ناول

منڇر

هن ناول جو موضوع شاندار آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان سمورا انسان، ڪنھن نہ ڪنھن طرح قدرت جي سڳي سان ٻڌل آهيون، باوجود انجي جو انسان اهو ڌاڳوٽوڙڻ چاهي ٿو، پر منظور ان کي جوڙي رکڻ چاهي ٿو، اها ئي هن ناول جي بنيادي ڳالھ آهي. ھي ناول سمجهائي ٿو تہ منڇر جي مھاڻن جا مالڪاڻا حق تسليم ڪيا وڃن. هي ناول منڇر جي مھاڻن جي معاشي مسئلن سان گڏوگڏ، عورتن جي محرومين ۽ حوصلن کي بہ بيان ڪري ٿو. ھي ناول سرڪار جي پاليسين خلاف اجتماعي شعور جو اظھار آهي.   ھڪ ”منڇر“ منظور ٿھيم جي وجود اندر سدائين کان قائم آهي، جنھن جو اظهار هي ناول آهي . 

Title Cover of book منڇر

9. ٺيڪيدار سيٺ ڪاشي رام

توکي ڀڳوان جو ڪو خوف آهي يا نه، ماڻڪ سيٺ ڪاشي رام ڏانھن حقارت ڀرين نظرن سان نھارڻ لڳو.
منڇر توکي پنھنجو پيٽ لکي ڏنو آهي ڇا؟ هن کي قدرت ٺاهيو ته جيئن مهاڻا ان مان پنهنجو گذر سفر ڪن، تون آهين جو ان ڳالهه کي سمجهين نه ٿو. تو منڇر اندر پهريدار ڇڏي رکيا آهن، جيڪي مهاڻن جي ڪڍ لڳل آهن، بنا ڪنھن رڪاوٽ جي مھاڻن جي ٻيڙين تي چڙھي ٿا اچن، ھي اھو به نه ٿا ڏسن ته ونجهه ڪا عورت ھلائي رھي آھي. تنھنجا وفادار تنھنجين ھدايتن کانسواءِ ائين ڪيئن ٿا ڪري سگھن، ھي ته سموري مڇي پنھنجي قبضي ۾ وٺن ٿا، مهاڻن جي حصي جي به. تون مهاڻن جي حالت تي رحم ڪر، جيڪڏهن تون انهن کي مڇي جو اگهه ۽ ڪجهه مڇي گهر جي رڌ پچاءُ لاءَ نه ڏيندين ته اسين اها ڳالهه وسارينداسين ته تون منڇر جو ٺيڪيدار آهين. اسين تنھنجي خلاف انگريز سرڪار جي درٻار ۾ دانھينداسين .
ٺيڪيدار سيٺ ڪاشي رام، پنهنجي روش تي ندامت جو اظهار ڪرڻ بجاءِ خبيثاڻي طور تي مرڪيو. سندس اکين ۾ لالچ اڃا به ائين لهي آئي هئي، هن کي ماڻڪ جون ڳالهيون عام رواجي مهاڻي جون ڳالهيون ٿي لڳيون، جيڪي روز هي ٻڌندو رهي ٿو. روزانا جي اهڙي معمول جي باوجود هي اهڙي نظام کي جاري رکيو اچي، جيڪو هاڻ مهاڻن لاءِ واقعي به ناقابل برداشت ٿي پيو آھي.
ماڻهو جي حيثيت دولت ڪري آهي، سيٺ ڪاشي رام ان خيال کي ئي زندگي جو اول سبق سمجھي ٿو. هي پنهنجي خيال ۾ ڪيترو درست آهي ان ڳالهه جي شاهدي منڇر جا مهاڻا به ڏين ٿا، پر صدين کان ڪجهه ڳالهيون اهڙيون به ٿين ٿيون جيڪي دولت ۽ حيثيت سان حاصل ڪري نه ٿيون سگهجن. منڇر سمورن جو پيٽ ڀري ٿي پر مهاڻن جو وارو آخر ۾ اچي ٿو، هي اهي ماڻهو آهن جن زمين ۽ پاڻي تي رهڻ مان ڪنھن ھڪ جي چونڊ ڪندي پاڻي تي رهڻ جو فيصلو ڪيو، قدرت هنن جي ان فيصلي جو قدر ڪندي هنن جي قدمن هيٺان هنن جي گذر سفر جو ذريعو رکيو ته جيئن هي پنهنجي چونڊ تي ندامت نه ڪن ۽ شايد اهو روح به ڏنو جيڪو ڪيترن ماڻهن لاءِ حقارت جو باعث هجڻ جي باوجود، قدرت هنن جي اندر کي نيرڳ، ڊگوش ۽ ڪونج جهڙو ٺاهيو. ھنن ان ڳالهه جي ڪڏھن به پرواھ نه ڪئي آھي ته ڪير ھنن لاءِ محبت ۽ تعريف جو ھڪ جملو به چوي، پر ھنن لاءِ اھو بيحد ضروري آھي ته ھنن جي ڪير دل آزاري نه ڪري.
هي ڳالهه ھاڻ عام ٿي وئي آھي ته، سيٺ ڪاشي رام نه منڇر جو سڄڻ آهي نه ئي مهاڻن جو. ماڻڪ مهاڻن کي سمجهائي ٿو، جيڪي ھن جي چوڌاري ويٺا سندس ڳالھين کي ڌيان سان ٻڌي رھيا آھن. جيڪڏھن سيٺ ڪاشي رام نه ٿو سُڌري ته سندس خلاف ڪھڙو قدم کڻجي؟ ماڻڪ مھاڻن کان راءِ پڇي ٿو.
توھان ھن کي سمجھي ناھيو سگھيا، هي ڄاڻي واڻي ائين ڪري ٿو ته جيئن سندس جي دولت ۾ اضافو ٿي سگهي. ساجن رڙيون ڪري ڳالھائڻ لڳو. هن کي ان ڳالهه جو احساس ئي ناهي ته، مهاڻا ڪيڏي تڪليف ۾ آهن. منڇر تي پهريون حق مهاڻي جو آھي، اهو ئي قدرت جو نظام آهي. مون جڏهن ڪاشي رام سان اها ڳالهه ڪئي ته هن ڳالهه کي سمجهڻ بجاءِ مون لاءِ وات مان بد شد لفظ ڪڍيا ۽ نهايت حقارت مان چيو ته، مان انگريز سرڪار پاران مقرر ٺيڪيدار آهيان، مون آڏو اجائي اُپٽار ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي ڪم سان ڪم رک. ڇا هن کي ائين ڪرڻ جو حق مليل آهي يا هي خود ڪنهن ادني، ظالم ۽ لالچي انسان جيان مھاڻن جي موڙي به پنهنجي کيسي ۾ وجهڻ چاهي ٿو. هن پوري منڇر کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري رکيو آهي، جيڪڏھن کانئس ائين ڪرڻ جو سبب پڇيو وڃي ته ھو شايد ٻڌائي نه سگھي، ڇاڪاڻ ته اھا ناانصافي آھي، ھو نا انصافي جي وضاحت ڪيئن ڪندو. ھن وٽ مھاڻن لاءَ عزت ڪانھي ان ڪري ھن منھنجي اھڙي طرح بيعزتي ڪئي جو ان ڏينھن مون پاڻ کي بيحد ڪمزور ۽ ڪمتر سمجھو ھو، مان پاڻ کي نفرت سان ڏسي رھيو ھئس، مان پوري رات ان احساس کان سمھي نه سگھيو ھئس، مونکي سخت مٿي ۾ سور پئجي ويو ھو.
ڪاشي رام جي منڇر مٿان عملداري ائين آھي، جو هن ڪجهه قانون پنهنجي طرفان به ٺاهي رکيا آهن. جيڪي ھن جي فائدي لاءِ آھن. ڪاشي رام ائين سمجھي ٿو ته پئسي سان نهايت اعلي مقام حاصل ڪري سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته ھي منڇر جو طاقتور ۽ انگريز سرڪار وٽ ھلندي پڄندي وارو ماڻھو آھي.
ماڻڪ، ساجن ۽ ماڻڪ جو پٽ سومار، ٺيڪيدار خلاف سرگرم آھن. سموري منڇر اندر ڪاشي رام خلاف ڪاوڙ وڌي رهي آھي. ڪاشي رام سُڌرڻ جي بجاءِ پوري منڇر تي قبضو ڪري ھر ھنڌ پنھنجا ماڻھو بيھاري ڇڏيا آھن.
ڪاشي رام چيلهه سڌي ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺو، منڇر جي ڪناري سوداگرن ۽ واپارين جا ڪٽڪ لٿل آهن. رکي رکي انهن ڏانهن مطلب واري مرڪ نھاريائين ٿي، فضا ۾ مڇي، پاڻي ۽ ماڻهن جي پگهر جي مليل جليل ڌپ، سوداگرن جي چهرن مان بيزاري کي ٿي ظاهر ڪيو، پر هي ان احساس ۾ وڌيڪ گهيريل هئا ته مڇي جو اگهه انهن جي من وٽان مليو ته انهن جو سمورو انتظار سجايو ٿيندو. هي روزانو ھر صبح ان احساس ۾ منڇر جو رخ ڪندا آهن ته گذريل ڏينھن جي ڀيٽ ۾ ھن ڀيري مڇي جو اگهه ھنن لاءِ وڌيڪ دل گھريو ھوندو. جنھن کانپوءِ ھي بازار ۾ ٻيڻي اگهه تي وڪڻي سگھندا. ھي روزانو ان طرح جو سوچيندا رهن ٿا.
مهاڻا پنهنجي سموري مڇي ڪاشي رام جي مقرر ڪيل اگهه تي ھن جي حوالي ڪن ٿا. ايستائين جو مڇي جو هڪ داڻو به پاڻ وٽ ناهن رکندا. جي هنن ائين ڪيو ته ڪاشي رام جا ماڻهو کين سخت سزا ڏيندا آهن. جيڪا مار کان بيدخلي تائين به ٿي سگهي ٿي، ڪاشي رام سموري مڇي وري سوداگرن ۾ کپائي ٿو، جنهن جي ڪجهه رقم سرڪار جي خزاني ۾ جمع ڪرائي ٿو ۽ باقي چڱي خاصي رقم جو پاڻ مالڪ ٿي وڃي ٿو. هن ڪاروبار سان وابسته جيڪي ماڻهو آهن تن ٿوري عرصي ۾ ايترو ڪمايو آهي، جو هنن جي مالي حالت ڏسي ڪير به نه چوندو ته هي غلام ملڪ جا شهري آهن. اهي لک پتي سوداگر ۽ مڇي جا واپاري مهاڻن جي چوگرد جمع ٿي ويندا آهن ته ڄڻ هندوستان جي دهلي هتان کان شروع ٿئي ٿي. مهاڻن جون مڇي سان ڀريل ٻيڙيون جڏهن منڇر جي ڪناري لنگر ٿينديون آهن، ته ڄڻ ڪنهن طوفان سمورين ٻيڙين کي وهائي هڪ هنڌ جمع ڪيو هجي. واپاري حيرت مان اکيون ڦاڙي مهاڻن ڏانهن ائين نهاريندا آهن ڄڻ انهن جي ٻيڙين ۾ سون ڀريل هجي. پر اهو سڀ سوداگرن لاءِ ته سون آھي، پر مهاڻن لاءِ ساڳي غريبي، اهو روزانو جو ڦيرو منڇر جي مهاڻن لاءِ مسرت کان خالي آھي، قدرت منڇر کي ججهو ڏنو ته جيئن ساھ واريون شيون ان مان سُک ماڻين، پر انجي ابتڙ منڇر پنهنجي لازوال حسن ۽ دولت جي باوجود، واپارين، انگلستان جي بادشاھ، سپاھين ۽ ٺيڪيدارن لاءِ دولت جو انبار بڻيل آھي. قدرت جو ھي خزانو مھاڻن جي خوشي ۽ باقي جيوت لاءِ هو ته جيئن انهن جو گذر آسان ٿئي. انگريز سرڪار ان کي آمدني جو ذريعو ٺاھي ڇڏيو آھي. منڇر جي مُھاڻي کي ڪاشي رام جي ماڻھن جي اجازت کانسواءِ ننڍڙي شاڪُر کڻڻ جي به اجازت ڪانھي. مهاڻا بيحد تڪليف ۽ مشڪل ۾ آھن، هي هتان وڃي به نه ٿا سگهن، ڇاڪاڻ ته هنن جي پرکن جا هڏڙا هتي دفن آهن. هي ان احساس ۾ به گهيريل آهن ته هنن کان ٻيو ڪم ٿيندو به ڪونه، ان ڪري تڪليف جي حالت ۾ به هي منڇر سان پنهنجو تعلق ڳنڍيو اچن ٿا.
مهاڻا، سيٺ ڪاشي رام کي پنهنجو دشمن سمجهن ٿا. ھي آسودي ڍنڍ جا بيحد غريب مھاڻا آھن. هي ته پنهنجي طرح سوداگرن سان ڪاروبار به نه ٿا ڪري سگهن ۽ نه وري پنهنجي مرضي واري زندگي گذاري سگهيا ٿي. ٺيڪيداري نظام مھاڻن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آھي. مهاڻا، مڇي ٺيڪيدار کي وڪڻڻ جا پابند آهن، ٺيڪيدار ۽ واپاري هزارين مڻ مڇي لوڊ ڪري بوبڪ اسٽيشن کان باقي شهرن ڏانهن روانو ڪن ٿا. جن مان سرڪار ۽ ٺيڪيدارن کي ھزارين روپين جو فائدو ٿئي ٿو، انگلستان جا سپاهي اسٽيشن جي نگراني ڪندا آھن، جيڪي ٽيڪس اڳاڙي لنڊن جي محلن جي بناوٽ ۽ آفريڪا ۾ ڪارن ماڻهن کي غلام بنائي دنيا جي مارڪيٽ ۾ موڪلڻ واري خرچ جو پورائو ڪرڻ لاءِ پائي پائي جو حساب رکن ٿا، انگلستان اڳيان پوري دنيا ڦهليل آهي جنهن جي گهڻي حصي تي انجو راڄ آهي. دولت، ڪجهه ھٿن ۾ اچڻ سان منڇر جي مهاڻن جي اڪثريت غربت جي هيٺين سطح تي پهتل آھي
ماڻڪ، پوري رات ٻيڙي جي تختي تي ليٽيو رهيو. سندس ذھن ۾ ڪيترا ئي سوال هئا، آسمان جا تارا ائين ٿي لڳا ڄڻ موتي ڇٽيل هجن، انجي باوجود هڪ گهري اونده هن جي من اندر لٿل هئي. هي زنده آهي به يا نه ان احساس هن جي اندر جي تلاش جا سمورا در کولي ڇڏيا آھن. هن جو من خاص ڪري پنهنجي حياتي جي نه ختم ٿيندڙ تڪليفن ڪري ڏکي پيو هو، هن کي ائين لڳو هي ڪنهن قبر ۾ قيد آھي. هي ائين سوچي ٿو ڇاڪاڻ ته هن جو وجود جيترو ڀوڳي ٿو، اوترو ھي پنهنجن نگاهن ۾ پاڻ لاءِ ڪراهت محسوس ڪري ٿو ۽ بيحد رنج واري ڪيفيت ڪري هن جون اکيون ڳوڙهن سان تر ٿي وڃن ٿيون. جنهن کي هن بار بار اگهيو ٿي.

هر مياڻي مان هڪ ماڻهو گهرجي

ماڻڪ، پنهنجي مياڻي کان ڪجهه فاصلي تي ٻيڙين جي شھر کي ترندي ڏسي رھيو آھي. پاڻي جي سطح تي هن جي ٻيڙي ڄڻ ڪنهن زخم کان چنگهي ٿي، منڇر کي جيڪا آوارگيءَ حاصل آهي، اوتري ڄڻ هي پنهنجن نماڻين اکين سان لاچار ٿي وئي آهي. ماڻڪ جي بلڪل مٿان کان بيشمار ڪونجون ڪُرڪنديون گذري ويون، ۽ اهي ڳاڙهين اکين وارا نيرڳي، سفيد ٻگهه، وڏي مٿي وارا ڊگوش به، جنهن جا عڪس هن جي من تي ازل کان چٽيل آهن. اوچتو هن پنهنجو پاڻ کي سنڀاليو.
ماڻڪ ٻيڙي جي تختي تي سڌو ٿي ويٺو، هن سومار کي آواز ڏنو، ھن جي سڏ ۾ يقين ھو عزم هو.
اسين ڪاڏي نه وينداسين، ماڻڪ سومار ڏانھن نھاريندي چيو.
ماڻڪ، ٻيڙي کي ھڪلڻ جو چيو، سومار چپي کي پنھنجي ھٿ ۾ کنيو ۽ ٻيڙي ھلائڻ لڳو.
ڪاشي رام خود سان ڪا به طاقت ناهي، هو سرڪار جو گماشتو آهي ته ڇا ٿيو، سرڪار جي خزاني کي ته اسين ٿا ڀريون، اسان مان ڪنهن کي اڳتي وڌي پنهنجو بچاءُ ڪرڻو پوندو، هر مياڻي مان هڪ ماڻهو به نڪتو ته سرڪار اسان جي ڳالهه ضرور ٻڌندي. اسين متحد ٿي پنهنجي موجودگي جو احساس پيدا ڪيون ته سرڪار کي مهاڻن جي تڪليف تي سوچڻو پوندو، آخر سمورا مهاڻا منڇر جي زندگي جو حصو آهن، انهن کي ڪيئن ٿو منڇر جي آسودگي کان محروم ڪري سگهجي. هي بيحد حقيقي سوال آهي ته منڇر پنهنجي چادر ڦهلائي ان ڪري نه ته ڪاشي رام آسودو ٿئي، پر ان لاءِ ته هر جيوت کي سُک سان جيئڻ جو حق حاصل هجي، ماڻڪ آزادي، زندگي ۽ اطمينان واري شديد ڪيفيت مان گذرندي پاڻ کي ايندڙ وقت لاءِ تيار ڪري ٿو، هي مياڻي جي سمورن مهاڻن کي رات گڏجڻ جو نياپو موڪلي ٿو.

ريڊيو آڪاشواڻي جي خبر ماڻهن جو ساه ڪڍي ڇڏيو.

لعل، اڄ شام ريڊيو آڪاشواڻي تي هندوستان جي ورھاڱي جون خبرون ٻڌيون ته هن جو من سيني کان ڄڻ ٻاهر نڪري آيو. ھو گھٻرائجي گھر جي آڳنڌ ڏانھن نڪري آيو، گھر جون سموريون ديوارون، پردا، تصويرون، ڪونڊين ۾ رکيل ٻوٽا ۽ اھي مکڙيون به جيڪي تازيون ٽڙيون ھيون جن سان ھي کلندو ڳالھائيندو ھو، ھاڻي ھي خاموش ٿي ويل ٿي لڳيون.
لعل جو سڪون ڀريو چهرو هاڻ ڪيترين ڳالهين ڪري ملول رهي ٿو، جيئن ڪي اسرار هن اڳيان ڪنهن ڀوائتي خواب جيان ايندا هجن ۽ هن جو سک ۽ چين ختم ڪري ويندا ھجن. چوڏهين تاريخ جو چنڊ آشرم مان ٿيندو عين هن جي مٿان اچي بيٺو آھي، چنڊ جي راتين ۾ ڪيترا ڪلاڪ پڌر تي ويھي ان سان ھم ڪلام ٿيو آھي، پر اڄ ھن کي ھي چانڊوڪي ڪنھن المئي کي پيدا ڪرڻ جو سبب بنجندي محسوس ٿئي ٿي. جناح جي خوف ڏيندڙ ڳالهين ۽ گانڌي جي معني خيز خاموشي وارا عڪس سندس جي ذهن ۾ اڀرڻ لڳا. هن کي منڇر ۽ بوبڪ پنهنجن پيرن هيٺان کسڪندي محسوس ٿئي ٿي. هو آهستي آهستي اٿيو، منڇر جي شفاف پاڻي ڏانھن جيڪا ھن کي اڳ کان به وڌيڪ خوبصورت لڳي ٿي.
هن پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون ان خوف کان ته ڪٿي هي، پنهنجي اندر جي خدشن ۽ طويل ٿيندڙ خاموشي سبب روئي ۽ رڙيون نه ڪري. ھن ڪانگريس کي ٽٽندي ڏٺوآهي ته ٻئي پاسي مسلم ليگ کي ٺهندي ڏٺو آهي، هي اها ڳالهه پوري طرح سمجهي ٿو ته هي پارٽيون ماڻهن سان ڇا ڪرڻ ٿيون چاهن. لعل جي چهري تي نامعلوم خوف جا آثار پيدا ٿي ويا، ان قدر جو هو ساه به ڏکيائي سان کڻي رهيو هو. جناح جي علحده وطن جي مطالبي جو ڪهڙو مطلب آهي؟ هي پاڻ سان ڳالهائي ٿو. اها ڳالهه ته خالص هڪ امير مسلمان ڪلاس کي مسلمانن جي اڪثريت عوام مٿان راڄ ڪرڻ جي حق کي حاصل ڪرڻ جي برابر آهي. ائين جي هر مذهب جو ماڻهو پنهنجي راڄ آڌار ملڪ ٺاهيندو ويندو ته انسان جي مجموئي آزادي جو ڇا ٿيندو؟ هن پنهنجي زال کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ته، ورهاڱي ۾ ڪنهن جو ڇا ڇا ويندو، ھي ملڪ ۾ رت جو درياء وهندي ڏسي ٿو.
لعل، پنھنجي گھر واري کي چوڻ لڳو ته ھن پوري زندگي بوبڪ کي پنهنجن هٿن سان روشن رکيوآھي. ھن گهرن جا شمعدان نه، ماڻھن جي دلين کي روشن ڪيو ھو. مون ڪڏھن ڪنھن کان نه پڇيو ته ھن گھر جو مالڪ ڪير آھي يا سندس ڪھڙو ڌرم آھي. ھن شھر جي چوراھن تي وڻ لڳايا ته سمورا انسان ان مان ڇانو وٺن. ھن پاڻ کي ڪڏھن به ڪنهن کان الڳ ھستي نه سمجھيو، ھي ته ماڻهن جو ۽ هن زمين جو حصو آھي. هن پاڻي ۾ هن جي وڏڙن جي رک آهي. اهي سفيد ڪفن ۾ ويڙھيل، مٽيءَ ۾ دفنايل ۽ لئي، ڪنڊي ۽ ٻٻُر جي ڪاٺيءَ ۾ ساڙيل ھن جا پنھنجا آھن، هن جا پاڙيسري، دوست ۽ ساٿي آهن، جن کي خدا ڪڏهن به الڳ ڪري پيدا ناهي ڪيو.
لعل جو گهر ڪشادو نه هجڻ جي باوجود تنگ به نه هو، ٻه زال مڙس ئي ته هئا، هنن کي ٻار ڪونه ٿيا، نه ئي هنن ٻارن لاءِ ڀڳوان جو سُک ڦٽايو. بلڪه هنن جي مزاج ۾ ئي ائين نه هو، ڪنهن جو سُک ڦٽائڻ. هو هميشه خدا کان سڀني لاءِ سُک ۽ آنند جي پراٿنا ڪندا رھيا آھن. لعل کي ڪڏهن به اڪيلائي جو احساس نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته هن شهر، هن جا سمورا غم پنهنجي ٻانهن ۾ سميٽي رکيا هئا، لعل جي پتني ان ڳالهه جي عادي بنجي وئي هئي ته پاڙي جي ٻارن جي کائڻ لاءِ نقل ۽ ريوڙيون سنڀالي رکي، ٻار به هن گهر کي پنهنجو آشرم سمجهندا رھيا آھن، نه ڪا جهل نه پل نه ڪا مهل ڪو موقعو گهر ۾ گهڙي ايندا، لعل جي گهر واري انهن کي پنهنجي چوڌاري ڏسي عجيب راحت محسوس ڪري ٿي. ان کي ان ڳالهه جو احساس ئي نه رهندو هو ته، هن جي پنهنجي ڪُک ٻار کان خالي آهي. لعل ميونسپالٽي جو ملازم نه هو، پر هن ماڻهن جي درن جا شمعدان روشن رکڻ جو ذمو پنهنجي سر کنيو هو. هو رات جو سمورن گهرن کي روشن ڪري ايندو ۽ صبح سوير انهن کي اجهائي ايندوآھي. ميونسپالٽي هن کي صرف شمعدان ٻارڻ جو تيل ڏئي ٿي، لعل جو ننڍڙو ڪاروبار منڇر ۽ مھاڻن سان جڙيل آھي. هن ٻيڙي تي ڪريانه جو دوڪان کوليو. ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو منڇر جو ڦيرو ڏئي ايندو هو ته پورو ڏينھن سُک سان گذري ويندو ھو. ٻيڙي کي شام جو ڪناري سان لڳل ڪلي سان ٻڌي ايندو ھو، تڏهن ڪجهه به گم ٿيڻ يا چوري ٿيڻ جو ڪو خوف نه هو، هن کي پنهنجي ڪاروبار کي وڌائڻ جي خواهش ڪڏهن به نه رهي، سندس ڪوشش هوندي آھي ته پنهنجي حياتي کي گهڻين ڳالهين کان بچائي رکي، جنهن مان هڪ شي پئسو به هو جنهن لاءِ هي ڪڏهن به پريشان نه ٿيو.

ڪي وڏا واقعا تاريخ وساري ٿي.

ماڻڪ ڪمال جو مهاڻو آهي، هن جي همت رنگ لاتو، هن ڪري ڏيکاريو،
منڇر جا مُھاڻا ماڻڪ سان ان ڳالهه تي سھمت آھن ته سيٺ ڪاشي رام، هڪ خود غرض لالچي انسان آهي. هاڻ جي انگريز سرڪار جو نمائندو اچي ٿو ته ان سان پنهنجا رنج بيان ڪجن. هنن کي ان ڳالهه جو به اندازو هو ته اهڙي قسم جي پيشقدمي جا نتيجا خراب به نڪري سگهن ٿا، پر جي هي متحد آهن ته ڪير به هنن کي منڇر مان بيدخل نه ٿو ڪري سگهي. ھنن ٻين ڪيترن بنيادي سوالن تي به غور ڪيو.
مان توھان کي ٻڌايان ٿو، اسانجي تڪليف ختم ٿيندي، جنھن لاءِ اسانجو متحد ھجڻ ضروري آھي. ماڻڪ، مُھاڻن سان مخاطب هو. هزارين سالن کان قائم منڇر تڏهن به قائم هئي، جڏهن ڪا حڪومت يا سرحدن جو وجود نه هو. جڏهن باقي دنيا جا ماڻهو تلوارن ۽ نيزن سان ھڪٻئي جو خون ڪري رھيا ھئا، معصوم ۽ ڪمزور ماڻھن جي مال مويشي تي قبضو ڪري رهيا هئا، تڏهن مهاڻا ان سموري انساني جنگ کان پري، پاڻي کي پنهنجو گھر ٺاھيو. ھتي ھي مھاڻا ٿي رھيا، پاڻي تي رهڻ جي روايت وڌي ۽ ڪنهن جي به جان وٺڻ ۽ انجي ذريعن تي قبضي ڪرڻ کانسواءِ امن سان رھڻ لڳا. ان کانپوءِ ته قافلن جي صورت ۾ ماڻهو آباد ٿيندا ويا. منڇر سمورن جي گذر سفر جو بندوبست ڪيو ۽ انهن کي بھ پنهنجي رنگ ۾ رنڱي ڇڏيو ۽ ڏسندي ڏسندي منڇر جي مٿاڇري تي جهڙوڪر ٻيڙين جو شهر آباد ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته منڇر سڀ جي من اندر ائين سمائجي وڃي ٿي، جيئن انسان جي جسم اندر نيڪي وارا خيال سمائجن ٿا جيڪي پوءِ وڃن ٿا مضبوط ٿيندا. اسان هتي پنهنجا قانون ٺاهيا، رهڻ جا پنهنجا طريقا.
ماڻڪ مھاڻن جي وچ ۾ ويٺو ڳالهائي رهيو هو، سمورا مھاڻا کيس غور سان ٻڌي رهيا آھن. هن وري ڳالھائڻ شروع ڪيو، منڇر اسان سڀني جو گهر آهي. ڄمڻ، مرڻ، شاديون سڀ اسان منڇر تي ڪيون ٿا، اسان ڪڏهن به زمين تي رهڻ وارن ماڻهن سان حساب ناهي ڪيو، انهن اسان کي ڪڻڪ، ٻاجهر، جوئر، چانور ڏنا کين بدلي ۾ اسين مڇي، بهه، پٻڻ، لوڙهه ڏنا، جنهن ۾ قدرت پنهنجو ذائقو رکيو آهي. اسان نيزن تلوارن جو ذڪر ڪرڻ بجاءِ هزارين سالن کان قائم تهذيب ۽ مساوات جي بنياد رکي. دنيا کي ٻڌايو ته قتل غارت ڪرڻ کانسواءِ به امن سان رهي سگهجي ٿو. پر جڏهن کان ملڪن ۽ سرحدن جي سياست شروع ٿي ته انهن ماڻهن نه صرف ماڻهن پر قدرت جي وسيلن تي به قبضو ڪرڻ شروع ڪيو، گذر سفر جا اهي ذريعا قدرت پنهنجي طرح سان ماڻهن جي قدمن هيٺان رکيا ته جيئن اهي ان کي تلاش ڪري پنهنجي استعمال ۾ آڻن ۽ سُک جو ساه کڻن. انگريز سرڪار کان اڳ ميرن ۽ مغلن کي به اسين آمدني تي ڍل ڏيندا رهياسين ۽ هاڻ به ڏيون پيا، پر انجو اهو مطلب ته ناهي ته اسين غلامي واري زندگي گذاريون ۽ پوري ڏينهن جي ولوڙ کانپوءِ مڇي جي هڪ داڻي تي به اسانجو حق نه هجي. ٺيڪيدار ڪاشي رام کي سرڪار کان وڌيڪ منڇر ۽ مهاڻن سان وفادار هجڻ گهرجي، پر هي مڪمل سرڪار جو دلال آهي ۽ مهاڻن کي انسان سمجهڻ لاءِ تيار ناهي. ان خيال ۾ ڪو هندو مسلم جو سوال ناهي، ڇاڪاڻ ته سيٺ ڪاشي رام سمورن پوءِ توڙي هندو ڌرم جا هجن يا مسلمان سمورن سان ساڳي ناانصافي ڪري ٿو. منڇر مهاڻن جي آهي، اها ئي بنيادي ڳالهه آهي. انگريز عملدار کي به اها ڳالهه سمجهائڻي آهي، سمورن مھاڻن ماڻڪ جي ڳالهين کي غور سان ٻڌو ۽ هڪ ئي آواز ۾ چيو، بيشڪ منڇر مهاڻن جي آهي، اسان ان حق لاءِ وڙھنداسين. ماڻڪ اسين توسان گڏ آهيون.

ٻيڙين جو جلوس
سڙه سنڀالي ھلو

غير معمولي فيصلي کانپوءِ مھاڻا، ٻيڙين جو جلوس ڪري ڊاڪ بنگلي ڏانهن روانا ٿيا، قافلي ۾ ڪي ٻه اڍائي سو ٻيڙيون ھيون ۽ سڀني پنھنجا سڙھه کولي رکيا ھئا، جنھن سان انھن جي رفتار ۾ تيزي اچي وئي. ماڻڪ جي ٻيڙي سڀ کان اڳيان آھي، ھنن جو رخ ڊاڪ بنگلي ڏانھن آھي، جتي انگريز سرڪار جو نمائندو ترسيل آهي. مھاڻن ۾ ھڪ عجيب ھلچل آھي، ان جوش جي حالت ۾ منڇر ته ڇا هي سمنڊ به اُڪري ويندا. سومار جي ٻيڙي ماڻڪ جي بلڪل ڀر کان ھلي رھي آھي، سمورا مھاڻا ھڪ آواز ۾ منڇر ۽ مھاڻن جي حياتي سان ملندڙ جلندڙ گيت ڳائن ٿا، هي ڳائيندا ڳائيندا پنهنجن ٻانهن کي به هوا ۾ لهرائيندا رهن ٿا، هنن سنڌ جي عظيم درياء جو ذڪر ڪيو ٿي ۽ کيرٿر جي بلند پهاڙن جو به ذڪر ڪيو ٿي، پنهنجن ٻيڙين جي ڪاٺ جو به ذڪري ڪيو ٿي جيڪي برسات جي پاڻي ۾ ڀڄن ٿين ته عجيب خوشبو پيدا ڪن ٿيون، ساجن مهاڻي انجي ابتدا ڪئي ۽ باقي مهاڻن رکي رکي ورناءُ ڏنو ٿي،
ھنن ڪيترن مھاڻن جا نالا کنيا
مياڻين ۽ ٻيڙين جا نالا کنيا
پتڻ ۽ پنن جانالا کنيا
پکين ۽ پرديسين جا نالا کنيا
ھي ائين ڳائيندا ھلندا ھليا
ساجن گيت ڳائيندو ٻيڙي جو چپو هلائيندو ٿي ويو، هي هاڻ ڊاڪ بنگلي جي ويجهو پهچي ويا آهن. ساجن جنھن سُر سان ۽ باقي مھاڻن جنھن جوش مان ورلاءِ ڏنو ٿي، ان سان ھنن ۾ جوش ڀرجي ويو ھو. منڇر جون لهرون هنن جي ٻيڙين کي ڄڻ اڳتي ڌڪي رهيون آھن، هنن اندر هڪ نئين مھاڻي جو جنم ٿيو، هنن لاءِ هي گهڙي نهايت اهميت واري آهي، هنن چاهيو ٿي ته هي آزاد ٿي وڃن، اهي خيال ماڻڪ جي دل ۾ هلچل مچائي رهيا هئا. باوجود انجي جو ماڻڪ پنهنجي چهري مان ڪو گهڻو داناءُ به نظر نه ٿي آيو نه وري چهري جا وصف ڪي گهڻا خوبصورت هئا، سندس گھريون ڪشاديون جاندار ڀوري رنگ واريون اکيون، جن مان هن جي سموري شخصيت جي خبر پوندي هئي، سندس دل چهري کان وڌيڪ خوبصورت آھي. اها ئي ڳالهه ماڻڪ کي باقي مهاڻن کان نمايان ڪري ٿي، هن پنهنجي طرح سان پنهنجي زندگي جا ڪجهه اصول ٺاهي رکيا آھن. جيڪي ئي دراصل هن کي ضابطي ۽ حقيقي زندگي ڏانهن وٺي وڃن ٿا.
منھنجي ڳالهه ڌيان ڏئي ٻڌو، ماڻڪ، ساجن ۽ سومار سان ڳالھائيندي چيو.
هي انگريز، کليل دماغ جا ۽ لالچي ماڻهو آهن. هي اسان کي ڪيترن فضول ڳالهين ۾ منجھائي سگهن ٿا ۽ ڪٿي ته گرما گرمي به ٿي سگھي ٿي. توھان خاص طور ٻئي هنن جي ڪنهن به چيڙائڻ واري ڳالهه تي ارھا نه ٿجو، توھان کي ڏسي عجيب لڳندو ته هي ڪهڙي مُهذب طريقي سان اسانجي ڳالهه ٻڌندا پر جي هنن کي اسانجي ڳالهه ۾ منافعو ۽ فائدو سمجهه ۾ آيو ته فيصلي ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا. ھنن سنڌ فتح ڪئي ته جيئن ان جي وسيلن کي پنھنجي آسودگي لاءِ ڪم آڻي سگھن، ان لاءِ هنن پُلون، ريلون ۽ واھه کوٽيا، مون پنھنجن اکين سان اهو ٿيندي ڏٺو آهي. هنن هتان جي پراڻي زمينداري واري نظام کي ڇيڙڻ جي بجاءِ مضبوط عملداري ۽ صاحبي واري نظام کي مضبوط ڪيو، جنھن ڪري هنن کي ڪا وڏي مذاحمت کي منهن ناهي ڏيئڻو پيو. هنن جو عام ماڻهو سان واسطو به ائين آهي، هنن جو ان سان ڪو سرءُ ڪار ڪونهي ته عام ماڻهو غربت جي ڪهڙي حالت ۾ آهي. پر هنن جو انصاف واه جو آهي، هي انصاف پسند ان ڪري آهن ڇاڪاڻ ته سنڌ جي سموري پيداوار جا هي اڪيلا مالڪ آهن. ان ڪري هي پاڻ کي مقامي سردارن ۽ نوابن جي نسبت بهتر ڪري پيش ڪندا آهن ۽ اهو تاثر ڏيندا رهندا آهن ته ھي هتي اسانجي ڇوٽڪاري لاءِ آيل آهن.
ڊاڪ بنگلي تي، انگريز سرڪار جو فوجي دستو هميشه رهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هي رسد ۽ پيغام رساني جو ذريعو آهي، ان ڪري اسين ڄڻ فوجي ڪيمپ ڏانھن پيا ھلون، اسان کي شڪ جي نگاه سان ڏسندا، پر جي مرشد ڌمڻ چاهيو ته اسان گورن آڏو حق جي ڳالهه رکڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. سيٺ ڪاشي رام سان اسانجي ڪا دشمني ڪانهي، هن اسانجي جيئڻ جا سموار رستا بند ڪري رکيا آهن. ماڻڪ، ساجن ۽ سومار پنهنجي گفتگو ختم ڪري اٿي بيٺا. ان دوران سمورا مهاڻا به سندن چوڌاري گڏ ٿي ويا، هي ڳڻپ ۾ ڪي 200 مهاڻا آهن جن ۾ اهي عورتون به آهن جن پنهنجي پوري حياتي مڇي مارڻ ۽ ٻيڙي ھڪلڻ وارو ڪم ڪيوآھي. هنن کي اڄ وارو ڪو تجربو ڪونهي ته حق حاصل ڪرڻ جي ويڙهه ڪيئن ھوندي آهي، هي ته پنهنجي گُھوٽن سان گڏ بيٺيون آهن. هي سمجهن ٿيون ته ان سان هنن کي طاقت ملندي، ڪجهه ته معصوم ٻارن کي به جهولي ۾ کڻي آيون آھن. هي هڪ ٻئي احساس ۾ به گهريل آهن ته منڇر ھنن جي ھم راز ۽ اھڙي آرسي جھڙي آھي جنھن ۾ ھي پنھنجو پاڻ کي ڏسن ٿيون، هاڻ جي ٺيڪيدار جي ڪري، منڇر کي باهه لڳل آهي ته هي ڪيئن ٿيون خاموش رهي سگهن.

تون منڇر جو مهاڻو آهين.
ٻاهرجي شيخ ڌمڻ پير ٿي وئين ته ڇا ٿيو.

شاھ حسڻ ڊاڪ بنگلي جو آڳنڌ مهاڻن سان ڀرجي ويو آهي، ماڻڪ کي ياد آيو ته هي هتي ڪيترا ڀيرا آيو آهي ۽ ڪيترا ڀيرا انگريزن کي بلڪل ويجھي کان ڏٺو آهي پر ڪڏهن به کيس همت نه ٿي ته ويجهو وڃي انهن سان ڳالهائي سگهي. پر اڄ هنن سان پنهنجن حقن متعلق ڳالهائڻ آيو آهي، هن کي اها همت ان ڪري ٿي آهي جو هنن کي حقير سمجهيو ويو، هنن جي پورهئي تي قبضو ٿيندو ويو. ماڻڪ، هڪ ڀيرو سمورن مهاڻن ڏانهن نهاريو، هن کي مهاڻن جي چهرن تي سالن کان پکڙيل نااميدي جا گهرا نشان نظر آيا. هن جڏهن واري واري سان سڀني ڏانهن نهاريو ته ڄڻ نامعلوم خوشي، رنج، خوف جي ڪيفيت سمورن جي اکين ۾ اُڀري آئي ھئي. ھنن حقارت واري زندگي مان ڇوٽڪارو ٿي چاهيو.
قريب قريب اڌ ڪلاڪ کانپوءِ گورن جا ٻه سپاهي هنن ڏانھن آيا، هنن کان مجمعي لڳائڻ جو سبب پُڇي هليا ويا. هي ويٺا رهيا. سومار جي ذهن ۾ طرح طرح جا عجيب خيال آيا ٿي، انهن کان بچڻ لاءِ هن ڪيڏيءَ مهل ماڻڪ سان ٿي ڳالهايو ته ڪيڏيءَ مھل بيخياليءَ مان زمين ٿي کوٽي. هي ڪڏهن به اهڙي ڪيفيت مان نه گذريو هو. هڪ عجيب شور هو، جيڪو ويو ٿي هن جي من اندر وڌندو. سمورن مھاڻن مٿان بيزار ڪندڙ عجيب خاموشي ڇانيل ھئي. هي ڳالهه ڪيتري نه اذيت ڏيندڙ آهي ته، انسان جي حيثيت مڇي جي هڪ داڻي کان به گهٽ ھجي. هن کي ياد آيو ته هڪ ڏينهن سيٺ ڪاشي رام جي ماڻهن هن جي حصي جي سموري مڇي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏي هئي، ھن مذاحمت ڪئي ته ڪيئن نه هن کي ٿفڙون هنيون هيون، ان رات هي هڪ گهڙي به سمهي نه سگهيو هو، هن هتان وڄڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر پوءِ سندس والد ماڻڪ انڪار ڪيو ھو. چوي جي هر ماڻهو ائين منڇر ڇڏيندو ويندو ته، اسانجي اندر ۾ جيڪا منڇر آهي سا ته مري ويندي. ان خوفناڪ مستقبل کان ھن جو روح ڇرڪي پيو ھو. ھن ته ان ڏينھن حد ڪري ڇڏي ھئي. منع ڪرڻ تي ماڻڪ کي گاريون ڏنيون ھيون. جنھن تي ماڻڪ کيس ڀاڪر ۾ ڀري پاڻي ۾ کڻي اڇليو ھو. ڀنل ڀنل اکين سان ھي ڪافي دير تائين ماڻڪ کي ڏسندو رهيو. سومار ورائي ورائي انجي ڳالهين تي سوچيندو رهيو. ماڻڪ جي آخري ڳالهه هن جي ڪائنات ئي تبديل ڪري ڇڏي.
“تون منڇر جو مهاڻو آهين. ٻاهرجي شيخ ڌمڻ پير به ٿي وئين ته ڇا ٿيو”

منڇر، مٿان مهاڻن جو راڄ تسليم ٿيو.

انگريز سرڪار جو نمائندو هنن اڳيان اچي بيٺو
توهان مان ڪي به چار ماڻهو مونسان گڏ اچن، انگريز سرڪار جي سپاهي ماڻڪ ڏانهن نهاريندي چيو.
ماڻڪ ساجن، ڌڻي بخش ۽ مائي هاجران کي گڏ کنيو، هي چارئي سپاهي جي پويان پويان هلندا ويا. هي جيئن ڪمري جي اندر گهڙيا ته هنن جي پهرين نظر سيٺ ڪاشي رام تي پئي. هن جي ڀر ۾ ٻه گورا انگريز آفيسر ويٺا هن سان ڳالهائي رهيا هئا، سيٺ ڪاشي جي آواز ۽ چهري جي رنگت مان لڳو ٿي ته هي ڪنهن طوفان کي ايندو ڏسي پريشان آهي. ٻن انگريز گورن مان هڪ جي عمر پنجاه سالن جي لڳ ڀڳ آھي جڏهن ته ٻيو نوجوان هو، ڪشادو ڪمرو روشن هو، وڏي عمر وارو انگريز آفيسر هنن کي ڏسي پنهنجي ڪرسي تان اٿي بيٺو.
“ توهان سان ڪهڙو مسئلو آهي؟” انگريز آفيسر هنن ڏانهن نهاريندي پڇيو،
سرڪار اسين منڇر جا مُهاڻا آهيون، ماڻڪ نهايت ڌيرج مان عرض واري انداز ۾ ڳالھائڻ لڳو. اسين ھي سڀ جيڪي ٻاھر ويٺا آھيون، پنهنجن پرکن کان منڇر تي آباد آهيون. هي منڇر ئي آهي جنهن اسانجي گذر سفر جي ذريعن کي آسان بنايو، اسانجن ابن ڏاڏن جا هڏڙا به هن زمين ۾ دفن آهن. اسان هتي ائين زندگي گذاري آهي، جو ڪو به اسان ۽ منڇر ۾ فرق ڪري نه سگهندو. اسان مان ڪنهن کي به مغلن ۽ انگريز سرڪار جي جهيڙي سان ڪا دلچسپي ناھي، ڇاڪاڻ ته اسان جي دنيا ئي الڳ آهي. اسان ڪنهن به سرڪار کان هميشه ايترو چاهيو آهي ته اسان کي عزت سان جيئڻ ڏيو. اسان ٻارن جي تعليم ڇڏي، پنهنجن بيمارين جو علاج منڇر کان سکيو، پنهنجي سادگي ۽ خوشي جو اظهار شيخ ڌمڻ فقيرجي ميلي تي ڪندا آهيون جتي اسانجا ابا ڏاڏا دفن آهن.
ڪجهه گھڙي جي خاموشي کانپوءِ، ماڻڪ ساڳي گرم جوشي مان وري ڳالهايو.اسين ائين ٻڌو آھي ته، انگريز انصاف ڪرڻ وارا آھن. هي ٺيڪيدار سيٺ ڪاشي رام جيڪو اوهانجي ڀر ۾ ويٺو آهي، مهاڻن سان ائين نفرت ڪري ٿو جو انهن کي پنهنجي کائڻ لاءِ مڇي جو هڪ داڻو به نه ٿو ڏئي. هي غير قانوني به آهي ته ظلم به. هن هر طرف پنهنجا ماڻهو رکي ڇڏيا آهن، هن جي ظلم جي حد آهي جو ڪيترا مهاڻا منڇر ڇڏي ويا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ به هن جي ماڻهن سومار کي گهٽ وڌ ڳالهايو ٿفڙون هنيون، ان کان اڳ ھنن جمال، خدابخش ۽ موسي سان به ائين ڪيو. اسان توھان کان انصاف چاھيون ٿا. سرڪار اسين بدقسمت ناهيون، ماڻڪ هڪ ڀيرو وري ڳالهايو، اسين ٻن سالن کان هن هلڪي طبعيت واري بکايل سيٺ ڪاشي رام جو ظلم برداشت ڪندا رھيا آهيون.
هي لائق ناهي، هي هڪ ڏينهن به منڇر جي ٺيڪداري رکڻ جي لائق ناهي.
ڪمري ۾ ڪجهه دير لاءِ خاموشي ڇانئجي وئي. ماڻڪ چٻي ۽ چٿي ڳالهائڻ جي بجاءِ مهاڻن واري روايتي انداز سان ڳالهايو، جيڪو واضح ۽ چٽو هو. هن ائين ڄاڻي واڻي ڪيو هي پنهنجي اندر ائين طئي ڪري ويٺو هو ته، “هو پاڻ کي ٻوڙيندو يا ٺيڪيدار کي” باجود انجي جو ماڻڪ جي تعليم به ڪا ڪانهي ان هوندي به ھن جي گفتگو سڀني کي ٻڌڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو ۽ سمورا کيس غور سان ٻڌي رهيا هئا. ڇاڪاڻ ته کيس جي چهري مان معصوماڻي گفتگو سان گڏ اکين مان پختو ارادو به جهلڪيو ٿي.
صاحب!؟
صديق مهاڻو.
سيٺ، جو ڪمدار.
توهانکي ٻڌايان ٿي ته هن هُوران سان ڇا ڪيو؟ ھاجران اوچتو رڙ ڪري سڀني جو توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪيو .
ان ڏينهن هو ته لڙهي وڃي ها پر، ڪُراڙي واحد بخش کيس بچائي ورتو. گذريل ڪيترن مهينن کان هو ان عذاب ۾ مبتلا رهي ته، صديق هر ڀيري ان کي مجبور ڪندو هو ته ان سان دوستي ڪري. جڏهن ته هوران مـڱيل آهي، هڪ ڀيري هو اڪيلي بتيلي تي لوڙهه ڪڍي رهي هئي ته، صديق کيس ڦري آيو ۽ پنهنجي هوڙي کي هوران جي بتيلي سان ملائي، هوران کي ٻانهن مان جهلي پنهنجي بتيلي ڏانهن ڇڪڻ لڳو، هن جو ارادو ڪهڙو هو پر، هوران سخت مذاحمت ڪندي وڃي پاڻي ۾ ڪري، صديق خوف مان پنهنجو هوڙهو گهمائي پتڻ ڏانهن ڀڳو، هن سمجهيو ته هوران ٻڏي وئي، پر مهاڻي عورت کي ترڻ ۽ پنهنجي حفاظت ڪرڻ جنم کان مليو آھي، پر ان ڏينهن هوران اهڙي خوف ۾ ورتل هئي جو پوري طرح تري به نه پئي سگهي، هي ته معصوم هئي، هن ڪڏهن به اهڙي واقعي جو سوچيو ئي ڪو نه هو، پر پوءِ اوچتو ڪراڙو واحد بخش ٻوڙن کان ظاهر ٿيو ۽ هوران کي رڙيون ڪندي ۽ پاڻي تي ٻانهون هڻندي ڏٺو ته کيس اچي بچايو.
“ان ڏينهن ته هوران ٻُڏي مري ھا” توهان کي ٻڌايان ته سيٺ کي ڪيترا ڀيرا مون صديق جي شڪايت ڪئي، پر هر ڀيري هن انجي ساراهه ٿي ڪئي. ڇاڪاڻ ته اهو ئي ماڻهو هو جيڪو سڀني کان وڌيڪ بزدل ۽ ڪميڻو آھي. مائي ھاجران غضبناڪ نظر مان سيٺ ڪاشي رام ڏانهن نهاريو.
“سيٺ، مون توکي خبردار ڪيو هو ته صديق کي ائين ڪرڻ کان روڪ” توکي ياد آهي ته تو منهن ڦيرائيندي چيو هو ته صديق ته منھنجو خاص ماڻھوآهي. تو جنھن وقت اھي لفظ چيا تڏھن تون پوري ريت پنھنجي عزت وڃائي ويٺو ھئين،
“بيغيرت” ڪنھن جاءِ جا، مائي ھاجران سيٺ ڪاشي رام ڏانھن نھاريندي کيس حقارت مان چيو.
وڏي عمر وارو گورو آفيسر، هنن جي سامهون اچي بيٺو ، هنن کي ٻڌڻ کانپوءِ هڪ اهڙي آرام ڪرسي تي ائين اچي ويٺو، جنھن جو رُخ هنن ڏانهن ھو. هن ڪيئي ڀيرا بي اختيار غور سان ماڻڪ ڏانهن ۽ وري ھاجران ڏانهن نهاريو، ڪيڏي مهل ته هڪ ئي وقت ڪيترا گهنج هن جي اکين مان ظاهر ٿيا ٿي. هن ڪجهه لفظ انگريزي جا پنهنجي نوجوان گوري سان ڳالهايا، ڪجهه لمها ترسي هن سيٺ ڪاشي رام ڏانهن نهاريو.
سيٺ ڪاشي رام جو چهرو لٿل ھو. هنجي چهري جي رنگت مان ظاهر هو ته هي پنهنجي ساک وڃائي ويٺو آهي. سيٺ ڪاشي رام ڪجهه چوڻ ٿي گهريو، پر کانئس لفظن ساٿ نه ڏنو. سندس دل کي خوف ورائي ويو هو، ايستائين جو ڏڪڻي وٺي ويس.
تون ڇا چوندين!؟ وڏي عمر واري گوري آفيسر ڪاشي رام ڏانهن نهاريندي چيو.
سيٺ ڪاشي رام ڄڻ ٻوڙو ٿي ويو هو، ھن اکين کي مهٽيو، ۽ اوچتو عجيب طرح جي دانهن ڪندي گوري آفيسر ڏانهن نهاريندي چيو،
“ مالڪ آهيو، جيئن وڻي فيصلو ڪيو.”
وڏي عمر واري گوري آفيسر پنهنجي مٿي کي هيٺ جهڪايو، گهڙي کن ان حالت ۾ رهندي. ماڻڪ ڏانهن نهاريندي چيو. “ ٺيڪيدار کي وجهو کڏ ۾، منڇر جو ٺيڪو توھان کي ڏيون ٿا، سال جا 30 ھزار” توهان مڪمل با اختيار هوندا ڪوبه توهان کي بي دخل ڪرڻ وارو نه هوندو. گوري آفيسر مهاڻن ڏانهن نهاريندي چيو، توھان کي اھو قبول آھي.
هائو! اسين ائين ڪري سگهون ٿا، اسان کي قبول آھي. ماڻڪ جواب ڏنو، هي ان فيصلي لاءِ تيار نه هئا پر هي ان حقيقت کان واقف هئا ته آزادي سان جيئڻ جو هي ئي رستو آهي، هي جي نيڪ نيت رهيا ته سمورن مهاڻن جي نسلن کي فائدو ٿيندو، هي مڃتا هنن کي نئين طرح سان جيئڻ جو رستو ڏيندو، هڪ عجيب قسم جو جوش هڪدم سندس دل ۾ پيدا ٿيو، هن ماٺيڻي ۽ راحت ڀري نظر مائي ھاجران تي وڌي، هن پوءِ واري واري سان، ڌڻي بخش، مائي هاجران ڏانهن نهاريو، سڀني جي اکين ۾ عجيب خوشي هئي..
مائي ھاجران، تڏهن گوري انگريز جي آڏو اچي بيٺي.
“اهوئي انصاف آهي” باوجود انجي جو تون، هن وطن جو ناهين، پر مھاڻن کي تنھنجو ھي فيصلو ھميشه ياد رھندو، تنھنجا گڻ ھميشه ياد رکيا ويندا.


منڇر، ننڍڙي دنيا جو وڏو جشن

منڇر جي ھر طرف کان خوشيءَ جو احساس هو، جيڪو مهاڻن کي ويو ٿي پنهنجي سحر ۾ وٺندو. پهريون ڀيرو هنن کي پنهنجي قدر قيمت جو احساس ٿيو. هي جيڪي معمولي زندگي گذارڻ تي مجبور هئا، بلڪ حقير سمجهيا ويندڙ، ھاڻ غير معمولي طور تي پاڻ کي طاقتور سمجهڻ لڳا. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به نقصان، بي دخلي، جنگ، جهيڙي کانسواءِ هنن منڇر مٿان پنهنجو راڄ تسليم ڪرايو. ان ڪاميابي هنن جي دنيا تبديل ڪري ڇڏي، ٺيڪيداري نظام جي خاتمي جي خوشي ۾ منڇر جا مهاڻا ماڻڪ کي مبارڪون ڏيڻ لڳا. شام جي ڌنڌلي روشني ۾ پري کان کيرٿر جون پهاڙيون الوپ ٿيڻ کان اڳ وڌيڪ روشن ٿي پيون ھيون. ڪجهه ته ائين ٿي لڳيون ڄڻ پاڻي جي وچ ئي وچ منجهه بيٺيون آهن، وري جي هوا ٿي لڳي ته منڇر گرجا جي گهنڊ جيان وڃي ۽ لُڏي ٿي. لهندڙ سج جي لالاڻ جا عڪس مهاڻن جي اکين ۾ تري بيٺا آهن. منڇر جي هڪ عجيب خوشبو هوا ۾ تحليل ٿي پکين جي روح کي ٿي سڏيو، مھاڻن جي پرکن جا روح سفيد سڙھ جيان جھومي رھيا آھن.
سوين مھاڻا پير شيخ ڌمڻ جي ميدان تي گڏ ٿيا آھن. هي ڪاميابي جو جشن ملهائي رھيا آھن. ٻار، عورتون ھر ھڪ مھاڻو ان جشن جو حصو آھي.
ڌڻي بخش مهاڻو، پنھنجي تنبوري مان ڪا نئين موسيقي ڇيڙڻ جي تياري ۾ آھي. مائي ھاجران اڄ ڪيتري عرصي کانپوءِ ڌوتل وڳي، ٻانهن ۾ شيشي جون چوڙيون پائي آئي آھي ۽ پهريون ڀيرو وارن ۾ چوٽيون ٺاهيون آھن. جنهن ۾ خوشبو جو تيل به لڳايو هو. هن کي پهريون ڀيرو اهڙي خوشي جو احساس ٿيو، جيڪو ڪنهن قيدي کي آزادي ملڻ کانپوءِ ٿئي ٿو. هي هاڻ ڪنهن سان به منڇر جي حفاظت لاءِ وڙهي ۽ جهيڙو ڪري سگهي ٿي.
ماڻڪ پري کيرٿر جي پهاڙن کي ڏسي رهيو آھي، جيڪي آهسته آهسته اونده ۾ الوپ ٿيندي پئي ويون
جي اسان عقل کان ڪم ورتو ته ڪجهه ئي عرصي ۾ مهاڻا آسودي زندگي گذاريندا، ماڻڪ، ساجن ڏانهن نهاريندي بيحد اتساه مان چيو
ها! هاڻ جي منڇر مھاڻن کي هلائڻي آهي، ته انهن سمورن مسئلن کي به ڌيان ۾ رکڻو پوندو، جيڪي اڳتي سامھون اچڻا آھن. ساجن، ماڻڪ سان سهمت ٿيندي وراڻيو .
اسان جا پنهنجا مهاڻا به، مڪاري ڪري سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته هي صرف منڇر جي آسودگي کان واقف آهن، انجي قدر قيمت کان نه، اسان کي نون ايندڙ مھاڻن لاءِ ڪو قانون ٺاھڻو پوندو. جمال وراڻيو.
ها! تو بيحد اهم ڳالهه ڪئي آهي، ڌڻي بخش وراڻيو، ٻاهر جي مختلف ذاتين جي ماڻهن جي آمد شروع ٿي وئي آهي، جيڪي سرائڪي، سنڌي، بلوچي هڪ ئي وقت ڳالهائن ٿا، ڪرايي تي ٻيڙيون حاصل ڪري مڇي مارن ٿا ۽ ڪنهن حد تائين مقامي مهاڻن سان تعصب وارو رويو رکن ٿا.
ها ائين آهي! ماڻڪ وراڻيو، ڇاڪاڻ ته زمينداري نظام ماڻهن جي زندگي کي بيحد تڪليف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. انگريزن، نوابن ۽ جاگيرن کي حفاظت ڏئي، ماڻھن کي غريب ۽ ھيسيل رھڻ تي مجبور ڪيو آھي. هنن ريل جي پٽڙي وڇائي، ته جيئن ان مان پنهنجي دولت ۾ اضافو ڪري سگهن. هي بوبڪ اسٽيشن تي مڇي جي پيڪنگ جي صنعت لڳائڻ لاءِ تيار ناهن نه ئي ائين سوچن ٿا، هي ان سطح جي ترقي صرف پنهنجي ملڪ ۾ ڪرڻ چاهن ٿا، سنڌ ۾ ڪپڙي، مڇي ۽ نير جو ڪاروبار هڪ مخصوص ڪلاس کي آسودو ڪري ٿو. هاڻ ته انگريزن جي ڪمپني سنڌ جي ڪاروبار تي مڪمل قابض ٿي چڪي آهي، سنڌ جو هاري به ان کان قرض کڻي ٿو، اهڙي حالت ۾ منڇر ڪيترن ماڻهن لاءِ ڪشش رکي ٿي. پر مونکي ائين لڳي ٿو ته هي نوان ماڻهو گهڻي دير تائين منڇر ۾ پنهنجا پير ڄمائي نه سگهندا، ڇاڪاڻ ته هنن جون شاديو ن، مٽ مائٽيون ۽ روزاني جو وهنوار منڇر سان ناهي. هي ماڻهو بيحد وڏي عمر، شهر ۾ رهڻ کانپوءِ منڇر اچن ٿا. جڏهن ته اسانجو مهاڻو، پنهنجي جنم کان منڇر سان جڙيل آهي. جيڪا انجي رت ۾ شامل آھي. ان ڳالهه کان پريشان ٿيڻ جي بجاءِ، اسان پنهنجن شراڪتي رشتن کي وڌيڪ مضبوظ ڪيون. هڪٻئي تي ڀروسو ڪيون ۽ پنهنجن ٻارن کي ايندڙ وقت لاءِ تيار ڪيون انهن جي تعليم جو بندوست ڪيون.
نون ماڻهن جي اچڻ سان نوان مسئلا پيدا ٿيندا، پاڻ کي ان لاءِ ڪجهه اصول ۽ حدون طئي ڪرڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته ڪاروباري ماڻهو هر وقت مڇي ۽ پکي جي ڪاروبار جو سوچيندا رهن ٿا. جمال ڳالهائيندي چيو.
مائي ھاجران ٻيڙي جي پائي سان ٽيڪ ڏيو بيٺي آهي، مان توهانکي ٻڌايان ٿي. ائين ته اسين ڪنهن کي به اچڻ کان روڪي نه ٿا سگهون. هر ماڻهو مڇين ۽ پکين جي لالچ ۾ هڪ ڏينهن جو مهاڻو بنجي وڃي ٿو. ان ڪري پاڻ کي “شراڪتي تنظيم” ٺاهڻ گهرجي ۽ سمورن مهاڻن تي مشتمل منڇر رضاڪار جٿو به ٺاهڻ گهرجي. هر مهاڻي تي فرض ڪجي ته هو منڇر جي حفاظت ڪري، ان ۾ ئي اسان جي حفاظت ۽ ڀلائي آهي. سمورا مهاڻا مائي ھاجران جي راِءِ سان سھمت ھئا.