ناول

منڇر

هن ناول جو موضوع شاندار آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان سمورا انسان، ڪنھن نہ ڪنھن طرح قدرت جي سڳي سان ٻڌل آهيون، باوجود انجي جو انسان اهو ڌاڳوٽوڙڻ چاهي ٿو، پر منظور ان کي جوڙي رکڻ چاهي ٿو، اها ئي هن ناول جي بنيادي ڳالھ آهي. ھي ناول سمجهائي ٿو تہ منڇر جي مھاڻن جا مالڪاڻا حق تسليم ڪيا وڃن. هي ناول منڇر جي مھاڻن جي معاشي مسئلن سان گڏوگڏ، عورتن جي محرومين ۽ حوصلن کي بہ بيان ڪري ٿو. ھي ناول سرڪار جي پاليسين خلاف اجتماعي شعور جو اظھار آهي.   ھڪ ”منڇر“ منظور ٿھيم جي وجود اندر سدائين کان قائم آهي، جنھن جو اظهار هي ناول آهي . 

Title Cover of book منڇر

15. مٽي پاڻي جي وھڪرن وارو ديس ڪيڏانھن ويو؟

ڇنڊڻ، 1976 (مين نارا) ايم اين وي ويسٽ ڊرين 1

سنڌو ماٿري، مٽي پاڻي جي وھڪرن، دريائن،ڍنڍن، نين وارو ديس آھي، جنھن جي مٽي ۾ عجيب خوشبو آھي، ھي زمين لٽ ۽ واري جي سونھري ذرڙن سان ائين ٺھيل آھي ڄڻ قدرت انجو انتخاب خاص موقعن تي ڪيو ھجي. ھي ان قدر لا محدود ۽ زرخيز آھي، جو ھر ماڻھو کي پيٽ ڀري کائڻ لاءِ ڏئي ٿي. ھن جي ٻولي ۾ وڏو اثر آھي جنھن ۾ زندگي جا سمورا راز پوشيده آھن، جنھن کي سکڻ سان انسان پنھنجي اندر ۾ وڏيون تبديليون ڏسندي محسوس ڪري ٿو. ھن جي چوڌاري بيٺل سمورا انسان ھن آڏو پنھنجو سر نوائي رکن ٿا، سنڌو ماٿري مٽي پاڻي جي وھڪرن ڪري تھذيب جا عظيم نشان رکي ٿي، جيڪا سنڌ جي مجموئي زندگي ۽ انجي روحاني صورت کي متحرڪ طاقت ۾ تبديل ڪري ٿي، ھي اعتبار ڪرڻ جھڙي ڳالهه آھي ته قدرت پھاڙن مان پاڻي وھايو ته جيئن زمين کي پوکي لائق بنائي سگھي، وڻن کي زمين تي بيھاريو ته جيئن سج جي ساڙيندڙ تپش کان بچاءُ ملي ۽ انھن سمورن انسانن، پکين جيڪي آزادي ۽ آوارگي ۾ رھندڙ آھن سک جو ساه کڻي سگهن .ھي انسان جيڪو رڍن جي ڌڻ وانگر ڊوڙندو رھي ٿو، ان کي کيڙڻ، پائڻ ۽ پچائي کائڻ جو ھنر ڏنو پر انجي بدلي ۾ ھن انجو بيجا استعمال ڪيو. قدرت ڏانھن بيحد ظالماڻو طريقو اختيار ڪيو. ھن قدرت مٿان قابض ٿيڻ جا معمولي طريقا اختيار ڪيا، هن پوءِ پنھنجي دفاع جي ھٿيارن سان پنھنجي ئي نسل جي ماڻھن جون سسيون وڍي ٽنگي ڇڏيون، ڪن ته انساني کوپڙين جا مينار اڏيا. قدرت جي خزانن کي ھن ويراني ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، زمين تي موجود دريائن، ڍنڍن، ندين، وڻن، پکين، جانورن ۽ معصوم ۽ بي پھچ انسانن تائين سڀني کي پنھنجي تابع ڪرڻ ۽ مڪاري سان راڄ ڪرڻ جھڙي خوفناڪ شروعات ڪئي.
منڇر، قدرت جي شاھڪار شاھپارن مان ھڪ آھي. جنھن کي قدرت سدا آباد رکڻ لاءِ پنھنجا ذريعا پيدا ڪري ڏنا ھئا ته جيئن ان جو حُسن سدا قائم رھي. قدرت سندس ڀر ۾ کيرٿر کي بيھاريو، جتان پاڻي نئن گاج، نئن باجرڪي، نئن ٻوڙڪي، ھليلي، سول، ڪڪڙائي، لڪي لوڻي، انگئي جھڙين خوبصورتءَ شاندار نئيون ور وڪڙ ڪنديون منڇر ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون. نه صرف نئيون پر ھن کي ٻيا به پاڻي جا ذريعا ميسر ڪيا مين نارا ويلي ھڪ قدرتي ۽ لھواري مٽي پاڻي جو ذريعو، جنھن کي 1932۾ انگريز سرڪار نئين طرح سان ترتيب ڏئي سکر بئراج سان منسلڪ ڪيو ۽ مستقل فلو مين اسٽريم ۾ تبديل ڪيو، جنھن جو مقصد ساريال واري علائقي جي نيڪال واري پاڻي ۽ نئن جو پاڻي حمل ڍنڍ مان منڇر ۾ ڇوڙ ڪري ته جيئن ڪن حالتن ۾ درياءِ مٿان پاڻي جي دٻاءَ کي ھلڪو ڪري سگھجي. ان جھڙو ئي ڪم ڏيندڙ اڙل واه دراصل منڇر ۽ سنڌو کي ڳنڍيندڙ قديمي ندي آھي، ھنجي وھڪري جو دارومدار سنڌو ۽ منڇر ۾ پاڻي جي سطح تي آھي، جڏھن درياء ۾ 80 ھزار ڪيوسڪ وھڪرو ھوندو آھي ته اڙل وسيلي پاڻي منڇر ۾ ايندو آھي، پر جڏھن منڇر ۾ پاڻي جي سطح وڌي وڃي ته ان مان پاڻي درياءِ ۾ اماڻي سگھبو ھو. ھي اھي پاڻي جا ذريعا ھئا، جن سان منڇر جي حيات جو پورو نظام روان دوان ھو پر پوءِ 70 ۽ 80 وارن ڏھاڪن ۾ غير چونڊيل غير مقبول فوجي حڪومت ۽ انھن جي سھاري نام نھاد سول ڪامورا شاھي، نئين معاشي پاليسن جو سھارو وٺندي، سرمائيدار ڪمپنين سان گڏجي، خاص طور زراعت جي پيداوار وڌائڻ جي خيال کان جيڪي ماحوليات دشمن پاليسيون اختيار ڪيون، ان سان قدرت جي مٽي پاڻيءَ جي ذخيرن کي سخت نقصان پھچڻ شروع ٿيو. گڏيل ۽ عوامي زرعي نظام لاڳو ڪرڻ جي بجاءِ، جاگيردارانه ۽ فوجي وڏيرا شاهي طرز زراعت کي طاقت ڏني وئي. جديد ۽ بازاري نظام زراعت جي پھرين ترجيح، منافعي واري رجحان کي اوليت ڏيڻ هوندي آهي، جنهن سان وڏي پئماني تي جيت مار دوائن جو استعمال، زرعي ڪيميڪل ڀاڻ ۽ خاص طرح گھڻ قومي ادارن جي تيار ڪيل ٻجن جو استعمال ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان وڏي پيماني تي ماحولياتي حادثا جنم وٺڻ لڳا.
اھم ڳالهه ھيءَ آھي ته مين نارا ويلي ڊرين جنھن کي مقامي ماڻھو ڇنڊڻ چون، 1932۾ سکر بئراج جي تعمير وقت، سم جو پاڻي، حمل ۽ منڇر ڍنڍ ۾ نيڪال ڪرڻ جي مقصد لاءِ ٺاھي وئي ھئي، جيڪا ان کان اڳ منڇر جو قدرتي وھڪرو ھو، ان وقت به بوبڪ جي شهرين ۽ منڇر جي مهاڻن انجي سخت مخالفت ڪئي هئي. پر جڏهن سرڪار ان کي ويسٽ ڊرين 2 جي نالي سان ڊڪليئر ڪيو، جنهن جو مقصد اتر سنڌ پنجاب ۽ سرحد تائين چانورن ۽ ٻين منافع بخش فصلن جي پوک جو پاڻي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ جيت مار دوائن جو زهر ۽ ٻيا ڪيميڪل شامل هئا منڇر ۾ ڇوڙ ڪيا ته منڇر جو پورو ڇر زهريلو ٿي ويو. اصل ۾ منڇر جي ويراني جي ڪھاڻي اتان کان شروع ٿئي ٿي.