سورة الفاتحه جي نزولي زماني جو پس منظر
سورة الفاتحه جي نزولي زماني جو پس منظر
(”سيرت قرانيه متوسط“ مان اخذ ڪيل)
پروفيسر محمد اجمل خان صاحب
سورة الحمد:
جيئن ته هيءُ سورة قرآن پاڪ جي موجوده ترتيب ۾ قرآن پاڪ جو ديباچو آهي، تنهن ڪري اسان سڄي سورة لکي ڇڏيون ٿا ۽ هي ٻڌايون ٿا ته تعبير جي گھڻائيءَ جي ڪري هن سورة جو مطلب ڇا مان ڇا ٿي ويو آهي.
نالا:
عام تفسيرن مان ڄاڻي سگھجي ٿو ته سورة الحمد جا نوانوي نالا آهن. ڪافيه، شافيه، سبع المثاني، ڪنز، ام القرآن وغيره وغيره. چيو ويندو آهي ته هن سورة ۾ قرآن پاڪ جي تعليم جو نچوڙ آهي. پر تاريخي فيصلو هي آهي ته (نزولي ترتيب جي لحاظ کان قرآن پاڪ جي) پهرين سورة العلق آهي ۽ انهيءَ ۾ اسلام جي تعليم جو نچوڙ آهي ۽ ان جي مضمونن کي جتي ڪٿي مخلتف انداز سان قرآن پاڪ ۾ ادا ڪيو ويو آهي.
محدث به اهو ئي چون ٿا ته هن سورة جا اڌ مضمون مڪي ۾ ۽ اڌ مديني ۾ نازل ٿيا. بهرحال، هن کي الفاتحه انهيءَ لاءِ نه چيو ويندو آهي ته هيءَ سڀ کان پهريان نازل ٿي، پر ان لاءِ جو هن کي قرآن پاڪ جي شروع ۾ رکيو ويو آهي. انهيءَ ڪري قرآن پاڪ جي موجوده ترتيب ۾ الفاتحه (منڍ) آهي.
ام القرآن:
هيءَ ”ام القرآن“ انهيءَ لاءِ نه آهي جو هي جملو به قرآني نه آهي. پر قرآن ۾ ام الڪتاب جو جملو سورة الرعد جي ڇهين رڪوع ۾ استعمال ٿيو آهي (عنده ام الڪتاب). هن ”ام الڪتاب“ يا علم جي سرچشمي ۽ قانون سان دنيا وارن کي انهن جي قابليت آڌار مختلف ٻولين ۾ علم يا ”ڪتاب“ ڏنو ويندو آهي؛ (لِکُلِّ اَجَلٍ کِتَابٌ(٣٨) يَمْحُو اللَّهُ مَا يَشَاءُ وَيُثْبِتُ وَعِندَهُ أُمُّ الْكِتَابِ(٣٩) ﴿الرعد﴾ اهو ”ام الڪتاب“ الله تعالى وٽ آهي.
سبع مثاني:
هي جملو سورة الحجر جي ڇهين رڪوع ۾ هينئن استعمال ٿيو آهي: ”وَلَقَدْ آتَيْنَاكَ سَبْعًا مِّنَ الْمَثَانِي وَالْقُرْآنَ الْعَظِيمَ ﴿الحجر: ٨٧﴾“. نزولي ترتيب جي لحاظ کان هيءَ سورة پندرهين آهي ۽ سورة الحمد جو نمبر ٻياسي آهي. يعني سبع مثاني جو جملو گھڻو اڳي نازل ٿي چڪو هو، تنهن ڪري سبعا من المثاني مان سورة الحمد سمجهڻ صحيح نه آهي. اصل ۾ سبعا جو مطلب ست نه، پر ڪيترائي آهي ۽ المثاني انهن قديم ڪتابن يعني تورات، زبور وغيره کي چون ٿا جن ڏانهن قرآن وري وري ڌيان ڇڪايو آهي. مقصد رڳو هي آهي ته الله تعالى ڪيترائي حڪم وري وري بيان ڪيا آهن. انهيءَ ڪري قرآن جي باري ۾ سورة الزمر (رڪوع3) ۾ چيو ويو آهي ته هي بهترين ڪلام اهڙي تعليم تي مشتمل آهي جيڪا هڪ ٻئي سان مشابهت رکندڙ آهي ۽ هن کان اڳ به وري وري نازل ٿي چڪو آهي. (اللَّهُ نَزَّلَ أَحْسَنَ الْحَدِيثِ كِتَابًا مُّتَشَابِهًا مَّثَانِيَ) کي سمجهڻ لاءِ سموري سورة اڃا به هڪ دؤر جي سمورين سورتن جو نچوڙ سامهون رکڻ گھرجي. مختلف آيتن ۽ سورتن کي نزولي ترتيب کان جدا ڪري سمجھڻ جي ڪوشش ۾ وقت نه وڃايو وڃي. اهڙي طرح قرآن پڙهڻ سان چٽيءَ طرح ڄاڻ ملي وڃي ٿي ته ڪتاب، صحف، آيات، ڪلام، نور، هدى، تنزيل، مطلب ته اهڙي قسم جا جيترا به لفظ قرآن پاڪ ۾ آيا آهن، انهن جو اهو مطلب رڳو قرآن پاڪ جو آيتون ۽ حڪم نه آهن، پر جيئن ته (اهي حڪم هي آهن جيڪي هر دؤر ۾) وري وري ورجايا ويا آهن ائين الله تعالى طرفان نازل ڪيل جيترا به ڪتاب آهن انهن سڀني تي ايمان آڻڻ هر مسلمان جو فرض آهي (وَمَا أُنزِلَ مِن قَبْلِكَ﴿البقرة: ٤﴾). قرآن پاڪ جي اها تعليم مثاني يعني وري وري بيان ڪيل تعليم آهي ۽ گذريل نبين جي ڪتابن ۾ به وري وري بيان ٿي چڪي آهي. اهي ڪتاب ”سبع“ يعني جھجھي تعداد ۾ آهن. مثال طور ابراهيمي صحيفا، توريت، زبور، امثال سليمان ۽ لقمان حڪيم، انجيل يحيى ۽ عيسى عليهم السلام وغيره.
سورة الحمد جو نزول:
سورة الحمد جو پهريون اڌ پاڻ سڳورنﷺ جي شعب ابي طالب مان نڪرڻ ۽ طائف کان موٽي اچڻ کان پوءِ نازل ٿيو. جڏهن ته آخري آيت مديني ۾ نازل ٿي جتي يهودي ۽ عيسائي هئا ۽ جتي صراط جو لفظ عام طور ڳالهايو ويندو هو ۽ جتي مغضوب عليهم يعني وياجي ۽ مغرور يهودي پناهگيرن جو وڏو تعداد هو. شعب ابي طالب مان سنه 10 نبوي ۾ ٽن سالن جي ڏکن ڏولاون مان ڇوٽڪارو مليو ته پاڻ سڳوراﷺ جن طائف ويا. شعب ۾ ٻين سورتن سان گڏ سورة يوسف به نازل ٿي جنهن ۾ سورة الحمد جو سمورو تصور موجود آهي. وري طائف کان موٽندي نخله واري جاءِ تي سورة الجن نازل ٿي، جنهن سان ”عالمين“ جو تصور چٽو ٿي وڃي ٿو. انهيءَ زماني ۾ سورة اسراء نازل ٿي، جنهن ۾ بني اسرائيل ڏانهن ڌيان ڏيڻ جو اشارو موجود آهي. اِهو ئي اُهو زمانو آهي جڏهن دنيا ۾ پناھ جي ڪٿي به جاءِ ڪونه هئي. پاڻ ڪنهن به طرح سان نااميد يا هيسجي نه ويا. سورة الحمد انهيءَ ئي ڇڪتاڻ ۽ آزمائش واري زماني جي يادگار آهي. انهيءَ ڪري سورة يوسف ۽ سورة الجن جو مطالعو هن کان اڳ ضروري آهي.
سورة الحمد ۽ سورة يوسف:
شعب ابي طالب ۾ نظربندي واري زماني ۾ سورة يوسف نازل ٿي. جيڪڏهن ساڳيون ئي حالتون ٻئي ڪنهن قوم يا فرد سان ٺهڪي اينديون هجن، جيڪي ان وقت مسلمانن سان هيون ته اهڙن بي سهارن ۽ مجبورن جي لاءِ سورة يوسف هڪ خدائي پيغام آهي، جيڪو ڪاميابيءَ جو يقين پيدا ڪري ٿو (لَّقَدْ كَانَ فِي يُوسُفَ وَإِخْوَتِهِ آيَاتٌ لِّلسَّائِلِينَ (٧) لَقَدْ كَانَ فِي قَصَصِهِمْ عِبْرَةٌ لِّأُولِي الْأَلْبَابِ (١١١) ﴿يوسف﴾). ان کان پوءِ سورة الحمد نازل ٿي آهي.
ڪجھه اهڙا لفظ جيڪي ٻنهي (يعني الحمد ۽ يوسف) سورتن ۾ ساڳيا آهن سي هي آهن:
رب: ڌڻي يا سنڀاليندڙ جي معنى ۾ آيو آهي؛ ”قَالَ مَعَاذَ اللَّهِ إِنَّهُ رَبِّي“ يوسفؑ زليخا کي چيو ته تنهنجو مڙس منهنجو ڌڻي يا سنڀاليندڙ آهي. اهڙي طرح ٻي جاءِ تي آيو: ”أَمَّا أَحَدُكُمَا فَيَسْقِي رَبَّهُ خَمْرًا“ توهان مان هڪ پنهنجي ڌڻي کي شراب پيئاريندو. ايئن ئي ”اذْكُرْنِي عِندَ رَبِّكَ“، ”ارْجِعْ إِلَىٰ رَبِّكَ“ وغيره ۾ رب جي معنى ڌڻي آهي.
العالمين: هن جو مطلب انسان، قومون ۽ ماڻهو آهن، جيئن چيو ويو :”إِنْ هُوَ إِلَّا ذِكْرٌ لِّلْعَالَمِينَ (١٠٤)“ هيءُ قرآن ماڻهن جي لاءِ نصيحت آهي.
ضلال: حيراني پريشاني، بيقراري، دوکو، ڀل چڪ، شڪ وغيره جي معنى ۾ آيو آهي. مثال طور زليخا لاءِ چيو ويو: ”إِنَّا لَنَرَاهَا فِي ضَلَالٍ مُّبِينٍ“ ۽ حضرت يعقوب جي لاءِ آيو: ”تَاللَّهِ إِنَّكَ لَفِي ضَلَالِكَ الْقَدِيمِ (٩٥)“
دين: قانون، زندگي گذارڻ جي اصول، رستي وغيره جي معنى ۾ آيو آهي: ”مَا كَانَ لِيَأْخُذَ أَخَاهُ فِي دِينِ الْمَلِكِ“ هو پنهنجي ڀاءُ کي بادشاهي قانون ۾ جھلي نه پيو سگھي. ”أَمَرَ أَلَّا تَعْبُدُوا إِلَّا إِيَّاهُ ذَٰلِكَ الدِّينُ الْقَيِّمُ“ حقيقي زندگيءَ جو قانون يعني ”الدين“ ڇا آهي؟ اهو اسلام يا الله تعالى جي ٻانهپ آهي (إِنَّ الدِّينَ عِندَ اللَّهِ الْإِسْلَامُ)
الصراط المستقيم: لفظ صراط مديني ۾ استعمال ٿيو آهي. سورة يوسف ۾ صراط مستقيم جي لاءِ ” الدِّينُ الْقَيِّمُ “ جو لفظ آهي. الصراط المستقيم اسلام جو ٻيو نالو آهي جڏهن ته اسلام الله تعالى جي ٻانهپ يا فرمانبرداريءَ جو نالو آهي. فرمايو ويو: ”إِنَّ اللَّهَ هُوَ رَبِّي وَرَبُّكُمْ فَاعْبُدُوهُ هَٰذَا صِرَاطٌ مُّسْتَقِيمٌ ﴿الزخرف: ٦٤﴾“ سورة يوسف ۾ به اهو ئي چيو ويو ته آهي ته ڌڻي جي ٻانهپ يعني الله تعالى جي غلاميءَ جو ٻيو نالو ” الدِّينُ الْقَيِّمُ “ آهي؛ إِنِ الْحُكْمُ إِلَّا لِلَّهِ أَمَرَ أَلَّا تَعْبُدُوا إِلَّا إِيَّاهُ ذَٰلِكَ الدِّينُ الْقَيِّمُ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ ﴿يوسف: ٤٠﴾
نعمت و انعام: مشرڪ نه هئڻ ۽ موحد هئڻ ئي الله تعالى جو فضل ۽ خاص انعام آهي؛“مَا كَانَ لَنَا أَن نُّشْرِكَ بِاللَّهِ مِن شَيْءٍ ذَٰلِكَ مِن فَضْلِ اللَّهِ عَلَيْنَا وَعَلَى النَّاسِ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَشْكُرُونَ“ ﴿يوسف: ٣٨﴾
سورت الجن ۽ سورت الحمد:
هنن ٻنهي سورتن ۾ آيل ساڳيا لفظ ۽ انهن جو مطلب هن ريت آهي:
العالمين: هن لفظ جو اچار عالمين ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن اسان سورة الجن کي ڏسون ته انهيءَ ۾ ”تقلين“ جو لفظ انسانن ۽ جنن لاءِ استعمال ٿيو آهي. اهڙي طرح سورة الرحمان ۾ به ”يَا مَعْشَرَ الْجِنِّ وَالْإِنسِ“ چئي ڪري گفتگو ڪئي وئي آهي. انهيءَ ڪري چئي سگھجي ٿو ته قرآن پاڪ ۾ جتي جتي العالمين جو لفظ آيو آهي، سو تثنيه يعني ٻن جو صيغو آهي ۽ اهو عالم انس ۽ عالم جن جي ٻن جهانن لاءِ استعمال ٿيو آهي. نحو جي ڄاڻن اهو اصول مڃي ورتو آهي ته جيڪڏهن تثنيه جو صيغو رڳو ٻن تائين محدود هجي ته انهيءَ کي گھڻائيءَ طور استعمال ڪري سگھجي ٿو. مطلب ته عالمين جي معنى گھڻا انسان آهن پر جيڪڏهن انهيءَ مان تثنيه کي ساهمون رکيو وڃي ته پوءِ ٻن جنسن يعني جن ۽ انسان جي لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو، ٻن عالمن يا سموري جهان سان ان جو لاڳاپو نه آهي؛ ”هَٰذَا بَصَائِرُ لِلنَّاسِ وَهُدًى وَرَحْمَةٌ لِّقَوْمٍ يُوقِنُونَ“. هي قرآن انسانن لاءِ آهي، نه ڪي بي جان معدنيا، ٻوٽن، حيوانن، ناسوت، ملڪوت، لاهوت وغيره وغيره جهڙن هزارين جهانن لاءِ.
يوم الدين: ”دين“ جي معنى نه رڳو سامي، پر آريائي ٻولين ۾ به ”قانون“ ئي آهي. يوم الدين جو مطلب آهي اهو ڏينهن جنهن ڏينهن قانوني يعني انصاف ڀريو فيصلو ٿيندو.
يوم الدين يا يوم الحساب ۽ يوم الفصل به هڪ فلسفياڻي بحث جي شيءِ بڻجي ويو آهي. مختلف قومن ۾ هي تصور موجود آهي ته اسان جهڙو عمل ڪنداسين، ان جو اهڙو نتيجو ضرور ملندو. نيڪيءَ جو بدلو نيڪ صورت ۾ ۽ بڇڙائيءَ جو بدلو بڇڙي صورت ۾ ملڻ اڻٽر آهي. پوءِ ڀلي ڇونه اهو هن زندگيءَ ۾ ملي يا مرڻ کان پوءِ ٻيهر پيدا ڪيو وڃڻ وقت ملي. قرآن پنهنجي شروعاتي تعليم ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هن زندگيءَ ۾ ”آخره“ يعني پوءِ اچڻ واري حالت، اولى يعني گذريل حالت کان ڀلي ٿيندي ويندي آهي ۽ نيڪ عملن سان انسان لڳاتار ڀلائيءَ ۾ ترقي ڪندو ويندو آهي (الانشرح). ٻين سورتن ۾ به ٻڌايو ويو آهي ته بڇڙن عملن جي ڪري هن دنيا ۾ ئي قومون تباھ ٿينديون رهيون آهن. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته انهن کي سندن بد عمليءَ جي سزا هن دنيا ۾ ئي ملندي رهي آهي.
ڪيترائي اهڙا واقعا ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جو ڪيترائي ماڻهو ۽ ڪيتريون ئي قومون پنهنجي بڇڙن عملن باوجود هن دنيا ۾ سزا نٿيون ڀوڳن، ويتر ڊگھي عرصي تائين پنهنجي ظلم ۽ زيادتين سان دنيا وارن کي آزاريندا رهن ٿا. ان جو سبب قرآن ڪريم هي ٻڌائي ٿو ته مظلوم قومون يا مظلوم فرد پنهنجو پاڻ ئي ان لاءِ ذميوار آهن. انهن جي ذميواري هئي ته اهي ظالم قومن جي خلاف جهاد شروع ڪري ڏين ها، يا گھٽ ۾ گھٽ انهيءَ جي تياريءَ ۾ پنهنجي زندگي گذاري ڇڏين ها. پوءِ جيڪڏهن انهيءَ تياريءَ جي حالت ۾ ئي انهن کي موت اچي وڃي ها ته سندس اهو موت عزت ڀريو هجي ها ۽ بعد ۾ اچڻ واري زندگيءَ ۾ انهن کي ان جو اجر ضرور ملي ها. ٻئي پاسي ظالم ۽ بدڪردار ماڻهن کي هميشه خبردار ڪيو ويو ته اهو نه سمجھو ته هن دنيا ۾ توهان ظلم ڪري مري کپي ويندا ۽ توهان کي ٻيهر جيئرو ڪري، توهان جو خالق توهان کي توهان جي بدعملن جي سزا نه ڏيندو. الله تعالى قانون جي بالادستي واري ڏينهن جو مالڪ آهي. انهيءَ ڏينهن هو توهان سان هڪ هڪ ذري جو حساب ڪري آخري فيصلو ڪندو. هيءَ دنيا آخري فيصلي جي جاءِ نه آهي. هتي هر انسان پنهنجي عمل جي معاملي ۾ آزاد ۽ خود مختيار آهي.
قديم مصرين ۾ اهو تصور عام هو ته مرڻ کان پوءِ انسان جو روح نٿو مري، پر هو سج جي مختلف برجن ۾ پهرين ڏينهن کان چڪر ڪاٽيندي ڪاٽيندي تور عظم يا ”را“ تائين پهچي وڃي ٿي. ساڳيو ئي تصور ٻئي شڪل ۾ قديم بابل ۾ به موجود هو. هندي آرين جي فلسفين ۽ ڪن يوناني ۽ مصري فلسفين ۽ ڪجھه وحشي قومن ۾ به هي تصور عام هو ته انسان ئي نه، پر جانور جي به مرڻ کان پوءِ ان جو روح ڪنهن ٻئي جسم ۾ پيدا ڪيو ويندو آهي ۽ اتي هو پنهنجي گذريل زندگيءَ جي عملن جي جزا يا سزا ڀوڳيندو رهندو آهي. اهو ”تناسخ“ يعني مرڻ کان پوءِ روح جو ٻئي ڪنهن جسم ۾ جنم وٺڻ وارو چڪر لڳاتار هلندو رهندو آهي ۽ نيڪ عملن وسيلي ئي انهيءَ جھنجھٽ مان جان ڇٽي سگهندي. مهاوير ۽ گوتم ٻڌ به تناسخ مان ڇوٽڪاري کي ڪامل ڇوٽڪارو يا بهشت سڏي ٿو. بهرحال تصورن کي ادا ڪرڻ جا مختلف طريقا آهن. حقيقت هيءَ آهي ته قيامت توڙي مرڻ کان پوءِ ٻيهر جيئرو ٿيڻ، ٻنهي جو بنيادي مقصد هڪ ئي آهي ۽ اهو هي ته بڇڙن عملن جو نتيجو عذاب ۽ اهنج، جڏهن ته نيڪ عملن جو نتيجو سڪون ۽ راحت واري زندگي آهي. الله تعالى ئي نيڪ عملن جو اجر ڏيڻ وارو آهي. هو ئي بادشاھ يا قاضي آهي جيڪو ضرور انصاف ڀريو فيصلو ڪندو. سورة الحمد ۾ ان تصور کي انهيءَ وقت بيان ڪيو ويو آهي جڏهن وڏي عرصي تائين مڪي جي مشرڪن کي اهو ٻڌائي ڇڏيو ويو هو ته توهان پنهنجي بڇڙن عملن، ظلم ۽ شرڪ جي ڪري هڪ ڏينهن هن ئي دنيا ۾ آڳاٽين قومن وانگر تباھ ڪيا ويندؤ. جيڪڏهن کڻي بچي به ويا ته مرڻ کان پوءِ ٻيهر جيئرا ڪيا ويندؤ ۽ اتي توهان کي سزا ڏني ويندي.
سورة الحمد جي باقي لفظن جي تحقيق
ملڪ: بادشاھ، قاضي القضاة، آخري فيصلو ڪندڙ. دنيا ۾ هي تصور عام هو ته بادشاھ ئي آخري فيصلو ڪندڙ ۽ حڪم هوندو آهي. هو ئي قومي فوج جو سپهه سالار هوندو آهي ۽ هو ئي رعيت جي هر ماڻهو جي جان، مال، عزت ۽ آبرو جو مالڪ يا ڌڻي هوندو آهي. ڪن قومن ۾ ان کي آسماني بادشاھ سج جو اوتار مڃيو ويندو هو؛ جيئن مصر ۾ فرعون، بابل ۾ بعل (سج) جو اوتار حمورابي ۽ هندستان ۾ سورج بنسي راجه وغيره.
قرآن پاڪ ۾ الله تعالى کي ”ملڪ“ ان لاءِ سڏيو ويو جو ”مَلِكِ النَّاسِ، إِلٰهِ النَّاسِ“ اهو ئي مالڪ الملڪ آهي. اهو ئي آخري فيصلو ڪندڙ آهي. ”أَحْكَمِ الْحَاكِمِينَ، خَيْرُ الْفَاصِلِينَ، لَمْ يَكُن لَّهُ شَرِيكٌ فِي الْمُلْكِ، وَلَهُ الْمُلْكُ يَوْمَ يُنفَخُ فِي الصُّورِ“ مان ثابت آهي ته هن دنيا ۾ هو فيصلو نه ڪندو. قيامت جي ڏينهن بادشاھي شان ۾ هوندو. تنهن ڪري آخرت ۾ فيصلو ڪرڻ واري جو تصور ائين سمجهايوآهي ته هو يوم الدين يعني حساب ڪتاب واري ڏينهن بادشاھ، يا قاضي يا فيصلو ڪرڻ وارو هوندو. اڄ سندس فيصلي جو ڏينهن نه آهي. تنهن ڪري جيتوڻيڪ هو مالڪ آهي، پر اڄ هن انسان کي اختيار ڏئي ڇڏيو آهي ته هو چڱا عمل ڪري يا برا. انهيءَ جي جزا يا سزا کيس قيامت جي ڏينهن ڏيندو. تنهن ڪري هو اڄ مالڪ آهي ۽ سڀاڻي قيامت جي ڏينهن هو ملڪ هوندو.
انا نحن: قرآن پاڪ ۾ ڪيترين ئي جائن تي بادشاهت جي اظهار لاءِ الله تعالى پنهنجي لاءِ جمع جو صيغو استعمال ڪيو آهي. اهو ئي گفتگو جو شاهاڻو انداز هو ۽ آهي. مثال طور: ”إِنَّا أَنزَلْنَاهُ فِي لَيْلَةِ الْقَدْرِ، إِنَّا نَحْنُ نَزَّلْنَا الذِّكْرَ وَإِنَّا لَهُ لَحَافِظُونَ، إِنَّا أَعْطَيْنَاكَ الْكَوْثَرَ“ وغيره، انهن سڀني مان ثابت ٿئي ٿو ته سورة الحمد ۾ ملڪ آهي، نه ڪي مالڪ. اها ئي قرات امام مالڪ جي به آهي.
عبد: ”نعبد“ ۾ رب العالمين جي نسبت سان عبوديت ۽ غلامي ترجمو ٿيڻ گھرجي. غلام جو ڪم حڪم مڃڻ آهي، نه اهو ته رڳو ڌڻيءَ جي ساراهه ڍڪ پيو ڀري. جيڪڏهن ساراھ ڪرڻ جو حڪم آهي ته اهو به عملي ساراھ، يعني غلاميءَ جي تصور ۾ سڀئي حڪم مڃڻ جو تصور اچي وڃي ٿو.
غضب: سڀ کان وڏي نعمت اها ٻڌائي آهي ته انسان الله تعالى جو ٻانهو هجي. شيطان کان پاسو ڪندو هجي. انهيءَ ۾ ئي ان جو ڀلو آهي. تنهن ڪري غضب يا ڏمر ضد آهي نعمت جو. يعني جيڪو ماڻهو مشرڪ يا انڪاري آهي، سو مغضوب يعني الله تعالى جي ڏمر هيٺ آهي.
سورة الحمد جي لفظن جو مختصر مطلب:
الحمد: رڳو زباني ساراھ ئي نه، پر هر قسم جي عملي شڪر گذاري يعني ٻانهپ اختيار ڪرڻ.
الله: اهو معبود جو هر شيءِ جو خلقيندڙ ۽ سڀڪجهه ڄاڻيندڙ آهي.
رب: ڌڻي، پالڻهار ئي نه، پر عبادت لائق.
العالمين: قومون، انسان.
الرحمان: الله تعالى جو صفاتي نالو. اهو نالو جيڪو عيسائي وغيره الله تعالى جي لاءِ استعمال ڪندا هئا.
ملڪ: قاضي، بادشاھ، فيصلو ڪندڙ.
دين: قانوني فيصلو.
استعانت: ڪنهن به ڪم ۾ صبر ۽ نماز جي وسيلي سان مدد گھرڻ. يعني عمل ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ نتيجي لاءِ الله تعالى جي ذات تي ڀروسو ڪرڻ.
نعبد: اسان رڳو ظاهري پوڄا ئي نه، پر مڪمل ٻانهپ اختيار ڪريون ٿا.
هدايت: دڳ ملي وڃڻ. الله تعالى ٻانهپ يا اسلام جي واٽ کي ”هدي الله“ سڏي ٿو، يعني الله جو ڏسيل دڳ. (إِنَّ هُدَى اللَّهِ هُوَ الْهُدَىٰ).
صراط: ننڍو دڳ نه، پر شاهي رستو.
صراط المستقيم: الدين القيم، الله تعالى جي ٻانهپ، اسلام، هدي الله.
هي رومي لفظ صراطا (Strata) آهي جيڪو سڌو ئي سڌو روم ڏانهن ويندو هو. اهو دڳ پڪو ۽ مٿانهون هوندو هو. ان جي حفاظت ڪندڙ ۽ نگران سرڪاري ڪارندا هوندا هئا. وچ رستي ۾ مسافر خانا ۽ بازارون هونديون هيون ۽ مسافرن کي ڪنهن به قسم جو ڀؤ نه هوندو هو. يعني اهو شاهي رستو جيڪو مفاصلي جي لحاظ کان سڀ کان ننڍو هجي ۽ ور وڪڙ ۽ تڪليف ڏيندڙ نه هجي. يعني هڪ اهڙو رستو جنهن تي پهچڻ کان پوءِ ڀٽڪي وڃڻ جو ڀؤ نه هجي ۽ ڀلي رستي ۾ موت اچي وڃڻ جي ڪري منزل تائين پهچي يا نه پهچي. يعني پنهنجي زندگيءَ ۾ مقصد تائين پهچ ٿئي يا نه ٿئي، پر گمراهي کان بچي وڃي ۽ هيڏي هوڏي ڀٽڪي وڃڻ بدران کيس پڪ ٿي وڃي ته انهيءَ ئي واٽ تي هلڻ ۾ ڇوٽڪارو آهي. هاڻي نه انهيءَ واٽ ۾ اڃ جي ڪري موت ايندو، نه ڌاڙيل ڦريندا. اهو هڪ محفوظ شاهي رستو آهي ۽ انهيءَ تي حفاظت سان منزل طئي ڪرڻ يقيني ڳالهه آهي. اسلام يا الله تعالى جي ٻانهپ ئي صراط مستقيم آهي؛ ”إِنَّ اللَّهَ رَبِّي وَرَبُّكُمْ فَاعْبُدُوهُ هَٰذَا صِرَاطٌ مُّسْتَقِيمٌ“.
انعام: شرڪ کان بچي مسلمان ٿيڻ ۽ زمين تي الله تعالى جي طرفان خلافت ماڻي خدائي انعام سان ڪامياب ٿيڻ.
مغضوب: جيڪي اسلام کان ڦري الله کانسواءِ ٻين ڏاڍن مڙسن جا غلام بڻجي ويا.
ضال: اهي ماڻهو جيڪي شڪ ۾ ڦاٿل آهن، جن کي اڃا هدايت نه ملي آهي.
ستن حصن ۾ سورة الحمد جي ٽن آيتن جو مفهوم
(1) هر قسم جي ساراهه الله تعالى کانسواءِ ٻئي ڪنهن لاءِ مناسب نه آهي، ڇو جو اهو ئي سمورن انسانن يا قومن جو ڌڻي آهي.
(2) جنهن جو ٻين قومن ۾ هڪ نالو رحمان به آهي ۽ هو ٻين ڌڻين يا ديوتائن وانگر ظالم نه آهي، پر تمام ئي ٻاجھارو آهي.
(3) اهو ئي جزا ۽ سزا واري ڏينهن جو قاضي يا فيصلو ڪندڙ هوندو ۽ ان جي انصاف ۾ ٻاجھه ۽ معافي جو غلبو هوندو. ڇو جو هو مهربان آهي ۽ گنهگارن کي معاف ڪرڻ تي وس وارو آهي.
(4) اسان اعلان ڪريون ٿا يا مڃون ٿا ته اسان رڳو تنهنجا ئي ٻانها آهيون، ٻيو ڪوبه اسان جو ڌڻي يا پالڻهار نه آهي. يعني اسان رڳو تنهنجا ئي فرمانبردار ۽ تنهنجي ئي حڪمن اڳيان ڪنڌ جھڪائيندڙ آهيون. اسان هر تڪليف ۾ رڳو توکان ئي مدد گھرون ٿا ۽ ٻئي ڪنهن کان به مدد نٿا گھرون ڇو جو اهي پاڻ ئي تنهنجي مخلوق آهن ۽ ٻئي ڪنهن جي مدد ڪرڻ ۾ لاچار آهن. ٻين لفظن ۾ اسان شرڪ ڪندڙ نه آهيون.
(5) اسان کي سڌي يعني تمام ئي ٿوري پنڌ واري دڳ (يعني اسلام) ۾ آڻي بيهار جنهن جو ٻيو نالو تنهنجي ٻانهپ آهي.
(6) اسان کي انهن ماڻهن واري دڳ تي هلاءِ جن تي تو پنهنجو فضل ۽ مهرباني ڪئي آهي. يعني انهن مسلمان يا فرمانبردار قومن واري طريقي تي هلاءِ جيڪي اڳي گذري چڪيون يا هاڻي به موجود آهن ۽ تنهنجي حڪمن مطابق زندگي گذارن ٿيون ۽ (تنهنجي طاعت ۽ فرمانبرداريءَ سان دنيا جي هر معاملي ۾ ڪاميابي ماڻڻ جي معاملي ۾) شڪ واري حالت مان نڪري پڪي ويساھ واري حالت ۾ اچي چڪيون آهن.
(7) اي اسان جا مالڪ سائين، اسان کي انهن ماڻهن جي دڳ نه لاءِ جن کان تون ناراض آهين. نه انهن جي دڳ لاءِ جيڪي اڃا تائين سنئين واٽ جي ڳولا ۾ پريشان آهن ۽ اڃا تائين شڪ ۾ ڦاٿل آهن ۽ انهن تي اڃا تائين تنهنجي ذات تي ايمان ۽ ويساھ جو دروازو نه کليو آهي.
سورة ٤٥: حم، الجاثيه
انهيءَ ئي زماني ۾ سورت الجاثيه نازل ٿي جنهن ۾ هيٺيون ڳالهيون ٻيهر ورجايون ويون.
(١) هي ڪتاب الله تعالى طرفان آهي:
يعني هي زندگيءَ گذارڻ جو قانون الله تعالى جي طرفان نازل ٿيو آهي، ان سان اها ڳالهه رد ٿي وڃي ٿي ته قرآن پاڪ تڙيل شيطان جو قول آهي، جيئن مشرڪ خيال ڪندا هئا.
(٢) آيتون (معجزا) الله تعالى طرفان هونديون آهن:
انسان دنيا عاجز ڪري ڇڏڻ جهڙي ڪابه شيءِ خلقي نٿو سگھي. جيڪڏهن الله تعالى جي موجودگي کي ڄاڻڻو آهي ۽ سندس نشانين (آيتن) کي ڳوليو ٿا ته الله تعالى کي سمورن جهانن جو خلقيندڙ مڃيو. ايمان کان پوءِ آسمان ۽ زمين ۾ الله تعالى جي قدرت ۽ خالق هئڻ جون نشانيون توهان کي هر هنڌ نظر اينديون. جيڪا به شيءِ ڏسندا ته توهان کي سمجھه اچي ويندي ته ان جو خالق الله تعالى جي ذات آهي ۽ توهان توڙي توهان جا ديوتا ڪابه شيءِ خلقي نٿا سگھن: ”إِنَّ فِي خَلْقِ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَاخْتِلَافِ اللَّيْلِ وَالنَّهَارِ لَآيَاتٍ لِّأُولِي الْأَلْبَابِ “ توهان جي پيدائش، جانورن جي پيدائش، آسمانن جي پيدائش ۽ ڏينهن رات جي ڦير گھير ۾ الله تعالى جي موجودگيءَ جون نشانيون آهن. انهن ۽ ٻين ڪيترين ئي نشانين باوجود الله تعالى جي وجود کي ئي نه مڃڻ ۽ وڏائي ڪرڻ جو لازمي نتيجو اهو ٿيندو جو اهڙي انسان کي جهنم ۾ وڌو ويندو. ڏسو ته سمنڊن ۾ ٻيڙيون ڪيئن الله تعالى جي جوڙيل قانون موجب هلن ٿيون، سوچ رکندڙ انسانن لاءِ انهيءَ ۾ خدائي وجود جون نشانيون آهن.
(٣) جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي:
الله تعالى جو اهو به قانون آهي ته: ”مَّنْ عَمِلَ صَالِحًا فَلِنَفْسِهِ وَمَنْ أَسَاءَ فَعَلَيْهَا ﴿الجاثية:١٥﴾“ جيڪڏهن ڪا نيڪي ڪندؤ ته به پنهنجي لاءِ ۽ جيڪڏهن ڪا برائي ڪندؤ ته به پنهنجي ئي لاءِ.
(٤) العالمين (قومون):
بني اسرائيل کي الله تعالى حڪومت (نبوت) ۽ پاڪ روزي ڏني ۽ قومن تي فضيلت ڏني: ”وَلَقَدْ آتَيْنَا بَنِي إِسْرَائِيلَ الْكِتَابَ وَالْحُكْمَ وَالنُّبُوَّةَ وَرَزَقْنَاهُم مِّنَ الطَّيِّبَاتِ وَفَضَّلْنَاهُمْ عَلَى الْعَالَمِينَ ﴿الجاثية: ١٦﴾“.
(٥) چٽا دليل:
هي قرآن انسانن جي لاءِ عبرت جون ڳالهيون ۽ چٽا دليل پيش ڪري ٿو: ”هَٰذَا بَصَائِرُ لِلنَّاسِ وَهُدًى وَرَحْمَةٌ لِّقَوْمٍ يُوقِنُونَ ﴿الجاثية: ٢٠﴾“.
(٦) نفساني خواهشن کي معبود بڻائڻ:
معبود ”الٰه“ اهڙي ذات کي سڏيو ويندو آهي جنهن جي مڪمل اطاعت ۽ ٻانهپ ڪئي وڃي. پوءِ ڪي ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جيڪي پنهنجي نفساني خواهشن جا غلام بڻجي ويندا آهن ۽ انهن کي پنهنجو معبود (الٰه) بڻائي ڇڏيندا آهن: ”أَفَرَأَيْتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلَٰهَهُ هَوَاهُ وَأَضَلَّهُ اللَّهُ عَلَىٰ عِلْمٍ ﴿الجاثية: ٢٣﴾“.
(٧) دهريت جو جواب:
اهي نفس پرست چون ٿا ته دهر يعني زمانو ئي ماري ۽ جياري ٿو؛ الله تعالى خالق نه آهي. اهو رڳو انهن جو هڪ گمان آهي. پوءِ جڏهن انهن جي اڳيان الله تعالى جي خالق هئڻ جون نشانيون بيان ڪيون وينديون آهن ته اهي چوندا آهن ته جيڪڏهن الله تعالى هر شيءِ جو خلقيندڙ آهي ته پوءِ هو اسان جي ابن ڏاڏن کي پيدا ڪري. ان جو جواب هي آهي ته اهو ئي جياريندو ۽ ماريندو آهي ۽ اهو ضرور توهان کي قيامت جي ڏينهن پيدا ڪري گڏ ڪندو.
(٨) بادشاهي:
الله تعالى ئي هن سموري ڪائنات جو حقيقي بادشاھ آهي. ان جو حڪم آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ تي آهي ۽ قيامت جي ڏينهن به اهو ئي بادشاھ هوندو، يعني آخري فيصلو ڪندڙ هوندو: ”وَلِلَّهِ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَيَوْمَ تَقُومُ السَّاعَةُ ﴿الجاثية: ٢٧﴾“.
(٩) قيامت ضروري ايندي:
جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته قيامت ضرور ايندي: ”السَّاعَةَ لَآتِيَةٌ لَّا رَيْبَ فِيهَا“ ته اهي چوندا آهن ته اسان کي ان ڳالهه جو گمان ته آهي، پر پڪ نه آهي.
طائف جي سفر کان واپسي ۽ مڪي ۾ داخل ٿيڻ تائين واري تعليم جو تت اهو ئي آهي جيڪو هن سورت ۾ تمام ئي پراثر انداز سان بيان ڪيو ويو آهي._____________________