مذهب

خدا، مذهب ۽ سماج

ڪتابُ ”خدا، مذهب ۽ سماج“ بني آدم جي ترقي لاءِ خدا جي ڏنل پيغام (طبقاتي نقطي نظر کان سورة الفاتحه جو مطالعو) آھي. سورة الفاتحه جي حيثيت قرآن پاڪ جي پيش لفظ (يا مهاڳ) جي آهي. سمورا مسلمان هن سورة سڳوريءَ کي نماز جي هر رڪعت ۾ پڙهندا آهن. سڀ کان پهريان هن سورة ۾ بيان ڪيل اصطلاحن جي معنى تي غور ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ان معنى جي روشنيءَ ۾ انهيءَ جي ترجمي ۽ مطلب کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. 

Title Cover of book خدا، مذهب ۽ سماج

“الدين” ۽ “الشرع”

دينن جو اختلاف
چڱو جيڪڏهن سموري انسانذات جي لاءِ دين هڪ ئي آهي ۽ سمورن مذهبن جي بانين هڪ ئي اصل ۽ قانون جي تعليم ڏني آهي ته پوءِ مذهبن ۾ اختلاف ڇو ٿيو؟ ڇو سمورن مذهبن ۾ ساڳئي ئي قسم جا حڪم آهن، ساڳيا ئي عمل، ساڳي قسم جون ريتون رسمون ۽ ظاهري عبادتون نه ٿيون؟ ڪنهن مذهب ۾عبادت جي هڪ خاص شڪل اختيار ڪئي وئي آهي ته ڪنهن ۾ ٻئي. ڪنهن مذهب جا پيروڪار هڪ پاسي منهن ڪري عبادت ڪن ٿا ته ڪنهن مذهب جا مڃيندڙ ٻئي پاسي، ڪنهن جا حڪم ۽ قانون هڪ خاص نوعيت جا آهن ته ڪنهن وٽ ٻئي قسم جا.

اختلاف دين ۾ نه، پر شرع ۾ ٿيو
قرآن چوي ٿو ته مذهبن جو اختلاف ٻن قسمن جو آهي، هڪڙو اختلاف ته اهو آهي جيڪو مذهب جي پيروڪارن مذهب جي حقيقي تعليم کان ڦري وڃڻ سبب پيدا ڪري ورتو. اهو اختلاف مذهب جو اختلاف نه آهي، پر ان جي پيروڪارن جي مذهبي گمراهيءَ جو نتيجو آهي. ٻيو اختلاف اهو آهي، جيڪو حقيقت ۾ مذهب جي حڪمن ۽ عملن ۾ موجود آهي. مثال طور، هڪ مذهب ۾ عبادت جي ڪا خاص شڪل اختيار ڪئي وئي آهي، ٻئي ۾ ڪا ٻي شڪل. ته اهو اختلاف اصل ۽ حقيقت جو اختلاف نه چئبو. اهو رڳو فروع ۽ ظاهر جو اختلاف آهي ۽ ضروري هئو ته ايئن ٿئي. 
هو چوي ٿو ته مذهب جي تعليم ٻن قسم جي ڳالهين جو مرڪب آهي. انهن مان هڪڙو ته اهو آهي جيڪو ان جو روح ۽ حقيقت آهي. ٻيو اهو آهي جنهن سان ان جي ظاهري شڪل ۽ صورت سينگاري وئي آهي. پهرين شيءِ اصل آهي ۽ ٻئي فروع آهي. پهرين شيءِ کي ”دين“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو؟ ۽ ٻئي ”شرع“ ۽ ”نسڪ“ سان ۽ انهيءَ جي لاءِ لفظ ”رستو“ به استعمال ڪيو ويندو آهي. شرع  جو مطلب رستو آهي ۽ ”نسڪ“ جو مطلب عبادت جو طريقو آهي. اڳتي هلي اصطلاحي معنى ۾ شرع مذهب جي قانون کي سڏيو وڃڻ لڳو ۽ نسڪ عبادت کي. هو چوي ٿو ته مذهبن ۾ جيترو به اختلاف آهي سو فروعي اختلاف آهي، اهو دين جو اختلاف نه آهي. رڳو  شرع يا رستي جو اختلاف آهي، يعني اصل جو نه آهي، پر فروع جو آهي. حقيقت جو نه، پر ظاهر جو آهي، روح جو نه پر صورت جو آهي ۽ اهو ضروري به هو ته اهو اختلاف ظاهر ٿئي. مذهب جو مقصد انساني جماعت جي سعادت ۽ اصلاح آهي، پر انساني جماعت جون حالتون ۽ انداز هر دور ۽ هر ملڪ ۾ ساڳيا نه رهيا آهن ۽ نه ئي ساڳيا رهي سگھن پيا. ڪنهن زماني جي معاشرتي ۽ ذهني پهچ هڪ خاص طرح جي نوعيت واري هئي ته ٻئي زماني ۾ وري ٻئي قسم جي. ڪنهن ملڪ جون حالتون هڪ خاص قسم جي معيشت جون گھرجائو هيون ته ٻئي ملڪ جو حالتون وري بلڪل جدا هيون. اهڙيءَ طرح جيڪو مذهب جنهن زماني ۽ جهڙي صلاحيتن ۽ طبيعتن وارن ماڻهن ۾ ظاهر ٿيو، شرع ۽ رستي جي صورت به ان مطابق ئي اختيار ڪئي وئي. جنهن زماني ۽ جنهن ملڪ ۾ جيڪا صورت اختيار ڪئي وئي، سا ئي انهيءَ زماني جي لاءِ مناسب هئي. انهيءَ ڪري هر شڪل پنهنجي جاءِ تي ڀلي ۽ حق تي آهي. تنهن ڪري اهو اختلاف ان کان وڌيڪ اهميت نٿو رکي جيتري اهميت انسانذات جي سمورن معاشرتي ۽ طبيعي اختلافن کي ڏئي سگھجي ٿي. 
لِّكُلِّ أُمَّةٍ جَعَلْنَا مَنسَكًا هُمْ نَاسِكُوهُ فَلَا يُنَازِعُنَّكَ فِي الْأَمْرِ وَادْعُ إِلَىٰ رَبِّكَ إِنَّكَ لَعَلَىٰ هُدًى مُّسْتَقِيمٍ ﴿الحج: ٦٧﴾
ترجمو: ”سڀڪنھن ٽوليءَ لاءِ ھڪ شريعت مقرر ڪئي سون جنھن تي اُھي عمل ڪندڙ آھن پوءِ  ته ھِن ڪم ۾ جھڳڙو نه ڪن ۽ (تون) پنھنجي پالڻھار ڏانھن (ماڻھن کي) سڏيندو رھ، بيشڪ تون سڌيءَ واٽ تي آھين.“

قبلي جي تبديلي ۽ قرآني حقيقت جو اعلان
جڏهن قبلو تبديل ٿيو يعني پيغمبر اسلامﷺ بيت المقدس جي بدران ڪعبة الله ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهڻ لڳا ته اها ڳالهه يهودين ۽ عيسائين کي تمام ئي ڏکي لڳي. انهن جي خيال ۾ مذهب جو سمورو دارومدار ان طرح جي ظاهري ۽ فروعي ڳالهين تي هو. انهيءَ ئي ڳالهه کي اهي حق ۽ باطل جو معيار سمجھندا هئا. پر اسان ڏسون ٿا ته قرآن ڪريم انهيءَ معاملي کي بلڪل ئي جدا نظر سان ڏٺو آهي. هو چوي ٿو ته توهان ان قسم جي ڳالهين کي ايڏي اهميت ڇوٿا ڏيو؟ اها ڳالهه  نه ته حق ۽ باطل جو معيار آهي ۽ نه ئي مذهب جي اصل حقيقت ۾ ان جو ڪو عمل دخل آهي. هر مذهب پنهنجي پنهنجي حالتن ۽ گھرجن موجب عبادت جو هڪ طريقو اختيار ڪيو هو ۽ ماڻهو انهيءَ تي ڪاربند ٿي ويا. سڀني جو اصلي مقصد هڪ ئي آهي ۽ اهو آهي خداپرستي ۽ نيڪ عملي. سو جيڪو ماڻهو سچائيءَ جو گھرجائو آهي تنهن کي گھرجي ته پنهنجي اصل مقصد تي نظر رکي ۽ ان مطلب کي سامهون رکي هر ڳالهه کي پرکي ۽ انهن ڳالهين کي حق ۽ باطل جو معيار نه بڻائي. 
وَلِكُلٍّ وِجْهَةٌ هُوَ مُوَلِّيهَا فَاسْتَبِقُوا الْخَيْرَاتِ أَيْنَ مَا تَكُونُوا يَأْتِ بِكُمُ اللَّهُ جَمِيعًا إِنَّ اللَّهَ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ ﴿البقرة: ١٤٨﴾
ترجمو: ” ۽ سڀ ڪنھن لاءِ (ڪو) ھڪڙو قبلو آھي جنھن ڏانھن اُھو مھاڙ ڪندو آھي پوءِ چڱاين ڏانھن اڳرائي ڪريو، جتي ھوندؤ (اُتان) الله اُوھان کي گڏ ڪري آڻيندو، ڇوته الله سڀ ڪنھن شيء تي وس وارو آھي.“

قرآن جي نظر ۾ عقيدي ۽ عمل جون اصلي ڳالهيون
وري ساڳي ئي سورت ۾ اڳتي هلي صاف لفظن ۾چٽائي ڪئي وئي ته اصل دين ڇا آهي؟ ۽ ڪهڙين ڳالهين سان ماڻهو دين جي سعادت ۽ ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو؟ هو چوي ٿو ته دين رڳو ان قسم جي ڳالهين ۾ نه آهي ته ڪنهن ماڻهو عبادت جي وقت اوڀر منهن ڪيو يا اولهه ڏانهن. پر اصل دين ته هي آهي ته ڏٺو وڃي ته  خدا پرستي ۽ نيڪ عملي جي لحاظ کان هڪ انسان جو ڪهڙو حال آهي. ان کان پوءِ تفصيل سان ٻڌايو ته خدا پرستي ۽ نيڪ عمليءَ جو ڪهڙيون ڳالهيون آهن:
لَّيْسَ الْبِرَّ أَن تُوَلُّوا وُجُوهَكُمْ قِبَلَ الْمَشْرِقِ وَالْمَغْرِبِ وَلَٰكِنَّ الْبِرَّ مَنْ آمَنَ بِاللَّهِ وَالْيَوْمِ الْآخِرِ وَالْمَلَائِكَةِ وَالْكِتَابِ وَالنَّبِيِّينَ وَآتَى الْمَالَ عَلَىٰ حُبِّهِ ذَوِي الْقُرْبَىٰ وَالْيَتَامَىٰ وَالْمَسَاكِينَ وَابْنَ السَّبِيلِ وَالسَّائِلِينَ وَفِي الرِّقَابِ وَأَقَامَ الصَّلَاةَ وَآتَى الزَّكَاةَ وَالْمُوفُونَ بِعَهْدِهِمْ إِذَا عَاهَدُوا وَالصَّابِرِينَ فِي الْبَأْسَاءِ وَالضَّرَّاءِ وَحِينَ الْبَأْسِ أُولَٰئِكَ الَّذِينَ صَدَقُوا وَأُولَٰئِكَ هُمُ الْمُتَّقُونَ ﴿البقرة: ١٧٧﴾
ترجمو: ”اوڀر ۽ اولهه ڏانھن اوھان جو پنھنجن مُنھَن کي ڦيرائڻ ڪا چڱائي نه آھي پر (اصل) چڱائي (ان لاءِ) آھي جنھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن ۽ ملائڪن ۽ ڪتابن ۽ پيغمبرن کي مڃيو، ۽ جنھن (ماڻھوءَ پنھنجو) مال اُن جي پيار ھوندي (به) مٽيءَ وارن ۽ ڇورن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن ۽ سوال ڪندڙن کي ۽ ٻانھَن جي گردنين (آجي ڪرڻ) ۾ ڏنو، ۽ نماز پڙھيائين ۽ زڪوٰة ڏنائين، ۽ (اُھي ماڻھو جي) جڏھن انجام ڪندا آھن تڏھن پنھنجو انجام پاڙيندا آھن، ۽ سڃائيءَ ۽ اوکائيءَ ۾ ۽ جنگ مھل صبر ڪرڻ وارا آھن، اِھي سچا آھن، ۽ اِھي ئي پرھيزگار آھن.“
جنهن ڪتاب ۾ تيرنهن سئو سالن کان هيءَ آيت موجود آهي، جيڪڏهن دنيا ان جي دعوت جي اصل مقصد کي سمجھي نٿي سگھي ته پوءِ ٻئي ڪهڙي ڳالهه آهي، جنهن کي دنيا سمجھي سگھي ٿي؟

شريعتن جو اختلاف خدائي حڪمت هيٺ آهي
سورت المائده ۾ اسان ڏسون ٿا ته هڪ خاص ترتيب سان مختلف دعوتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ذڪر حضرت موسىؑ ۽ توريت سان شروع ٿئي ٿو: ”إِنَّا أَنزَلْنَا التَّوْرَاةَ فِيهَا هُدًى وَنُورٌ“ ان کان پوءِ حضرت عيسى جي اچڻ جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو: ”ثُمَّ قَفَّيْنَا عَلَىٰ آثَارِهِم بِرُسُلِنَا وَقَفَّيْنَا بِعِيسَى ابْنِ مَرْيَمَ“ ۽ حضرت عيسىؑ کان پوءِ پيغمبر اسلام آيا ”وَأَنزَلْنَا إِلَيْكَ الْكِتَابَ بِالْحَقِّ مُصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَيْهِ“ ان کان پوءِ انهن مختلف دعوتن جي ذڪر کان پوءِ ماڻهن کي سڏي هيئن ٿو چوي:
جَعَلْنَا مِنكُمْ شِرْعَةً وَمِنْهَاجًا وَلَوْ شَاءَ اللَّهُ لَجَعَلَكُمْ أُمَّةً وَاحِدَةً وَلَٰكِن لِّيَبْلُوَكُمْ فِي مَا آتَاكُمْ فَاسْتَبِقُوا الْخَيْرَاتِ﴿المائدة: ٤٨﴾
ترجمو: ”اوھان مان ھر ڪنھن ٽوليءَ لاءِ شريعت ۽ (ھڪ سنئين) واٽ مُقرّر ڪئي سون، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته اوھان مڙني کي ھڪ ٽولي ڪري ھا پر (گھريائين) ته جيڪي اوھان کي ڏنائين تنھن ۾ اوھان کي پرکي تنھنڪري چڱائيءَ ڏانھن اڳرائي ڪريو“

مذهبي پيروڪارن جي اختلاف جو بنياد
هن آيت تي سرسري نظر وجھي اڳتي وڌي نه وڃو، پر ان جي هڪ هڪ لفظ تي غور ڪريو. قرآن ڪريم جڏهن آيو ته دنيا جو اهو حال هو جو مذهبن جا سمورا پيروڪار، مذهبن کي رڳو انهن جي ظاهري ريتن رسمن جي بنياد تي ڏسندا هئا ۽ مذهبي عقيدن جو سمورو زور انهيءَ قسم جي ڳالهين تي هو. هر جماعت جو اهو ئي خيال هو ته انهن کانسواءِ ٻئي جماعت ڇوٽڪاري کان محروم آهي. ان جو سبب هي آهي ته جو اها ڏسندي هئي ته ٻئي جماعت جا عمل ۽ رسمون اهي نه آهن، جن کي انهن پنهنجايو آهي. پر قرآن ڪريم چوي ٿو ته اهي عمل نه ته دين جو اصل ۽ حقيقت آهن ۽ نه انهن جو اختلاف حق ۽ باطل جو اختلاف آهي. اهو رڳو مذهب جي عملي زندگيءَ جو هڪ بوتو آهي، پر روح ۽ حقيقت انهن کان مٿانهان آهن ۽ اهو ئي اصل دين آهي. اهو اصل دين ڇا آهي؟ هڪ خداجي پوڄا ۽ نيڪ عمليءَ واري زندگي آهي. اها ڪنهن هڪ جماعت جي ميراث نه آهي جو ان هڪڙي انسان کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي نه ملي هجي. اها سمورن مذهبن ۾ هڪجيتري موجود آهي، جيئن ته اهو اصل دين آهي، تنهن ڪري نه ته ان ۾ تبديلي آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن جو ڪو اختلاف ظاهر ٿيو. عمل ۽ رسمون فروع آهن، جنهن ڪري هر دؤر ۽ هر ملڪ جي حالت موجب بدلجندا رهيا آهن ۽ جيترو به اختلاف ٿيو، ان ۾ ئي ٿيو. 
وري هو چوي ٿو ته عملن ۽ رسمن جي انهيءَ اختلاف کي توهان ايتري اهميت ڇو ڏئي رهيا آهيو؟ الله تعالى هر زماني ۽ هر ملڪ جي لاءِ هڪ خاص طور طريقو مقرر ڪري ڇڏيو هو، جيڪو ان جي حالت ۽ ضرورت موجب مناسب هو ۽ اهو ان لاءِ پابند ٿي ويو. جيڪڏهن الله تعالى  گھري ها ته سموري انسانذات کي هڪ ئي قوم يا جماعت ڪري ڇڏي ها ۽ فڪر ۽ عمل جو اختلاف پيدا ئي نه ٿئي ها، پر الله تعالى ايئن نه گھريو. ان جي حڪمت جي گھُر ئي اها ٿي، ته فڪر ۽ عمل جون مختلف حالتون پيدا ٿين. سو انهيءَ اختلاف کي حق ۽ باطل جو اختلاف ڇو بڻايو وڃي؟ ڇو انهيءَ اختلاف جي بنياد تي هڪ جماعت ٻئي جماعت سان وڙهي رهي آهي؟ اصل شيءِ جنهن تي سمورو ڌيان ڇڪڻ گھرجي ”خيرات“ آهي، يعني نيڪيءَ جا ڪم آهن ۽ سمورا عمل ۽ رسمون به انهيءَ لاءِ ئي آهن.
انهيءَ آيت تي غور ڪري ڏسو، ان ۾ ”لکل جعلنا منکم شرعة و منهاجا“ چيو، يعني توهان مان هر هڪ جماعت لاءِ اسان هڪ ”شرع“ ۽ ”واٽ“ مقرر ڪئي. ايئن نه چيو ته ”دين“ مقرر ڪيو. ڇو جو دين ته سڀني جي لاءِ هڪ ئي آهي. ان ۾ گھڻائي نه آهي. باقي شرع يا واٽون سڀني جي لاءِ ساڳيون نٿيون ٿي سگھن. ضروري هو ته هر دؤر ۽ هر ملڪ جي حالتن ۽ طور طريقن موجب مختلف هجن. سو مذهبن جو اختلاف اصل جو اختلاف نه هو، رڳو فروع جو اختلاف هو.
هن موقعي تي اها ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته جتي به قرآن انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو آهي، ته جيڪڏهن خدا گھري ها ته سمورا انسان هڪ ئي واٽ تي گڏ ٿي وڃن ها، يا هڪ ئي قوم بڻجي وڃن ها،  جيئن مٿي ڏنل آيت ۾ آهي ته انهن سڀني جو مقصد مٿي بيان ڪيل حقيقت جو اظهار آهي. هو گھري ٿو ته ماڻهن جي دلين ۾ اها ڳالهه ويهاري ته فڪر ۽ عمل جو اختلاف، انساني طبيعت جو قدرتي گڻ آهي. جهڙي طرح اهو گڻ هر پاسي ۾ موجود آهي، اهڙي طرح مذهب جي معاملي ۾ به موجود آهي. سو انهيءَ اختلاف کي حق ۽ باطل جو معيار نه سمجھڻ گھرجي. هو چوي ٿو ته جڏهن الله تعالى انسان جي طبيعت ئي اهڙي ٺاهي آهي جو هر انسان هر قوم، هر دؤر، پنهنجي پنهنجي پسند ۽ پنهنجو پنهنجو طور طريقو رکي ٿو، ۽ ممڪن ئي نه آهي ته ڪنهن هڪ ننڍڙي کان ننڍڙي ڳالهه ۾ به سمورن انسانن جي طبيعت هڪجهڙي ٿي وڃي ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگھي پيو ته، مذهبي عمل ۽ رسمن جون راهون مختلف نه هجن ها ۽ سڀئي هڪ ئي شڪل ۽ حالت اختيار ڪري وڃن ها؟ هتي به اختلاف ٿيڻو هو ۽ ٿيو. ڪنهن هڪ طريقي سان اصل گھربل مقصد حاصل ڪرڻ گهريو ته ڪنهن ٻئي طريقي سان. پر اصل مقصد، يعني خدا پرستي ۽ نيڪ عملي جي تعليم جي معاملي ۾ سڀ متفق رهيا. سو جڏهن اصل مقصد سڀني جو هڪ ئي آهي، ته رڳو ظاهري عملن جي اختلاف سان ڇا جي ڪري هڪ ٻئي جا مخالف ۽ دشمن بڻجي وڃن؟ ڇو هر جماعت ٻئي جماعت کي ڪوڙو ڪري؟ ڇا جي ڪري مذهبي سچائي ڪنهن هڪ ئي جماعت جي ميراث سمجھي وڃي؟
ايئن اسان ڏسون ٿا ته هو شريعتن جي انهيءَ اختلاف جي ڪري ئي نه، پر فڪر ۽ عمل جي هر اختلاف جي لاءِ بردباري ۽ وڏي سوچ جي تعليم ڏئي ٿو. ايستائين جو ماڻهو انهيءَ دعوت جي خلاف ڏاڍ ۽ تشدد کي ڪم آڻي رهيا هئا، انهن طرفان به کيس معذرت ڪرڻ ۾ ڪا جھجھڪ نه آهي. هڪ دفعي پيغمبر اسلامﷺ کي به چئي ٿو ڏئي ته تون دعوت جي جوش ۾ گھرين ٿو ته هر انسان کي حقيقت جي راھ ڏيکارين، پر توکي اها ڳالهه وسارڻ نه گھرجي ته فڪر ۽ عمل جو اختلاف انساني طبيعت جو قدرتي گڻ آهي. تون ڪنهن جي اندر ڏاڍائيءَ سان ڪا هڪ ڳالهه به وجھي نٿو سگھين. 
وَلَوْ شَاءَ رَبُّكَ لَآمَنَ مَن فِي الْأَرْضِ كُلُّهُمْ جَمِيعًا أَفَأَنتَ تُكْرِهُ النَّاسَ حَتَّىٰ يَكُونُوا مُؤْمِنِينَ ﴿يونس: ٩٩﴾
ترجمو: ”۽ جيڪڏھن تنھنجو پالڻھار گھري ھا ته جيڪي زمين ۾ آھن سي سڀ سمورا ضرور ايمان آڻين ھا، پوءِ تون ماڻھن کي زور ڪندين ڇا ته مؤمن ٿين؟“
هو چوي ٿو ته انسان جي طبيعت اهڙي آهي جو هر جماعت کي پنهنجو ئي طور طريقو چڱو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هو پنهنجي ڳالهين کي، ٻئي جي مخالفاڻي نظر سان نٿو ڏسي سگھي. جهڙي طرح سان توهان جي نظر ۾ سڀ کان وڌيڪ سٺي واٽ توهان جي آهي، بلڪل ايئن ئي ٻين جي نظر ۾ سڀ کان ڀلي واٽ سندن ئي آهي. سو ان کانسواءِ ٻيو ڪا واٽ نه آهي ته انهيءَ باري ۾ صبر ۽ بردباري پنهنجي اندر پيدا ڪئي وڃي. 
وَلَا تَسُبُّوا الَّذِينَ يَدْعُونَ مِن دُونِ اللَّهِ فَيَسُبُّوا اللَّهَ عَدْوًا بِغَيْرِ عِلْمٍ كَذَٰلِكَ زَيَّنَّا لِكُلِّ أُمَّةٍ عَمَلَهُمْ ثُمَّ إِلَىٰ رَبِّهِم مَّرْجِعُهُمْ فَيُنَبِّئُهُم بِمَا كَانُوا يَعْمَلُونَ ﴿الأنعام: ١٠٨﴾
ترجمو: ”(اي مسلمانؤ) جن کي (مُشرڪ) الله کانسواءِ سڏيندا آھن تن کي گاريون نه ڏيو جي متان (اُھي) بي سمجھائي جي ڪري دشمنيءَ کان الله کي ڳالھائين، اھڙي طرح ھر ٽوليءَ لاءِ سندن ڪم سينگارياسون، وري سندن پالڻھار ڏانھن سندن موٽڻ آھي پوءِ جيڪي ڪندا آھن تنھن جي کين سُڌ ڏيندو. “