ڪئي آهي، ان جي نوعيت ۽ نصاب به عوامي آهي. ڇو جو معاشري تي رعايتون ڏنل طبقي جي پهچ ۽ قبضي جي موجودگيءَ ۾، انسانن جي گھڻائي پنهنجي بنيادي انساني حقن حاصل ڪرڻ کان محروم ٿي چڪي هئي. نه رڳو قرآن ڪريم، پر سمورا آسماني ڪتاب ۽ نبوت جو ادارو به انهيءَ ئي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آيو هو.
هن انقلاب جي ڪاميابي کان پوءِ ان جي نتيجن مان عملي فائدو ماڻڻ لاءِ ان کي آئين جي شڪل ۾ جوڙڻ، ته جيئن ان جي روح مطابق قانون ٺاهيا وڃن، الله تعالى جي مدد جي هڪ اهم شڪل آهي. ”شريعت“ جي معنى ئي اها آهي ته هدايت جي اهڙن بنيادي قانونن جي جوڙجڪ، جيڪي ديني مقصدن يا ديني انقلاب جي برڪتن کي عوام تائين پهچائي سگھن. اهي هدايتون پاڪ ڪتابن ۾ خدائي وحي وسيلي نازل ٿينديون رهيون آهن. جڏهن ته مذهبي پيشوائيت هر دفعي انهن هدايتن جي عوامي ڀلائي ۽ انسان دوست مقصدن کي ميساري، انکي رعايتون ڏنل طبقي جي مفادن جي حق ۾ بڻائي ڇڏيو. جڏهن ته ”مذهب“ يا ”دين“ ۽ ”نبوت ۽ رسالت“ انهن ڏاڍن ۽ رعايتون ڏنل طبقن جي وجود کي ختم ڪرڻ جي لاءِ عمل ۾ آندا ويا هئا.
ڊاڪٽر طٰہٰ حسين ”الفتنة الڪبرى“ جي پهرين جلد ۾ لکيو آهي ته، جيڪڏهن عربي تهذيب ترقي ڪيل هجي ها ته قرآن جي حڪمن کي هڪ ”دستور“ جي شڪل ۾ سهيڙي ها ۽ پوءِ اچڻ وارو هر خليفو يا رياست جو سربراهه، انهيءَ آئين يا دستور جي پيروي ڪري ها. حضرت عثمانؐ جي خلافت جي آخري سالن ۾ جيڪا افراتفري پيدا ٿي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ اڳتي هلي جمل ۽ صفين واريون جنگيون لڳيون ۽ پوءِ خلافت کي بادشاهت ۾ بدلايو ويو، اهي سڀئي واقعا نه ٿين ها.
جيتوڻيڪ فقيهن سڳورن اسلام جي عوامي ڀلائي ۽ انسان دوستي واري روح کي، هر تهذيب جي خاص گھرجن باوجود، فقهي جزئيات ۾ سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ”رعايتون ڏنل طبقي ۽ ان جي خاص مقصدن“ جي چٽيءَ طرح سان نِشاندهي نه هئڻ سبب، بادشاهت جون گھرجون ان جي روح کي هر دفعي ڦِٽينديون رهيون ۽ اڄ تائين اهو سلسلو جاري آهي.
دستورن ۽ قانونن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته زراعت واري زماني جي شروع کان وٺي، جڏهن معاشرو ٻن مخالف معاشي طبقن ۾ ورهائجي ويو ۽ پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري ويٺل طبقي حڪومت، تهذيب ۽ علم جي سرچشمن تي به قبضو ڪري ورتو، ته ان ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين عوام (مزدور ۽ ٻئي پٺتي پيل ماڻهن) جو دولت جي پيداور ۾ ته حصو رهيو آهي، پر اهي پاڻ دولت کان محروم رهندا آيا آهن. ڇو جو انهن جي محنت جي پيداوار کي دولت جي وسيلن جهڙوڪه ٻيلن، مشينن، پيٽرول، ڪوئلي، سون چاندي ۽ ٻين ڌاتن جي کاڻين تي قبضو ڪري ويٺل طبقو ڦٻائيندو رهيو. نه عوام کي اقتدار ۽ قانون سازي ۾ ڪو حصو مليو ۽ نه ئي ان کي تعليم ۽ تهذيب جي روشنيءَ مان ڪجھه حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته عدالتون، دستور ۽ قانون، سڀئي ۽ ان سان گڏ فوج، پوليس، بيوروڪريسي وغيره، يعني رياست جا سمورا ادارا رڳو رعايتون ڏنل طبقي جي مفادن جي ئي حفاظت ڪندا آهن. هابيل جي بادشاهه حموربي کان وٺي اڄ تائين سمورن قانونن ۾ ”عوام“ کي رڳو ايترو ئي حق ڏنو ويو آهي، جنهن سان رڳو انهن جي ڳوڙهن ۽ دانهن ڪوڪن کي جھڪو ڪري سگھي. عوام کي ڏنل رعايتن سان ”غلام“، ”زرعي غلام“ ۽ ”پگھاردار غلام“ جي معاشي حالت نه بدلي سگهي. عوام ساڳي طرح سان رعايتون ڏنل ۽ ڏاڍي طبقي جو ”غلام“ ئي رهيو آهي. مزدور پنهنجي محنت وڪڻي، جنهن جو معاوضو زمين يا ڪارخاني يا تيل جي چشمن ۽ کاڻين جا مالڪ طئي ڪندا آهن، پنهنجي روزي ڪمائڻ تي مجبور رهيا آهن. جڏهن ته دنيا جي مذهبن جي مذهبي پيشوائيت انهيءَ غير عادلاڻي، غيرانصاف ۽ غير انساني حالت کي پاڪ ڪتابن منجھان جواز جي سند ڏيندي رهي آهي ۽ اڄ تائين ڪري رهي آهي.
پاڪ ڪتابن ۽ خاص ڪري قرآن ڪريم کي جيڪڏهن گھرائيءَ سان مطالعو ڪريو ته خبر پوندي ته دعا جي باري ۾ جتي به ذڪر ٿيو آهي، اتي انهيءَ مجبور ۽ محڪوم عوام جي دعائن جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. ڇو جو دعا جي ضرورت ظلم ۽ ڏاڍ، غربت ۽ جهالت ۽ غلامي ۽ محڪوميءَ کان ڇوٽڪاري لاءِ پيدا ٿيندي آهي. واڳ ڌڻي، دولتمند ۽ مذهبي پيشوائن کي دعائن جي ضرورت نه هوندي آهي. ڇو جو انهن وٽ هر قسم جي مادي ۽ مالي نعمت موجود هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسلامي معاشري ۾ (۽ٻين سمورن مذهبن جي معاشرن ۾ به) جيئن جيئن بادشاهت، قارونيت ۽ مذهبي پيشوائيت جو عمل دخل وڌندو ويو، عبادتخانن ۽ مسجدن ۾ دعا هڪ رسم جي حيثيت اختيار ڪري وئي. انهن رسمي دعائن، جيڪي طبقاتي معاشري کي قائم رکندي ڪيون پئي وينديون آهن، نه ته عوام جي معاشي، سياسي، تهذيبي ۽ عملي حيثيت کي بدلايو آهي ۽ نه ئي انهن مسلم ۽ غير مسلمان قومن کي پنهنجي پٺتي پيل حالت جي ڪري، غلاميءَ ۾ ڦاسڻ کان پوءِ آزادي ڏياري آهي.
انساني تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿي ٿو ته جڏهن به معاشي ڪمزوري، غلامي ۽ محڪومي کان آزادي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ته انهيءَ لاءِ دعائن بدران هڪ اڻٿڪ جاکوڙ ڪئي وئي آهي، اها جاکوڙ هٿياربند به هوندي آهي ۽ بنا هٿيارن جي به هوندي آهي. سموري تاريخ انهيءَ جاکوڙ ۽ ان جي خونخوار نتيجن سان ڀري پئي آهي. اسان جي دؤر ۾ روسي قوم لينن جي ۽ چيني قوم مائو زي تنگ جي اڳواڻي ۾ معاشي انصاف جي لاءِ هڪ زبردست جنگ وڙهي آهي. الجزائر ۽ ويٽنام ٻاهرين قبضي مان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ لکين جانيون قربان ڪيون آهن. اهڙي طرح ٻيون مسلمان ۽ غير مسلمان قومون مارڪس جي فڪرن جي روشنيءَ ۾، پنهنجي قومي ڏاڍن طبقن ۽ ٻاهرين حاڪمن جي خلاف ڪيتريون ئي جنگيون وڙهيون آهن. پر ”إِيَّاكَ نَعْبُدُ وَإِيَّاكَ نَسْتَعِينُ“ جي تفسير ڪرڻ وارن ڪڏهن به محڪومي، غربت، سياسي ۽ معاشي ڏاڍ ۽ استحصال جي خلاف ڪو واعظ، ڪو خطبو يا ڪنهن آيت جو تفسير بيان نه ڪيو آهي. اها حالت نه رڳو مسلمان، پر ٻين مذهبن جي پيروڪارن جي به آهي. ڇو جو مذهبي پيشوائيت جو مزاج هر جاءِ، هر قوم ۽ هر زماني ۾ ساڳيو ئي رهيو آهي.
آڳاٽن جابر ۽ ظالم طبقن بابت ڳالهائڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر، اڄ جي نالي ۾ نهال جهموريت جي دؤر ۾ به عوام کي انصاف، علاج، اجھو، لٽو ۽ تعليم وغيره جي حاصل ڪرڻ لاءِ جن ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، تنهن کان هرڪو ماڻهو واقف آهي.
ايران جي شاعر ”انوري“ جي هڪ نظم جو ترجمو (علامه اقبال) بال جبريل ۾ ڪيو آهي. انهيءَ نظم ۾ هن سموري انساني تاريخ ۾، زندگيءَ جي مختلف نظامن، پيداواري اوزان ۽ ارتقا جي مخلف دؤرن ۾ عوام جي جيڪا حالت رهي آهي، تنهن جو هڪ ڪامياب نقشو چٽيو آهي. ان جو ترجمو هيٺ ڏنو وڃي ٿو:
”مئخاني جي هڪ داناءُ درويش هڪ ڏينهن پنهنجي حڪمرانن جي حالت تي تبصرو ڪندي چيو ته اسان جي شهر (ملڪ) جا حڪمران هڪ پينو فقير وانگر بي حيا ٿي ويا آهن، انهن جي مٿي تي تاج سجائڻ لاءِ به گهڻن کي ذليل ٿيڻو پيو آهي، انهن جي قيمتي لباس لاءِ ڪيترن ئي انسانن کي اگهاڙو ٿيڻو پيو آهي، انهن جي شراب ۾ ڪيترنئي هارين ۽ مزدورن جي رت (۽ پگهر) جي ڳاڙهاڻ مليل آهي، ڇو ته هر پوکيءَ لائق زمين تي انهن قبضو ڪري رکيو آهي، انهن جي استعمال جي هر شيءِ غريب عوام کان کسيل آهي، پوءِ ڪڏهن اها خيرات جي شڪل ۾ کسيل آهي ته ڪڏهن ڍل جي شڪل ۾، بهرحال هتي شاهه هجي يا گدا، سڀڪو فقير ئي آهي.“

مولانا ابولڪلام آزاد جي تفسير تي تبصرو
حضرت مولانا ابوالڪلام آزاد ”إِيَّاكَ نَعْبُدُ وَإِيَّاكَ نَسْتَعِينُ“ جي تفسير ۾الٰه (معبود) جي گڻن جي ارتقا تي هڪ تمام ئي اهم مقالو لکيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ هن سڀ کان پهرين ڳالهه اها لکي آهي ته مذهب جو ارتقائي تصور غلط آهي. سندس چوڻ آهي ته، شروع ۾ انسان رڳو خدائي توحيد جي تصور کان واقف ٿيو، ان کان پوءِ گھڻن معبودن جو تصور پيدا ٿيو. انهيءَ نظرئي جو تاريخي پس منظر هي آهي ته آدم ۽ ان جي اولاد ۾ وحدت قائم هئي ۽ هي تنهنجو ، هي منهنجو وارا لفظ اڃا وجود ۾ ئي ڪونه آيا هئا ۽ نه ئي اسان (we) جي بدران تون ۽ مان جو تصور اڀريو هو. آدم جي پٽن ۾ جھيڙي جي ڪري قابيل هابيل کي ماري ڇڏيو. ٻين لفظن ۾ هيئن چئجي ته زراعت جي دؤر، شڪار واري دؤر کي ختم ڪري ڇڏيو.
زراعت واري دؤر ۾ انسان انسان جو دشمن بڻجي ويو ۽ انساني هيڪڙائي ۽ برابريءَ واري جنت مان اهو نڪري ويو. هاڻي زميني زندگيءَ ۾ هو هڪٻئي سان ٽڪر کائيندڙ معاشي طبقن ۾ ورهائجي ويو ۽ غلاميءَ جو ادارو قائم ٿي ويو. زمين ۽ ٻين پيداواري وسيلن تي فردن جي ذاتي ملڪيت سان، انسان منهنجي ۽ تنهنجي ۽ مان ۽ تون ۾ ورهائجي ويو. انسان جي هيڪڙائيءَ واري حالت ختم ٿي وئي ۽ قبيلن جو هڪٻئي کان ڌار ٿي وڃڻ جي ڪري، هر قبيلي جو بت به جدا پيدا ٿي پيو، ايستائين جو نبين سڳورن جي اچڻ کان پوءِ به هر نبيءَ جي پيروڪارن پنهنجو هڪ جدا ٽولو ٺاهي ورتو. اڄ نه رڳو بت پرست، پر توحيد کي مڃڻ وارا به پنهنجي پنهنجي قومي خدائن جي گروهه بنديءَ واري ڄار ۾ ڦاسي چڪا آهن. اهڙي طرح انساني هيڪڙائي، جنهن جو بنيادي هڪ ئي معبود تي هو، انساني ورهاست جي ڪري ڀڄي ڀورا ٿي وئي آهي. انسان مختلف ٽولن، نسلن، قومن، ٻولين ۽ رنگن جي بنياد تي ورهائجي ويو آهي. ان کان به وڌيڪ ڳالهه اها ٿي ته پيداواري وسيلن تي انسان جي ذاتي قبضي سان، انسان هڪٻئي سان ضد رکندڙ معاشي گروهن ۾ ورهائجي ويو آهي. ايئن انساني هيڪڙائي گروهه بندي ۾ بدلجي وئي آهي.
مولانا صاحب خدائي صفتن واري تصور جي ارتقا جو جائزو پنجن بنيادي ديني تصورن ۾ ورتو آهي يعني: (1) چيني، (2)هندستاني، (3) ايراني يا مجوسي، (4) يهودي ۽ (5) عيسائي. ان کان پوءِ ڇهين نمبر تي مسلمان ۽ اسلام اچن ٿا. انهن امتن جي ديني ادب مان ڄاڻ ملي آهي ته خدائي صفتن جي باري ۾ انهن جو خيال ڇا هو.
خدائي صفتن جي ارتقا ٽن ڳالهين جي بنياد تي ٿيندي رهي آهي:
1. خدا جي مجسم هئڻ واري عقيدي کان پاڪائي ڏانهن
2. گھڻن ڀائيوارن (Polytheism) کان توحيد (Monotheism) ڏانهن
3. قهر ۽ جلال وارن گڻن کان ٻاجھه ۽ جمال واري گڻ ڏانهن
مولانا صاحب انهيءَ موضوع تي تمام ئي بهترين تبصرو ڪيو آهي جيڪو مطالعي لائق آهي. مولانا صاحب پاڪائي ۽ بيڪاري ۽ خدا تعالى جي مجسم هئڻ مشابهت واري عقيدي وچ ۾ فرق کي چٽو ڪيو آهي. سمورن مذهبن جي گڻن جي ارتقا تي پڻ بحث ڪيو آهي. آخر ۾ اسلام ۽ قرآن جي مؤقف جي وضاحت ڪندي ٻڌايو آهي ته قرآن انهن سمورن توحيدي ۽ مشرڪاڻن خيالن تي بحث ڪري، شرڪ جي هر خيال کي رد ڪري ڇڏيو آهي. قرآن جي انهيءَ تنقيد جو نتيجو آهي جو مسلمانن ۾ بت پرستي، شخصيت پرستي ۽ ماديت پرستي وغيره جا لاڙا پنهنجا پير ڄمائي نه سگھيا. مسلمانن جو واسطو به پٺتي پيل بت پرست تهذيبن سان پوندو رهيو آهي. اهي پنهنجي اندر، جذب ڪرڻ لاءِ، پنهنجي توحيدي مسلڪ کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽيا. جڏهن ته عيسائيت ۽ ٻين مذهبن جا پير وڪار انهيءَ سلسلي ۾ ٿڙي ويا.
مولانا صاحب جي انهيءَ سموري تحقيق سان هڪ سوال پيدا ٿئي ٿو ته بت پرست ۽ توحيد پرسست، ٻنهي مذهبن جي پيروڪارن جي پيداواري وسيلن تي قابض فردن ۽ انهن وسيلن کان محروم فردن جي گھڻائي جي مسئلي کي، بت پرستي ۽ توحيد پرستي حل ڪرڻ کان لاچار رهي آهي. جيڪڏهن ڪو مذهب پنهنجي پيروڪارن کي اهو ويساھ ڏياري ته بت پرستي، شخصيت پرستي ۽ ماديت پرستي وغيره جا مسلڪ غلط آهن ۽ اڪيلي الله تي ئي ايمان آڻڻ صحيح دين آهي. ته پوءِ ڇا جي ڪري الله تعالى جي توحيد جي زباني اقرار باوجود اڄ تائين رعايتون ڏنل طبقن جي اقتدار، مال ميڙڻ جي هوس، دولت حاصل ڪرڻ لاءِ محنت جي استحصال ۾ ڪوبه فرق نه آيو آهي ۽ ڇا جي ڪري مذهبي پيشوا انهن رعايتون ڏنل طبقن جي مفاد جي ساڳي طرح سان پٺڀرائي ڪندا رهيا آهن؟ اهو عمل اسلام ۽ ٻين سڀني مذهبن ۾ ورجائبو رهيو آهي ۽ اڄ تائين اهو عمل جاري آهي. بت پرست ۽ توحيد پرست، ٻئي پنهنجي غلامن، هارين ۽ مزدورن تي ظلم ۽ ڏاڍ سان سندن محنت جي استحصال سان پنهنجي دولت ۾ واڌارو ڪندا رهيا آهن. انساني تهذيب ۽ تمدن جي سموري تاريخ، مذهبن جي پيروڪارن مان وقت جي واڳ ڌڻين (فرعون)، دولتمندن (قارون) ۽ مذهبي پيشوائن (هامان ۽ بلعم باعور) جي ظلمن سان ڀري پئي آهي. اسلام ۾ بادشاهت جي اچڻ کان پوءِ مسلمانن ۾ به ساڳي ئي ڳالهه ورجائبي پئي رهي آهي.
اسان جي موجوده زماني ۾، جڏهن جو ويهين صدي عيسوي ختم ٿيڻ تي آهي، (هينئر ويهين صدي ختم ٿي وئي ۽ ايڪويهين صديءَ جو ٻيو ڏهاڪو به پنهنجي پڄاڻي کي ويجھو آهي: سنڌيڪار) انجيل، گيتا ۽ توريت تي ايمان رکندڙ عيسائن، هندن ۽ يهودين بوسنيا، ڪشمير ۽ فلسطين جي مردن ۽ عورتن تي اهو ڪهڙو ظلم آهي جيڪو آزمايو نه هجي. ايتري تائين جو مسلمانن به پاڻ ۾ جنگين کانسواءِ پاڪستان جوڙڻ جي سلسلي ۾، اوڀر بنگال جي هندو مردن ۽ عورتن جي قتل جي بازار گرم ڪري ڇڏي.
انهيءَ صورتحال کي سامهون رکندي، خدائي صفتن جي باري ۾ صحيح ۽ غلط خيال رکندڙ ٻنهي معاشرن جي فردن جو عمل هڪجهڙو آهي. هندو زميندار ۽ ڪارخانيدار پنهنجي ڪڙمين ۽ مزدورن جي محنت جو استحصال ايئن ڪندو آهي، جيئن مسلمان، عيسائي، ٻڌ ڌرم ۽ يهودي مذهبن جا پيروڪار پنهنجي ڪڙمين، مزدورن ۽ ٻين پٺتي پيل فردن جو ڏاڍ ۽ ظلم سان استحصال ڪندا آهن. جڏهن ته مسلمان پنهنجي خدائي گڻن جي خيال ۾ صحيح مؤقف تي آهن ۽ بت پرست توحيد پرستيءَ کان بلڪل مخالف آهن. پر معاشي معاملن ۾ ٻنهي جو مؤقف ساڳيو ئي آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اهو سڀ ڪجھه مذهب جي نالي تي ۽ مذهبي پيشوائيت جي اجازت ۽ مرضيءَ سان ٿي رهيو آهي. آخر انهيءَ جو ڪهڙو حل آهي؟
انهيءَ مسئلي جو هڪڙو حل ته ڪارل مارڪس پيش ڪيو، پر ان هن مذهب کي وري بلڪل ئي رد ڪري ڇڏيو. جڏهن ته سندس طبقاتي معاشري جو سائنسي ۽ سماجي تجزيو سؤ سيڪڙو صحيح آهي. اقبال مذهب جي باري ۾ جيڪي تشريحون ڏنيون آهن، سي ڏاڍن ۽ رعايتون ڏنل طبقن جي خلاف آهن، پر مزدور ۽ پٺتي پيل طبقن جي حق ۾ آهن. ان جومطلب اهو ٿيو ته اقبال جي نظر ۾ نبين سڳورن جو آندل حقيقي مذهب طبقاتي ورڇ کي ختم ڪرڻ جي حق ۾ هو ۽ عقيدي توحيد ۾ به اها ئي ڳالهه گھربل آهي.
اقبال جي مذهب بابت انهيءَ تصور جو سڀ کان وڏو شارح ايران جو شهيد دانشور ڊاڪٽر علي شريعتي آهي. هن ٻڌايو آهي ته توحيد جي عقيدي جو مقصد، جيڪو سمورن حقيقي مذهبن جو گڏيل عقيدو آهي، رڳو زبان سان خدا جي هيڪڙائيءَ جو اقرار ڪرڻ ڪافي نه آهي، پر هڪ توحيدي معاشري جي جوڙ جڪ ئي مسئلي جو صحيح حل آهي. توحيدي معاشرو غير طبقاتي معاشرو آهي، جڏهن ته طبقاتي معاشرو مشرڪاڻو معاشرو آهي.
توحيدي معاشري جي جوڙجڪ ان لاءِ ضروري آهي ته فرد هڪ معاشري ۾ ئي اک کوليندو آهي. معاشري ۾ فرد جي پيدائش کان پهريان ئي هڪ خاص نوعيت جو معاشي، سياسي، تهذيبي ۽ تعليمي نظام قائم هوندو آهي. فرد جا پيءُ ماءُ ڪنهن نه ڪنهن مذهب جا پيروڪار هوندا آهن ۽ ڪنهن معاشي طبقي سان لاڳاپو رکندا آهن. اهي سمورا عنصر ۽ ماحول، فرد جي تقدير کي جوڙيندا آهن ۽ فرد جي سوچ ۽ فڪري نظر جي بناوت ۾ حصو وٺندا آهن.
جيڪڏهن معاشرو طبقاتي آهي ته پوءِ فرد يا ته استحصال پسند، رعايتون ڏنل طبقي سان واسطو رکندڙ هوندو يا وري استحصال ڪيل مزدور ۽ پٺتي پيل طبقي سان واسطو رکندو هوندو. ٻنهي صورتن ۾ فرد جي تقدير، ڪردار، نقطي نظر ۽ سوچ جا پاسا مختلف هوندا. جيڪڏهن حڪمران دولتمند طبقي سان لاڳاپو رکندڙ هوندو ته دولت جي جھجھائيءَ جي ڪري وڌيڪ دولت گڏ ڪرڻ لاءِ، ڏاڍ تي آڌاريل نوان طريقا سکندو، عيش ۽ آرام جي زندگي گذاريندو، پنهنجي راتين کي خريد ڪيل عزتن سان مزيدار بڻائيندو، سندس اولاد يورپ جي يونيورسٽين ۾ اعلى تعليم حاصل ڪندو، وغيره.
پر جيڪڏهن فرد مزدور، ڪنهن ننڍڙي دوڪاندار يا ڪنهن پٺتي پيل طبقي سان واسطو رکندڙ هوندو ته هو پاڻ ۽ ان جو اولاد دولت، تعليم، انصاف، روشن ۽ هوادار گھر ۽ سٺي لباس کان محروم رهندو. هو زميندار، جاگيردار، ڪارخاني جو مالڪ، کاڻين ۽ تيل ۽ گيس جي چشمن تي قبضو ڪري ويٺلن جي رحم ۽ ڪرم تي پلبو. ڇو جو هو انهن جو ”ڌڻي سائين“ ۽ رب آهي. جيڪڏهن هو انهن جي محنت خريد نه ڪندو ته اهو لنگھڻ تي مجبور ٿي ويندو.
طبقاتي معاشري ۾ رعايتون ڏنل طبقي جو مذهب ۽ اخلاق جي باري ۾ نقطي نظر ڳجھي قسم جو هوندو آهي. يا ته اهو طبقو مذهب کي نظر انداز ڪري ڇڏيندو آهي ۽ يا وري ان کي پنهنجي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندو آهي. ٻئي پاسي مزدور ۽ پٺتي پيل محروم طبقا مذهبي وهمن ۾ گھيريل هوندا آهن، جن کي گھڙڻ ۽ پکيڙڻ ۾ مذهبي پيشوائيت بنيادي ڪردار ادا ڪندي آهي. مذهبي پيشوائيت مذهبي معاشري جي طبقاتي طريقي کي بدلائي ڇڏيندڙ، انقلابي تعليم کي (عوام جي جهالت مان فائدو وٺندي، جنهن ۾ انهن کي ڄاڻي واڻي ڦاسايو ويندو آهي) انهن جي نظرن کان لڪايو ويندو آهي. اهو سمجھڻ ته انفرادي طور تي سڌارا آڻڻ سان معاشرو صحيح دڳ تي اچي ويندو هڪ خام خيالي آهي. گذيل ڏھ هزار سالن کان وڌيڪ عرصي جي تجربي، انهيءَ حقيقت کي چٽو ڪري ڇڏيو آهي ته انفرادي سڌاري سان اجتماعي عمل ۾ ڪوبه سڌارو وجود ۾ نه ايندو آهي. تنهن ڪري جيستائين توحيدي يا لاطبقاتي معاشرو وجود ۾ نه ايندو، هر فرد جي ذاتي تڪميل جو سامان ميسر ٿي نه سگھندو. طبقاتي معاشري ۾ فرد جي معاشي ڪفالت غير يقيني هوندي آهي. کيس سخت محنت جي ڪري عبادت ۽ نفس جي پاڪائيءَ لاءِ موقعو ئي نه ملندو آهي. ٽيڪنالاجي جي ارتقا، فرد جي محنت واري بار کي گھڻو گھٽائي ڇڏيو آهي، جنهن سان فرد کي پنهنجي تهذيبي ۽ اخلاقي ترقيءَ جي لاءِ گھڻو وقت ملي سگھي ٿو. پر طبقاتي معاشري ۾ هو انهيءَ سهولت کان به ساڳي طرح ئي محروم رهي ٿو.
رعايتون ڏنل طبقو عملي طور تي لا مذهب هوندو آهي. ڇو جو کيس پنهنجي دولت ۾ واڌاري لاءِ ڏاڍ ۽ ظلم جي ضرورت هوندي آهي ۽ دولت جي جھجھائي کيس عيش تي اڀاريندي آهي. انهيءَ ڪري هو خدا ۽ قيامت جي ڏينهن واري تصور کي مڃيندو ئي نه آهي. دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ هو رسمن ۽ ظاهري عبادتن جي ادائگي ۽ عبادتخانن جي اڏاوت ۾ زور شور سان حصو وٺندو آهي. يورپ جي ملٽي نيشنل ڪمپنين جو مالڪ ته مذهب کي ڌيان لائق ئي نٿو سمجھي ۽ پنهنجو پاڻ کي هر قسم جي اخلاقي قاعدن کان بلڪل ئي آزاد سمجھي ٿو. اولهه جي تهذيب موروثي آزاديءَ واري تصور تي آڌاريل آهي. انهيءَ سيڪيولرازم جي بنياد تي، فرد کي هر قسم جي اخلاقي ذميواري ۽ جوابداريءَ کان بلڪل ئي آجو ڪري ڇڏيو آهي. علي شريعتي چواڻي، انسان جي آزادي واري انهيءَ تصور، کيس وڏ ماڻهپي وارو بنائڻ بدران ڏوهاري بڻائي ڇڏيو آهي.
تنهن ڪري جيستائين توحيدي، يعني غير طبقاتي معاشرو قائم نٿو ٿئي، جنهن ۾ هڪ پاسي پيداواري وسيلن تي عوام جي ملڪيت هوندي آهي ته ٻئي پاسي اخلاقي ۽ روحاني قدرن کي انساني روح ۾ کُپائڻ، دنياوي ۽ آخرت واري زندگيءَ ۾ ڪاميابيءَ لاءِ ضروري هوندو آهي. اشتراڪي معيشت حقيقي مذهب کانسواءِ ۽ مذهب اشتراڪي معيشت کانسواءِ، پنهنجن فائدن کان فرد ۽ معاشري کي لاڀ نٿو ڏئي سگھي. نه ئي وري معاشري جو هر فرد ربوبيت، رحمت ۽ عدالت وارين برڪتن جو فائدو وٺي سگھي ٿو.
تنهن ڪري ”اياک نعبد“ جي تصور موجب، جيستائين سمورن هٿراڌو خدائن ۽ انهن ديوتائن خلاف، جيڪي پيداواري وسيلن تي ناجائز قبضو ڪرڻ سبب انسان جي تقدير جا مالڪ بڻجي ويا آهن، بغاوت ڪري خالق حقيقيءَ جي اڳيان نٿو جھڪيو وڃي، جنهن پنهنجي مخلوق جي جسماني ۽ معنوي ربوبيت ۽ واڌ ويجھه لاءِ هر قسم جا وسيلا خلقيا آهن ۽ پوءِ انهن نتيجن کي عملي طور تي حاصل ڪرڻ لاءِ عوامي مفادن تي آڌاريل دستور ۽ قانونن جي جوڙجڪ عمل ۾نٿي اچي، فرد جي اها دعوا ته هو رڳو اڪيلي الله جي ئي عبادت ڪندو ۽ ان کان ئي مدد گھرندو، رڳو هڪ دعوى جي حيثيت ۾ ئي هوندي.
تنهن ڪري ”إِيَّاكَ نَعْبُدُ وَإِيَّاكَ نَسْتَعِينُ “ جي روح جي گھرجن جي پورائي لاءِ ضروري آهي ته:
1. سمورن پيداواري وسيلن کي استحصالي ۽ رعايتون ڏنل طبقي جي قبضي مان ڇڏائي ”عوامي ملڪيت“ ۾ ڏنو وڃي.
2. معاشري جي اهڙي تبديليءَ لاءِ اڻٿڪ محنت ۽ جاکوڙ ڪئي وڃي.
3. انهيءَ جاکوڙ ۾ صبر، ثابت قدمي ۽ الله تعالى تي ڀروسي کان مدد ورتي وڃي.
4. سمورن آئينن ۽ قانونن کي رعاتون ڏنل طبقن جي فائدي بدران عوام جي مفادن جي حق ۾ جوڙيو وڃي.
5. انهيءَ سموري عمل ۾ دعا، نماز ۽ عبادت يعني راتين جي اوجاڳن سان مدد ورتي وڃي.
هتي قانونن ۽ آئينن مان مدد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ اسلام جي تاريخ مان مثال ڏنو وڃي ٿو. اهو مثال ڊاڪٽر يوسف گورايه جي ڪتاب ”دعوت الي القرآن“ مان ورتو ويو آهي. ان جو هڪڙو حصو ”اياک نعبد“ واري باب ۾ ڏنو ويو آهي، جتي عبادت ۽ نماز جي معنى تي وضاحت ڪئي وئي آهي. انهيءَ وضاحت کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته انهن اصولن جي روشنيءَ ۾ ڏٺو وڃي ته دعوت الي القرآن حقيقت ۾ اجتهاد جو ٻيو نالو آهي (ڊاڪٽر خليفي عبدالحڪيم اجتهاد جي سڃاڻ تخليقي زيان (Creative Synthesis) سان ڪئي آهي). قرآن ڪريم جيئن ته دائمي هدايت آهي، انهيءَ ڪري اجتهاد قرآن ڪريم جو مستقل اصول آهي. اصول فقه جو قانون آهي: ”تغير الاحکام بتغير الاحوال“ يعني حالتن جي تبديليءَ سان حڪمن ۾ تبديلي ايندي آهي. قرآن ڪريم موجب الله تعالى بنيادي اختيار عوام جي حوالي ڪيا آهن:
وَهُوَ الَّذِي جَعَلَكُمْ خَلَائِفَ الْأَرْضِ ﴿الأنعام: ١٦٥﴾ يعني اهو ئي ته آهي جنهن توهان سڀني (عوام) کي زمين ۾ (پنهنجو) نائب بڻايو آهي. جن اختيارن جي نائبي عوام جي حوالي ٿي آهي، تن ۾ ٽي ڳالهيون خاص طور تي ذڪر جوڳيون آهن:
(1) حڪمرانيءَ جو اختيار، (2) قانون سازي ۽ (3) معاشي وسيلن جو اختيار
خلافت راشده ۾ عوام ئي انهن اختيارن جي مالڪ هئي. اڳتي هلي حالتون تبديل ٿيون، ملوڪيت قائم ٿي ۽ بادشاھ انهن اختيارن تي قبضو ڪري ويٺا ۽ عوام انهن کان محروم ٿي ويو.

فقه خلافت
هاڻي انهن ٻنهي نظامن (خلافت راشده ۽ بادشاهت) جي ڀيٽ ڪئي وڃي ته چٽيءَ طرح سان نظر ايندو ته، خلافت واري زماني ۾ ”دعوت الي القرآن“ جو مطلب توحيد ۽ خدائي عبادت جي بنياد تي شريعت جي اهڙي تعبير ڪرڻ هو، جنهن هيٺ حقن ۽ اختيارن جي مالڪ عوام هجي، اها فقه خلافت هئي.

فقه ملوڪيت
جڏهن ته بادشاهت واري دؤر ۾ ”دعوت الي القرآن“ اهڙي فقه سازي هئي، جنهن هيٺ سمورن حق ۽ اختيار جا مالڪ بادشاھ هجن ۽ عوام ”سمعنا و اطعنا“ (ٻڌوسون ۽ مڃيوسون) واري اصول هيٺ فرمانبردار رعيت هجي، اها فقه ملوڪيت هئي.

فقه جمهوريت
هاڻي جمهوريت جو دؤر آهي. انهيءَ ۾ ”دعوت الي القرآن“ جو مطلب هي آهي ته قرآني تعليم جي هڪ اهڙي نئين تعبير ٿئي، جيڪا عوام کي انهن جا ڦٻايل حق ۽ اختيار بحال ڪري ڏئي. جهڙي طرح خلافت واري دؤر جي شريعت بابت تعبير، بادشاهت واري دؤر کي ڀانءِ نه پئي ۽ پنهنجو پاڻ کي قائم رکڻ لاءِ ان فقه ملوڪيت تيار ڪئي هئي، بلڪل اهڙيءَ ئي طرح بادشاهت واري دؤر جي فقه ملوڪيت، جمهوريت واري دؤر لاءِ ناسازگار آهي. جمهوريت جو دؤر فقه جمهوريت جي لاءِ سخت گھُر ڪري رهيو آهي. اهڙي ”دعوت الي القرآن“ ضرور ڪامياب ٿيندي، جيڪا انهيءَ گھُرج سان هڪجهڙائي رکندڙ هوندي.
هتي هڪڙي ڳالهه جي وضاحت ضروري آهي ته لفظ جمهوريت جو مطلب هتي سرمائيداراڻي جمهوريت نه آهي، جنهن ۾ ملٽي نيشنل ڪارپوريشنن جا نمائندا، جاگيردار ۽ ڪارخانن جا مالڪ، يعني پيداواري وسيلن تي ذاتي ملڪيت رکندڙ فرد، ڊرگ مافيا ۽ اسمگلرن جا نمائندا چونڊجي ايندا آهن. انهيءَ قسم جي جمهوريت اولهه ۾ چڱو وڌي ويجھي ۽ هن پنهنجي فائدن جي لاءِ ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي هيڻن ۽ پٺتي پيل ملڪن جي خام مال جي ذخيرن کي لٽيو ۽ اتي جي عوام ۽ ان جي محنت کي سستي اگھه تي خريد ڪري انهن جو استحصال ڪيو. انهن تي فوجي ۽ معاشي غلامي لاڳو ڪئي ۽ پنهنجي ڪارخانن ۾ تيار ٿيل شين کي وڪڻڻ لاءِ انهن ملڪن جي عوام کي، انهن جي تهذيبي بنيادن کان جدا ڪري انهن کي صاحب لوڪ بڻائي ڇڏيو.
ان جي برخلاف اشتراڪي معاشري جي عوامي ۽ پئنچائتي جمهوريت ئي اسلامي گھرجن کي پورو ڪري سگھي ٿي ۽ ان پورو به ڪيو. غلطين جو بهانو بڻائي پرائيويٽائيزيشن ۽ آزاد منڊي جي معيشت کي پنهنجائڻ، جنهن جي نتيجي ۾ عوام کي وري وري بربادي جو منهن ڏسڻو پيو آهي، عقلمندي جو دليل نه آهي. تنهن ڪري ڊاڪٽر موصوف جتي به جمهوريت جو لفظ استعمال ڪيو آهي، ته انهيءَ جو مطلب سوشلسٽ جمهوريت ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ مطلب غلط ٿي ويندو. سرمائيداراڻي جمهوريت، جيڪا اسان جي ملڪ ۾ به رائج آهي، ڊاڪٽر موصوف جي اسلامي تشريح جي بلڪل خلاف آهي.
علامه اقبال پنهنجي ڇهين خطبي ۾ ترڪي جي جمهوريت جي وڏي واکاڻ ڪئي آهي. جنهن مان اهو مغالطو پيدا ٿئي ٿو ته حضرت علامه به اولهه جي سرمائيداراڻي جمهوريت جو حامي هو. اصل ۾ ڳالهه هيءَ هئي ته ٻارنهن سئو سالن جي اسلامي دنيا تي ڇانيل بادشاهت جي ڪاري رات کان هي باک ڦٽي هئي. انهيءَ ڪري حضرت علامه انهيءَ جو خير مقدم ڪيو هو. ان جو خيال هو ته اهي وکون اڳتي وڌي صحيح اسلامي اشتراڪي معيشت کي پنهنجائڻ جي ڪري، محنت ڪشن جي عوامي يا پنچائتي جمهوريت تائين پهچي وينديون. پر ترڪي جي رعايتون ڏنل طبقي اولهه جي سامراجي نظام سان واڳجي، اها باک ڦٽڻ ئي نه ڏني. حضرت علامه جا بيشمار شعر انهيءَ سرمائيداراڻي جمهوريت جي خلاف آهن. ”حضر راه“نظم ۾، جيڪو 1920ع ۾ اشتراڪي انقلاب کان متاثر ٿي لکيو ويو هو، انهيءَ ئي سرمائيداراڻي جمهوريت جو تمام ئي چٽو ۽ بهترين نقشو چٽيو آهي.
اهڙي طرح فارسي ۾ به سرمائيداراڻي جمهوريت جي خلاف شعر موجود آهن جنهن ڪري ننڍڙي سوچ رکندڙ ماڻهو، اقبال کي جمهوريت دشمن سڏين ٿا. اڃا به هڪ اولهه جي مفڪر پنهنجي خيالن کي هنن لفظ ۾ پيش ڪيو آهي: ”جمهوريت هڪ اهڙي طرز حڪومت آهي جنهن ۾ فردن کي ڳڻيو ويندو آهي، توريو نه ويندو آهي. سرمائيداراڻي جمهوريت جي ايوانن ۾ ويٺل مفاد پرست ماڻهن کي، جيڪي پنهنجي سياستداني، دولت ۽ عقلمندي جي باوجود هيڻي عوام جي ڀلائي لاءِ نٿا سوچي سگھن، گڏهن سان تعبير ڪيو آهي. يعني ”از مغز دو صد خر فڪر انسان نمي آيد“
تنهن ڪري اسلام جي معاشي، سياسي، معاشرتي، تهذيبي، علمي ۽ تمدني گھرجن کي رڳو اشتراڪي جمهوريت ئي پورو ڪري سگھي ٿي، جنهن جو بنياد پيداواري وسيلن تي عوام جي ملڪيت واري اصول تي قائم هوندو آهي.
آخر ۾ انهيءَ ئي خطبي مان هڪڙو اقتباس ڏنو وڃي ٿو، جنهن مان خبر پوي ٿي ته بادشاهت (۽ اڄوڪي سرمائيداراڻي جمهوريت) جي گھرجن هيٺ، فقه تي آڌاريل ڪتاب ڪيئن مرتب ٿيندا هئا؟ فقيهن جي اڳيان بنيادي اصول ڪهڙو هو؟ مشهور محقق ضياءُ الدين برني جي ”فتاوى جهانداري“ مان اهو اصول ملي ٿو، جيڪو فيروز شاھ تغلق جي دؤر ۾ مرتب ٿيو. ان جا اهم نڪتا هن طرح آهن:
”برني رسولِ خداﷺ ۽ خليفن جي روايتن کي اهو چئي ڪري پاسي ڪري ڇڏيو ته، اهي اصول هڪ اهڙي دؤر جي يادگار آهن، جيڪو رڳو وقتي هو ۽ جنهن جو ٻيهر ظاهر ڪرڻ ان لاءِ ناممڪن آهي جو اها هڪ مثالي شيءِ هئي ۽ بدليل حالتن ۾ انهيءَ جي لاءِ ڪوشش بيڪار آهي. نبي ڪريمﷺ تي الله تعالى جي طرف کان وحي نازل ٿيندي هئي ۽ خلفاءِ راشدين جي پاڻ تربيت ڪئي هئائون. نتيجو ظاهر آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته جيڪي واقعا گذري ويا آهن، تن جو ورجاءِ ناممڪن آهي. جهانداري جيئن ته حڪمران طبقي جو حق آهي، انهيءَ ڪري سماجي نظام کي وراثت جي ذريعي برقرار رکڻ ضروري آهي ته اهي عوام جي ديني رسمن جهڙوڪه نماز، روزي، حج ۽ زڪوات جي ادائگي کان مٿانهين، ٻئي ڪابه تعليم نه ڏين. باقي اهي ماڻهو جيڪي رعيت آهن ۽ اسلام قبولي چڪا آهن، مثلاً هندو ۽ منگول، تن ڏانهن ڌياڻ ڏيڻ جي ضرورت انهيءَ لاءِ نه آهي ته، توحيد جو تصور انهن کي جسماني طور تي ورثي ۾ نه مليو آهي ۽ نه اهڙي قسم جو ڪو عقيدو انهن جي رت ۾ شامل آهي.
اڳتي هلي برني چئي ٿو ته، نه ته اسان ۾ اهي مسلمان بچيل آهن ۽ نه ئي اسان کي اهي مسلمان ملن ٿا، جن تي اسان ابوبڪر ۽ عمر وانگر حڪومت ڪري سگھون. پنهنجي دليل کي سگھارو ڪرڻ لاءِ برني چوي ٿو ته اسان انهيءَ واقعي کي نظر انداز نه ڪريون ته چئن خليفن مان، جن رسول اللهﷺ جي ٻڌايل رستي تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي، تن مان ٽن کي رڳو انهيءَ ڪري شهيد ڪيو ويو جو اهي حڪمرانن وانگر پنهنجو ذاتي تحفظ ضروري نه سمجھندا هئا.
اها آهي انهيءَ بادشاهت ۽ بگاڙيل اسلام جي صحيح تصوير جيڪا بادشاهت جي انهيءَ وڻ جو پڪل ميوو آهي، جنهن جو ٻج اموي دؤر جي شروعات سان دمشق ۾ پوکيو ويو هو. انهيءَ اسلام ۾ دمشق جي خلافت مان ئي، عوام ۽ ان جي مفادن کي اقتدار، قانون سازي ۽ معاشي وسيلن جي ملڪيت کان ٻاهر ڪڍيو ويو هو. خلافت جي اداري تي بادشاھ، جاگيردار ۽ انهن جي نوازيل طبقي قبضو ڄمائي ورتو هو. وري انهيءَ بادشاهت کي نسلي ۽ موروثي شڪل ۾ بدلايو ويو. عوام کي ”غلام“ بڻايو ويو. انهيءَ ئي اسلام کي ڊاڪٽر علي شريعتي بگاڙيل اسلام سڏي ٿو ۽ اهو هابيل جي قتل ڪري ڇڏڻ کان پوءِ، قابيلي نظام جي بنيادي شڪل آهي. فرعون (واڳ ڌڻي)، قارون (پيداواري وسيلن تي قابض) ۽ هامان يا بلعم باعور (مذهبي پيشوا) انهيءَ ناپاڪ ٽه ياري سموري انساني تاريخ ۾ عوام کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي.