رب
العالمين: جو مطلب انسان، قومون ۽ ماڻهو آهي. ان سان گڏوگڏ ڪائنات ۾ موجود هر قسم جي مخلوق به انهيءَ جي مطلب ۾ شامل آهي.
الله تعالى جي اڻ ڳڻين مخلوقن جي قسمن مان انسان به هڪ آهي. پر انسان ۽ ٻين مخلوقن ۾ هڪ بنيادي فرق آهي. اقبال جي لفظن ۾ انسان کانسواءِ دنيا جون سموريون مخلوقون مجبور آهن. جڏهن ته انسان پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ آهي. انسان کان سواءِ ٻي هر مخلوق جو فرد پنهنجي جاکوڙ ۽ همت سان پنهنجي لاءِ روزي حاصل ڪري ٿو. ڪائنات جي ٻئي ڪنهن به مخلوق ۾ اهو نظام رائج ڪونهي ته ان جي جنس جا هڪ يا ٻه ٽي فرد ته آرام ڪن ۽ باقي ٻئي سڀئي ان جي ضرورتن جي پورائي لاءِ محنت ڪن ۽ سختيون سهن. ربوبيت جو اهو نظام سموري فطرت ۾ نافذ آهي. اهو انهيءَ لاءِ آهي ته مخلوق جي انهن قسمن ۾ آزاد ارادي ۽ چونڊ جي اختيار واري ڳالهه موجود نه آهي. اها مخلوق پنهنجي جبلت جي اثر هيٺ عمل ڪري ٿي. جيتوڻيڪ انهن مان ڪجھه مخلوقن جي اندر شعور به موجود هوندو آهي، پر اهو شعور به انهن جي جبلي گھرجن موجب ڪم ڪندو آهي.
ان جي مقابلي ۾ انسان خود مختيار ۽ آزاد ارادي جو مالڪ آهي. هو پنهنجي عمل جي چونڊ ۾ به خود مختيار آهي. قرآن ڪريم انهيءَ ارادي ۽ عمل جي چونڊ جي معاملي ۾ کيس مليل آزاديءَ کي ”امانت“ (Trust) جي اصطلاح ۾ بيان ڪيو آهي. قرآن ٻڌائي ٿو ته انهيءَ امانت کي جبلن، دريائن ۽ ٻين سمورين مخلوقن جي اڳيان پيش ڪيو ويو، پر ڪنهن به انهيءَ کي قبول نه ڪيو. پر انسان انهيءَ معاملي ۾ ”ظَلُومًا جَهُولًا“ (ظالم ۽ جاهل) هجڻ جو مظاهرو ڪندي انهيءَ ڳؤري بار کي کڻي ورتو. تنهن ڪري انهيءَ امانت يا ارادي ۽ چونڊ جي آزادي جي ڪري انسانن جي جوڙيل معاشي نظام ۾، فطرت جي مقرر ڪيل ربوبيت واري شڪل بدلجي وئي.
انسان کي ملائڪن سجدو ڪيو ۽ اتي شيطان به موجود هو. قرآن ٻڌائي ٿو ته انسان جي تخليق ۾ جتي ”طين لازب“ (Mud) آهي اتي خدائي روح به موجود آهي. ملائڪه ۽ خدائي روح جون گهرجون ۽ طين لازب ۽ شيطان جون گھرجون هڪ ٻئي کان بلڪل الڳ آهن. انساني فطرت ۾ جتي جبلتون ۽ ان جون حيواني گھرجون آهن، اتي الاهي قوت (Divine Energy) ۽ ان جون گھرجون به موجود آهن.
خدائي روح جو انساني جسم ۾ اچڻ، جتي انساني فطرت ۾ ٻاجھه، محبت، برابري، امن، نفس تي ضابطي، خود شعوري، سوچ سمجھه ۽ علم جي سگھه پيدا ڪري ٿو، اتي سندس جسماني گھرجون ان جي اندر خود غرضي، لوڀ، لالچ، جنسي ڇڙواڳي، ٻين جي مال دولت تي ڏاڍائيءَ سان قبضو ڪرڻ جي ڪوشش، ويڙھ جھيڙي ۽ نفساني خواهشن جي پورائي لاءِ هر قسم جا حيلا هلائڻ جا رجحان پيدا ڪن ٿيون.
قرآن ڪريم انهيءَ سموري قصي کي آدمؑ جي ٻن پٽن هابيل (Abel) ۽ قابيل (Qain) جي پاڻ ۾ اڻبڻت ۽ آخرڪار قابيل جي هٿان هابيل جي قتل ٿي وڃڻ جو قصو بيان ڪري ٿو. ڊاڪٽر علي شريعتي انهيءَ تي تمام ئي تفصيل ۽ سهڻي نموني سان روشني وڌي آهي، جنهن مان انسان جي تاريخ جو طبقاتي ڪردار واضح ٿي وڃي ٿو.
جيئن ته بائيبل ۽ قرآن ٻڌائي ٿو ته آدم جي چوڻ تي ٻنهي قربان گاھ ۾ وڃي پنهنجو پنهنجو نذرانو پيش ڪيو. هابيل قرباني لاءِ ڏاچي يا ٻيو ڪو جانور ڪاهي آيو، جڏهن ته قابيل اَنُ کڻي آيو. هي قصو تمثيلي (Symbolic) آهي، جنهن ۾ ڏاچي يا جانور انساني تاريخ جي شڪار واري دور جو اهڃاڻ آهي، جنهن ۾ هو دريائن ۽ ڍنڍن مان مڇين يا وري ڪن ٻين پکين جو شڪار ڪندو هو ۽ ٻيلن مان ميوا، ڀاڄيون ۽ جھنگلي جانورن جو گوشت حاصل ڪندو هو. اها ڳالهه ظاهر آهي ته دريائن ۽ ٻيلن تي ڪنهن به قبيلي يا فرد جو ذاتي قبضو نٿي ٿي سگھيو. انسان جتان گھرندو هو، پنهنجي لاءِ خوراڪ حاصل ڪري وٺندو هو (رَغَدًا حَيْثُ شِئْتُمَا). جيئن ته رزق جي انهن وسيلن تي ڪنهن جو ذاتي قبضو نه هو ۽ شڪار وغيره کي قبيلي جو وڏو سڀني ۾ برابري جي بنياد تي ورهائي ڇڏيندو هو، تنهن ڪري ان دور ۾ قبيلي جي گڏيل مفادن ۽ فرد جي ذاتي مفادن ۾ ڪوبه تضاد نه آهي. انهيءَ شڪار واري دور ۾ محبت، برابري، امن ۽ ڀائيچاري وارو ماحول متل هو.
پر جڏهن انهن لاڏائون قبيلن کي دجله ۽ فرات وغيره جي ماٿرين ۾ ڪڻڪ ۽ ڪي پاڻ مرادو ڦٽندڙ ٻوٽا هٿ آيا ۽ کين انهن جي فائدن جي خبر پئي ته هيءُ اَنُ، گوشت ۽ ميون وانگر ڪجھه ڏينهن کان پوءِ خراب ٿيڻ بدران هڪ سال تائين به صحيح ۽ سالم حالت ۾ رهي سگھي ٿو، ته انهن اَنَ پوک شروع ڪري ڏني ۽ اهي لاڏائو قبيلا دريائن جي ڪنارن تي آباد ٿيڻ شروع ٿي ويا.
زمين جي جنهن علائقي تي جيڪو ماڻهو اَنَ پوک ڪندو هو، ته زمين جو اهو ٽڪرو ۽ ان جي پيداوار انهيءَ فرد جي ملڪيت سمجھيو ويندو هو. هتان کان پيداواري وسيلن تي ذاتي ملڪيت (Private Porperty) جي اداري جي شروعات ٿي. قرآن ڪريم انهيءَ صورتحال کي ”هبوط آدم“ (آدم جو زمين تي آباد ٿيڻ) سان تعبير ڪيو آهي. يعني انسان گڏيل ملڪيت کان، پاڪ معاشري واري جنت مان نڪري هاڻي ذاتي ملڪيت واري معاشري جي زميني حيثيت ۾ اچي ويو آهي.
پيداواري وسيلن تي ذاتي ملڪيت جي معاشرتي ارتقا، رياست ۽ ان جي ادارن، جهڙوڪه فوج، پوليس، عدالتن ۽ آفيسر شاهي کي زور وٺايو. اها رياست ۽ ان جا ادارا ذاتي ملڪيت جي حفاظت لاءِ وجود ۾ آيا، تنهن ڪري اهي ادارا ڏاڍ ۽ظلم جو اهڃاڻ هئا. زمين ۽ ٻين پيداواري وسيلن تي طاقتور قبيلن ۽ فردن جي گھڻي کان گھڻي قبضي لاءِ جنگين ۽ ڦر مار جي شروعات ٿي وئي. انهن جنگين ۾ پڪڙجندڙ قيدين يا فردن کي کاڌي جي کوٽ جي ڪري قتل ڪرڻ بدران، هاڻي انهن کان محنت ۽ مزدوريءَ جو ڪم ورتو وڃڻ لڳو ۽ انهن کي ”غلام“ (Slave) سڏيو وڃڻ لڳو. سوڀارو ٿيندڙ قبيلن جي فردن جي ملڪيت ۾ اچڻ کان پوءِ، انهن غلامن جي حيثيت مالڪ جي ٻين شين جي ملڪيت جهڙي ٿي پئي ۽ اهي انساني سطح کان هيٺ ڪري هڪ وکر (Thing) ٿي پيا. انهن کي قتل ڪري سگھبو هو، وڪڻي سگھبو هو، سخت تڪليف ڏيندڙ ڪم وٺي سگھبو هو، ٻين جي زمينن ۽ ملڪن تي قبضي جي لاءِ جنگين ۾ استعمال ڪري سگھبو هو. ايئن هابيل ته قتل ٿي ويو، پر قابيل جيئرو رهيو. ساڳيو ئي قابيل هاڻي ذاتي ملڪيت ۽ آقا واري معاشري جي شڪل ۾ اچي ويو ۽ تاريخ ۾ حڪمران (فرعون) مالدار (قارون) ۽ انهن جي ڏاڍ ۽ ظلم کي تحفظ ڏيڻ ۽ جواز پيدا ڪري ڏيڻ لاءِ آسماني سند ڏيڻ وارن مذهبي پيشوائن (بلعم باعور يا هامان) جي شڪل ۾ اڄ تائين وري وري اڀري رهيو آهي.
انسان جي آزاد ارادي ۽ چونڊ، فطرت جي ربوبيت واري نظام سان بغاوت ڪري، پنهنجو ربوبيت وارو نظام جوڙي ورتو. انهيءَ نظام ۾ ڪي ڏهه سيڪڙو ماڻهو سمورن پيداواري وسيلن، رياست، علم ۽ هنر جي ادارن تي قابض ٿي ويا، جڏهن ته نوي سيڪڙو ماڻهو انهن سمورين شين کان محروم رهيا ۽ پنهنجي محنت کي وڪڻي، پنهنجو ۽ پنهنجي اولاد جو پيٽ پالڻ تي مجبور ٿي پيا. معاشري جي ارتقا سان گڏوگڏ آقا، جاگيردار ۽ جاگيردار مشين جي ايجاد کان پوءِ ڪارخانيدار جي شڪل اختيار ڪري ورتي. ايئن غلام زرعي غلام ۽ پوءِ پگھاردار غلام جي حيثيت اختيار ڪري ورتي. اسان جي دور ۾ پگھاردار غلام، جنهن کي مزدور يا پورهيت سڏيو وڃي ٿو، جي محنت سموري صنعتي ارتقا ۽ ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏني. ان جي محنت سرمائيداراڻي نظام کي پيدا ڪيو، جيڪو اڳتي هلي سامراج جي شڪل اختيار ڪري ويو. انهيءَ نظام ايشيا، آفريڪا، لاطيني آمريڪا جي قومن جي خام مال جي ذخيرن کي لٽيو ۽ ان جي فردن جي محنت کي سستي اگھه ۾ خريدي، انهن جي محنت مان پيدا ٿيل شين کي، انهن جي ئي ملڪن ۾ وڪرو ڪڻڻ لاءِ نئون آبادياتي نظام (Colonial System) قائم ڪيو. هي نظام وقت جي ارتقائي عمل سان گڏ تمام ئي منجھيل شڪل اختيار ڪندو ويو. اولهه جي قومن منڊين جي ڳولا ۽ انهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ ٻه تمام ئي وڏيون جنگيون وڙهيون. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ قديم آبادياتي نظام نئين آبادياتي نظام جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. اڄ هي نظام ملٽي نيشنل ڪمپنين، ڪارپوريشنن، ورلڊ بئنڪ، آئي ايم ايف، ورلڊ ٽريڊ ڪانگريس ۽ گيٽ جهڙن ادارن جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي. ايئن مزدور جي محنت جي استحصال ۽ ڪمزور ۽ پٺتي پيل قومن جي پيداواري وسيلن ۽ فردن جي محنت جي ڦر مار جو عمل وڌيڪ منجھيل ۽ وڌيڪ هرکائيندڙ بڻايو ويو آهي.
تاريخ جو اهو تناظر ٻڌائي ٿو ته جيستائين رعايت ڏنل طبقي جي هٿن مان اقتدار ۽ پيداواري وسيلن، علم ۽ تهذيب جي ادارن کي آجو نه ڪرايو ويندو ۽ انهن تي عوام جي مڪليت قائم نه ڪئي ويندي، تيستائين الله تعالى انسان جي تخليق سان گڏ ئي ان جي پرورش، واڌ ويجھه ۽ تڪميل جي لاءِ جيڪي روزيءَ جا وسيلا پيدا ڪيا هئا، معاشري جا عام ماڻهو انهن وسيلن مان فائدو ماڻي نه سگھندا.
سمورن مذهبن جي مذهبي پيشوائن وانگر قرآن پاڪ جو تفسير ڪندڙ مفسر به الله تعالى جي ربوبيت عامه ۽ ان جي ربوبيت جي وسيلن جو ذڪر ته ڪري ڇڏي ٿو، پر هو انسان ۽ ان جي تاريخي عمل کي تاريخ جي آئيني ۾ ڏسڻ جي ڪوشش نٿو ڪري. هو انهيءَ ڳالهه کي نظر انداز ڪري ڇڏي ٿو ته زراعت واري دور جي شروعات کان وٺي اڄ تائين مزدور ۽ ٻين پٺتي پيل فردن؛ غلام، زرعي غلام، پگھاردار غلام جي شڪل ۾ الله تعالى جي پيدا ڪيل رزق جي وسيلن، اقتدار، قانونسازي، علم ۽ تهذيب جي ادارن مان ڪوبه فائدو ماڻي نه سگھيا.
انهيءَ صورتحال کي بدلائڻ لاءِ نبين جي اچڻ جو سلسلو شروع ٿيو. انهن خدائي توحيد جي نظريي کي پيش ڪيو. جيئن ته هن کان اڳ عرض ڪيو ويو آهي ته توحيد شرڪ جو ضد آهي. انساني معاشري جي وحدت متضاد ۽ هڪ ٻئي سان ٽڪر ۾ ايندڙ معاشي مفاد رکندڙ طبقن ۾ ورهائجي چڪو آهي، جيڪو توحيد جي گھرجن جي برخلاف آهي ۽ اها شرڪ واري حالت آهي. ڇو ته توحيد جي تصور جو منطقي نتيجو ”وحدت“ جو قيام آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ موجود ٻيائي ۽ ٽيائي ختم ٿي وڃي ٿي. جڏهن ته شرڪ واري حالت ۾ اها قائم رهي ٿي. پر مذهبي پيشوائن رعايت ڏنل طبقن جي مفادن جي حق ۾، پاڪ ڪتابن مان سند ڏئي ڇڏي، جنهن سان انهن کي پاڻ کي به فائدو ٿيندو هو ۽ اڄ تائين ٿي رهيو آهي. ايئن انهن توحيد جي بنيادي مقصد يعني طبقاتي معاشري کي بدلائي غير طبقاتي معاشري ۾ بدلائڻ واري مقصد کي، هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو. نبين جو آندل دين رڳو ظاهري عبادتن ۽ ريتن رسمن جي ادائگي تائين محدود ڪيو ويو. ان جي انقلابي عمل واري ڌار کي مڏو ڪيو ويو. نتيجي ۾ مذهب انسان جي روحاني مرضن جو علاج ثابت نه ٿي سگھيو، پر اڃا به انهيءَ باري ۾ اهو آفيم بڻجي ويو.
جيئن ته هن آيت سڳوري کي ان جي تاريخي پس منظر کان جدا ڪري مطالعو ٿيندو رهيو، تنهن ڪري پنجن وقت جي نمازن ۾ لازمي تلاوت جي باوجود، مسلمان معاشري ۾ بادشاهت قائم ٿي، پيداواري وسيلن تي قابض جاگيردار طبقو پيدا ٿيو، غلامن جي خريد ۽ وڪرو ٿيندو رهيو. اهڙي طرح غلامن سان گڏ عورت به مظلوم رهي. عوام علم ۽ تهذيب جي برڪتن کان محروم رهيو، ڇو جو انهن جي مٿان رعايتون ڏنل طبقي جو قبضو هو. اڄ بادشاهت جي جاءِ تي سرمائيداراڻي جمهوريت اچي وئي آهي ۽ جاگيردار جي جاءِ تي ڪارخانيدار طبقو پيدا ٿي ويو آهي. جيتوڻيڪ غلاميءَ وارو ادارو ختم ٿي ويو آهي، پر غلاميءَ جو روح اڃا زنده آهي. اڄ به مزدور کي گھٽ نظر سان ڏٺو وڃي ٿو.
اها صورتحال رڳو مسلمان معاشري سان ئي لاڳو نه آهي، پر ”عالمين“ جو لفظ دنيا جي سمورين قومن جي صورتحال ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته اسلام جي ظاهر ٿيڻ کان اڳ ۽ پوءِ جا مسلمان توڙي غير مسلمان معاشرا انهيءَ طبقاتي مفادن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندا رهيا. هن سورت سڳوريءَ ۾ پيش ڪيل رب العالمين جو اصطلاح پاڻ کان پوءِ اچڻ وارين آيتن جي مفهوم کي چٽو ڪري ڇڏي ٿو ته اڄ تائين الله تعالى جي ربوبيت عام انسانن تائين پهچي نه سگھي، پر ماڻهن جي هڪ ٿورڙي تعداد ربوبيت جي وسيلن تي قبضو ڪري انسانن جي گھڻائيءَ کي اڄ تائين انهيءَ مان فائدو ماڻڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. حضرت محمد ﷺ جي نبوت، قرآن پاڪ جي نزول ۽ ختم نبوت جو مطلب ۽ مسلمانن جو ذميواري ئي اها هئي ته اهي ربوبيت جي وسيلن کي عام انسانن تائين پهچائڻ لاءِ، رستي جي سمورن نظرياتي ۽ سماجي رڪاوٽن کي ختم ڪري، هر فرد کي ان مان فائدو ماڻڻ جو موقعو ڏين. پر مسلمان پاڻ ئي جاگيرداري، بادشاهت ۽ رعايت ڏنل طبقي جي وڪڙ ۾ اچي ويا ۽ ختم نبوت واري مقصد باوجود، دنيا جي قومن کي، انهيءَ غير انساني حالت مان ڪڍڻ لاءِ عالمي سطح تي انقلاب پيدا نه ڪري سگھيا.
ڊاڪٽر خليفي عبدالحڪيم پنهنجي ڪتاب ”اسلام اينڊ ڪميونزم“ ۾ هڪ حديث جو حوالو ڏنو آهي جنهن جو مفهوم هي آهي ته غلام، زرعي غلام ۽ پگھاردار غلام جي سموري محنت آقا، جاگيردار ۽ ڪارخانيدار جي عيش آرام ۽ راحت جو سبب ٿيندي رهي آهي. حديث جا لفظ هي آهن:
“After all the wealth and comforts of the rich are the products of the labour of the poor”. (p 191)
ترجمو: ”اميرن جي عيش جو سامان غريب جي محنت جي پيداوار آهن“.
انهيءَ ڪري ئي خليفو صاحب مديني شريف ۾ قائم ٿيندڙ رياست کي ”اشتراڪي جمهوريت“ (Islamic Socialist Republic)سڏي ٿو.
ختم نبوت جي ڪري اسلام جيئن ته ”بين الاقوامي انقلابي تحريڪ“ جي حيثيت رکي ٿو ۽ مسلمان انهيءَ انقلاب کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ذميوار ۽ اڳواڻي ڪندڙ آهن، تنهن ڪري انهن کي ”وچٿري امت“ سڏيو ويو آهي.
الله تعالى جي ربوبيت، ان جي پيدا ڪيل انسانن تائين ان وقت ئي پهچي سگھي ٿي، جڏهن ربوبيت جي وسيلن کي ٿورڙن فردن جي نجي ملڪيت جي قبضي مان ڪڍي عوام جي ملڪيت ۾ آندو وڃي.
جيڪڏهن اعتراض ڪيو وڃي ته اميرن جي دولت انهن جي سندي محنت جو نتيجو آهي، ته اها ڳالهه بلڪل ئي غلط آهي. اها غلط فهمي انهيءَ ڪري پيدا ٿي جو محنت ۽ محنت جي استحصال ۾ فرق نه ڪيو ويو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو زمين يا مشين، ڪوئلي يا ٻئي ڪنهن ڌات جي کاڻ يا پيٽرول ۽ گيس جي ذخيرن جو مالڪ هئڻ ڪري، انهن کي مزدور جي حوالي ڪري ڇڏي ته اهي انهيءَ زمين کي کيڙين، مشينون هلائن، کاڻن مان ڪوئلو وغيره ڪڍن يا پيٽرول يا گيس جي ذخيرن مان انهن شين کي وڪرو ڪن، ته مالڪ جي محنت ايتري آهي جو، هن ڪنهن نه ڪنهن حيلي سان انهن پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري انهن تي پنهنجو غاصباڻو قبضو ڪري ورتو آهي. پر انهن تي پيداواري عمل ته رڳو مزدور ئي ڪري ٿو. اهڙي طرح انهن جي محنت جي پيداوار تي قبضو ڪري، مالڪ پنهنجو نفعو ڪمائي ٿو، جنهن سان مالڪ جي دولت ۾ ته ٻيڻ چؤڻ تي واڌارو ٿيندو رهي ٿو، جنهن سان هو زندگيءَ جون سموريون سهولتون ۽ عيش حاصل ڪري ٿو ۽ علم ۽ تهذيب جي برڪتن جو فائدو ماڻي ٿو ۽ معاشري ۾ مهذب ۽ عزت واري سڏجي ٿو.“ پر ان جي ڀيٽ ۾ مزدور پنهنجي سخت محنت باوجود پنهنجي ئي محنت سان حاصل ڪيل پيداوار تي مڪليت جي حق رکڻ کان محروم رهي ٿو. انهيءَ ڪري سندس دولت ۾ ڪنهن به قسم جو واڌارو نٿو ٿئي. ان کي بدلي ۾ ايتري رقم ملي ٿي، جنهن سان هو رڳو پاڻ ۽ پنهنجي ٻارن ٻچن کي جيئرو رکي سگھي. ان جو ڪوبه راحت ڏيندڙ بنگلو ٺهي نٿو سگھي. هو هڪ سوڙهي ۽ اونداهي ڪوٺيءَ ۾ رهڻ تي مجبور هجي ٿو. هو پاڻ ۽ ان جو اولاد، علم کان بيخبر ۽ تهذيب جي برڪتن کان محروم رهي ٿو. نسلن جا نسل مزدور ئي رهي ٿو ۽ ان جي محنت جي استحصال سان سندس مالڪ ڏينهون ڏينهن سگھارو ۽ اوچائيءَ ڏي اڏام ڪندو رهي ٿو. ان جي زمينن جو تعداد وڌي وڃي ٿو. ان جي ڪارخانن جي تعداد ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ايندو وڃي ٿو ۽ هو ملٽي نيشنل ڪارپوريشنن جو مالڪ بڻجي وڃي ٿو، ايتري تائين جو آخرڪار هو G-7 جي سٿ ۾ شامل ٿي وڃي ٿو.
هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان ماڻهوءَ کي زمينن، کاڻن، مشينن ۽ پيٽرول گيس وغيره جي سرچشمن جو مالڪ آخر ڪنهن بڻايو؟ اهو ڪهڙو عمل آهي، جنهن جي ڪري هو انهن پيداواري وسيلن جو مالڪ بڻجي ويو؟ تاريخ ٻڌائي ٿي ته اهو سلسلو زراعت وار ي دور کان شروع ٿئي ٿو. اهي قبيلا يا فرد، جن پنهنجي طاقت ۽ مڪاري سان ان وقت جي پيداواري وسيلن زمين، کير ڏيڻ وارن جانورن، گھوڙن ۽ اٺن جي وڳن تي قبضو ڪري ورتو، سي ئي اڳتي هلي جاگيردار ۽ مشين جي ايجاد کان پوءِ ڪارخانيدار بڻجي ويا. اڄ به انهن وسيلن تي جن ماڻهن جو قبضو آهي، سي پنهنجي هوشياري ۽ناجائز طريقن سان انهن پيداواري وسيلن جا مالڪ بڻيا ويٺا آهن.
مذهبي پيشوائيت وري پنهنجا ذاتي فائدا ماڻڻ لاءِ انهن وسيلن تي ناجائز طريقن سان قبضو ڪري ويٺلن کي آسماني سند عطا ڪري ڇڏي ۽ انهيءَ طبقاتي معيشت کي الله تعالى جو قائم ڪيل نظام ٻڌايو. جڏهن ته الله تعالى جي ربوبيت واري نظام جي ڀيٽ ۾، جنهن ۾ هر ماڻهو پنهنجي محنت سان الله تعالى جي پيدا ڪيل ربوبيت جي وسيلن مان پنهنجي لاءِ رزق حاصل ڪري ٿو. هي طبقاتي معاشي نظام، جنهن ۾ ڪي ٿورڙا ماڻهو ته بنا محنت جي مالدار ٿيندا وڃن ۽ گھڻائي پنهنجي محنت ۽ سختيون سهڻ باوجود غريب تر ٿيندا وڃن، شيطاني نظام آهي. انهيءَ نظام کي هلائيندڙ ”خناس“ آهن. اهي ”الناس“ جي مقابلي ۾ ”غير الناس“ آهن ۽ هي طبقاتي نظام ”طاغوت“ آهي. انهيءَ طبقاتي نظام کي الله تعالى جو قائم ڪيل نظام سمجھڻ وارن عالمن ۽ مفسرن، قرآن ڪريم جي انهن اصطلاحن کي معاشري ۽ معاشرتي عمل کان جدا ڪري، ان جي مفهوم کي ڏند ڪٿائي بڻائي ڇڏيو آهي، جن تائين انسان ڪڏهن به پهچي نٿو سگھي. شيطان جي تشريح اها ڪئي وئي آهي، ته اهو هڪ پاڇولي وانگر آهي، جنهن کي انسان پنهنجي پڪڙ ۾ نٿو آڻي سگھي. جڏهن ته قرآن ڪريم انقلاب دشمن انسانن کي شيطان سڏيو آهي (بقره). ٻئي پاسي نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته هر شخص جو شيطان ان جي رت ۾ گردش ڪندو آهي، جنهن کي قرآن ڪريم نفس اماره جو نالو ڏئي ٿو. اهي سڀئي محسوس تشريحون آهن جن کي سمجھي انهن کي پنهنجي قابو ۾ آڻي سگھجي ٿو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته اهي سڀئي اصطلاح نه رڳو معاشري سان واسطو رکن ٿا، پر اهي معاشي عمل سان پڻ لاڳاپيل آهن.
ٿورو غور ڪريو ته حضرت عيسى ؑ پنهنجي جبل تي ڪيل تقرير ۾ ڪهڙن فردن سان ڳالهايو ۽ ڇوٽڪاري جي خوشخبري ٻڌائي. ڪي ٿورڙيون آيتون پڙهي ڏسو:
1. خوشنصيب آهن اهي دليون جيڪي غريب آهن، ڇو جو آسمان جي بادشاهي انهن جي آهي.
2. خوشنصيب آهن اهي جيڪي ڏکارا آهن ڇو جو انهن کي اٿت ملندو.
3. خوشنصيب آهن اهي بردبار آهن، ڇو جو اهي زمين جا وارث ٿيندا.
4. خوشنصيب آهن اهي جيڪي نيڪيءَ جي رستي ۾ بکون ۽ اڃون برداشت ڪندڙ آهن، ڇو جو اهي خوشحال ٿيندا.
5. خوشنصيب آهن اهي ٻاجھارا ڇو جو انهن تي ٻاجھه ڪئي ويندي.
6. خوشنصيب آهن اهي جيڪي ماڻهن ۾ ٺاھ ڪرائيندا آهن، ڇو جو اهي الله جا پيارا سڏيا ويندا.
7. خوشنصيب آهن اهي جيڪي نيڪيءَ جي واٽ تي هلڻ سبب ستايا ويا، ڇو جو آسمان جي بادشاهي انهن جي ئي آهي.
(متي، باب 5، آيت 1-10)
هاڻي انهن آيتن تي ٿورو غور ويچار ڪريو. ڇا تاريخ ۾ ذڪر ٿيل حڪمران، مال ۽ دولت جي مالڪ ۽ انهن جي پشت پناهي ڪندڙ دل جي غريب، ڏکارن، بردبار طبيعت، نيڪيءَ جي رستي تي هلندڙ، ٻاجهارن، انسانن ۾ ٺاھ ڪرائيندڙ ۽ نيڪيءَ واري واٽ تي هلڻ سبب ستايلن مان هئا يا اُهي ماڻهو هئا جيڪي غلام، زرعي غلام ۽ پگھاردار غلام جي شڪل ۾ اسان جي سامهون ايندا رهيا آهن؟ يهودي عالم ۽ روما جي بادشاهت جا حڪمران ۽ واڳ ڌڻي انهن اوچن گڻن کان خالي هئا. انهيءَ ڪري ئي 33 سالن جي عمر ۾ جڏهن حضرت عيسىؑ رڳو ٽي سال پنهنجي نبوي پيغام جي پرچار ڪري سگھيو ته کيس سوريءَ تي چاڙهيو ويو.
قرآن ڪريم جا ٻڌايل خناس، شيطان ۽ طاغوت، معاشي عمل سان پيدا ٿيندا آهن. هي اهي آهن جيڪي الله تعالى جي پيدا ڪيل رزق جي وسيلن تي قبضو ڪري، انسانن جي گھڻائيءَ کي انهيءَ مان فائدو وٺڻ کان محروم ڪري ڇڏيندا آهن. ويجھڙائيءَ ۾ ئي هڪ ماڻهو پنهنجي هڪ فونڊري مان ٽيھه فونڊريون بڻايون، جڏهن ته انهيءَ تعداد جي واڌاري ۾ سندس محنت جو ڪوبه عمل دخل نه هو. هو ته رات ڏينهن سياست ڪندو رهندو هو. محنت ته اهي مزدور ڪندا هئا، جيڪي سندس هڪ فونڊري ۾ ڪم ڪندا هئا. پوءِ انهن جي محنت جي استحصال ۽ انهن جي ڏهاڙي جي هڪ نه ادا ڪيل (Unpaid) ڏهاڙي جي حصي، هڪ مان ٽيھه فونڊريون بڻائي ورتيون. پر ان جي سياسي جماعت جي حمايتن ۽ ٻين عالمن ڪڏهن به انهيءَ ڳالهه تي غور نه ڪيو، ڇو جو انهن جو عقيدو اهو ئي آهي ته طبقاتي نظام خدائي نظام آهي جنهن ۾ محنت جو استحصال جائز آهي. انهن جي نظر ۾ انهيءَ استحصال ۽ نه ادا ڪيل ڏهاڙي سان جيڪا دولت گڏ ٿئي ٿي، تنهن مان رڳو زڪوات ادا ڪئي وڃي ته انهن جو سمورو مال پاڪ ٿي وڃي ٿو. انهيءَ کي وراثت ۾ ورهائي سگھجي ٿو ۽ انهيءَ مان غريبن کي خيرات ڏئي سگھجي ٿي. انهن جي نظر ۾ الله تعالى هڪ تقدير ٺاهي آهي جنهن مان هي طبقاتي نظام ٺهيو آهي. جڏهن ته ”تقديرات حق لا انتها است“ رڳو هڪ شاعراڻي لفاظي آهي، جنهن تي عمل ڪرڻ هڪ بي فائدي ڳالهه آهي. ڇو ته هڪ کان وڌيڪ تقديرن جي هئڻ جو مطلب هي آهي ته طبقاتي نظام جي برخلاف غير طبقاتي نظام به خدائي تقدير آهي. اها تقدير مزدورن، محرومن ۽ رعايا جي فائدي ۾ آهي، جيڪا انهن کي سندن حق ڏئي ٿي ته اهي پيداواري وسيلن تي پنهنجو قبضو حاصل ڪري، انهيءَ خدائي تقدير جي مقصد کي پورو ڪري سگھن.
ربا (وياج) ۽ محنت جو استحصال
ربوبيت جي باري ۾ هڪ سوال اهو سامهون اچي ٿو ته ربا، يعني وياج ۽ محنت جي استحصال وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ قرآن ڪريم وياج کي حرام سڏيو آهي ۽ ان کي الله ۽ سندس رسول سان جنگ جوٽڻ جي برابر سڏيو آهي. موجوده دور ۾ مشين جي ايجا کان پوءِ، بئنڪن جي قائم ٿيڻ سان وياج جي باري ۾ نوان بحث سامهون آيا آهن، جنهن ۾ سڀ کان اهم آهي محنت جو استحصال جيڪو سموري نفعي جو پهريون ڪارڻ آهي. عالم انهيءَ باري ۾ سخت مونجهاري جو شڪار آهن. انهن وٽ واپاري وياج کي ختم ڪرڻ کان پوءِ سموري معاشي سلسلي کي هلائڻ لاءِ ڪا واٽ نه آهي. نتيجو اهو بيٺو آهي جو وياج ته ڪبيرو گناھ ٻڌايو ويو، پر محنت جي استحصال جي عمل کي جائز سمجھيو ويو.
محنت جو استحصال به گناھ آهي
هيءَ ڳالهه انهيءَ مثال سان چٽي ٿي ويندي ته هڪ ماڻهو بئنڪ کان هڪ ڪروڙ روپيا وياج تي حاصل ڪري ٿو ۽ انهيءَ رقم مان هو ڪارخانو ٺاهي ٿو. انهيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ مزدور ڀرتي ڪري ٿو. هر سال حاصل ٿيندڙ منافعي جي رقم مان وياج ادا ڪندو رهي ٿو، ايتري تائين جو هو بئنڪ کي هڪ ڪروڙ روپيا وياج سميت موٽائي ڏئي ٿو. انهيءَ وچ ۾ هو هڪ ڪارخاني مان ٽي ڪارخانا قائم ڪرڻ جي لائق بڻجي وڃي ٿو ۽ انهن جي تعداد ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ايندو وڃي ٿو. هاڻي سوال اهو ٿو اڀري ته وياج جي ادائگي کان پوءِ اهو نفعو ڪٿان ٿو اچي؟ جو ان جي ڪارخانن جو تعداد وڌندو ٿو وڃي، ايتري تائين جو ملٽي نيشنل ڪارپوريشنون وجود ۾ اچي وڃن ٿيون.
مشين جي ايجاد کان پوءِ موجوده دور جي معاشيات دانن جي اڳيان سڀ کان وڏو اصول اهو ئي آهي. انهيءَ سوال جي جواب ۾ ڪارل مارڪس کي پنهنجي سموري زندگي وقف ڪرڻي پئي. هن سائنسي مطالعي جي بنياد تي اهو ٻڌايو ته اُهو نفعو، جنهن مان بئنڪ جو وياج به ادا ٿئي ۽ ڪارخانن جو تعداد به وڌي، سو مزدور جي محنت جو اهو حصو آهي جيڪو کيس ادا نه ڪيو ويو. انهيءَ نه ادا ڪيل ڏهاڙي (Unpaid Wages) جي گڏائڻ سان، موجوده سموري تهذيب جو ڏيک ويک ۽ ترقي وجود ۾ آئي آهي. انهيءَ تي مون پنهنجي ڪتاب ”فلسفه بيگانگي ۽ اور قرآن“ ۾ تفصيل سان بحث ڪيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته سرمائيداري نظام، سامراجي شڪل اختيار ڪري ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي قومن سان ڪهڙو ڪلور ڪيو.
ڪجھه ديني جماعتن بنا وياج بئنڪاري تي زور ڏنو آهي، اڃا به ان کي قائم ڪري ڇڏيو آهي. بنا وياج جي جيڪا رقم حاصل ڪئي وئي ۽ انهيءَ مان ڪارخانو قائم ڪيو ويو يا وري مضاربت (ڀائيواري) جو ڪم شروع ڪيو ويو، ٻنهي صورتن ۾ وياج کانسواءِ نفعي جي شرح ۾ به واڌارو ٿيندو وڃي ٿو پر جنهن مزدور جي محنت سان اها سموري ”ترقي“ وجود ۾ اچي ٿي، سو ساڳيو ئي مزدور رهي ٿو ۽ ان جي حالت قابل رحم ئي رهي ٿي. ٽئين دنيا ۾ ته اها قابل رحم حالت افسوسناڪ حالت تائين موجود آهي، جڏهن ته يورپ ۽ آمريڪا ۾ ”فلاحي مملڪت“ جي ذريعي، انهن کي ڪجھه سهولتون ملي وڃن ٿيون. پر ٻنهي پاسي انهيءَ مزدور جي سڄي ڄمار جي محنت باوجود، ان جو هڪ به ڪارخانو قائم نٿو ٿي سگھي، ايتري تائين جو ان جي اولاد جي اولاد کي به نصيب نٿو ٿئي. محنت جي استحصال تي آڌاريل زندگيءَ جي نظام مان، جيڪو ڪائنات ۽ زندگيءَ جو تصور پيدا ٿئي ٿو، ان ۾ زندگيءَ کي بيڪار ۽ بي لاڀ سڏيو وڃي ٿو. ٻين لفظن ۾ ماديت ۽ دهريت جي تصور وارو هڪ ٻيو رويو به وجود ۾ اچي ٿو. انهيءَ مان اڀرندڙ تهذيب ۾ جبلتن جي حيواني گھرجن کي ڪي اخلاقي حدون قائم ڪرڻ کانسواءِ ئي پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڄائي ڄم کان آزادي مليل هوندي آهي.
اسلام ۽ ٻين مذهبن جي ديني اڳواڻي ۽ مذهبي پيشوائيت، محنت جي استحصال سان حاصل ٿيندڙ دولت کي خدائي انعام سمجهي ٿي. ان جي نظر ۾ گناھ ۽ ڪبيري گناھ جي موجودگي، فرد جي خدائي حڪمن جي خلاف ورزيءَ جو نتيجو آهي. انهيءَ جي مذهب واري تصور ۾ مزدور جي محنت جو نه ادا ڪيل حصو، جنهن کي نفعو سڏيو وڃي ٿو، بلڪل جائز آهي. اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته مذهبي ڏاهپ انهيءَ معاشي عمل کي سمجھڻ کان ئي لاچار آهي. اها صورتحال ان وقت تائين بدلجي نٿي سگھي، جيستائين پيداواري وسيلن تي فرد جي ذاتي ملڪيت جي جاءِ تي، عوام جي گڏيل ملڪيت قائم نٿي ٿئي. جيتوڻيڪ گڏيل ملڪيت قائم ٿي وڃڻ کان پوءِ به مزدور جي محنت سان واڌارو ايندو، پر اهو نفعو يا واڌارو فرد جي ذاتي مفاد بدران سموري معاشري ۽ سموري انسانيت جي مفاد جي حق ۾ استعمال ٿيندو.
سرمائيداراڻي نظام ۾ پنج ساله منصوبي (Plan) کي ڏھ دفعا قائم ڪرڻ سان اهي نتيجا نه نڪرندا، جيڪي اشتراڪي نظام ۾ هڪ يا ٻه منصوبا پنهنجا نتيجا پيدا ڪن ٿا. انهيءَ صورتحال کي ڏسندي ڪبيره گناهن جي فهرست ۾ ”محنت جي استحصال“ کي سڀ کان منڍ ۾ هئڻ گھرجي. پر سمورن مذهبن جي ديني اڳواڻي جي نظر ۾ شراب نوشي، جوابازي، جنسي ڇڙواڳي ۽ اهڙيون ئي ٻئي خرابيون ڪبيرو گناھ سمجھيون وينديون آهن. پر محنت جي استحصال کي گناهه ئي نٿو ڳڻيو وڃي. سو جيستائين محنت جي استحصال جي صورت ۽ انهيءَ مان پيدا ٿيندڙ اخلاقي برائين کي سائنسي بنياد تي نه سمجھيو ويندو، ان وقت تائين محنت جي استحصال کي ڪبيرو گناھ نه سمجھيو ويندو. مولانا مودودي وياج تي ٻن جلدن ۾ بحث ڪيو آهي، پر هو به وياج ۽ محنت جي استحصال وچ ۾ فرق کي نه سمجهي سگھيو آهي.
ڊاڪٽر رفيع الدين جو استدلال
اها ڳالهه ته محنت جي استحصال سان حاصل ٿيندڙ رقم زڪوات، صدقن، خيرات ۽ ميراث جي ورڇ ذريعي عوام تائين پهچائي سگھجي ٿي، ته اها ڳالهه موجوده دور جي معاشي ۽ سماجي ضرورتن آڌار اڻپوري آهي. ڊاڪٽر رفيع الدين پنهنجي ڪتاب ”قرآن اور علم جديد“ ۾ مارڪس تي تنقيد ڪندي، انهيءَ جي وضاحت هڪ مثال سان ڪئي آهي. سو هتي ان جو اقتباس ڏنو وڃي ٿو:
”مثال طور هڪ شهري رياست جي آبادي سٺ هزار گھرن تي آڌاريل آهي. ان مان اٺ هزار ماڻهو سرمائيدار ۽ زڪوات جي نصاب واري حد کي پهتل آهن. انهن ماڻهن وٽ رياست جون وڏيون وڏيون ملازمتون، روڪ، سون، چاندي، زمينون، صنعتي ڪارخانا ۽ ڪاروباري فرم آهن. ٻارنهن هزار ماڻهو وچولي درجي جا آهن جن جو گذران چڱو آهي، پر انهن وٽ ڪابه بچت نه آهي ۽ باقي چاليهه هزار ماڻهو مزدور ۽ غريب آهن. شهر ۾ حڪومت جي طرف کان ديني تعليم ۽ تربيت جو تمام ئي عمدو انتظام موجودآهي، جنهن جو نتيجو هي آهي جو هر ماڻهو شريعت جي حڪمن جي پوري طرح سان پابندي ڪري ٿو. سرمائيدارن مان هر ماڻهو پنهنجي واڌو مال مان شريعت جي مقرر ڪيل شرحن موجب هر سال باقاعدگي ۽ ديانتداري سان زڪوات ادا ڪري ٿو ۽ وڌيڪ خيرات به ادا ڪري ٿو.
انهن سرمائيدارن مان هڪڙو سرمائيدار اهڙو به آهي، جيڪو محسوس ڪري ٿو ته زڪوات ۽ خيرات ادا ڪرڻ باوجود سندس غريب ۽ محتاج ڀائرن ۽ سندس وچ ۾ وڏو فرق آهي. هو پاڻ ته عيش واري زندگي گذاري رهيو آهي، پر غريبن کي انهن جون سخت ضرورت واريون شيون به ميسر نه آهن يا تمام ئي ڏکيائي سان حاصل ڪن ٿا. جڏهن ته هو ٻين کي خيرات ڏئي ٿو، ٻين کان وٺي نٿو. پر ان جا غريب ڀائر محتاجي ۾ وڪوڙيل آهن. پوءِ جڏهن هو سوچي ٿو ته انهيءَ فرق جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟ ته کيس نظر اچي ٿو ته سندس دولتمندي جو سبب ”زينت الحيواة الدنيا“ جي محبت ۽ حرص آهي، جنهن سندس مزدور ڀاءُ کي ٿورڙي تي گذارو ڪرڻ ۽ محنت ڪرڻ تي اڀاريو آهي. هو پائي پائي تي نظر رکي ٿو ۽ گھٽ ڏيڻ ۽ وڌيڪ وٺڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. (ان جو سبب مزدور جي محنت جو استحصال آهي جيڪو مزدور کي گھٽ ڏئي ٿو ۽ ان جي محنت جي پيداوار تي وڌيڪ نفعو حاصل ڪري ٿو) تنهن ڪري هو انهيءَ سوچ هيٺ پنهنجو پاڻ کي حرص ۽ نفساني خواهشن کان بلڪل پاڪ ڪرڻ جي لاءِ حضور اڪرمﷺ جي فرمان ”حتي يحب لاخيه ما يحب لنفسه“ کي سامهون رکندي ۽ قرآن ڪريم جي حڪم ”لن تنالوا البر“ ۽ ”قل العفو“ موجب فيصلو ڪري ٿو ته هو پنهنجو سمورو فالتو مال غريبن جي ضرورتن جي پورائي لاءِ ڏئي ڇڏي. جيئن ته هو سمجھي ٿو ته هو پاڻ شهر جي هزارين ضرورتمندن جي ضرورتن جو صحيح طرح سان اندازو ڪري نه سگھندو ۽ سندس ورهاست ماڻهن جي ضرورتن جي لحاظ کان گھٽ وڌ ٿي ويندي ۽ کيس خبر آهي ته حڪومت ذميدار ۽ خدا ترس ماڻهن تي آڌاريل آهي. تنهن ڪري هو حڪومت کي اطلاع ڏئي ٿو ته سندس مال کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي، ان کي بک ۽ بدحالي جي خاتمي لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي ۽ مناسب طرح سان ماڻهن ۾ ورهايو وڃي. فرض ڪريو ته هڪ ٻن مهينن ۾ ٻئي سرمائيدار به سندس مثال کان متاثر ٿي ان وانگر ڀلو ۽ اوچي درجي جا مسلمان بنجڻ جي خواهش سان، اهڙيءَ ئي طرح پنهنجو بچت مال حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏن ٿا، (ياد رهي ته پنهنجو بچت مال ڏين ٿا پر پنهنجون زمينون، ڪارخانا، کاڻيون، تيل جا چشما ۽ واپاري فرمن کي انهن جي قبضي ۽ ملڪيت ۾ نٿا ڏين).
انهن سڀني جو فيصلو شرعي لحاظ کان واکاڻ لائق آهي پر جڏهن حڪومت وٽ ان قسم جون اٺ هزار درخواستون پهچن ته حڪومت جي مٿان تمام وڏي ذميواري اچي وڃي ٿي ته هوءَ انهيءَ سرمائي کي اهڙي طرح ورهائي جو، اقتصادي طور تي ماڻهن جي حالت سڌري وڃي. ڇو ته جيڪڏهن هن انهيءَ سرمائي کي مناسب ترتيب سان غريبن ۾ نه ورهايو ته وڏا صنعتي ڪارخانا، جن ۾ عوام جي بنيادي ضروت جون شيون تمام ئي عمديون ۽ سستيون تيار ٿين ٿيون، بند ٿي وينديون جنهن سان نه رڳو ماڻهن کي پنهنجون ضرورت جون شيون نه ملي سگھنديون، پر واندڪائي به وڌي ويندي. جيڪڏهن زمين ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي ته ان جي زراعت اقتصادي طور تي نفعو ڏيندڙ نه رهندي ۽ پيداوار ۾ کوٽ اچي ويندي ۽ ڪجھه ماڻهو انهيءَ ڪري غريب آهن جو انهن کي محنت بدران خيرات تي گذارو ڪرڻ جي عادت ٿي وئي آهي، اهڙا ماڻهو مفت ۾ مالدار ٿي وڃڻ جي ڪري ٽوٽي ٿي ويندا، سرمائي کي ويهي کائيندا ۽ وري مسڪين ٿي ويندا.
اسلامي رياست جو آخري اقتصادي نظام
تنهن ڪري حڪومت فيصلو ڪري ٿي ته:
1. هڪ پاسي شهر جي سمورن بيڪار، غريب ۽ ٻين اهڙي قسم جي ماڻهن جي صلاحيتن ۽ قابليتن جون فهرستون ته ٻئي پاسي شهرين جي سمورين اقتصادي ضرورتن جي فهرست تيار ڪئي وڃي.
2. ڪارخانا ۽ فرم پهريان وانگر جاري رهن ۽ جيڪي ماڻهو انهن ۾ ملازم آهن، تيئن ئي ملازم رهن. حڪومت انهن کي پگھار ڏئي ۽ پاڻ ڪارخانن کي سنڀالي ۽ انهن جي آمدني مان (جنهن جو اڳي رڳو ٿورڙو حصو زڪوات جي صورت ۾ حڪومت کي ملندو هو) ٻئي ڪارخانا کولي ۽ ڪجھه اهڙن مسڪينن کي، انهيءَ ڪارخاني ۾ ڪم تي لڳائي جيڪي اڳي بيڪاري جي ڪري بکون ڪاٽڻ تي مجبور هئا ۽ باقاعدي خيرات تي گذارو ڪندڙ هئا.
3. پوکيءَ واري زمين اهڙي طرح سان ورهائي وڃي جو هر حصي جي آمدني هڪ وچولي درجي جي گھراڻي جي زندگيءَ جي سمورين ضرورتن ۽ ڪجھه ٺاهه ٺوهه جي ضرورتن لاءِ ڪافي هجي. پوءِ لاڳاپيل حصن جي مالڪن کي چيو وڃي ته اهي جماعتون ٺاهن ۽ پنهنجي پنهنجي حصي جي زمين کي گڏيل تعاون واري اصول هيٺ اهڙي طرح پوکي ڪن جو، ڄڻ ته سموري زمين هڪ ئي آهي ۽ پنهنجي آمدني کي گڏيل طور تي پاڻ ۾ ورهائن. اهڙي طرح سان اهي زراعت جي لاءِ قيمتي مشينون ۽ قيمتي ڀاڻ استعمال ڪري، پنهنجي پيداوار ۽ آمدني ۾ واڌارو ڪن.
4. ڪو ڪارخانو يا ڪا گڏيل پوک جي ايراضي ايترو ننڍي نه هجي جو ان جي پيداوار مهانگي پئجي وڃي. اهڙي طرح ڪوبه واپاري فرم ايترو گھٽ سرمائي سان ڪم نه ڪري جو هو پنهنجي ڪم کي اثرائتي، سنهنجي ۽ گھٽ مُلهه واري طريقي سان نه ڪري سگھي. اهو فيصلو جيئن ته شهر جي آبادي جي سمورن طبقن کي پوري طرح سان مطمئن ڪري ٿو ۽ حرص ۽ غربت جي ٻنهي بيمارين کان مستقل ڇوٽڪارو ڏئي ٿو، تنهن ڪري ماڻهو ان کي قبول ۽ خوشيءَ سان جاري ڪن ٿا.
اشتراڪي نظام جو الزام
ڊاڪٽر صاحب فرمائي ٿو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهيءَ اقتصادي نظام کي اشتراڪي نظام سڏي ته ان جي مرضي آهي، پر حقيقت ۾ اهو نظام هڪ مڪمل ۽ بامقصد اسلامي جماعت جو پاڻ مرادو ظاهر ٿيندڙ اقتصادي نظام آهي.
اهڙي معاشي نظام جي حق ۾ رسول اللهﷺ جي تائيد
حديث جا لفظ هي آهن: ”عن ابي درداء قال قال النبيﷺ ان لا شعريين اذا امر سلوا في الغزوة او قل طعام عيالهم في ثوب و احدثم اقتسموا بينهم بالسويته فهو مني و انا منهم “ ابو درداء ؓ کان روايت آهي ته رسول اللهﷺ جن فرمايو ته اشعري قبيلي جا ماڻهو جيستائين (جڏهن) جنگ ۾ مسڪين ٿي ويندا آهن، يا شهر ۾ رهندي انهن جي ٻارن ٻچن لاءِ کاڌ خوراڪ گھٽجي ويندي آهي، ته جو ڪجھه انهن وٽ هوندو آهي، هڪ ئي ڪپڙي يا ٿانو ۾ گڏ ڪري ڇڏيندا آهن ۽ پاڻ ۾ هڪجيترو ورهائي ڇڏيندا آهن. انهن جو اهو عمل منهنجي ذاتي خواهش موجب ئي آهي ۽ مان انهن مان ئي هڪ آهيان. (يعني مان انهن مان آهيان ۽ اهي مون مان آهن).
انهيءَ حديث مان خبر پوي ٿي ته جيڪڏهن دولت کي هڪ هنڌ گڏ ڪري، جماعت جي سمورن فردن ۾ هڪجيترو ورهائڻ جو ئي اصول وڏي پيماني تي رائج ڪيو وڃي، جنهن ۾ جماعت جا سمورا فرد شامل هجن ۽ وصول ڪندڙ توڙي ورهائيندڙ مرڪز، جماعت يا حڪومت کي مقرر ڪيو وڃي (جيئن سماجي رياستن ۾ ٿيندو آهي) ته اهو طريقو به حضور اڪرمﷺ وٽ ايترو ئي پسنديده هوندو. ڇو جو ٻنهي طريقن ۾ سواءِ پکيڙ ۽ ماپي جي ٻيو ڪوبه فرق نه آهي. حضرت يوسف ؑ انهيءَ ئي ورهاست جي اشتراڪي طريقي سان ماڻهن کي ڏڪر واري دور ۾ بکون ڪاٽڻ کان بچايو هو.
نوٽ: حديث ۾ لفظ ”بالسويته“ (هڪجيترو) جو مطلب اهو نه آهي ته اشعري قبيلي جا ماڻهو پنهنجي ٻارن ۽ جوانن کي هڪجيترو کاڌو ڏيندا هئا. اهڙي طرح سان رياست جي فردن ۾ دولت جي هڪجيتري ورڇ جي اصطلاح ۾ پڻ برابريءَ جو اهو مطلب نه ورتو ويندو. (يعني برابري مطلق نه هوندي، پر محنت جي پيداوار موجب ڏني ويندي).
انهيءَ اقتباس سان سماجي معيشت واري نظام جي مڪمل طور تي تائيد ٿي وڃي ٿي.انهيءَ ئي نظام کي هٿي ڏيڻ آريائي، سامي ۽ زرد نسلن ۾ موڪليل نبين جو مقصد هو. انهيءَ نظام تي آڌاريل معاشري کي توحيدي معاشرو سڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته طبقاتي مفادن وارو معاشرو مشرڪ معاشرو هوندو آهي. جڏهن زراعت واري دور کان انسان غلام ۽ آقا جي طبقن ۾ ورهائجي ويو ۽ انسان جو انسان مٿان ڏاڍ ۽ ظلم وڌي ويو، ته نبين جي موڪلڻ جو سلسلو شروع ٿيو. سمورا پاڪ ڪتاب اڄ جنهن به شڪل ۾ موجود آهن، انهن ۾ طبقاتي ورڇ جو ذڪر ڪنهن نه ڪنهن طرح سان موجود آهي ۽ ان جي نتيجن تي به روشني پوي ٿي. مذهبي پيشوائيت نبين سڳورن جي اشتراڪي معيشت ۽ طبقاتي معاشري کي غير طبقاتي بنائڻ واري تعليم کي بگاڙي ڇڏيو. مسلمان عالمن جا سمورا تفسير انهيءَ تصور کان خالي آهن ۽ کليل طرح سان رعايتون ڏنل طبقي جي مفادن جي تحفظ ۽ طبقاتي نظام نسبت الله ۽ سندس رسول جي طرفان تائيد تي ٻڌل آهن. اها ئي اُها هيرڦير آهي، جنهن لاءِ مسلمان عالم پاڻ به دانهون ڪندا آهن ته هن کان اڳي پاڪ ڪتابن ۾ تحريف ڪئي وئي آهي. جڏهن ته انهيءَ معنى ۾ ڏٺو وڃي ته قرآن پاڪ جي تعليم کي به بگاڙيو ويو آهي. اها ڳالهه به قرآن ڪريم جي لفظن ”يحرفون الکلمه“ جو مطلب پيش ڪري ٿي ته اشتراڪي معيشت ۽ غير طبقاتي معاشري جو ذڪر ڪرڻ وارن لفظن کي معنوي لحاظ کان بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ڪيترن ئي جائن تي ان جو متبادل ڏنو ويو. مسلمان عالمن پڻ لفظن جي معنى کي بدلائي ڇڏيو ۽ نتيجو ٻنهي صورتن ۾ ساڳيو ئي نڪتو. انهيءَ ڳالهه کي امام شاھ ولي الله به تحريف ئي سڏي ٿو.
انهيءَ اقتباس مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته زڪوات، ميراث جي ورهاست، صدقا ۽ خيراتون معاشري جي هر فرد لاءِ، ان جي زندگيءَ جون ضرورتون پوريون نٿا ڪري سگھن؛ خاص ڪري موجوده دور ۾ جڏهن جو آبادي وڌي چڪي آهي ۽ ضرورتن جي نوعيت بدلجي وئي آهي ۽ معاشي نظام تمام ئي منجھيل بڻجي ويو آهي. اهي معاشي حڪم ۽ سزائون وغيره گذرندڙ دور لاءِ آهن، ايتري تائين جو مسلمان معاشري ۾ مسلمان جي جان ۽ مال جڏهن گڏيل ملڪيت ۾ اچي وڃي ۽ ان جي بدلي کيس جنتي معاشري جي نعمت ملي وڃي، جنهن ۾ ان جي جسماني ۽ مادي ضرورتن جي پورائي جي لاءِ سامان هوندو ۽ ان ۾ کيس پنهنجي سونهن سينگار جون ضرورتون به ميسر ٿي وينديون.
سورت الحشر جي آيت سڳوريءَ ۾ چيو ويو آهي ته دولت رڳو امير طبقي ۾ ئي نه رهي، ان کي هيٺين طبقي جي ماڻهن ۾ به گردش ڪرڻ گھرجي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته اميرن جي دولت جڏهن به هيٺ لٿي آهي ته رڳو ڏهاڙي يا خيرات جي شڪل ۾ لٿي آهي. انهيءَ دولت تي مزدور کي مالڪاڻو حق حاصل نٿو ٿئي. اها دولت سدائين ڪڙمت، مضاربت، لميٽڊ ڪمپني، اڃا به ملٽي نيشنل ڪارپوريشن ۽ ڪارٽل جي شڪل ۾ هيٺ ايندي. انهيءَ سموري عمل ۾ مزدور کي رڳو ڏهاڙي ملندي آهي ۽ ان جي محنت جي استحصال سان هڪ ڪارخاني مان ڪيترائي ڪارخانا ٺهندا ويندا پر هو ساڳيو ئي مزدور رهندو آهي ۽ سندس هڪ به ڪارخانو ٺهي نه سگھندو. ڊيوڊ ريڪارڊو جي تجويز موجب مزدور کي رڳو ايترو ئي ملندو آهي، جنهن سان هو جيئرو رهي سگھي ۽ ڪارخانيدار جي دولت ۾ واڌارو ڪندو رهي.
قرآن ڪريم زمين واري زندگيءَ ۾ ”هبوط“ آدم کان پوءِ جڏهن هي چيو ته هاڻي منهنجي تعليم ۽ هدايت توهان وٽ ايندي رهندي، جيڪڏهن توهان انهيءَ تي عمل ڪندؤ ته خوف (جنگ ۽ فساد، ويڙهه جھيڙي، ڦر مار، چوري ۽ ڏاڍيءَ سان عزتون لٽڻ وغيره) ۽ حزن (بک، بدحالي، غربت، غلامي، جهالت ۽ ڏاڍن جي ظلمن وغيره) کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندؤ جيڪو طبقاتي معاشري جو ڪڙو ميوو آهي ۽ ٻيهر پنهنجي وڃايل جنت کي حاصل ڪري وٺندؤ.
انهيءَ اقتباس مان خبر پوي ٿي ته انسان جي زندگيءَ جو مقصد خدائي ويجھڙائي حاصل ڪرڻ آهي. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته فرد جون مادي ۽ جمالياتي ضرورتون پوريون هجن ته جيئن هو دلي اطمينان سان الله تعالى ڏانهن پنهنجو ڌيان جاري رکي سگھي. ايستائين جو هن جي نفس ۾ شريفانه ۽ اوچا اخلاق رچي وڃن ۽ هو پنهنجي فطرت جي دٻاءَ سان نيڪيءَ واري واٽ تي هلڻ لاءِ مجبور ٿي پوي. تجربو ٻڌائي ٿو ته مذهب جي انسانيت واري مقصد جي حاصلات لاءِ سماجي معيشت تمام ئي ضروري آهي ۽ سماجي معيشت جو نظرياتي بنياد، دنيا جي مذهبن جا گڏيل ڪائناتي تصور، انساني فطرت آهن. الاهي نوراني سگھه جي موجودگي، جيڪا موت کان پوءِ پنهنجي چڱن ۽ برن عملن سان گڏ قائم هوندي ۽ اخلاقي ۽ روحاني گڻن تي ٻڌل هئڻ گھرجي، تن مذهبي گڻن کانسواءِ اشتراڪي معاشري جي فرد جو مقصد اولهه جي مورتي آزادي ٿي ويو، جنهن سان اشتراڪي معاشري ۾ بگاڙ اچي چڪو آهي. نه ئي وري غير اشتراڪي معاشري ۾ سماجي معيشت کان سواءِ، گڏيل سطح تي اخلاقي ۽ روحاني گڻ فردن جي نفسيات جو حصو بڻجي سگھيا آهن. انهيءَ ڪري اهو لازمي آهي ته سماجي معيشت، غير طبقاتي معاشري جي جوڙجڪ ۽ دنيا جي مذهبن جي ڪائنات ۽ زندگيءَ بابت تصور ۽ اخلاقي ۽ روحاني گڻن ۾ نامياتي ڳانڍاپو جڙي وڃي ته جيئن فرد جي پنهنجي زندگيءَ واري مقصد کي حاصل ڪرڻ واري واٽ ۾ ڪا رڪاوٽ نه رهي. فرد جي زندگي لڳاتار خدائي عبادت ۾ گذرڻ لڳي. انهن ٻنهي ڳالهين جي اختلاف سان انسان پنهنجي منزل حاصل نه ڪري سگھيو ۽ مختلف قسم جي غير انساني حالتن ۾ گھيرجي ويو آهي. انهيءَ سموري عمل جي لاءِ جتي پيداواري وسيلن تي ذاتي ملڪيت جي خاتمي ۽ انسان جو نسل، قوم ، قبيلي ۽ برادري جي ورڇ کان هٽي انساني وحدت ڏانهن اچڻ ضروري آهي، اتي مذهبي پيشوائيت جي اداري کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ به ضروري آهي، جنهن مذهب جي وحدت کي ختم ڪري، ان کي جارحاڻن گروھ بندين ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. انهن ٽنهي ڳالهين کي حاصل ڪرڻ کانسواءِ انسان اڄ تائين ناڪام ۽ شڪست کاڌل رهيو آهي. ڇو جو انهن جي رڪاوٽن جي ڪري الله تعالى جا پيدا ڪيل ربوبيت جا وسيلا عام انسانن جي پهچ کان پري ٿي ويا آهن. اڃا به سموري انساني تاريخ ۾ ۽ اڄ به ڪن ٿورڙن ماڻهن تي ٻڌل ٽولو، محنت جو استحصال ڪندو رهيو آهي ۽ اڃا تائين ڪري رهيو آهي.
(هن تي وڌيڪ تفصيل باب ”الرحيم“ ۾ ڏسو)