مذهب

خدا، مذهب ۽ سماج

ڪتابُ ”خدا، مذهب ۽ سماج“ بني آدم جي ترقي لاءِ خدا جي ڏنل پيغام (طبقاتي نقطي نظر کان سورة الفاتحه جو مطالعو) آھي. سورة الفاتحه جي حيثيت قرآن پاڪ جي پيش لفظ (يا مهاڳ) جي آهي. سمورا مسلمان هن سورة سڳوريءَ کي نماز جي هر رڪعت ۾ پڙهندا آهن. سڀ کان پهريان هن سورة ۾ بيان ڪيل اصطلاحن جي معنى تي غور ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ان معنى جي روشنيءَ ۾ انهيءَ جي ترجمي ۽ مطلب کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. 

Title Cover of book خدا، مذهب ۽ سماج

الحمد

حمد جو مطلب ساراھ، واکاڻ (appreciation) وغيره آهي ۽ اهي جذبا انسان جي دل ۾ ٽن موقعن تي پيدا ٿيندا آهن. هڪ ڪنهن شيءِ جي سونهن کي ڏسي، ٻيو ڏکئي ۽ تڪليف واري وقت ۾ ڪنهن جي مدد وقت يعني ڪنهن جي احسان کي ڏسندي ۽ ٽيون ڪنهن اهڙي ڪم يا ايجاد وغيره جي باري ۾ جنهن ۾ اورچائي ڏٺي وڃي. اهي ٽئي ڳالهيون ڪائنات ۽ انسان جي خلقت ۾ موجود آهن:
1. ڪائنات ۽ ان جي سمورين مخلوقن ۾، جنهن ۾ انسان به شامل آهي، هڪ خاص قسم جي مناسبت ۽ سونهن سوڀيا نظر اچي ٿي ۽ اها سهڻائي مناسبت جو ٻيو نالو آهي. قرآن مجيد انهيءَ مناسبت جي لاءِ ٻه لفظ استعمال ڪيا آهن، هڪ قدر (تقدير) ٻيو تسويه. اهي ٻئي گڻ ملي ڪري ڪنهن به شيءِ ۾ مناسبت ۽ سونهن پيدا ڪري ڇڏين ٿا. انسان پنهنجي علم سبب انهيءَ مناسبت ۽ سونهن بابت جيتري ڄاڻ حاصل ڪري ٿو، اوترو ئي خالق حقيقي لاءِ واکاڻ ۽ ساراھ جي جذبن جو اظهار ڪري ٿو.
2. تخليق ۾ نه رڳو تقدير ۽ تسويه جي ڪري موزونيت ۽ سونهن نظر اچي ٿي، پر خالق پنهنجي مخلوق جي جسماني، ذهني ۽ نفسياتي پورائي ۽ پالنا لاءِ مناسب وسيلا به پيدا ڪري ڇڏيا آهن. انهن وسيلن جي تخليق ۾ مخلوق جي مرضي شامل نه هوندي آهي، پر خالق جيئن ته ڳجھه ۽ ظاهر جي ڄاڻ رکي ٿو، انهيءَ ڄاڻ ۽ واقفيت سبب هن هر جيءَ ۽ هر شيءِ جي پالنا، واڌ ويجھه ۽ پورائي جي لاءِ ان جي پيدائش کان اڳ ئي وسيلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. اهڙي طرح انسان جڏهن انهيءَ ”احسان“ تي غور ڪري ٿو، ته هن جي دل شڪراني ۽ واکاڻ جي جذبن سان ڀرجي وڃي ٿو. اهي جذبا الله جي انڪاريءَ جي دل ۾ پيدا نٿا ٿي سگھن. هو فطرت جي ڪنهن به نظاري ۾ سونهن کي ڏسي رڳو ساراھ ڀريا لفظ ئي چئي سگھي ٿو، پر انهيءَ سان دلي ۽ روحاني لاڳاپو پيدا نٿو ٿي سگھي.
3. سونهن ۽ احسان تي واقفيت سان گڏ جڏهن علم جي سائنسي طريقن وسيلي هر قسم جي تخليق جي بناوت، انهن جي ڪم ڪرڻ جي طريقيڪار، ان جي جوڙجڪ، ترتيب ۽ ان گڻن (potentials) تي اونهائيءَ سان غور خوض ڪيو ويندو آهي ته خالق جي عظمت، ان جي قدرت ۽ ان جي تخليقي مهارت بنسبت واقف ٿيڻ سان انسان جي دل ۽ دماغ تي حيرت ۽ تعجب جا جذبا ڇانئجي وڃن ٿا. تنهن ڪري انهن ٽنهي ڪيفيتن سان انهيءَ دل مان ساراھ تي مشتمل لفظ نڪرڻ شروع ٿي وڃن ٿا. پوءِ جيئن ته الله تعالى جي ذات سڀ کان وڌيڪ سهڻائيءَ سان خلقيندڙ آهي، ان کان وڌيڪ بهتر ڪو خلقيندڙ نه آهي، تنهن ڪري ساراھ ۽ واکاڻ جو هر لفظ رڳو ان لاءِ ئي خاص طرح سان واڳيل آهي ۽ سندس ئي ذات ان لائق آهي. حمد جي مٿان واڌو تعريف “لام” لڳائڻ جو مقصد به اهوئي آهي. اهڙي طرح حمد جو لفظ “الحمد” جي شڪل اختيار ڪري ٿو جيڪو هر قسم جي واکاڻ جو دائرو ٺاهڻ جي حيثيت رکي ٿو.

مادي ۽ خدا ۾ فرق:
هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رهي ته اهي جذبا ان وقت ئي پيدا ٿي سگھن ٿا ۽ دل ۽ دماغ تي ڇائنجي سگھن ٿا، جڏهن خالق کي جيئرو، وس وارو ۽ علم ۽ دانائيءَ وارو سمجھيو وڃي. جيڪڏهن مادي کي ئي مطلق حقيقت سمجھيو وڃي ته اهي جذبا پيدا نٿا ٿي سگھن. اهو ئي سبب آهي جو تحقيق جي سائنسي طريقي جو بنياد ماديت تي هئڻ ڪري، موجوده دور جي انسان جي دل ۾ شڪرگذاريءَ جا جذبا پيدا نٿا ٿين، جيڪي هڪ جيئري ۽ ڏاهپ ڀري هستي کي پنهنجو خالق مڃڻ سان پيدا ٿين ٿا. ان ڪري ئي نه رڳو آڳاٽين حسي (sensat) تهذيبن ۾، پر موجوده دور جي اولهه وارين تهذيبن ۾ به اهڙو فرد پيدا ٿي نه سگھيو جنهن جي دل نه رڳو خالق لاءِ، پر ان جي مخلوق لاءِ به محبت، رحمت، احسان جي جذبن سان گڏوگڏ جنسي هوس کان پاڪ جذبا رکندو هجي. اها ئي ڳالهه آڳاٽين سمورين تهذيبن جي تباهي جو سبب بڻي ۽ اڄ به غير انساني روين جهڙوڪه رُکائپ، چڙ، نفرت ۽ مطلب پرستي وغيره جي ڪري انسان قتل ۽ خون خرابي، جنگ جھيڙي، چوري ۽ ڦر توڙي بڇڙي شهوت پرستي واري واٽ تي هلي رهيو آهي. ايئن هو پنهنجي تباهيءَ جي غار تائين پهچڻ وارو آهي.
تاريخ شاهد آهي ته ڪنهن به قوم ۽ تهذيب جي ارتقا ۽ اوج واري وقت ۾ اهڙن ماڻهن جي گھڻائي هوندي آهي، جن جو مذهب ڏانهن سچائيءَ ڀريو رويوهوندو آهي ۽ پنهنجي خلقڻهار جي ساراھ ۽ واکاڻ سان انهن جون دليون پُر هونديون آهن، جنهن ڪري اهي هر قسم جي مخلوق توڙي پنهنجي هم جنس انسانن لاءِ محبت ۽ ٻاجھه ڀريا جذبا رکندا آهن. اهي ڪائنات جو هڪ جيئري وجود جي حيثيت سان احترام ڪندا آهن. جيئن جيئن اهڙن ماڻهن جو تعداد گھٽبو ويندو آهي ماڻهن جي اندر دولت جي هوس، علم ۽ ڏاهپ کان بي ڌياني، جنسي بي راھ روي ۽ دنيا پرستيءَ ڏانهن لاڙو هوندو آهي ته اهڙن ماڻهن جي تعداد وڌڻ سان قوم زوال جو شڪار ٿي ويندي آهي. اِها ئي اُها حقيقت آهي جنهن کي ٽائن بي ”سمجھو ماڻهن جي اقليت“ (Intellectual Minorty) سڏي ٿو. اولهه جي تهذيب ۾ اها اقليت اڻلڀ ٿيندي پئي وڃي. اتي فڪر جي جاءِ ٽيڪنالاجي والاري ڇڏي آهي. فڪر کانسواءِ ٽيڪنالاجي جي استعمال جو مثال ايئن آهي، جيئن هڪ ريل گاڏي بنا ڊرائيور جي هلي رهي هجي، جنهن جو لازمي نتيجو تباهي ئي هوندو. اهڙي قسم جي تباهيءَ جون ڪيتريون ئي صورتون آهن. قران ڪريم انهيءَ تي تفصيلي روشني وڌي آهي.

ساراھ ۽ واکاڻ جي نفسياتي شڪل:
خدائي ساراھ ۽ واکاڻ جي عملي فائدن جون ٻه شڪليون آهن. هڪ هي ته جيڪڏهن ساراھ تمام ئي وڏي ڌيان ۽ دل جي محبت سان ڪئي وڃي ته خدا تعالى سان تعلق ۾ پختگي ۽ مضبوطي اچڻ سان ماڻهوءَ جي فطرت جي اوچي حصي جي نورانيت وڌي ويندي آهي. ان جي ذڪر ۾ لذت ۽ محويت وڌي ويندي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ الله تعالى سان ويجھڙائي به وڌندي وڃي ٿي. اهڙي انسان ۽ خدائي گڻ ڏينهون ڏينهن ظاهر ٿي وڌڻ لڳندا آهن جنهن سان ماڻهوءَ جي نفسيات ۾ به خدائي اخلاق سگھارا ٿي ويندا آهن. اهي ئي ڳالهيون تصوف ۾ گھربل هونديون ۽ ڪيترن ئي وڏن صوفي درويشن جي سيرت ان ڳالهه جو کليل دليل آهي.

ساراھ ۽ واکاڻ جي معاشرتي صورت:
ٻئي صورت هيءَ آهي ته خدائي اخلاق جي اثر سبب اهڙو ماڻهو خدائي مخلوق لاءِ نسورو ٻاجھه ۽ شفقت بڻجي ويندو آهي. هن جي هٿ توڙي زبان کان خدائي مخلوق کي تڪليف ڏيڻ وارو ڪوبه عمل نٿو ٿئي. اڃا به ان جو وجود توڙي عمل سراسر هدايت بڻجي ويندو آهي. هو ربوبيت جي سمورن وسيلن تي عوام جي پهچ کي يقيني بنائڻ ۾ ٻين انسانن جي مدد ڪندو آهي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو پنهنجي بنيادي جسماني ۽ گھريلو ضرورتن کي پورو ڪندي، مطمئن ٿي، وڌيڪ توجهه ۽ ڌيان سان عبادتون سر انجام ڏئي سگھن. ڇو جو پيداواري وسيلن تي ٿورڙن ماڻهن جي ذاتي ملڪيت قائم ٿيڻ سان ماڻهن وٽ پنهنجي محنت کي وڪڻي پنهنجو ۽ پنهنجي اولاد جو پيٽ پالڻ کانسوءِ ٻي ڪا واٽ نٿي رهي. زمين يا ڪارخاني جو مالڪ کيس رڳو ايتري ئي مزدوري ڏئي ٿو، جنهن سان هو رڳو جيئرو رهي سگھي ۽ پنهنجي محنت سان سندس دولت ۾ واڌارو ڪري سگھي. انهيءَ صورتحال کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ سچو درويش يا عبادت گذار پنهنجو ساھ به قربان ڪري ڇڏي ٿو ته جيئن دولت جي هڪ خاص طبقي ۾، ان جي گڏ ڪرڻ واري هوس سبب اخلاق کان ڪريل عملن جا امڪان ختم يا بلڪل گھٽ ٿي وڃن. تنهن ڪري روحاني اشتراڪي معاشرو قائم ڪرڻ جي لاءِ جاکوڙ ڪرڻ پڻ خدائي واکاڻ جي هڪ عملي صورت آهي.