مذهب

خدا، مذهب ۽ سماج

ڪتابُ ”خدا، مذهب ۽ سماج“ بني آدم جي ترقي لاءِ خدا جي ڏنل پيغام (طبقاتي نقطي نظر کان سورة الفاتحه جو مطالعو) آھي. سورة الفاتحه جي حيثيت قرآن پاڪ جي پيش لفظ (يا مهاڳ) جي آهي. سمورا مسلمان هن سورة سڳوريءَ کي نماز جي هر رڪعت ۾ پڙهندا آهن. سڀ کان پهريان هن سورة ۾ بيان ڪيل اصطلاحن جي معنى تي غور ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ان معنى جي روشنيءَ ۾ انهيءَ جي ترجمي ۽ مطلب کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. 

Title Cover of book خدا، مذهب ۽ سماج

ولا الضالين

غضب (ڏمر) نعمت جو ضد ۽ معاشي نظام جو غلط ۽ اڻبرابري واري حالت ۾ هئڻ آهي. اڳي ئي ٻڌايو ويو آهي ته اسلام کان اڳ سموريون قومون  ۽ تهذيبون، استحصالي ۽ طبقاتي معاشي نظام جي ڪري تباھ ۽ برباد ٿي چڪيون آهن. انهن تهذيبن ۾ ڪي ته وڏي شان ۽ دٻدٻي واريون هيون، جن غلامن کان ڏنڊي جي زور تي محنت وٺڻ لاءِ، انهن مٿان ظلمن جي حد ڪري ڇڏي. ان کانسواءِ اهو استحصالي معاشي نظام سمورين اخلاقي برائين جي پاڙ آهي. قتل ۽ ڦر مار، ويڙھ ۽ جهيڙو، جنسي ڇڙواڳي ۽ جسم فروشي ۽ چڪلي بازي ۽ ڪمزورن ۽ يتيمن جا مال ڦٻائڻ وغيره جهڙا سمورا بڇڙا عمل انهيءَ معاشي نظام جي پيداوار آهن. سورت بني اسرائيل ۾ آسودن ماڻهن جي بداعمالين کي قومن جي تباهي جو سبب ٻڌايو ويو آهي. (آيت 16)
ضلالت گمراهيءَ جو ضد آهي. بيابان ۾ سڌو وڃڻ واري واٽ جيڪڏهن ڀلجي وڃي، ته  قافلا تباھ ۽ برباد ٿي ويندا آهن. قرآن ڪريم ضالين جا ٻه قسم ٻڌايا آهن. هڪ قسم هي آهي ته هڪ ماڻهو يا جماعت انسانيت جي ڀلائي لاءِ ڪو ڪم ڪرڻ گھري ٿي، پر ان کي اها خبر نه پئجي سگھندي هجي ته هي ڪم ڪيئن ڪجي. انهيءَ جو مثال پاڻ ڪريمﷺ جي باري ۾ قرآن جي هيءَ آيت آهي: ”وَوَجَدَكَ ضَالًّا فَهَدَىٰ“ ﴿الضحى: ٧﴾ رسول اللهﷺ انسانيت جي ڀلائي ۽ سڌاري لاءِ ڪم ڪرڻ گھرن پيا، پر اهو فيصلو نٿي ڪري سگھيا ته ان لاءِ پاڻ ڪهڙي واٽ وٺن.
هڪ رستو ته حلف الفضول جو هو، جيڪو غير سياسي هو. انهيءَ کي سگھاريون ۽ چالاڪ قوتون جلدي ختم ڪري سگھن پيون، يعني اهو جٽادار رستو نه هو. ٻيو رستو حضرت موسىؑ وارو هو، جنهن غلامن کي ڇوٽڪارو ڏياريو. هڪڙو رستو حضرت يوسفؑ وارو هو جنهن معيشت جي اشتراڪي طريقي سان خلق خدا کي ڏڪر کان بچايو هو. هڪ رستو حضرت ابراهيمؑ وارو هو، جنهن پنهنجي شهر ۽ پنهنجي خاندان وارن کان جدا ٿي هجرت ڪئي هئي. سمجھه ۾ اچي ٿو ته پاڻ سڳوراﷺ شروع کان ئي ان ڳالهه جا قائل هئا ته جيستائين سياسي سگھه هٿ ۾ نٿي اچي، عالمگير انسانيت جو سڌارو ناممڪن آهي. سيرت پاڪ جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته مڪي پاڪ ۾ عدم تشدد واري اصول تي عمل ڪندي، هڪ سهڻن اخلاقن وارن ۽ سر گھوريندڙ ساٿين جي جماعت جوڙي وئي. هيءَ جماعت هر قسم جي تشدد واري رستي کي پار ڪري سنوارجي چڪي هئي، جنهن جو سڀ کان وڏو مظاهرو صلح حديبيه جي وقت بيعت رضوان جي شڪل ۾ ٿيو.
ضلالت جو ٻيو قسم انهن فردن جو آهي، جيڪي پنهنجي سوچ ويچار ۽ تلاش ۽ جستجو سان پنهنجي واٽ اختيار ڪرڻ جي ڪوشش نٿا ڪن ۽ ان وقت ۾ رائج نظرين ۽ مسلڪن کي پنهنجائي، انهيءَ ئي رستي تي هلندا رهن ٿا. ان جو بنيادي ڪارڻ هي هوندو آهي جو انقلابي رستي تي هلڻ سان انهن کي پنهنجي خواهشن ۽ ننڍن مقصدن کي ڇڏڻو پوندو آهي. تڪليفون ۽ جيل ڪاٽڻا پوندا آهن. اهي جانورن وانگر هڪ ئي رستي تي هلندا رهندا آهن. اهي پنهنجي سوچ سمجھه، پنهنجي اکين ۽ ڪنن کان ڪم نه وٺندا آهن. نئين (New) کي پنهنجائڻ ۾ ڊپ محسوس ڪندا آهن ۽ قديم (Old) کي سيني سان لڳائي رکندا آهن. قرآن ڪريم انهن کي جانور اڃا انهن کان به بڇڙو ڪري سڏيو آهي. 
انهن سڀني جو وڏو عيب يا غلطي هيءَ هوندي آهي ته اهي پنهنجي لاءِ ڪو مقصد مقرر ڪري، ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندا نه آهن ۽ انهيءَ رستي ۾ ايندڙ تڪليفن کي برداشت ڪرڻ کان نٽائڻ  جي ڪوشش ڪندا آهن. انهيءَ لاءِ سورت جاثيه جي آيت 23 جو مطالعو ڪريو، سورت اعراف جي آيت 179 کي پڙهو ۽ گڏوگڏ سورت يٰسن جي آيت 47 کي ڏسو. انهن ماڻهن کي جڏهن چيو ويندو آهي ته پنهنجي واڌو رزق سان محروم ماڻهن کي ڏيو ته اهي چوندا آهن ته جيڪڏهن انهن کي رزق ڏيڻو هجي ها ته الله تعالى پاڻ ئي ڏئي ڇڏي ها (اسان انهن سڃن جي مدد جو ٺيڪو ڪونه کنيو آهي). هيءُ اهو نظريو آهي جنهن جي ذريعي زراعت واري دؤر جي شروع کان، جڏهن معاشرو ٻن مخالف معاشي طبقن ۾ ورهائجي ويو هو، پيداوار وسيلن تي قبضو ڪري ويٺل طبقي جي فردن غلامن ۽ محروم مسڪين ماڻهن کان سخت پورهئي لاءِ غير انساني ظلم ڪرڻ شروع ڪيو. طاقتور قبيلن ڪمزور قبيلن تي حملو ڪري، انهن جي مال ملڪيت تي قبضو ڪري ورتو ۽ انهن جي مردن کي غلام ۽ عورتن کي ٻانهيون بنائڻ شروع ڪيو. انهيءَ صورتحال جي سڌاري لاءِ نبي سڳورا اچڻ شروع ٿيا ۽ خدائي هيڪڙائي جي تصور تي طبقاتي معاشري کي غير طبقاتي معاشري ۾ بدلائڻ جي تاڪيد ڪئي وئي. اڳتي هلي هر مذهب جي مذهبي پيشوائيت مٿين ۽ رعايتون ڏنل طبقن جي ملي ڀڳت سان، پاڪ ڪتابن مان انهن جي مفاد جي تحفظ لاءِ سند مهيا ڪري  ڏني. اهو عوام ۾ خيال پکيڙيو ويو ته رزق جي ورڇ خدا تعالى پاڻ ڪري ٿو. هن ئي امير ۽ غريب بڻايا آهن. قرآن ڪريم انهيءَ آيت پاڪ ۾ انهن ٽولن ۽ مذهبي اڳواڻن جي غلط پروپيگنڊا کي کليل گمراهي سڏيو آهي.
موجوده دؤر ۾ اسلام ۽ ٻين مذهبن جي مذهبي پيشوائيت جاگيرداري، صنعتي سرمائيداري ۽ اسٽاڪ ايڪسچئنج جي جوئا بازي مان نفعو ڪمائيندڙ وڏن واپارين جي واپار کي اقبال جي چواڻي:
ظاہر میں تجارت ہے حقیقت میں جواء ہے سود ایک کا لاکھوں کے لئے مرگ مفاجات ہے
قرآن حڪيم جي تفسير ۽ تشريح توڙي پنهنجي واعظن ۽ تقريرن ذريعي تحفظ بخشي ٿي. ساڳيو ئي حال سمورن مذهبن جو به آهي. اصل ۾ اهو سڀ ڪجھه مذهبن جي مقدس بانين جي انقلابي تعليم ۽ اڻ ٿڪ جاکوڙ جي بگاڙيل (Distorted) شڪل آهي. شهيد محترم علي شريعتي انهيءَ موضوع جي ڀرپور وضاحت ڪئي آهي.
ان جو مطلب هي آهي ته پيداواري وسيلن تي ڪن ٿورڙن فردن جو ذاتي قبضو گمراهي آهي. هي جاگيردار، صنعتي سرمائيدار ۽ وڏا واپاري (اسمگلر، ڊرگ مافيا)، سڀئي ”الضالين“ جي ٽولي سان تعلق رکن ٿا. انهن قرآن ڪريم ۽ ٻين پاڪ ڪتابن جي عوامي ڀلائيءَ واري معاشي تعليم کي پنهنجائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. انهن جي گمراهي هيءَ آهي ته پاڻ کان مٿانهن ۽ رعايت ڏنل طبقي جي خوشحالي کي سموري قوم جي خوشحالي سڏن ٿا. اهڙي طرح سان اهي عوام کي ٺڳن ٿا. 
ضلالت ۽ ضال جو سڀ کان چٽو مثال مسلم امت پاڻ ئي آهي. پنهنجي پهرين مرحلي ۾ خلافت واري اداري کي مديني مان کڻي دمشق ۾ آندو ويو ۽ انهيءَ کي بادشاهت ۾ بدلايو ويو. ڊاڪٽر خليفي عبدالحڪيم مديني جي رياست (خلافت) کي اشتراڪي جمهوريت سڏيو آهي. انهيءَ اشتراڪي جمهوريت کي مورثي بادشاهت ۾ تبديل ڪرڻ سان حڪومت، قانون سازي ۽ بيت المال (خزاني) مان عوام ۽ ان جي مفادن کي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪيو ويو. 
بغداد ۾ هيءَ سلطنت چٽي پٽي بادشاهت ۾ بدلجي وئي، جنهن قيصر ۽ خسرو جي پيروي شروع ڪري ڏني. ان جو نتيجو اهو ٿيو جو مسلمانن جي سياست بادشاهت بڻجي وئي . جاگيرداري معيشت بڻجي وئي ۽ علم بالقلم ذريعي تحقيق جي استقرائي طريقي جي جاءِ تي يونان جي قياسي ۽ استخراجي طريقي واري تحقيق کي پنهنجايو ويو، جنهن جو تجربي ۽ مشاهدي سان ڪوبه تعلق نه هو. انهيءَ سياست، معيشت ۽ فڪر جي طريقي سبب، مسلمانن جو سلطنتون هڪٻئي پٺيان ڪِرڻ شروع ٿي ويون. انڌي تقليد پير ڄمائڻ شروع ڪيا ۽ اهو سمجھيو وڃڻ لڳو ته جيڪو ڪجھه سوچيو وڃڻ گھربو هو سو سوچيو ويو آهي، تنهن ڪري هاڻي اجتهاد جو دروازو بلڪل ئي بند ڪيو ويو آهي. مون پنهنجي ڪتاب ”اسلام مين حرڪت و ارتقا ڪا تصور“ ۾ قاري طيب مرحوم جي ڪتاب ”الاجتهاد والتقليد“ جا انهيءَ بابت اقتباس ڏنا آهن.
اندلس جي زوال کان پوءِ يورپ ڏانهن علم واري لاٽ جي هليو وڃڻ کان پوءِ اتي تحقيق جا ڏيئا ٻرڻ لڳا. حضرت جمال الدين افغانيؓ فرمايو هو ته حڪومت علم ڪندو آهي، تنهن ڪري يورپ جي علمي ترقيءَ سبب انڌي تقليد ۽ سخت ماضي پرستي ۾ بي هوش مسلم امت جي هر علائقي جي قوم اولهه جي غلاميءَ ۾ رهي . مسلمان امت جي لاءِ هيءُ دؤر خدائي غضب جو هو، ڇو جو انهيءَ دؤر ۾ مسلمانن مٿان ڌارين جي غلامي، ذلت ۽ خواري مسلط ٿي وئي هئي. انهيءَ غلاميءَ جي دؤر ۾ حضرت موسىؑ جي قوم وانگر، اولهه جي علمي ترقي ۽ نون فڪرن جي روشنيءَ ۾ مسلمان قومن جي نئين نسل اک کولي، ته انهن پنهنجي ابن ڏاڏن جي انڌي تقليد واري لاڙي کان بغاوت ڪرڻ شروع ڪري ڏني. ننڍي کنڊ ۾ انهيءَ بغاوت جي شروعات سر سيد احمد کان ٿي  ۽ ان جي پڄاڻي اقبال جي اولهه وارن جي تهذيب تي سخت تنقيد جي شڪل ۾ ظاهر ٿي. ساڳيو ئي حال مصر ۽ ترڪي ۾ ٿيو. تيونس، مراڪش، الجزائر وغيره ۾ مسلم مجاهدن اولهه واري غلاميءَ جي طوق کي لاهڻ لاءِ سخت جاکوڙ شروع ڪري ڏني. 
ٻئين عالمي جنگ کان پوءِ رت وهائيندڙ جاکوڙ سان مسلمان قومن آزادي حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. انهيءَ آزاديءَ کان پوءِ تعمير جو مرحلو سامهون آيو. جيئن ته ان وقت جي عالمن اسلام جي آڳاٽي ادب ۽ ان جي نظرين سان ئي پاڻ کي واڳي رکيو هو ۽ اهو ادب توڙي نظريا نون مسئلن جو ڪو به حل پيش نٿي ڪري سگھيا، جنهن ڪري هر مسلمان قوم، ڪنهن چٽائيءَ سان مقرر ڪيل ۽ نواڻ رکندڙ اسلامي نظريي يا اسلام جي نئين تعبير کي نه ڏسي سگھي. اها ڪڏهن اولهه جي بگڙيل ۽ سرمائيداراڻي جمهوريت ۽ ان جي تهذيب کي پنهنجائڻ لڳي ۽ ڪڏهن بي دين اشتراڪيت جي اونداهيءَ ۾ هٿوراڙيون هڻندي رهي، جنهن جي سموري ذميواري عالمن تي آهي.
ديني مدرسن جي شديد قدامت پسند فضا ۾ پلجندڙ عقليت، مسئلن کي حل ڪرڻ کان خالي رهي. مزيدار ڳالهه هيءَ ته انهيءَ عقليت روشن فڪر مسلمان دانشورن جي فڪري ڪوششن کي به وڌڻ نه ڏنو. اقبال، ڊاڪٽر فضل الرحمان، ڊاڪٽر يوسف گواريه، ڊاڪٽر علي شريعتي، ڊاڪٽر خليفو عبدالحڪيم، ڊاڪٽر رفيع الدين جهڙن ذهين ماڻهن جي فڪرن کي به ديني مدرسن ۾ ته پري جي ڳالهه ٿي، پر يونيورسٽين ۾ به داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو. رجعت پسند ۽ رعايتون ڏنل طبقن جي مفادن جي حق ۾ سڀ کان طاقتور فڪري ڪوشش مولانا ابوالاعليٰ مودوديءَ ڪئي، جيڪا پيداواري وسيلن تي فردن جي ذاتي ملڪيت کي تسليم ڪري ٿي. نتيجو اهو نڪتو جو مسلمان قومون پنهنجي نئين سر تعمير جي لاءِ ڪو رستو نٿيون لهن. هڪ پاسي قدامت پسند اسلام جي تعبير آهي ته ٻئي پاسي اولهه جي سرمائي پرست بگڙيل تهذيب آهي. يا وري بي دين اشتراڪيت آهي. انهن ٻنهي جي وچ ۾ اقبال جو هيءُ قول پورو بيهي ٿو:
مسکین د لکم ماندہ دریں کشمکش اندر
انهيءَ ضلالت (گمراهي) مان نڪرڻ جو هڪڙو ئي رستو آهي، جيڪو اقبال جي چواڻي هي آهي ته، اجتهاد جي بند ٿيل دروازي کي کوليو وڃي ۽ قرآن موجب پنهنجي دل جي اکين ۽ پنهنجي ڪنن کي بند ڪرڻ بدران، پوري طرح کولي، حالتن جو جائزو ورتو وڃي ۽ نون گھرجن جي منطق کي سمجھڻ جي سچائيءَ سان ڪوشش ڪئي وڃي. ان کانسواءِ روشن فڪر مسلمان دانشورن جي فڪرن مان ڀرپور فائدو ورتو وڃي ۽ اهو سمجھيو وڃي ته قرآن جو خدا ”الان ڪما ڪان“ نه پر ”کل يوم هو في شان“ آهي. بقول امام ولي الله، ان جون نيون حالتون  نوان فڪر، نوان تاريخي دؤر پيدا ڪري رهيون آهن. وجود جو هر مظهر بدلجندڙ ۽ چرپر ڪندڙ آهي ۽ نون گھرجن کي پيدا ڪري رهيو آهي.
اولهه ته اڃا تائين خدا جي غضب (ڏمر) هيٺ آهي ۽ ان جي خبر رکندڙ مفڪر ۽ دانشور انهيءَ مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. تمام ئي جلد هيڻي آواز ۾ اهي چئي رهيا آهن ته مسئلن جو حل انهيءَ اخلاقن کان ڪريل سرمائي پرست تهذيب وٽ نه آهي. ان جو حل محمد (ﷺ)، عيسى(ؑ) ۽ ڪرشن جهڙن جليل القدر نبين وٽ آهي يا گھٽ ۾ گھٽ ان لاءِ صلاح الدين شيرازي ، فارابي، ابن رشد ۽ ابن عربي جهڙن دانشورن جي ويجھو اچڻ گھرجي.
اولهه پنهنجي بگڙيل تهذيب جي ڪري ڪانٽ ۽ هيگل جهڙا فلسفي ۽ شيڪسپيئر، ورڊز ورٿ، ٽيني سن ۽ وليم بلئڪ جهڙا اخلاق پسند، صوفي ۽ شاعرٻيهر پيدا ڪري نه سگھيو. جيستائين اولهه ٻيهر ٽالسٽاءِ جيتعليم تي ڪن نه ڏيندو، تيستائين اهو جنسي لذت پسندي، قتل ۽ ڦر مار ۽ سرمائي پرستي جي ڌٻڻ مان نڪري نٿو  سگھي، جنهن چيو آهي:
1. زندگي ئي سڀ ڪجھه آهي (Life is every thing)
قرآن چيو آهي ته ڪائنات جي هر شيءِ الله تعالى جي تسبيح ڪري رهي آهي: ”يُسَبِّحُ لَهُ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ“
2. زندگي ئي خدا آهي (Life is God). 
خدا هميشه زنده ۽ هميشه قائم آهي. اقبال چيو آهي، خدا زندگيءَ جو روحاني بنياد آهي.
3. هر شيءِ بدلبي آهي ۽ چرپر ڪندي آهي ۽ چرپر ئي خدا آهي. (Every thing chanes and moves and movement is God).
قرآن ڪريم ۾ آهي ”كُلَّ يَوْمٍ هُوَ فِي شَأْنٍ“ خدا هر گھڙي نئين شان سان ظاهر ٿيندو آهي، انهيءَ ان تفسير موجب چرپر ئي خدا آهي (يا خدا جو ظاهر ٿيڻ آهي).
4. And while there is joy in consciousness of the divine
ان جو مطلب هي آهي ته جتي زندگيءَ جو احترام ڪيو ويندو آهي، اتي خدا تعالى جون رحمتون نازل ٿينديون آهن ۽ جتي زندگي کي قتل ۽ ڦر مار، ڏاڍ ۽ تشدد ۽ ظلم ۽ استحصال سان برباد ڪيو ويندو آهي، اتي خدا ناراض ٿيندو آهي ۽ ان جو عذاب يا غضب نازل ٿيندو آهي. 
5. زندگي سان محبت ڪرڻ خدا سان محبت ڪرڻ آهي (To love life is to love the God).
حديث پاڪ ۾ اچي ٿو ته خدا ۽ انسان سان محبت هڪ ٻئي سان لازم ملزوم آهن. 
6. هر شيءِ کان تمام ئي ڏکي ۽ ٻاجھه ڀري ڳالهه، ڪنهن ماڻهو جو پنهنجي مصيبتن وقت، بنا ڪنهن ڏوھ جي مليل مصيبتن وقت به زندگيءَ سان محبت ڪرڻ آهي (Harder and more blessed than all else is to love this life in one’s suffering, in innocent suffering).
قرآن پاڪ ۾ آهي: ”وَالصَّابِرِينَ فِي الْبَأْسَاءِ وَالضَّرَّاءِ وَحِينَ الْبَأْسِ أُولَٰئِكَ الَّذِينَ صَدَقُوا وَأُولَٰئِكَ هُمُ الْمُتَّقُونَ“ ﴿البقرة: ١٧٧﴾
ترجمو: ”۽ سڃائيءَ ۽ اوکائيءَ ۾ ۽ جنگ مھل صبر ڪرڻ وارا آھن، اِھي سچا آھن، ۽ اِھي ئي پرھيزگار آهن“. (يعني هر حالت ۾ زندگيءَ سان محبت ڪن ٿا“. 
ليو ٽالسٽاءِ، War and Peace, Book XIV, Chapter XV,

Page 330.
ٽالسٽاءِ جا هي لفظ دنيا جي سمورن مذهبن جي تعليم جو تت آهن. 

سورت الفاتحه جو تعليمي ۽ انقلابي روح
سورت الفاتحه هڪ دعائيه سورت آهي، پر هيءَ دعا ايترو ته جامع آهي جو، هن ۾ زندگي ۽ فڪر جا سمورا پاسا اچي ويا آهن. انهيءَ ۾ سڀ کان اهم ڳالهه جيڪا چئي وئي آهي سا هيءَ آهي ته:
1. هن ڪائنات ۽ انسان کي پيدا ڪندڙ ۽ وجود بخشيندڙ هڪ خالق آهي جيڪو سمورن هاڪاري قدرن يا گڻن جو سرچشمو آهي. اهو مادي جي تخليق ۽ ان جي حرڪي قانونن (Dynamic Laws) جو نتيجو نه آهي. ڇو جو مادي ۾ نه زندگي آهي، نه شعور ۽ نه ئي ڪو ارادو يا مقصد آهي. جڏهن ته ان جي حقيقي خلقيندڙ ۾ زندگيءَ جو شعور به آهي ته هو ارادو ۽ مقصد به رکي ٿو، جنهن جو ثبوت هيءَ سموري ڪائنات ۽ پڻ انسان جو پنهنجو ئي وجود آهي. ڇو جو انهن قدرن ۽ گڻن کانسواءِ تخليق ممڪن ئي نه آهي. اهو خالق زنده آهي، هميشه زنده ۽ هميشه قائم رهندڙ آهي. سڀ ڪجھه ٻڌندڙ ۽ سڀ ڪجھه ڏسندڙ آهي. وجود جو هر مظهر سندس ئي وجود سان آهي، پر هو پاڻ انهن سمورن وجودن کان مٿانهون آهي. ان جو مطلب هي آهي ته، خالق پنهنجي ذات ۾ اڪيلو آهي، ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه خالق نه آهي. سندس تخليق ۽ ٻين ڪمن ۾ ٻئي ڪا هستي ڀائيوار نه آهي. 
2. اهو خالق ڪنهن خاص قوم يا ٽوليءَ جو خالق نه آهي، پر هو سمورن انسانن جو خلقڻهار آهي. ان سان گڏوگڏ هو سموري ڪائنات جو خالق پڻ آهي. ڪائنات جي تخليق ۽ ان جي ارتقا جو مقصد هڪ اهڙي حيواني دماغ جي تڪميل هو، جيڪو خدا جو نائب ۽ ان جو خليفو (Vicegerent) بڻجي سگھي، جنهن جو مطلب هي آهي ته هو پاڻ کي سمجھندڙ (Self consciousness) هجي ۽ آزاد ارادي ۽ چونڊ جو اختيار رکندو هجي ته جيئن هو ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ وارن واٽن مان پنهنجي مرضيءَ ۽ پنهنجي ارادي سان ڪنهن هڪ واٽ جي چونڊ ڪري سگھي. قرآن ڪريم انهيءَ آزاد ارادي ۽ آزاد چونڊ جي اختيار کي امانت سان تعبير ڪيو آهي. خدا تعالى جو خليفو هئڻ جي ڪري سندس زندگيءَ جو مقصد خدائي خلافت ۽ نائبي جو مٿانهون درجو حاصل ڪرڻ آهي. يعني خدا تعالى جي ربوبيت، ٻاجھه، عدالت ۽ هدايت وارن گڻن جو نفسياتي ۽ معاشرتي سطح تي مظاهرو ڪرڻ آهي. 
3. انهيءَ خالق انسان جي زندگي جي بقاء، فائدي ۽ تڪميل جي لاءِ ربوبيت جو سامان مهيا ڪري ڇڏيو آهي. ڇو جو سمورن انسانن جو مالڪ ۽ پالڻهار هئڻ سبب هو جسماني، ذهني ۽ روحاني پالنا جو ذميوار ۽ سمورن قومن جو مالڪ ۽ پالڻهار آهي، تنهن ڪري هو رب العالمين آهي. انهيءَ حقيقت جي بنياد تي شڪرگذاري ۽ ساراھ جي سمورن لفظن ۽ جذبن جي لائق، سندس کان سواءِ ٻئي ڪا ذات نه آهي.
4. ان جي ربوبيت واري گڻ کان سواءِ ٻاجھه جي گڻ يعني فائدو پهچائڻ، سونهن ۽ سهڻائي، توازن ۽ موزونيت واري پڻ سندس ئي ذات آهي. انساني وجود جي هر مظهر ۾، تخليق سان گڏ کيس ٺيڪ طرح سان جوڙڻ، ان جي تقدير ۽ هدايت پڻ سندس طرفان ئي رکي وئي آهي.
5. هر مظهر ۽ انسان جي تڪميل لاءِ سندس عدالت وارور گڻ هر عمل ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. اهو عمل  سونهن ۽ سهڻائي ۽ توازن ۽ موزونيت لاءِ هوندو. جيڪو عمل عوامي ڀلائي ۽ انسان دوستي تي آڌاريل هوندو سو صالح عمل آهي ۽ جيڪو عمل انهن جي خلاف هوندو سو ئي غير صالح عمل آهي. اهي ٻنهي قسمن جا عمل پنهنجا پنهنجا نتيجا رکن ٿا. اهي نتيجا فطري آهن. انهن نتيجن کي مرتب ڪرڻ ۾ ڪنهن جي به مرضي جي دخل نه آهي. اهي پنهنجي اندر جزا ۽ سزا جو لازمي نتيجو رکن ٿا. 
جيڪڏهن عدالت واري صفت جون گھرجون ۽ نتيجا هن دنيا ۾ پورا نٿا ٿي سگھن، ته پوءِ اهي موت واري زندگيءَ ۾ پورا ٿيندا ۽ فرد جي لاءِ جزا ۽ سزا جو سبب بڻبا. يعني فرد ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي عملن جي نتيجن کان بچي نٿو سگھي. 
ربوبيت، ٻاجھه ۽ عدالت جون اهي صفتون، عالمگير نوعيت رکن ٿيون. اهي ڪنهن قوم يا مذهبي جماعت جو پاسو کڻندڙ نه، پر بلڪل ئي غير جانبدار آهن. ڪابه قوم يا فرد انهن صفتن جي اڳيان لاڏلو يا پسند ڪيل نه آهي. جهڙي طرح باھ ساڙيندي ۽ پاڻي ٿڌاڻ ڏيندو آهي ۽ انهن جو اهو عمل ڪنهن قوم، برادري يا ذات ۽ مذهب لاءِ تبديل نٿو ٿئي، اهڙي طرح انهن صفتن کي پنهنجائڻ جا نتيجا به ڪنهن قوم يا فرد لاءِ لا تعلق ۽ فطري آهن ۽ پنهنجي نتيجي ۾ اٽل آهن. 
6. هن ڪائنات جي خالق جو اسم ذات ڪو هڪ نه آهي. هر قوم، هر تهذيب ۽ هر مذهب کيس پنهنجو هڪ نالو ڏنو آهي، جنهن جو ترجمو ٻئي ٻوليءَ ۾ نٿو ڪري سگھجي. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته خالق جي ذات اڪيلي ۽ عالمگير آهي. اهو ڪنهن هڪ تهذيب يا مذهب جو معبود نه آهي جو رڳو انهيءَ ئي تهذيب يا مذهب جي ڏنل نالي سان کيس سڏيو وڃي. ان جي برخلاف هو سمورين قومن، تهذيبن ۽ مذهبن جو معبود آهي، تنهن ڪري هر قوم، هر تهذيب ۽ هر مذهب جيڪو به کيس اسم ذات ڏنو آهي، ته اهي سڀئي سندس نالا ۽ قرآن ڪريم جي نظر ۾ اسماءِ حسنى (پاڪ نالا) آهن. 
7. تاريخ ٻڌائي ٿي ته انسان پنهنجي ربوبيت جو نظام ٺاهي ورتو ۽ انهيءَ نظام ۾ خدا تعالى جي پيدا ڪيل ربوبيت جي وسيلن تي ڪجھه طاقتور ۽ چالاڪ ماڻهن قبضو ڪري، باقي سمورن انسانن کي محروم ڪري ڇڏيو ۽ انهن کي پنهنجو  غلام بڻائي ڇڏيو. انهن غلامن کان محنت جو سمورو ڪم ورتو وڃڻ لڳو. وڏين وڏين محلاتن، مقبرن (جهڙوڪه مصر جي اهرامن)، عبادتخانن ۽ چين جي ديوار جهڙي اڏاوت لاءِ تمام ئي ڳرن پٿرن ڍوئڻ تي انهن کي لڳائي ڇڏيو  ويو. مان هزارين غلام پٿرن هيٺان اچي چيڀاٽجي مري ويندا هئا ته انهن جي جاءِ تي ٻين غلامن کي آندو ويندو هو. انهن غلامن کي رياست جي واڌاري، غنيمت جو گھڻو مال هٿ ڪرڻ ۽ وڌيڪ غلام حاصل ڪرڻ لاءِ جنگن ۾ موڪلڻ شروع ڪيو ويو. 
معاشرتي ترقيءَ سبب جڏهن معاشرو غلامي جي سماج کان نڪري زرعي معاشري ۾ داخل ٿيو ۽ زرعي معاشرو مشين جي ايجاد کان پوءِ صنعتي معاشري ۾ بدلجي ويو ته اهي غلام، زرعي غلام بڻجي ويا ۽ اڳتي هلي پگھاردار غلام جي حيثيت ۾ بدلجي ويا. انهيءَ ڪري سموري انساني تاريخ مالڪ ۽ غلام، جاگيردار ۽ هاري (زرعي غلام)، ڪارخانيدار ۽ مزدور (پگھاردار غلام) جي هڪٻئي سان ٽڪر کائيندڙ مفادن جي ڇڪتاڻ جي تاريخ آهي. مفادن جي هيءَ جنگ ڪڏهن ظاهر ۽ سڌي طرح وڙهي ويندي هئي ۽ڪڏهن وري قوميت ۽ وطنيت يا مذهب وغيره جي اوٽ ۾ وڙهي ويندي هئي.
8. هتان کان سورت سڳوري پاڪ دعا وارو رنگ اختيار ڪري وٺي ٿي (هاڻي مومن ٻانهو پنهنجي خالق سان واعدو ڪري ٿو ته) اي خدا! اسان واعدو ڪريون ٿا ته تنهنجي ربوبيت ۽ ٻاجھه وارن وسيلن (جهڙوڪه زمين، ٻيلن، ڪارخانن، خام مال جا ذخيرن، قيمتي ڌاتن ۽ پٿرن ۽ ڪوئلي وغيره جي کاڻين ۽ تيل جي چشمن) تي ذاتي قبضو ڪري، نوي سيڪڙو انسانن کي انهن وسيلن مان فائدو حاصل ڪرڻ ۽ علم ۽ تهذيب جي برڪتن کان محروم ڪندڙ  واڳ ڌڻين ۽ دولتمند طبقي ۽ ان جي جوڙيل معاشي نظام ، سياست ۽ تهذيب کي رد ڪريون ٿا ۽ اهڙي نظام ۽ انهيءَ طبقي جي خلاف بغاوت ڪريون ٿا. اسان رڳو تنهنجي ئي ربوبيت واري نظام کي پنهنجايون ٿا، جنهن ۾ ربوبيت (يا پيداوار) جا وسيلا عوام جي فائدي لاءِ وقف هوندا آهن، جنهن ڪري فرد انهن مان فائدو ماڻي سگھندا آهن ۽ پنهنجي محنت جا پاڻ ئي مالڪ هوندا آهن. انهيءَ ڪري اسان مفاد پرست ۽ استحصال پسند معاشي، سياسي ۽ تهذيبي نظامن ۽ هر قسم جي بت پرستي، شيءِ پرستي، شخصيت پرستي، مادي پرستي ۽ نفساني خواهشن کان منهن موڙي، تنهنجي ۽ رڳو تنهنجي ئي ٻانهپ ۽ فرمانبرداري جو واعدو ڪريون ٿا.
9. اي خدا! اسان واعدو ڪريون ٿا ته تنهنجي پيدا ڪيل ربوبيت وارن وسيلن تي ذاتي ملڪيت قائم ڪرڻ واري نظام ۽ طبقي خلاف، جنهن ۾ اسان رڳو پنهنجي محنت وڪڻي، پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ مجبور ڪيا ويا آهيون، اسان جي مزدوري (ڏهاڙي) جو تعين به اسان جا اهي رزق تي قبضو ڪري ويٺل ڪندا آهن ۽ رڳو ايترو ڏين ٿا جنهن سان اسان جيئرا رهي پنهنجن انهن ڪوڙن خدائن جي دولت جي ذخيرن ۾ پنهنجي محنت سان واڌارو ڪرڻ جي لائق ٿي سگهون ۽  ان کي ختم ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندي صبر ۽ صلواة (ثابت قدمي ۽ فرض جي ادائگي) جي وسيلي سان تنهنجي ۽ رڳو تنهنجي ئي مدد ۽ رهبري جا طلبگار آهيون. 
اسان بابل جي بادشاھ حموربي کان وٺي اڄ تائين جي جوڙيل قانونن ۽ دستورن جي مجموعن کي رد ڪريون ٿا، ڇو جو اهي رڳو رعايتون ڏنل طبقن جي مفادن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ٺاهيا آهن. اسان ان ڪري به انهن قانونن کي رد ڪريون ٿا جو اهي قانون ۽ آئين غلاميءَ جي ڪنهن به قديم توڙي جديد شڪل کي ختم نه ڪري سگھيا آهن ۽ نه ئي ربوبيت ۽ ٻاجھه جي وسيلن ۽ انهن جي فائدن کي عام ماڻهوءَ تائين پهچڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهيا آهن.
تنهنجي ربوبيت جي مقابلي ۾، انسان جي پنهنجي جوڙيل ربوبيت واري نظام ۾ اها خرابي آهي ته انهيءَ ۾ عام ماڻهو پنهنجي جسماني، گھريلو ۽ مادي ضرورتن کي پورو نٿو ڪري سگھي، جنهن ڪري کيس دلي سڪون حاصل نٿو ٿي سگھي. بي سڪونيءَ جي ڪري هو دلجمعي سان تنهنجي عبادت نٿو ڪري سگھي ۽ نه ئي جبلتن جي حيواني گھرجن کي پنهنجي وس ۾ رکڻ لاءِ، عبادت ۽ رياضت کان مدد وٺي سگھي ٿو. اهڙي طرح ان جي فطرت ۾، تنهنجي روح ڦوڪڻ سان جيڪا خدائي طاقت (Divine Energy) پيدا ٿي آهي، تنهن جي نور سان نفس تي ضابطي جي معاملي ۾ ترقي نٿو ڪري سگھي، جڏهن ته انسان کي طين لازب (Mud) ۽ پنهنجي ڦوڪيل روح جي نور مان ٺاهيو آهي. تنهن ڪري هي ظاهر آهي ته جيستائين طين لازم (جسم) جون گھرجون پوريون نٿيون ٿين، جيڪي زندگيءَ جي بقا جي لاءِ ضروري آهن، تيستائين تنهنجي خدائي سگھه جي گھرجن ڏانهن ڌيان نٿو ڏئي سگھي. 
10. اي خدا، تون اسان کي سڌي رستي تي هلڻ جي توفيق عطا فرماءِ، ڇو جو تنهنجي توحيد دينن جي هيڪڙائي، عوامي معيشت ۽ مزدورن تي آڌاريل شورائي جمهوريت واري نظام ۽ انساني هيڪڙائي، ٻڌي ۽ نفس جي تزڪيي ۽ تڪميل ڏانهن وٺي وڃي ٿي. 
11. اي خدا اسان کي صراط مستقم تي هلڻ جي توفيق عطا فرماءِ، جيڪا انهن نيڪ ۽ هدايت تي هلندڙ ٻانهن جي واٽ آهي، جن ۾ نبي آهن، جن نفس تي ضابطي، ذات جي تزڪيي ۽ تڪميل ۽ توحيدي معاشري جي تشڪيل جي نصب العين جي لاءِ تعليم ڏني ۽ عملي جاکوڙ جو رستو ڏيکاريو؛ جن ۾ صديق آهن، جن نبي جي ڏنل بنيادي مقصدن ۽ تعليم جي تصديق ڪئي ۽ انهيءَ مقصد ۽ تعليم جي علمي ۽ فلسفياڻي تشريح ڪئي ۽ انهيءَ لاءِ حڪمت عملي جوڙي؛ ان ۾ شهيد به آهن جن نبي جي پيش ڪيل مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيو ۽ نيڪ صالح انسان به آهن جن پنهنجي ذات، خاندان، معاشرتي ڪاروبار ۽ رياست جي باري ۾ نبين سڳورن ۽ صديقن جي ترتيب ڏنل قانونن ۽ هدايتن تي عمل ڪيو. پڪ سان اهي نيڪ ۽ هدايت وارا ماڻهو، تاريخ جي هر دؤر، هر ملڪ، هر قوم ۽ ڌرتي تي موجود هر علائقي ۾ ٿيندا رهيا آهن ۽ اڄ به آهن. پڪ سان اهي ئي تنهنجا انعام ڪيل ٻانها آهن. 
12. اي خدا! اسان کي انهن ماڻهن واري واٽ تي هلڻ جي توفيق نه ڏي جن تنهنجي ربوبيت، رحمت، عدالت ۽ هدايت واري نظام  کي رد ڪري، پنهنجي ذاتي ۽ قومي مفاد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو مفاد پرست استحصالي نظام جوڙيو ۽ ديني هيڪڙائي، انساني هيڪڙائي ۽ توحيدي معاشري بدران قوم، وطن، رنگ، نسل، ٻولي ۽ مذهب جي نالي تي ٽولا ٽولا ٿي، فرقيواريت ۽ شرڪ ۾ مبتلا ٿي ويا. جن وياج خوري تي آڌاريل بئنڪن، اسٽاڪ ايڪسچئنج جي ڪاروباري نظام ۽ محنت جي استحصال تي قائم ٿيل معيشت جوڙي  ۽ پيداواري وسيلن تي ذاتي ملڪيت رکندڙ  اسمگلرن ۽ ڊرگ مافيا تي آڌاريل ٺلهو نالي ۾ جمهوري نظام جوڙيو. جيڪي انهن غلط انسانيت دشمن طريقن سان حاصل ڪيل دولت کي، پنهنجي خسيس فطرت جي حيواني گھرجن ۽ نفساني خواهشن جي پورائي لاءِ خرچ ڪندا رهيا. جن اهڙي اخلاق کان ڪريل تهذيب کي پيدا ڪيو  جنهن کي پنهنجائڻ سان نوجوان نسل ذهني، سماجي، اخلاقي ۽ روحاني لحاظ کان تباھ ۽ برباد ٿي ويا ۽ انهن سبب ڪري تنهنجي غضب نازل ٿيڻ ڪري مغضوب ٿي ويا.
اي خدا! تو پنهنجي ربوبيت ۽ ٻاجھه جي گھرجن کان عوام کي واقف ڪرڻ لاءِ توحيدي معاشري (غير طبقاتي معاشري) جي جوڙجڪ لاءِ پنهنجي چونڊيل ٻانهن وسيلي جيڪي هدايتون نازل ڪيون آهن، مذهبي پيشوائيت انهن کي رعايتون ڏنل طبقن جي مفادن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ، وحي جي عالمگيريت جو انڪار ڪري يا ان کي محدود ڪري، انهن هدايتن جي پيروڪارن کي هڪٻئي سان وڙهندڙ گروھ بندين ۾ ورهائي ڇڏيو آهي.  اسان تنهنجي پيغام، تنهنجي پاڪ وحي جي پکيڙ ۽ عالمگيريت ۽ تنهنجي سمورن پيغمبرن، جيڪي سامي، آريائي ۽ زرد نسلن ۾ ايندا رهيا آهن، تي ايمان آڻيون ٿا ۽ انهن جي پاڪ ڪتابن ۾ موجود گڏيل اخلاقي۽ روحاني قدرن ۽ ڪائنات توڙي انساني فطرت جي روحاني تصور جي بنياد تي، اهڙي انساني ۽ عالمگير روحاني اشتراڪي معاشري جي جوڙ جڪ لاءِ جاکوڙيون ٿا. جنهن کي هر نبي ۽ مفڪر جدا جدا نالا ڏنا آهن، جهڙوڪه غير طبقاتي معاشرو، خدا جي بادشاهت، ڪامل آزادي، روحاني جمهوريت وغيره. قرآن ڪريم انهيءَ کي جنتي معاشرو سڏي ٿو جيڪو خوف و حزن يعني محنت جي ڏاڍائيءَ سان استحصال، جنگ ۽ فساد، انسانن جي محڪومي ۽ بيوسي، جنسي ڇڙواڳي، مال جي محبت ۽ خود غرضي جهڙن بگاڙيندڙ اخلاقن کان پاڪ هوندو ۽ اهو ئي معاشرو خدائي خلافت ۽ نائبي جي اوچي درجي تائين،  انساني پهچ ۾ مددگار ٿي سگھي ٿو ۽ آخرت واري زندگي ۾ ڇوٽڪاري جي ضمانت ڏئي ٿو. 
13. اي خدا! نه ئي اسان کي انهن ماڻهن جي رستي تي هلڻ جي توفيق عطا فرماءِ، جيڪي اڃا تائين سنئين واٽ جي ڳولا ۾  ڀٽڪي رهيا آهن ۽ ڪڏهن ان جي برخلاف ٻئي ڪنهن زندگيءَ جي نظريي ۽ طريقي ڪار کي پنهنجائي وٺندا آهن. ڪڏهن عوامي معيشت ۽ عوامي جمهوريت ۽ دينن جي هيڪڙائيءَ ڏانهن موٽي ايندا آهن ته وري ڪڏهن ذاتي مفادن لاءِ سرمائيداراڻي معيشت ۽ سرمائيداراڻي جمهوريت کي پنهنجائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڪڏهن وري ٻين مذهبن کي گھٽ نظر سان ڏسندي، آخرت ۾ ڪاميابيءَ لاءِ رڳو پنهنجي مذهبي ٽولي ۾ شامل ٿيڻ واري ڳالهه جو نعرو هڻي، دينن ۽ انسانن ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جا ڏوهاري ٿيندا آهن ۽ اهڙي طرح سان ضالين جي ٽولي ۾ شامل ٿيندا آهن. 
نوٽ: ضال هئڻ جو سب کان چٽو مثال مسلمان امت پاڻ ئي آهي. ڇو جو اها اسلام جي ڪنهن متعين ۽ متفق تعبير تي، جيڪا موجوده دؤر جي گھرجن جي حل تي آڌاريل هجي، عمل نٿي ڪري. انهيءَ ڪري امت جي هر قوم پنهنجي پنهنجي واٽ وٺي هلي رهي آهي. نوجوان نسل ڪڏهن اولهه جي تهذيب جي مذهب دشمن سيڪيولرازم، جنسي ڇڙواڳي، شراب نوشي، جوئا بازي، تشدد پسندي ۽ سرمائي پرستي جي لاڙن ته ڪڏهن دهريت ۽ ماديت پسند سوشلزم کي پنهنجائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.