ناول

منڇر

هن ناول جو موضوع شاندار آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان سمورا انسان، ڪنھن نہ ڪنھن طرح قدرت جي سڳي سان ٻڌل آهيون، باوجود انجي جو انسان اهو ڌاڳوٽوڙڻ چاهي ٿو، پر منظور ان کي جوڙي رکڻ چاهي ٿو، اها ئي هن ناول جي بنيادي ڳالھ آهي. ھي ناول سمجهائي ٿو تہ منڇر جي مھاڻن جا مالڪاڻا حق تسليم ڪيا وڃن. هي ناول منڇر جي مھاڻن جي معاشي مسئلن سان گڏوگڏ، عورتن جي محرومين ۽ حوصلن کي بہ بيان ڪري ٿو. ھي ناول سرڪار جي پاليسين خلاف اجتماعي شعور جو اظھار آهي.   ھڪ ”منڇر“ منظور ٿھيم جي وجود اندر سدائين کان قائم آهي، جنھن جو اظهار هي ناول آهي . 

Title Cover of book منڇر

10. شيخ ڌمڻ پير جو ميلو ۽ مائي بيگم روهڙي واري

ھو عقيدت جي حالت ۾ ڳائيندي، پنھنجن ٻانھن کي ھوا ۾ لوڏي رھي آھي. ماڻڪ، سڌو ھن جي سامھون ويٺو ھن کي ٻُڌي رھيو آھي. مائي بيگم، غلام فاطمه لعل جو ڪلام ڳائي رهي آھي.

ڪير ڪشالا ڪري
تنهنجي محبت وڌو آ مامري، نه ته ڪير ڪشالا ڪري
پنهل بنان پرديس ۾ ، منهنجي ساعت ڪانه سري
تنهنجي محبت وڌو آ مامري، نه ته ڪير ڪشالا ڪري
لعل چوي ٿو عشق وارن کان، رهبر ناهي پري
تنهنجي محبت وڌو آ مامري، نه ته سائين ڪير ڪشالا ڪري

مائي بيگم فقيرياڻي، روهڙيءَ کان هر سال هتي ڳائڻ اچي ٿي. هن سان گڏ ٻه ڄڻا ٻيا به ھوندا آھن. ڍولڪ نواز استاد لونگ فقير ۽ هارمونيم تي استاد رب نواز، هي جڏهن مائي بيگم سان سازن جو سُر ملائڻ ويهن ٿا ته ڇا ته محفل مچي ٿي، سڀ مهاڻا کيس آواز اڳيان ائين جهومڻ لڳندا آهن، جيئن ڪنهن غمزده ٻار کي وڻندڙ خوشي حاصل ٿي هجي، خوشي جنهن ۾ عجيب اتساه ٿئي ٿو. مائي بيگم جو مٺو آواز مهاڻن جي ڪمزورين کي طاقت ۾ تبديل ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي اندر کان ڪمزور ۽ ٽٽل آهن، راڳ انهن جي اندر جي ڪمزورين کي سنڀالي ٿو، درد جي ڳنڍن کي کولي ٿو. شيخ ڌمڻ پير، جو ميلو سفر جي مهيني کان شروع ٿئي ٿو. جنهن جون تياريون مهاڻا ٻن مهينن کان ڪندا آهن، پنهنجن ٻيڙين جي صفائي ڪندا، انهن کي رنگين جهالرن ۽ جهنڊين سان سنگهاريندا، چٽسالي ۾ رنگ ڀريندا، ٻيڙي جي تهه کي مڇي جو تيل چرٻي لڳائي سُڪڻ لاءِ ڇڏيندا آهن. نوان ڪپڙا ۽ نيون ٽوپيون خريد ڪندا آهن ۽ ان کان وڌيڪ شيخ ڌمڻ پير جي مزار لاءِ چادرون پنهنجن هٿن سان تيار ڪندا آهن. شيخ ڌمڻ پير جي مزار ڪيتري آڳاٽي آهي ڪنهن کي ڪابه خبر ڪانهي، پر هي مزار منڇرجي وچ ئي وچ ۾ ائين ٺهيل آهي جو چوڌاري کيس ايڏا ته وڏا پهڻ پيل آهن ڄڻ اهي ملائڪن سوري چوڌاري رکيا ھجن.
منڇر واسي ڪيتري عرصي کان، مائي بيگم کي ٻڌندا رهيا آهن. ڪنهن کي ڪو اندازو ڪونهي ته مائي بيگم، پير شيخ ڌمڻ جي مزار تي ڪيتري عرصي کان اچي ٿي. مائي بيگم رنگ جي سانوري ۽ مٿان وري فقيري رنگ وارو ڪارو وڳو پهري ڳائي ٿي ته ائين لڳندو مٽي آواز سان گڏ وٽس هڪ روشن ۽ شفاف دل به آهي، ڪيترن کي ته روئاري ڇڏي ٿي. ماڻڪ، هڪ ڀيري هُجت ڪندي هر سال شيخ ڌمڻ پير اچڻ جو سبب پڇيو. “هيءِ ته ڄڻ سڏڪن ۾ پئجي وئي”
“ مان توکي ٻڌايان ٿي، شيخ ڌمڻ پير ٻاجهارو ولي آهي” مائي بيگم وراڻيو
مان هڪ مهاڻي، حال فقيري ۾ رهڻ واري مون جهڙا لاتعدا فنڪار پوري سنڌ ۾ مڇي جي ڪنڊي جيان پيا آهن. جڏهن ته منهنجي صورت به ياد رکڻ جهڙي ناهي، جان کي جوکم ۾ وجهي ٻه روپيا ڪمائبا هئا ته گهر جو چلهو ٻرندو هو، منهنجي ڏاڏي غلام فاطمه لعل پنهنجا ڪلام پاڻ ڳائيندي هئي، هوءِ روهڙي جي وڏي شاعرا هئي. انکي لعل جو لقب به فقيرن کان مليو هو، پوءِ مون تي به انجو رنگ چڙهيو .
مان توکي ٻڌايان ٿي ،
گهڻو وقت پوءِ مان پنهنجي استاد محترم پرشوتم دادواڻيءَ، کان راڳ سکڻ لاءِ روهڙي کان سکر آيس.
استاد محترم مون ڏانهن ڏسي مون کي چيو ، توکي خبر آهي ته راڳ ڪنهن سرڪش گهوڙي کي قابو ڪرڻ جي برابر آهي، جنهن لاءِ گهڻي صبر، رياض، بيحد توجهه ۽ پيار جي ضرورت آھي. ان ڏينهن هن مونسان ايترو ئي ڳالهايو، مان وري ٻئي ڏينهن کيس حاضر ٿيس، مائي بيگم عجيب بي آرامي مان وراڻيو ،
هن پوءِ مونکي پهرين اها ڳالهه سمجهائي ته، راڳ ڳائڻ وقت تنهنجو وجود ائين خاموش ٿي وڃي، جو ساه کڻڻ کي به محسوس نه ڪرين. پر تنهنجو ڌيان تحرڪ ۾ هجي، قدرت جي پوري ڪائنات تنهنجي خيالن ۾ سميٽجي اچي. راڳ جي حقيقت ان ۾ آهي ته تنهنجا غم آهستي آهستي راڳ ۾ تبديل ٿين ۽ تنهنجي دل راحت کان روئي ڏي. پوءِ ئي تون هي منزل حاصل ڪري سگهين ٿي. هن مونکي نه صرف راڳ جي ڪلا کان واقف ڪيو، پر هڪ انسان جيڪو ٻين لاءِ بيحد محبت ڀريو هجي، ماڻهن سان ڀائرن جهڙي گفتگو ڪري ۽ سڀ کان وڌيڪ بدلي ۽ اُجوري کان مٿي هجي. پر پوءِ هڪ ڏينهن ڇا ٿيو توکي ٻڌايان ٿي، مائي بيگم جو آواز ڏک ۾ ڀرجي ويو.
جنهن وقت ڪو ماڻهو ڳائڻ ويهي ۽ اوچتو ڪي ماڻهو اچي کين چيرڻ ڦاڙڻ جون ڌمڪيون ڏين، پاڪستان ۽ اسلام زنده باد جا نعرا هڻن، ائين هتان هليو وڃڻ جو چون، موت ۽ وحشت جون ڳالهيون ڪن، سسيون لاهڻ جون ڳالهيون ڪن، هنن ڪيڏي نفرت مان ائين چيو ٿي. خدا ڄاڻي استاد پرشوتم هندو مسلم جي نعرن کان ان قدر خوفزده ٿي ويو، جو هن پاڻ کي گهر ۾ بند ڪري ڇڏيو. انگريز سرڪار جو قانون به ڪجھه نه ڪري سگهيو.
ڏسندي ڏسندي ماڻهن جا نقشا تبديل ٿي ويا، ماڻهن هڪٻئي جا ڳوٺ ساڙيا، مندر مسجدون ساڙيون، ٻارن ۽ زالن کي اغوا ڪيو، ماڻهو وحشياڻي ظلم جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا، هر طرف مار موچڙو هو.
ورهاڳي جو لفظ مون پهريون ڀيرو ٻڌو، مائي بيگم اداسي مان وراڻيو.
ماڻڪ، هي ڳالهه ڌيان ڏئي ٻُڌ ڇاڪاڻ ته تنهنجي سوال جو جواب ان ۾ آهي. مائي بيگم جو آواز ڳرو ٿي ويو هو.
هتي اچڻ جو فيصلو مون نه ڪيو هو، اهو مون لاءِ حڪم هو. هن ٻاجهاري ولي منهنجي چونڊ ڪئي، هي راز آهي ته هن ٻاجهاري پير مون سان همڪلام ٿيندي چيو ته فقيرياڻي جلدي منڇر اچ تنهنجي حقيقت جو راز منڇر آهي. جلدي اچ ! مان ته هڪ معمولي فقيرياڻي هئس، جنهن جي جسم مان بدبوءِ پئي ايندي هئي. سڙيل گوشت جهڙي. ائين پوءِ منهنجي اک کُلي وئي، منهنجي سموري وجود کي عجيب خوشي وڪوڙي وئي، مونکي ان جو ديدار نصيب ٿيو ۽ حڪم به، مون ٻئي ڏينهن منڇر روانگي ڪئي، تڏهن کان لڳاتار ٻاجهاري ولي وٽ اچڻ لاءِ پابند آهيان. جنهن پاڻ مون کي سڏي گهرايو، هت مونکي ايترو ڪجهه مليو جنهن جو مان تصور ڪري نه ٿي سگهيس، مان شايد فاقن ۾ مري وڃان ها يا خيرات تي گذارو ڪيان ها يا وري بي حد دلي تڪليف ڪري پاڻ کي درياء ۾ لوڙهيان ها پر ٻاجهاري ولي مون کي نجات جو رستو ڏنو.