مُھاڳ
دنيا جي هر مذهب ۽ ڌرم جو بنياد اصل ۾ پاڻي، دريائن ۽ ڍنڍن جي پوڄا کان شروع ٿيو آهي. ان ڪري سمورن مذهبن ۽ ڌرمن ۾ پاڻيءَ جي پوڄا موجود آهي.
سائين منظور ٿھيم جو ھيءُ ٽيون ناول آھي، ان کان اڳ “ گذري وئي برسات” (2014) ۽ خاص طرح “پنھون” (2018) ۾ جيڪو بلوچستان جي (مسنگ پرسن) جي پسمنظر ۾ لکيل آھي بيحد مقبول ٿيو. منڇر، هي سندس ٽيون ناول آهي. هي ناول، قدرتي وسيلن، ماحوليات ۽ انھن سان وابسته زندگيءَ جي اھميت کان واقف ڪري ٿو. سائين منظور ٿھيم ھن ناول ۾ منڇر جي فطري حسن، ثقافت، رقص ڪندڙ مختلف رنگن جي پکين، مهاڻن جي سموري زندگيءَ جي پيڙائن ۽ حسناڪين کان ويندي منڇر جي سموري زندگيءَ سان لاڳاپيل شھر، سماجي رشتا، ڪاروبار، انساني رويا، رھڻي ڪھڻي، جمالياتي حسن، ورھاڱي ۽ ان جي درد کي ائين بيان ڪيو آھي، جو ان مان سنڌ جي آسودگيءَ ۽ خوشحاليءَ جو احساس نمايان نظر اچي ٿو. ھي ناول ياد ڏياري ٿو ته منڇر زندھ هستي آھي، جنهن جي هر هڪ ڦڙي ۾ صدين جو سفر شامل آهي. هي حقيقت آهي ته سرخ ۽ سفيد کنڀن وارا پکي پنهنجن ننڍڙن پيرن سان ڪي شاندار وکون کڻندا ترندا وڃن ٿا ته منڇر موهن جي دڙي جي ناچڻي سمبارا وانگر رقص ڪري ٿي،.
ھن ناول جي خاص ڳالهه منڇر جي مهاڻن جي اهميت انهن جو فطرت ۽ پاڻيءَ سان جڙيل هجڻ آهي، جنھن سان سنڌ جي سمورن مهاڻن جو ڳاٽ اونچو ٿيو آھي. ھا! ھن ناول ۾ ائين به ڄاڻايل آھي ته منڇر جي آلودھ ٿيڻ کانپوءِ انھن مھاڻن جو ڇا ٿيو ۽ ڪيڏانهن گم ٿي ويا.هي ناول انهن جا پيرا کڻي ٿو. آئون اوهان کي ٻڌائڻ گھران ٿو ته منڇر تاريخ جي مختلف دورن ۾ انوکي ثقافت، خوشحالي، روايتن ۽ منڇر تي هزارين سالن کان آباد مهاڻن جي خوشين، روزگار جي ذريعن، عشق محبت جي سمورن قصن سميت اوستائين زندھ ۽ متحرڪ ھئي جيستائين اھا رياستي غير زميواري ۽ بيحسي جو شڪار نه ٿي ھئي.
منڇر پڙهڻ کانپوءِ منهنجو عقيدو اڃان وڌيڪ پختو ٿيو آهي ته منڇر جي مقدس پاڻيءَ تي آباد سمورا مُھاڻا جيڪي منڇر جي وجود سان ڀينرن، ڀائرن، مائرن ۽ ڌيئرن واري احساس ۽ رشتن سان جڙيل ھئا، واپس ورندا.
ليکڪ سمورن احساسن سميت ھن ناول ۾ ياد ڏياري ٿو تـ هزارين سالن کان سنڌ جي سرزمين پنھنجي اندر ڪيترين ڍنڍن، ڍورن، ندين ۽ سنڌو درياء کي ھميشھ پاڻي سان ڀري رکيو ته جيئن ان سان منسلڪ حيات پنھنجي زندگي روان دوان رکي. ائين چئجي ته منڇر ڍنڍ هڪ شاهوڪار قدرتي انساني تعلق پيدا ڪري ڇڏيو ھو. پڙهندڙ کي پتو پوندو ته سنڌ جي اها خوبصورت ۽ فطرت جي حسين ڍنڍ “منڇر” جنھن جي اولهـ ۾ کيرٿر جو جابلو سلسلو، لڪي جبلن جون ٽڪريون، ڪاڇي جو سفيد ميداني لٽ وارو علائقو ۽ اتر ۾ دريائن جو ابو سنڌو درياء موجود آهي. منڇر ڍنڍ فطري طور لڪي جبلن، اولهه مان کيرٿرجبلن ۽ اتر مان سنڌو درياء مان سيراب ٿئي ٿي. “منڇر” ڍنڍ ھڪ وڏي عرصي تائين انساني معاشي سرگرمين جو اھم وسيلو رھي، جيڪا هزارين مُهاڻن کي روزگار، خوراڪ، بھھ، پٻڻ، لوڙھ ۽ ٻيا آبي ٻوٽا، مڇي، پکي، ڏيندي رھي. ان کان سواءِ منڇر ڍنڍ جي اندر مهاڻن جا ٻيڙين تي قائم ڳوٺ پنهنجو هڪ الڳ ۽ منفرد لقاء ڏيندا هئا. ناول ۾ ان حقيقت کي به بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي ته صنعتي زراعت ۾ زھر جو وڏي پيماني تي استعمال ۽ ھٿراڌو آبپاشي نظام جي ڪري پوري منڇر ڍنڍ جي ماحولياتي رنگارنگي ۽ فطرتي حسن کي ڪيئن تباه ڪيو ويو، ان ڪري هاڻ منڇر جي پاڻي جي عميق مان مهاڻن جي لاءِ رقص ڪندڙ خوشين ۽ مُرڪن جي جاءِ تي ڏک، درد، پيڙائون، بي روزگاري، لڏ پلاڻ، صنعتي زهر کان سواءِ ڪجهه به ناھي رھيو.
سنڌ، دريائن ۽ ڍنڍن جو ديس آهي، جت سنڌوءَ جهڙو خوبصورت درياء ۽ منڇر، ھاليجي، ڪينجهر، اُنگهه، حمل جهڙيون ٻيون انيڪ خوبصورت ۽ حسين ڍنڍون موجود آهن پر حقيقت ۾ مٽي پاڻي جي انھن قدرتي ذخيرن ۽ ڍنڍن کي ترقي، گرين روليشن، آبپاشيءَ جي وڏن منصوبن ۽ وڌ کان وڌ زرعي پيداوار جي نالي ۾ ڪيميائي ڀاڻ ۽ زھريلين دوائن جي استعمال ڪري آلودھ ڪري ڇڏيو آھي، يا ميگا گٽر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي. آمرانه دور حڪومت جي سرڪاري ڪامورن جي هميشه اها پاليسي رهي آهي ته ترقي جي نالي ۾ ماحوليات دشمن ۽ ناقص منصوبه بندي ڪري دريائن ۽ ڍنڍن کي تباھ ڪيو وڃي، وري انهن تباھ ٿيل ڍنڍن ۽ پاڻي جي قدرتي ذخيرن کي ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ وري ٻيا نوان ناقص ۽ ماحوليات دشمن منصوبا شروع ڪري رهي ڪهي ڪسر پوري ڪن. جنھن سان ملڪ جو ھڪ خاص آفيسر شاھي، ڪارپوريشن، فوجي مشنري جا ادارا ۽ ڪجهه ماڻھو ته آسودا ٿي وڃن ٿا، پر اھي ڍنڍون انھن جي ماحوليات ۽ مھاڻا بيحد غريب ٿي لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا. ھيءُ ناول “منڇر” سنڌ جي ھڪ گھڻائيءَ کي پنھنجن قدرتي وسيلن جي حفاظت ۽ ان ڏانھن شعور واري خيال کان ضرور متوجهه ڪندو.
محمد علي شاھ
چيئرمين
پاڪستان فشر فوڪ فورم