مادو ۽ ماديت جو فلسفو
انهيءَ جي ڀيٽ ۾ ماديت جو فلسفو تصوريت ۽ مذهب جو ضد آهي. هن فلسفي ۾ مادي (Matter) کي مطلق حقيقت جي حيثيت سان تڪميلي (Finality) حيثيت حاصل آهي. هن فلسفي موجب سموري تخليق مادي ۽ ان جي چرپر جو نتيجو آهي. پر تخليق جو عمل شعور، ارادي، مقصد ۽ حڪمت جي گھر ڪري ٿو. انهن گڻن کانسواءِ ڪابه تخليق عمل ۾ نٿي اچي سگھي. انهيءَ موضوع تي ڪجھه اونهائيءَ سان تبصرو ڪيو وڃي ٿو.
مادي جي حقيقت ۽ مذهب سان ان جو لاڳاپو
مادي جي سڀ کان ابتدائي شڪل پروٽان ۽ اليڪٽرا وغيره جهڙن ذرڙن تي مشتمل آهي. ڇا ڪو دعوى ڪري سگھي ٿو ته اهي ذرڙا شعور، ارادي، مقصد ۽ حڪمت جا گڻ رکن ٿا؟ جيڪڏهن ان جو جواب ها ۾ سمجھيو وڃي ته انهن ذرڙن کي خدائي تجلي جون لهرون (waves) سمجھيو ويندو. ڇاڪاڻ ته فلسفي جو اهو اصول آهي ته عدم (nothingness) مان ڪابه شيءِ تخليق نٿي ٿي سگھي. ڪنهن به تخليق جي لاءِ انهيءَ جي ”ماهيت“ جو موجود هئڻ ضروري آهي ۽ اها ”ماهيت“ حق تعالى جي فڪر يا علم جي مسودن (content) جي ترڪيب وسيلي ٺهيل (synthetic) ۽ لڳاتار منطقي درجا بندين (logical categories) تي آڌاريل آهن، جيڪي اسان جي حسي وقت ۽ هنڌ ۾ محسوس ۽ مشهود جو درجو حاصل ڪري وٺن ٿيون؛ جنهن جو اسين ادراڪ ڪريون ٿا ۽ انهيءَ محسوس ۽ مشهود حيثيت کي اسان مادو سڏيون ٿا. هاڻي ته ايئن چيو پيو وڃي ته اليڪٽران پروٽان جي پويان، جنهن مان اهي ذرڙا نڪرن ٿا، برقي مقناطيسي قوت (electro-magnetic force) آهي. اها قوت نوري آهي، انهيءَ ڪري اهي ذرڙا متحرڪ نور جون ڳنڍيون آهن. انساني عقل مجبور آهي ته اهڙي بنيادي وجود يا مادي کي مقصود بڻائي، جنهن ۾ امڪاني قوت(potential) طور ذڪر ڪيل گڻ موجود هجن، ٻي صورت ۾ تخليق جو ٿيڻ ناممڪن آهي ۽ تخليق جو مرحليوار، ارتقا جي مرحلي مان گذري، پنهنجي تڪميلي منزل تائين پهچڻ به ناممڪن ٿي وڃي ٿو.
حقيقي مذهب ۽ مادو
انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته حقيقي مذهب وٽ مادو پنهنجو پاڻ ڪا مستقل شيءِ نه آهي. جيڪو ڪجھه آهي سو حق تعالى جي ذهن، منطقي درجي بندين جي پنهنجو پاڻ ٿيندڙ ارتقا آهي، جنهن جو اظهار ظاهر ۾ ٿي رهيو آهي. اهو ئي انهيءَ جو روحاني جوهر آهي. ٻين لفظن ۾ ڪائنات مادي نه، پر روحاني آهي، جنهن ۾ روح، مقصد، خواهشون ۽ احساس موجود آهن. ان کي ان جي نماز ۽ تسبيح سيکاري وئي آهي. تنهن ڪري چئبو ته هيءَ ڪائنات مئل نه، پر جيئري آهي ۽ مئل مادي (dead matter) جو ڪوبه وجود نه آهي. اڃا به فلسفي ۾ چرپر کي شعور جي ابتدائي شڪل يا مرحلو (initial form) سڏيو ويو آهي. مادي ۾ اهڙي قسم جي چرپر، جنهن کي مارڪس مادي جو خلقي گڻ (intrinsie) سڏي ٿو، مادي ۾ شعور جي نشاندهي ڪري ٿو. انهيءَ ڪري اها دعوى صحيح آهي ته حق تعالى نه رڳو پنهنجي ذهني خاڪي کي ظاهري ڪائنات جي شڪل ۾ جوڙي رهيو آهي، اڃا به هو انساني عقل ۽ ڦڙتي (activism) جي مختلف صورتن ۾ پڻ ان جو اظهار ڪري رهيو آهي. هي مرحلو حق تعالى جو ظاهر ۾ پاڻ ڏانهن ئي رجوع ڪرائڻ جو آهي. اهو انساني تاريخ جو مرحلو آهي ۽ اهو ئي حقيقي مذهب جو فلسفو آهي ته تاريخ به آهي. اهڙيءَ طرح حق تعالى پنهنجي تخليقي عمل کي پورو به ڪري رهيو آهي:
قرآن پاڪ انهيءَ مرحلي کي: ”إِنَّا لِلَّهِ وَإِنَّا إِلَيْهِ رَاجِعُونَ“، ”وَإِلَى اللَّهِ الْمَصِيرُ“ سان تعبير ڪيو آهي. مطلب ته هيءَ ظاهري ڪائنات ۽ ان جي هر شيءِ الله تعالى سان ئي آهي ۽ ان ڏانهن ئي موٽ کائي رهي آهي. ٻين لفظن ۾ هيءَ ڪائنات انسان، ان جي نفس ۽ معاشري جي خالي جاءِ جي اندر ڍير جي شڪل ۾ نه آهي، پر اها خدائي فڪرن جي مشاهدن جو هڪ لڳاتار سلسلو آهي جنهن کي برگسان عرصو (duration) سڏي ٿو ۽ جنهن کي اسان جا حواس لڳاتار زماني (serial time) ۾ ڀاڱا ڀاڱا ڪري، انهن ۾ وٿي پيدا ڪن ٿا.
ان کانسواءِ انسان جي تخليق ۾ هڪ مقصد جي موجودگي انهيءَ ڳالهه جو دليل آهي ته ڪائنات ۽ ان جي هر شي ڪنهن مقصد کان خالي نه آهي. انهيءَ ڪري ئي قرآن ڪنهن بي مقصد شيءِ کي ”لا يمين“ سڏي ٿو. يعني هيءَ ڪائنات حق (truth) آهي. راند تماشو نه آهي. انهيءَ ڪري ئي انسان پنهنجي عملن ۾ ماءُ ڄائو آزاد نه آهي، جيئن سيڪولر ازم ۽ جدلياتي ماديت (dialectical materialism) جو مؤقف آهي. اڃا به هر عمل پنهنجي معنى ۽ مقصد رکندو آهي. معنى وارو ۽ مقصد وارو هئڻ جي حوالي سان عمل پنهنجي نيڪي ۽ بدي ۽ جائز ۽ ناجائز هئڻ جي لاءِ مطلق هستي (Absolute Ego) جي سامهون جواب ڏيندڙ آهن. جيئن ته انسان پنهنجو پاڻ محدود حيثيت ۾ آهي ۽ انهيءَ جواب ڏيڻ لاءِ جيڪڏهن موجوده وقت ۽ هنڌ اڻ پورو هجي ته، انهيءَ کي ٻئي ڪنهن وقت ۽ هنڌ تي انهيءَ عمل مان گذرڻو پوندو ۽ عملن جي نيڪ ۽ بد جي مطابق هو پنهنجي لاءِ سٺو يا خراب رهڻ جي جاءِ حاصل ڪندو. عملن جي جواب ڏيڻ ۾ ان جي چڱي يا بد هئڻ جو معيار غير طبقاتي معاشري جي جوڙ جڪ لاءِ جاکوڙ ، قرباني، انسان دوست ڏاهپ، ۽ نفساني خواهشن يعني جبلتن جي حيواني گھرجن کي، انساني فطرت جي اوچي حصي وارين گھرجن هيٺان رکڻو پوندو. اڃا به فرد جيترو خود غرضي، لالچ، دولت جي پوڄا، جنسي ڇڙواڳي وغيره ۽ ذاتي مفاد پرستي کان پاسو ڪندو، ايترو ئي الله تعالى جي ويجھو ايندو ويندو. پوءِ الله تعالى جي ويجھڙائي ۽ نائبي ئي سندس زندگيءَ جو بنيادي مقصد هوندي. انهيءَ عمل سان هو پنهنجي فطرت جي الاهي ۽ نوراني حصي (Divine Energy) جي تڪميل ڪري سگھندو، جنهن تي جبلتن ۽ ان جي حيواني گھرجن رَئي وجھي ڇڏي آهي. ڪائنات جي ارتقا جو مقصد اهڙي حيواني وجود ۽ ان جي دفاع جي تڪميل ڪرڻ هو، جيڪو پنهنجي اصليت (Origin) يعني حق تعالى جي صفتن جو مظاهرو ڪري سگھي. تنهن ڪري انسان اهڙو ئي وجود ۽ دماغ آهي جيڪو آهستي آهستي ۽ لڳاتارخدائي صفتن جو مظاهرو ڪري رهيو آهي ۽ انهيءَ ۾ تڪميل حاصل ڪري رهيو آهي. مادي نقطي نظر کان انسان ۽ ان جي زندگيءَ جو ڪهڙو مقصد بڻجي ٿو؟ اقبال انهيءَ کي هيئن بيان ڪري ٿو:
در نگاہش آدمی آب و گل است کاروانِ زندگی بے منزل است
يعني اولهه پاسي ڏسڻ ۾ انسان مٽي ۽ پاڻي جو مرڪب آهي ۽ زندگيءَ جي قافلي جي ڪابه منزل نه آهي.
مذهب ڇا آهي ۽ ڇا نه آهي؟
اقبال پنهنجي ستين خطبي ۾ (جنهن جو مڪمل اقتباس بسم الله جي تشريح جي بابت ۾ ڏنو ويو آهي) انهيءَ حقيقت تي روشني وجھندي چوي ٿو ته مذهب پنهنجي حقيقي معني ۾ نه عقيدو (dogma) آهي ۽ نه رسمون (rituals) ۽ نه ئي وري مذهبي پيشوائيت (priesthood) آهي؛ پر اهو انهيءَ سوال جو جواب آهي ته انسان ڪٿان آيو آهي ۽ ڪٿي وڃي رهيو آهي. اها ڳالهه ظاهر آهي ته هڪ ماڻهو پنهنجي دوست سان ملڻ لاءِ گھر کان نڪري ۽ پوءِ رستي ۾ جيڪڏهن هن جي يادداشت ڪم ڇڏي وڃي ته ان کي خبر نه رهندي ته هو ڪٿان کان هليو هو ۽ کيس ڪٿي وڃڻو آهي. پوءِ جيڪڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿي پوي ته اندازو ڪري سگھجي ٿو ته ان جو ڪهڙو حشر ٿيندو. ساڳيو ئي حال اولهه جي تهذيب جو آهي ۽ ان کان اڳ وارين حسي (sensate) تهذيبن جو ٿيو آهي. انهيءَ ڪري ئي سوويت يونين به ٽٽي ويو.
محنت جو استحصال، ڪمزور قومن جي مٿان فوج جو قبضو، ڦر مار، جنسي ڇڙواڳي، قتل ۽ خون خرابو، نشو، جوا ۽ شراب نوشي وغيره، اهي سڀئي بڇڙايو ان ڳالهه جو نتيجو آهن ته، انهن تهذيبن جي انسانن کي انهن جي منڍ ۽ پڄاڻي جي باري ۾ ڪا ڄاڻ ئي نه ڏني وئي آهي. اڃا به ايئن ٿيو ته معاشري جي طبقاتي ورڇ، نسلي ۽ قومي نفرتن جي آبياري ۽ مذهبي پيشوائيت مذهبي تهذيبن ۽ مذهب پسند قومن جو حال به اهو ئي ڪري ڇڏيو، جن جو بنياد خدائي وحي تي آڌاريل نه هو. مذهب جي وجود ۾ اچڻ وارو دور انسان جي ٻاروتڻ جو دور هو. انهيءَ ڪري ناڪاري روين انهيءَ تي قابض ٿي سڌي واٽ کان ٿيڙي ڇڏيو.
پر معاشرتي ارتقا انساني ذهن کي اهڙي منزل تي پهچائي ڇڏيو آهي جتي علم ۽ ان جي اشاعت جا وسيلا تمام ئي ترقي ڪري چڪا آهن ۽ علم جي جھجھي روشني موجود آهي. انهيءَ ئي روشني اقبال، علي شريعتي، مارڪس جهڙا انسان پيدا ڪيا جن جي فڪرن کي پنهنجائڻ سان، انسان پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي مقصد جي منزل تائين پهچڻ جي لائق ٿي ويو آهي. انسان جو سمورو عمل جتي پنهنجي ذات جي تزڪيي ۽ تڪميل سان واسطو رکي ٿو، ته جيئن انسان خدائي گڻن جو مظاهرو ڪري سگھي، اتي اجتماعي لحاظ کان اهو انهيءَ عالمي گڏيل روحاني معاشرو جوڙڻ ۾ رُڌل آهي، جنهن ۾ اهو خدائي خلافت ۽ نائبي جي اوچي مرتبي تي فائز ٿي سگھندو. اهڙي معاشري کي مارڪس غير طبقاتي سڏيو آهي. حضرت عيسىؑ انهيءَ کي خدائي بادشاهت سان تعبير ڪيو آهي. اقبال انهيءَ کي روحاني جمهوريت ڪوٺي ٿو. شريعتي ان کي توحيدي معاشري چوي ٿو جڏهن ته قرآن ڪريم انهيءَ کي غم ۽ ڳڻتي کان پاڪ جنتي معاشرو ٻڌائي ٿو. اهڙي معاشري کي هيگل (Hegel) مڪمل آزاديءَ جو مرحلو سڏي ٿو، جتي انسان پنهنجي جبلتن جي حيواني ۽ ”شيطاني“ رجحانن کان ۽ معاشري جي ٻاهرين قانونن جي دٻاءَ مان ڇوٽڪارو ماڻي، پنهنجي فطرت جي تجلي واري هنڌ آباد ٿي ويندو. ڪانٽ (Kant) چيو آهي ته تاريخ انهيءَ عالمي روحاني گڏيل معاشري جي رخ ۾ ترقي ڪري رهيو آهي.
مذهب جي نئين سر مطالعي جي ضرورت
تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مذهب جي باري ۾ سمورن تعصبن کان آجو ٿي، سمورن پاڪ ڪتابن جو هڪ ئي وقت مطالعو ڪيو وڃي ۽ روايت پسندي (Formalism)، رسم پرستي (Ritualism) ۽ مذهبي گروهه بندي (Religious Sectarianism) جي ڌٻڻ مان نڪري، انهن پاڪ ڪتابن ۾ موجود گڏيل روحاني گڻن کي پنهنجي معاشرتي ۽ نفسياتي سرگرمين جو بنياد بڻايو وڃي ته جيئن انسان حيواني مرحلي مان ارتقا ڪري انساني مرتبي تائين رسائي حاصل ڪري سگھي.
مارڪس جنهن ڪميونسٽ معاشري جو خواب ڏٺو هو، تنهن لاءِ پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته اهو معاشرو رڳو پيداوار جي جھجھي مقدار حاصل ڪري وٺڻ سان جڙي نٿو سگھي. تنهن ڪري انهيءَ معاشر ي جي تعبير جي لاءِ حقيقي يا اصل مذهب جي اخلاقي ۽ روحاني گڻن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهيءَ ئي ڳالهه کي گورباچوف ”پراسٽرائيڪا“ ۾ چيو آهي. انهيءَ باري ۾ هڪ اقتباس هيٺ ڏجي ٿو:
1964ع ۾ چي گويرا بابت هڪ انٽرويو ۾ نيوزويڪ جي نمائندي جان گريسي چيو:
”اسان جي بحث دوران چي (گويرا)، لينن جي باري ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي هي تاثر ڏنو ته هو عظيم انقلابي اڳواڻ لينن کي هڪ الميو سمجھي ٿو. ڇو جو چي جي نظر ۾ لينن اهو عظيم اڳواڻ هو، جيڪو ڄاڻيندو هو ته جيڪو معاشرو مادي ضرورتن جي پورائي لاءِ جوڙيو وڃي، اخلاقي طور تي ناڪام ٿي وڃڻ انهيءَ جو نصيب هوندو آهي. پر ان جي باوجود لينن ئي اهو اڳواڻ هو، جنهن نئين معاشي پاليسي جو بنياد رکيو. انهيءَ پاليسيءَ جي ڪاميابي يقيني هئي. ان مادي ضرورتن جي حصول جي جذبي کي اڀاريو. پر اهو جذبو اخلاقي گھرجن کي قربان ڪري حاصل ڪيو ويو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته هڪ طاقتور سماجي حڪومت ضرور وجود ۾ اچي وئي هوندي، پر نئين انسان جي تخليق ۽ واڌ ويجھه جو ڪم پٺيءَ پويان هليو ويو. (داستان دارور، سن 227، از عبدالله ملڪ)
نه رڳو اهو ته نئون انسان پيدا ٿي نه سگھيو، پر عالمي روحاني اشتراڪي معاشرو به قائم نه ٿي سگھيو ۽ نه ئي عالمي ”پورهيت حامي“ معاشرو پيدا ٿي سگھيو ۽ اهو حادثو ماديت جي فلسفي جو ئي نتيجو هو.
مارڪسزم ۾ تضاد
اها ڳالهه به ڌيان طلب آهي ته مارڪسزم جو ماديت ۽ سماجي معيشت واري فلسفي ۾ وڏو تضاد موجود آهي. انهيءَ تضاد سوويت يونين جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو آهي. ڇو جو ماديت واري فلسفي جي نتيجي ۾ فردن اندر لالچ، خود غرضي، هوس پرستي، جنسي ڇڙواڳي جهڙا مرض پيدا ٿي پيا. ڪن قومن ٻين قومن تي فوجي قبضو ڪري ورتو ته جيئن انهن منڊين ۾ پنهنجي پيداوار وڪڻي سگھجي. اهڙي عمل کي صارفيت (consumerism) سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ سان هڪ نئون آبادياتي نظام (colonialism) پيدا ٿي پيو. انهن قومن ۾ اولهه جي تهذيب، تمدن ۽ ٻوليءَ کي رائج ڪيو ويو، ايتري تائين جو عيسائي مذهب جي وڏي پيماني تي اشاعت ڪئي وئي. ڏکڻ ۽ وچ آفريڪا جا علائقا لڳ ڀڳ سمورا عيسائي بڻجي ويا. يورپ جي مختلف قومن پنهنجي پنهنجي منڊين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ۽ پڻ وڌيڪ منڊين تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي کان اڳ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي شروع ٿي وئي. انهيءَ جنگ جي تباهيءَ، سامراجي مفادن ماڻڻ لاءِ، سيڪيولرازم سان ملي ڪري اولهه جي نوجوان نسل ۾ اخلاقي ڇڙواڳي پيدا ڪئي ۽ انهن ۾ موجود زندگيءَ جي تقدس کي لتاڙي ڇڏيو. ان جي نتيجي ۾ هيٺيون ٽي خرابيون پيدا ٿي پيون:
1. زندگيءَ جو بنيادي مقصد اکين کان اوجھل ٿي ويو.
2. زندگيءَ جو تقدس ختم ٿي ويو ۽ زندگيءَ جو انتظام اخلاقي ڇڙواڳيءَ جي ور چڙهي ويو.
3. انساني شخصيت وکري وئي ۽ جبلتن جون حيواني گھرجون انساني فطرت جي نوراني الاهي قوت تي سوڀاريون ٿي ويون.
اهڙي صورتحال جو نتيجو اهو نڪتو جو پهرين ۽ ٻي مهاڀاري لڙائي جي ڪري جيترو ادب ۽ فن جا نمونا تخليق ٿيا، سي سڀئي دهريت ۽ ماديت تي آڌاريل هئا، جنهن ۾ مذهب جو انڪار بنيادي جزو بڻجي ويو. انهيءَ باهه تي، سوويت يونين ۾ جدلياتي ماديت واري فلسفي جي ڪاميابيءَ، تيل جو ڪم ڪيو. نتيجي ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، اولهه جي تهذيب جنسي ڇڙواڳي، لذت پرستي (hedonism) مفاد پرستي، هم جنس پرستي، جوا، گھڻي مقدار ۾ شراب نوشي، هيڻن کي ڦرڻ ۽ محنت جو کليل طرح سان استحصال ڪرڻ ۾ بي رحم روين واري بڻجي وئي. جيتوڻيڪ انهيءَ ظلم واري ماحول ۾ ڪجھه سمجھه ڀريا ماڻهو؛ جهڙوڪه آئن اسٽائن (Einstein) ايليڪسيس ڪيرل (Alexis Carrel) باسالارڊ (Basa Lard)، ميڪس پلانڪ (Maax Plank) پيٽرڪ ڊونز (Patrick Dontiz)، جارج گوروچ (George Gurvitch) ۽ وليم جيمز (William James) جهڙا فرد مغربي تهذيب جي موجوده لاڙي خلاف پنهنجو آواز اٿاريندا رهيا، پر اولهه پنهنجي بي ديني واري واٽ تي هلندو رهيو آهي. انهيءَ باري ۾ ”الله“ واري باب ۾ ڊاڪٽر رفيع الدين جي تصنيف مان هڪ ڊگھو اقتباس ڏنو ويو آهي.
تنهن ڪري ماديت ۽ دهريت جو فلسفو ان وقت اڀرندو ۽ مڃتا ماڻيندو آهي، جڏهن مذهب پنهنجو پاڻ ئي فساد پيدا ڪندڙ ۽ پنهنجي مخالفن جي حق ۾ ان جي مذهبي پيشوائيت خونخوار ٿي ويندي آهي. پوءِ انهيءَ جو علاج فائدي بدران فردن ۾ ڦر مار ۽ حد کان وڌيڪ خود غرضي وارا لاڙا پيدا ڪندو آهي. ٻئي پاسي ماديت واري فلسفي جي برخلاف، سماجي معيشت واري فلسفي ۾ قرباني، محبت، برابري، نفس جي پاڪيزگي ۽ گڏيل مفادن جي لاءِ انفرادي فائدن کي ترڪ ڪرڻ وارا گڻ ملندا آهن. تنهن ڪري جيستائين سماجي معيشت جو نظرياتي بنياد رسولن جي تاڪيد ڪيل اخلاقي ۽ روحاني گڻن کي نٿو بڻايو وڃي، اهو تضاد ڪڏهن به ختم ڪونه ٿيندو ۽ نه ئي وري صحيح معنى ۾ ڪو سماجي معاشرو قائم ٿي سگھندو. رڳو فردن جي اخلاقن تي آڌاريل سيرت ئي انهيءَ جي اڏاوت جي ضامن بڻجي سگھي ٿي.
آئيڊيلزم جو صحيح مطلب
ان باري ۾ هڪ غلطيءَ جو ازالو ٿيڻ ضروري آهي، ته لفظ IDEA جنهن منجھان ”IDEALISM“ جو اصطلاح جڙيو آهي، جو ترجمو ”خيال“ ڪرڻ بلڪل ئي غلط آهي. ڊاڪٽر حسين رائي پوري، جيڪو مشهور مارڪسي ڏاهو هو، پنهنجي آتم ڪهاڻي ”گرد راھ (رستي جي ڌوڙ)“ ۾ هڪ واقعو لکيو آهي. اهو واقعو سندس ڊاڪٽري جي ڊگري لاءِ فرانس وڃڻ کان اڳ جو آهي، جڏهن هو باباءِ اردو سان گڏ دهلي ۾ رهندو هو. هڪ دفعي اقبال دهلي ۾ آيو ته هو ساڻس ملڻ ويو. لکي ٿو:
”اقبال مون کي غور سان ڏٺو. پاڻ وٽ گھرايو، ۽ فرمايو ته بک ۽ شهوت جا مسئلا ماڻهو ۽ انسان ۾ ساڳيا ئي هوندا آهن. جيڪي گڻ ٻنهي ۾ فرق پيدا ڪن ٿا، تنهن کي فلسفي جي اصطلاح ۾ ”آئيڊيا“ چيو وڃي ٿو. اهو هڪ اهڙو جذبو آهي، جيڪو ايمان، ضمير، اخلاق، مسلڪ وغيره جي شڪل اختيار ڪري ٿو. جن ماڻهن انسان جي ڀلائي ۽ ترقي جي جاکوڙ ۾، سختيون سٺيون آهن، تن کي انهن قربانين لاءِ ڪنهن مجبور نه ڪيو، ڪنهن ايماني نور انهن کي انهيءَ ڪوشش لاءِ اڀاريو. اهو ئي جذبو انسانيت جو جوهر ۽ ان جي ڪاميابيءَ جي ضمانت آهي“. (گرد راھ، ص 85)
انهيءَ آئيڊيا کي اقبال خودي جو نالو ڏئي ٿو: ”نقطہ نوری کہ نام او خودی است“.قرآن وري انهيءَ کي خدائي روح (Divine Energy) سڏي ٿو. گيتا انهيءَ کي ”پرش“ ٻڌائي ٿو. تنهن ڪري آئيڊيا جو ترجمو ”خيال“ ڪرڻ نه رڳو بي خبري آهي، پر گمراھ ڪندڙ پڻ آهي. اها خدائي نور جي تجلي آهي. تنهن ڪري آئيڊيلزم جو ترجمو خيالي نه، پر خدائي تجليءَ منجھان جڙندڙ ڪائنات يا وجودي سلسلي جو فلسفو آهي. ساڳي ئي ڪتاب جي صفحي 77 تي ڊاڪٽر وڌيڪ لکي ٿو:
”پهريان ته مان مارڪسي نظريي جي اثر هيٺ بي ديني کي اشتراڪيت جو لازمي جزو سمجھندو رهيس، پر اڳتي هلي ظاهر ٿيو ته ڪليسا جي رجعت پروري کي مذهب تي آڌاريو ويو آهي. ان کانسواءِ اسلام جي شروعاتي دور جي انقلابي روايتن کان مارڪس اڻ واقف هو ۽ اوڻويهين صديءَ جي مشيني سائنس کيس انهن گڻن۽ حقيقتن کان بيخبر رکيو جنهن کان جديد علم واقف ٿيو آهي“.
نه رڳو ڪليسا، پر مذهب جي هر رجعت پسندي کي مذهب جو نالو ڏنو ويو آهي.
مارڪس هيگل جي قانون واري فلسفي تي تنقيد ڪندي مذهب جي باري ۾ جيڪو ڪجھه چيو آهي، تنهن جو غلط مطلب ورتو ويو. اها تنقيد حقيقت ۾ بگاڙيل مذهب تي هئي جيڪو اڄ ڪلهه رائج آهي. اهو مذهب سچ پچ به آفيم جو ڪم ڪري ٿو. حقيقي مذهب ته انقلابي آهي ۽ سگھه ڏيندڙ پڻ آهي. حقيقي تصوف مذهب جو روح آهي، ڇو جو اهو مذهب جي ظاهري حالتن تي زور نٿو ڏئي، رڳو روحاني ۽ اخلاقي گڻن تي زور ڏئي ٿو.
فلسفياڻي تصور ۽ مذهبي تصور ۾ فرق
مذهبي تصور (Idealism) ۽ فلسفياڻي تصور ۾ بنيادي طور فرق آهي. مارڪس جنهن تصوريت کي رد ڪيو هو، سو فلسفياڻي تصور هو جنهن جو معاشري جي طبقاتي جوڙجڪ (Class Composition) کي بدلائڻ جو ڪوبه مقصد نه هوندو آهي ۽ نه ئي وري ڪو حصو هوندو آهي. تاريخ ۾ ڪنهن به فلسفي زهر جو پيالو نه پيتو ۽ نه ئي ڪنهن فلسفي مراعتون ڏنل طبقي جي خلاف ڪا جاکوڙ ڪئي آهي. اها ڳالهه ذهن تي رهي ته سقراط رڳو فلسفي ئي نه هو، پر وٽس نبوي شعور پڻ هو. مارڪس چيو هو ته فلسفي رڳو دنيا جي تشريح ڪندا رهيا، جڏهن ته اصل ڪم انهيءَ کي بدلائڻ هو. ان کان وڌيڪ مذهبي ۽ فلسفياڻي تصوريت جي حقيقت جي هڪ ٻئي سان اختلاف کي چٽو ڪرڻ ۾ ٻي ڪابه ڳالهه نه چئي وئي. ڇو جو نبوت معاشري کي بدلائڻ لاءِ ڪوشش ڪندي آهي، جڏهن ته فلسفي رڳو اصول بيان ڪري ڇڏيندو آهي. مارڪس دنيا جو پهريون فلسفي آهي، جنهن جو فڪر يڪدم سياسي عمل ۾ شامل ٿي ويندو هو.
ماديت واري فلسفي جي تدوين جو ڪارڻ
ماديت واري فلسفي جي تخليق ۽ تدوين جي باري ۾ اهو اصول آهي ته اهو فلسفو ان وقت اڀرندو آهي، جڏهن ڪو معاشرو پنهنجي زوال جي ڪن ۾ ڦاسي پوندو آهي. اهڙي وقت ۾ مذهب جو اخلاقي ۽ روحاني گڻن جي نفسيات ۾ شامل ٿيڻ ۽ معاشرتي ادارن جي بنيادي جوڙجڪ سان ڪوبه لاڳاپو نٿو رهي. مذهب رڳو ظاهري رسمن جي ادائگي جو نالو رهجي وڃي ٿو. معاشري ۾ مفاد پرستي جي ڪري بگاڙ پيدا ٿي وڃي ٿو.
يونان ۾ سقراط کان اڳ ۾ مختلف فلسفين جي متضاد نظرين جي ڪري جڏهن ذهني بگاڙ پيدا ٿيو، جنهن ڪري علم ۽ اخلاق جا گھربل معيار زوال جو شڪار ٿي ويا ته وهم گمان تي آڌاريل موقعي پرست فلسفو پيدا ٿي پيو. هڪ وهمي ڪنهن شيءِ يا نظريي کي درست ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ڏئي پيو ته اتي جو اتي وري انهيءَ جي خلاف دليل ڏئي، ان کي رد پيو ڪري. سقراط انهيءَ صورتحال جي خلاف پنهنجو مؤقف ماڻهن جي سامهون رکيو ۽ ٻڌايو ته اخلاق ۽ علم جا پنهنجا گھربل بنياد آهن. انهن کي پنهنجي ذاتي فائدي ۾ استعمال ڪرڻ انسان جي نفسياتي ۽ سماجي حقيقتن ۽ اخلاق جي تباهي جي برابر آهي. پر سقراط کي موت جي ننڊ ڏيڻ ۽ ان جي پيغمبراڻي تعليم ۽ جاکوڙ جو خاتمو ڪرڻ کان پوءِ يوناني معاشري جو بگاڙ اڃا به خراب حد تي وڃي پهتو. انهيءَ جو فائدو ماڻيندي روم جي فوجين يونان جي آزاد حيثيت جو خاتمو آڻي ڇڏيو ۽ ان کي پنهنجو حصو بڻائي ڇڏيو.
ايئن انهيءَ سياسي ۽ معاشي حالتن جي پيٽ مان ايپڪورس (Epicurus) ۽ زينو (Zeno) رواقي فلسفو (Stoicism) اڀريو، جنهن جو بنياد مادي کي مطلق حقيقت جي حيثيت ۾ مڃڻ هو.
ساڳي ئي صورتحال يورپ ۾ سامهون آئي. هيوم (Hume) جڏهن ذهن ۽ انساني نفس جو انڪار ڪيو ته ڪانٽ (Kant) ان جي انڪار سان پيدا ٿيندڙ نظرياتي ۽ اخلاقي بگاڙ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ علم ۽ اخلاق جي معاشرتي بنيادن کي قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ڪانٽ کان پوءِ هيگل (Hegel) جدلياتي تصوريت (Dialectical Materialism) تي آڌاريل هڪ فلسفي نظام پيش ڪيو. پر انهيءَ وچ ۾ فرانس ۾ آيل انقلاب، جاگيرداريءَ کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ بگڙيل ڪيٿولڪ مذهب کي معاشرتي معاملن کان الڳ ڪري ڇڏيو. انهيءَ جي جاءِ چست ۽ وچولي طبقي جي پڙهيل گڙهيل ۽ مالدار ماڻهن سان نسبت رکندڙن والاري. انهن ماڻهن مذهب جي بدران سيڪيولرازم يعني دنيا پرستي يا دنيادار قوم پرستي کي پنهنجايو. سيڪيولرازم پنهنجي ظاهر ۾ هڪ مذهب مخالف نظريو آهي. ايئن هيگل جا پنهنجا شاگرد ئي ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويا. هڪ گروھ سڄي پاسي واري ڌر سڏيو ويو جيڪو هيگل جي مذهبي تصورن جو حامي هو ۽ ٻيو کٻي پاسي واري ڌر سڏيو ويو جيڪو مذهب جي خلاف هو.
يورپ جي معيشت سامراجي شڪل اختيار ڪري ورتي. ايشيا، آفريڪا، ۽ لاطيني آمريڪا جي ڪوشش اها ئي هئي ته مذهبن جي پاڪ بانين جي اصلي تعليم ۽ انهن طرفان معاشري کي غير طبقاتي بڻائڻ لاءِ انقلابي اڻٿڪ جاکوڙ کي، پوري طرح سان شعوري سطح تائين پنهنجايو وڃي ۽ مذهبي پيشوائيت جي فرقيواراڻي ۽ بگاڙيل مذهب کي رد ڪيو وڃي. اسلام ۽ ٻين مذهبن جا مذهبي اڳواڻ پنهنجي مذهب کي ٻين مذهبن تي ترجيح ڏين ٿا ۽ پنهنجي ٽولي ۾ شامل ٿيڻ کانسواءِ اخروي ڇوٽڪاري جو حقدار نٿا سمجھن. جڏهن ته سمورا مذهب معاشري جي جي طبقاتي نوعيت کي ختم ڪرڻ ۽ انسانن وچ ۾ محبت، برابري، فڪر ۽ عمل جي آزادي، نفس جي پاڪائي ۽ عدل ۽ انصاف جهڙن اوچن اخلاقن اپنائڻ جي تعليم ڏين ٿا. انهيءَ ڳالهه ۾ سامي، آريائي ۽ زرد نسل جي نبين ۽ انهن جي تعليم ۾ ڪوبه فرق نه آهي.
هيٺ علي شريعتي جي مقالي ”مادي عالمي نقطه نظر“جو ترجمو ڏنو وڃي ٿو جنهن ۾ ماديت جي خلاف مضبوط دليل ڏنا ويا آهن:
مادي عالمي نقطه نظر (از: علي شريعتي)
مادي عالمي نقطه نظر (Materialistic World Vision) مادي جي ابتدائي (Original) تصور تي آڌاريل آهي. هي تصور جزن (Elements) ۽ انهن جي پاڻ ۾ لاڳاپن (Relations) جي عمل ۽ رد عمل جي مجموعي تي آڌاريل آهي، جيڪي سڀئي مادي سان لاڳاپو رکن ٿا. سارتر جي لفظن ۾ هيءَ دنيا هڪ عنصر تي آڌاريل آهي ۽ اهو آهي ’مادو‘ جڏهن ته اهو مادو ڪو احساس (Feeling) ڪو ارادو (Volition) ۽ ڪو خاص مقصد نٿو رکي“.
ماديت جي منصوبي ۽ ڪائنات جي مادي تصور ۾ دنيا ڪنهن سمجھه ڀرئي ڏاهپ ۽ ارادي کي پورو ڪري سگھندڙ هستي جي تخليق نه آهي. ڪائنات بي عقل (Idiot) آهي ۽ احساس کان خالي (Senseless) آهي. تنهن ڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو خودڪشي ڪري يا ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ جي ڀلي لاءِ پنهنجو سر صدقي ڪري ته انهن ٻنهي عملن ۾ فرد جي لاءِ ڪابه فرق واري ڳالهه نه آهي. ڇو جو ڪائنات ۾ انهيءَ عمل جي نوعيت ۽ قيمت کي جاچڻ لاءِ ڪو معيار ۽ ٻنهي عملن جي غلط يا صحيح ۾ فرق ڪرڻ وارو ڪوبه احساس موجود نه آهي.
سارتر جي لفظن ۾ ڪائنات ۽ دنيا غير عقلي، احساس کان خالي ۽ بي معني آهي. اها اهڙن جزن جو ڍير آهي، جيڪي هڪ ٻئي سان مادي، طبعي ۽ ڪيميائي لاڳاپو رکن ٿا. انهن جو نتيجو بي مقصد ۽ بي لاڀ آهي. انسان ئي رڳو اهڙي هستي آهي، جيڪو انهيءَ کوکلي (Hollow)، نتيجي کان خالي ۽ بي مقصد ڪائنات ۾ خود شعوري رکي ٿو. انسان جي سمورن مونجھارن ۽ مصيبتن جو ڪارڻ اهو ئي آهي ته هو هڪ اهڙي دنيا ۾ رهي ٿو، جنهن سان هڪ ڪنهن قسم جي هڪجهڙائي، ڪو ڳانڍاپو ۽ لاڳاپو يا مناسبت نٿو رکي. ڇو ته ڪائنات ۽ دنيا پنهنجي ارتقا ۾ ڪابه منزل ۽ ڪوبه احساس نٿي رکي ۽ انسان انهيءَ ۾ اوپري يا ڌارئي جي حيثيت ۾ آهي. انهيءَ ڪري مادي عالمي نقطه نظر پنهنجي آخري تجزيي ۾ انسان جي ڪائنات سان بي تعلقي، اوپرائپ ۽ اڻ واقفيت تي ختم ٿئي ٿو.
فرانسيسي دانشور البرٽ ڪاميو (Albert Camus) پنهنجي ناول ”پليگ“ (The Plague) ۾ هڪ شهر جو ماحول پيش ڪيو آهي. شهر ۾ پليگ جي وچڙندڙ بيماري پکڙيل هئي، انهيءَ معاشري جي مختلف فردن تي مشتمل آهي، انهن ۾ هڪ پادري يا مذهبي پيشوا آهي جيڪو پنهنجو عالمي نقطه نگاهه رکي ٿو. هڪ سماجي سائنسدان آهي، جيڪو معاشري جي بت وانگر پوڄا ڪري ٿو، هڪ مفڪر آهي، جيڪو انهن مان ڪنهن سان به سهمت نه آهي. ڪاميو پنهنجي هن ناول ۾ انهيءَ (پليگ جي) بيماريءَ جو مقابلو ڪرڻ جي سلسلي ۾ ، انهن جي لاڙن تي بحث ڪيو آهي. ڳالهه اڳتي وڌي ٿي ۽ انهن جي شهر، جيڪو طاعون ۾ ورتل آهي، بابت مذهبي پيشوا، سماجي سائنسدان ۽ مفڪر؛ هر هڪ ڪيترن ئي قسمن جا رد عمل ڏيکارين ٿا.
مثال طور مذهبي پيشوا دعوى ڪري ٿو ته هو هڪ مذهبي عالمي نقطي نظر رکي ٿو، ان جو ڇا مطلب آهي؟ ته ڪائنات هڪ سمجھه رکندڙ سماجي نظام آهي، جيڪا پنهنجي اندر ارادو، سمجھه ۽ مقرر ٿيل منزل رکي ٿي، ان جي سمورن اهڃاڻن مان انسان به هڪ آهي. شعور جيڪو وجود جي سمورن سلسلن جي حفاظت ڪري ٿو، هر هنڌ حاضر ناظر (Omnipresent) آهي ۽ ڪائنات جي هر ذري جي چرپر ۽ پڻ اسان سمورن انسانن جي زندگي ۽ عملن جي سنڀال ڪري ٿو.
تنهن ڪري مذهبي پيشوا جي انهيءَ عالمي نقطي نظر جي لحاظ کان اها الاهي قوت، انسان ۽ ڪائنات جو هر لحاظ کان گھيرو ڪيون بيٺي آهي. انسان انهيءَ مطلق عقل جي اڳيان پنهنجي عملن جو حساب ڪتاب ڏيندڙ آهي. تنهن ڪري، کيس انسانن کي بچائڻ جي لاءِ پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ گھرجي ۽ بيماريءَ جي خلاف وڙهڻ گھرجي. اهڙي طرح هو فيصلو ڪري ٿو ۽ پنهنجي سموري سگھه سان پليگ جو مقابلو ڪرڻ ۽ شهر بچائڻ لاءِ نڪري پوي ٿو.
مذهبي پيشوا کان پوءِ ٻئي ماڻهو يعني سماجي سائنسدان مادي عالمي نقطي نظر پيش ڪيو. هن چيو ته ڪائنات بي عقل (Stupid) آهي. احساس کان خالي آهي ۽ ڪنهن به خدا جو وجود نه آهي. جيڪڏهن مان خودڪشي ڪري ڇڏيان يا ٻين کي وبا کان بچائيندي پنهنجو ساهه به وڃائي ويهان ته انهن ٻنهي عملن ۾ منهنجي لاءِ ڪوبه فرق نه آهي. ڇو ته مان هڪ انسان آهيان، تنهن ڪري مون کي به ضرور ٻين سان گڏ وڃڻ گھرجي. پوءِ جيئن ته ڪائنات جي مقابلي ۾ انسان عقل ۽ سمجھه رکي ٿو، تنهن ڪري اهي هڪ ٻئي لاءِ ذميوار آهن. وڌيڪ هي ته انسان هڪ گڏيل مصيبت کي منهن ڏئي رهيو آهي جيڪي هڪ اهڙي ڪائنات ۾ رهي رهيا آهن، جيڪا سوچ ۽ سمجھه کان خالي آهي جيئن هائيڊگر (Heiddeger) چيو آهي ته ”انسان هڪ ڇپ وانگر آهي وجود جي ميدان ۾ اڇلايو ويو آهي، جنهن کي نه ڪا لڪڻ جي جاءِ آهي ۽ نه ئي وري ڪٿان ڪا مدد جي اميد آهي“. تنهن ڪري جلد ئي انهيءَ ماديت پسند سماجي سائنسدان فيصلو ڪيو ته هو ٻين انسانن سان ملي ڪري وبا، جي خلاف جنگ جوٽيندو ته جيئن ٻين انسانن جي زندگي انهيءَ مصيبت کان محفوظ ٿي وڃي ۽ اها سندس ذميواري آهي. هن جو خيال هو ته فرد جي سٺي زندگي تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن سمورو معاشرو خوشحال ۽ آسودو هجي.
ٽيون ماڻهو، جيڪو هڪ مفڪر آهي ۽ اهو البرٽ ڪاميو پاڻ هو، تنهن پنهنجي حق ۾ دوستو وسڪي جو حوالو ڏنو آهي، جنهن چيو ته جيڪڏهن اسان ڪائنات مان خدا کي ڪڍي ڇڏيون ته اسان جو هر عمل جائز (Legitimate) هوندو، ڇو؟ ڇو جو ڪائنات ۾ برائي ۽ ڀلائي، نيڪي ۽ بدي ۾ سڃاڻ پيدا ڪرڻ يا جاچڻ لاءِ ڪو ارادو (Will)، ڪا سوچ سمجھه (Understanding)، ڪو احساس (Feeling) ئي ڪونه هوندو.
ڪنهن گهر اندر رهندڙ فردن جي عملن جو جيڪڏهن ڪو به ماڻهو مشاهدو ڪرڻ وارو آهي ئي ڪونه ته اهڙي گھر ۾ رهندڙ ماڻهو چڱو يا خراب ڪم ڪري، ان سان ڪوبه فرق نه پوندو. جيڪڏهن کيس خبر پئجي وڃي ته هن گھر ۾ ڪو ماڻهو موجود آهي، جيڪو سندس عملن کي ڏسي رهيو آهي ته ان جي ڪردار يا رويي ۾ هڪدم تبديلي اچي ويندي ۽ هو پنهنجي عمل ۾ احتياط کان ڪم وٺندو. ائين ئي اهڙي ڪائنات ۾ ڪوبه عمل اهميت (Significance) نٿو رکي، جيڪا ذهن، عقل يا احساس کان خالي هجي.
هاڻي سماجي سائنسدان ۽ مفڪر جي خيالن جي پاڻ ۾ ڀيٽا ڪئي وڃي ته خبر پوندي ته سماجي سائنسدان انهيءَ ڳالهه تي ويساھ رکي ٿو ته هو پاڻ ۽ انهيءَ شهر جا سمورا ماڻهو هڪ گڏيل مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ هڪ ئي شهر ۾ رهڻ لاءِ مجبور آهن. تنهن ڪري هر شخص پليگ کي ختم ڪرڻ لاءِ ذميوار آهي. انهيءَ وبا هڪ گڏيل مقصد ۽ ذميواري کي جنم ڏئي ورتو آهي.
مفڪر سماجي سائنسدان جي نقطي نظر کي رد ڪري ڇڏيو، ڇو ته هن وٽ جيڪڏهن ڪائنات احساس ۽ سمجھه کان خالي شيءِ آهي ته پوءِ انسان جو ڪو به عمل، پوءِ ڀلي اهو سٺو هجي يا خراب، نه ته ڪائنات تي ۽ نه ئي انسان جي تقدير تي ڪو اثر ڪري سگھي ٿو. هن وڌيڪ دليل اهو ڏنو ته ڇا اها بيوقوفي واري ڳالهه نه چئبي ته هڪ ماڻهو ٻئي جي لاءِ قرباني ڏئي؟ ڇا جي لاءِ؟ جيڪڏهن هڪ ماڻهو ٻين ماڻهن جي جان بچائيندي پنهنجي زندگيءَ تان آسرو کڻي ڇڏي ته ان جي قبر تي گل ڇٽڻ يا ڪتابن ۾ ان جو ذڪر ٿي وڃڻ هڪ بي سمجھي وارو عمل آهي. انهيءَ سان مون کي ڪهڙو فائدو ٿي سگھي ٿو، جڏهن ته منهنجو جسم ڳري سڙي ويندو؟ تنهن ڪري زندگي يا ان ۾ موجود شيون ڪا سمجھه يا احساس نٿيون رکن، جيئن دوستو وسڪي چيو آهي ، ”هر عمل دنيا ۾ جائز ٿي ويندو. “
تنهن ڪري دوستو وسڪي چواڻي، جيڪڏهن ڪائنات عقل کان خالي آهي ۽ ان جي اندر اسان جي عملن جي چڱائي يا برائي جاچڻ يا پرکڻ لاءِ ڪوبه معيار موجود نه آهي ته پوءِ اها ڳالهه پڪي آهي ته خدا جي جاءِ انسان پاڻ ئي والاري ڇڏيندو ۽ سندس هر فعل جائز ٿي ويندو. تنهن ڪري ڪاميو هڪ گھڙي پلڪ لاءِ به زندگيءَ جي اهڙي فلسفي تي ويساھ رکي ٿو جيڪو لا يعنيت (Absurdity) جي فلسفي مان نڪتو هجي. خاص طور تي اهڙي فلسفي تي مطلب فرد جي عملن ۽ لاڳاپن جو، ٻين سان ۽ ڪائنات سان ڀيٽڻ ۽ پرکڻ هوندو ۽ ان جو ڪاٿو ڪرڻ توڙي قربانيءَ جي اهميت جاچڻ لاءِ ڪوبه معيار موجود نه آهي. تنهن ڪري مادي عالمي نظريي جو نتيجو بيڪاري ۽ لا حاصليت (Futility) نڪري ٿو.
اها ڳالهه تمام ئي ڌيان طلب آهي ته يورپ جي ٻيهر اؤسر جي ٽن سئو سالن کان پوءِ، (جڏهن مذهبي نقطي نظر تي مادي نقطي نظر غلبو حاصل ڪري ورتو هو) ويهين صديءَ ۾ انهيءَ مادي نقطي نظر جي سوڀ جو نتيجو سمورن فلسفين، فڪر جي سمورن مدرسن، فنن ۽ ادب ۾ لاحاصليت نڪتو آهي، جنهن جو روح لايعنيت ۽ لا حاصليت جو فلسفو آهي. انهيءَ ڳالهه کي هڪ تمام وڏي ڏاهي هن طرح سان بيان ڪيو آهي ته دنيا ۾ چڱائي يا برائي، خوبصورتي يا بدصورتي جي ڪابه معني نه آهي، پر اهو فنڪار آهي، جيڪو ڪنهن شيءِ يا فڪر کي معني ڏيندو آهي. اتي به مزي جي ڳالهه اها آهي ته موجوده دور جو ڪوبه فنڪار ڪابه معني نٿو پيو ڏئي، ڇو جو انهيءَ جي مٿان لا يعنيت جو فلسفو غالب اچي چڪو آهي.
سموئيل بيڪٽ (Samuel Becket) جيڪو ايبسرڊ (Absurds) قبيلي سان واسطو رکي ٿو، پنهنجي مشهور ناول “Waiting for Godot” ۾ ٻڌائي ٿو ته ويهين صديءَ جو ٿيٽر لا حاصل آهي. لا حاصليت ڇا آهي؟ ارسطو ٻڌايو آهي ته ٿيٽر هڪ پيغام ڏئي ٿو، پر اڄ ايئن نه آهي، ڇو جو لايعنيت تي يقين رکندڙ دانشورن وٽ ڪوبه پيغام نه آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهڙي ڪائنات ۾، جيڪا ذهن ۽ عقل کان خالي آهي، انسان ڪابه معنى ڀريل ڳالهه نٿو ڪري سگھي. هڪ بيگاني (Estranged) ڪائنات، جيڪا احساس کان خالي آهي، انسان جي ڪنهن به ڳالهه کي ٻڌي نٿي سگھي. پوءِ جڏهن هن ڪائنات ۾ ڪا ڳالهائيندڙ هستي نه آهي ته پوءِ انسان ڪنهن منطق جو ذڪر نٿو ڪري سگھي. ڇو جو اهڙي ڪائنات ۾ فرد جي ڳالهه ٻولهه معنى ڀريل هجي يا بي معنى، ڪوبه فرق نٿو پوي. ڇاڪاڻ ته ڪوبه ڪن ان کي ٻڌڻ وارو ئي ڪونهي جو ڪائنات گونگي ۽ ٻوڙي آهي.
لايعنيت وارن ٿيٽرن جو مشن هي ٿو چوي ته هتي ڪوبه جوهر (Substance) نه آهي. لايعنيت جي ٿيٽر ۾ ڪيترين ئي شخصيتن ڪردار ادا ڪيو. انهن مختلف ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، پر نتيجو ڇا نڪتو؟ رڳو نفي! لايعنيت جو نتيجو پڪ سان رڳو نفي (Nothingness) آهي. ڇو؟ ڇو جو مادي عالمي نقطي نظر ۾ زندگي بي معنى، فضول ۽ بيڪار شيءِ آهي. لايعنيت جي وڪالت ڪندڙ ادب، فن ۽ فلسفي جو انجام به لازمي طور رڳو نفي ۾ ئي نڪرندو آهي.
هاڻي جڏهن جو ويهين صديءَ تي لاحاصليت جو روح غالب آهي، ته يورپ ۾ ڪوبه مفڪر نظريو مرتب ڪرڻ جي جرئت نٿو ڪري. جيڪو ڪوشش ڪري ٿو ته ماڻهو ان تي ٺٺوليون ٿا ڪن. هر فلسفي، هر مفڪر يا دانشور ۽ هر فنڪار ويهين صديءَ ۾ ڪا تخليق ڪري ٿو يا سوچي ٿو، سو ضرور لايعنيت تائين ئي پهچي سگھندو. ڇو جو زندگي يا موجود معروضي حقيقت ۽ موجوده حالتون لايعنيت تي آڌاريل آهن. هن دور ۾ پيغام يا هڪ معنى ڀريل ڳالهه ڪرڻ اصل ۾ موجود زندگيءَ جي فطرت کي بدلائي ڇڏڻ آهي. ڇو جو زندگيءَ جي پنهنجي شڪل آهي، ته اها لا يعنيت نه آهي، پر اڄ ڪلهه ان کي لايعنيت بڻايو ويو آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسٽيج تي ويهي چڱي يا خراب عمل جو مظاهرو ڪري ٿو ته اهو مظاهرو حقيقي انسان جي حالت تي روشني نٿو پيو وجھي. ڇو جو هيءَ ڪائنات جيڪڏهن پنهنجي اندر ڪا معنى نٿي رکي ته پوءِ هر ماڻهو بي مقصد بڻجي وڃي ٿو. جيڪڏهن هڪ ريل گاڏي، جنهن ۾ مان سفر ڪري رهيو آهيان، سا جيڪڏهن ڪنهن مقرر ڪيل منزل ڏانهن نٿي وڃي ته پوءِ منهنجو ڪنهن منزل جي چونڊ ڪرڻ بيوقوفي هوندو. جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي تقدير جي چونڊ ڪري سگھي ٿو ته اها ڪائنات جي منزل سان لاڳاپيل هوندي. ان کانسواءِ انسان جو پنهنجي منزل جي چونڊ جي معاملي ۾ ٻيو ڪوبه رستو نه آهي.