ناول

منڇر

هن ناول جو موضوع شاندار آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان سمورا انسان، ڪنھن نہ ڪنھن طرح قدرت جي سڳي سان ٻڌل آهيون، باوجود انجي جو انسان اهو ڌاڳوٽوڙڻ چاهي ٿو، پر منظور ان کي جوڙي رکڻ چاهي ٿو، اها ئي هن ناول جي بنيادي ڳالھ آهي. ھي ناول سمجهائي ٿو تہ منڇر جي مھاڻن جا مالڪاڻا حق تسليم ڪيا وڃن. هي ناول منڇر جي مھاڻن جي معاشي مسئلن سان گڏوگڏ، عورتن جي محرومين ۽ حوصلن کي بہ بيان ڪري ٿو. ھي ناول سرڪار جي پاليسين خلاف اجتماعي شعور جو اظھار آهي.   ھڪ ”منڇر“ منظور ٿھيم جي وجود اندر سدائين کان قائم آهي، جنھن جو اظهار هي ناول آهي . 

Title Cover of book منڇر

1. منڇر، قدرت جي گوپ ليلا

منڇر مٿان سج جلدي اڀري، ڇاڪاڻ ته منڇر صبح سوير جاڳڻ جي عادي آهي. ھڪ عجيب ۽ بي حساب حرڪت ۽ خاموشي واري پوري رات گذرڻ کان ھڪدم پوءِ منڇر پنھنجن خيالن، رنگ، ٻولي، خوشي،غم، جيئڻ، مرڻ، اُڏرڻ، ترڻ، مرتبي، فن، مڇي، ٻيڙي ۽ مھاڻي، جي صورت ۾ جاڳي پوي ٿي. منڇر جا سمورا رنگ، ھزارين اکيون، ۽ آواز ھڪ ئي وقت متحرڪ ٿي وڃن ٿا. هي هڪ ٻئي کي ڌيان سان ٻڌڻ کانپوءِ سچ پچ زندگيءَ جا انوکا تماشا ڪن ٿا. هو ڄڻ ڪيترن گهڙين جي خاموشيءَ کان آزاد ٿي ويا هجن، رس ڀريي آواز سان هي پنهنجن پيرن، پَرن، ڳچي، اکين جي اشارن، سموري جسماني ڪيفيتن کي هڪٻئي سان جوڙي هم آهنگ ڪري ائين نچن ۽ ڪُڏن ٿا ڄڻ منڇر ڳائيندي ھجي ۽ ھي رقص ڪندا ھجن.
ڪيترا پکي ته پنهنجي وزن ۾ ايترا ننڍڙا آهن، جو انهن کي تلاش ڪرڻ به مشڪل ٿئي ٿو. پر هو ڳائين ٿا ته ڪائنات رقص ڪري ٿي. هو ڳائيندي ڳائيندي جوش ۾ ڀرجي وڃن ٿا، پوءِ سڀ هڪ ئي وقت ڳائڻ شروع ڪن ٿا. ڄڻ سندن ننڍڙي نازڪ دل کي ڳائڻ لاءِ ڪا ڳالهه مجبور ڪندي هجي. بلڪه ھي پاڻ کي اتم سنگيت جو وڏو ڄاڻو سمجھندي ڳائيندا وڃن ٿا، وري ڪيڏي مھل ڪيتريون گھڙيون خاموش رھي ٻين کي پيا ٻڌنڌا. حقيقت هي آهي ته منڇر پنهنجي سُر ۽ ساز سان ۽ انهن رولاڪ روح وارن پکين، مڇين، کيرٿر، ۽ مُھاڻن ڪري ساه کڻي ٿي.
پري کان نظر ايندڙ کيرٿر جون چوٽيون، کاٻي کان ڀڳي ٽوڙھي جا جبل ۽ ساڄي ڪپ کان سنڌو جو ڪنارو. پکين ۽ مڇين لاءِ پن، ٻوڙا، ان جي وچ ئي وچ ۾ صدين کان قائم آھي منڇر. جي ڏسجي ته منڇر مُھاڻن، پکين ۽ مڇين جي مختلف قسمن لاءِ ھڪ قسم جي شاندار پناھگاھ ۽ چراگاھ آھي. دنيا ۾ موسمي بدلاءُ سبب سياري جي موسم ۾ جڏهن سائبيريا مٿان برف جو راڄ قائم ٿي وڃي ٿو ته هي مسافر روحن وارا پکي منڇر مٿان وراڪو ڪري لهن ٿا ته ڄڻ رڌم ، سُر، رقص، بقا، يقين، تعمير، وجود ۽ عدم وجود جهڙا خيال منڇر ۾ جمع ٿي وڃن ٿا. ڪيترا ئي عڪس هڪٻئي پويان ڄڻ ترندا تڙڳندا رهن ٿا، ۽ زور زور سان پنهنجي ڳلي مان سر ڪڍندا، ڪجهه بانسري جهڙا، ڪجهه تاڙي جي آواز جهڙا، ڪجهه آبشار جي پاڻي جهڙا، ڪجهه پٿرن جي ڪرڻ جهڙا، ڪجهه ٻارڙن جي آواز جهڙا، ته ڪجهه پراڻي دهل جي آواز جهڙا. تڏهن منڇر جي شفاف پاڻي مٿان ڄڻ آوازن جو هڪ ميلو مچي پوي ٿو، تيز هوا ۾ ته اهي آواز بوبڪ جي گهٽين تائين به ٻُڌي سگهجن ٿا.
آڙي، نيرڳ، ڊگوش، ڪونج، ڦاراھو، رتبو، پيڻ، ڏوريو، پرھاڙو، ڪھنگ ۽ ٻيا ڪيترا پکي منڇر کي پنھنجو گھر سمجھن ٿا. ان ڪري منڇر جي اصل سڃاڻپ پکي ئي آھن، جيڪي ھن سان پورو ڏينھن رقص ڪندا، ھن سان ڳائيندا رھن ٿا. ھي پنھنجن مختلف خوبين ۽ خاصيتن کان سڃاتا ويندڙ پنهنجي مان ۽ مرتبي جو احساس ڏيارڻ لاءِ زور زور سان آواز ڪڍي، هڪٻئي جي وجود جو احساس ڏياريندا رهن ٿا. ايتري تائين جو اڪثر خاموش رهندڙ پيڻ پکي، به سر ملائي پنهنجي مان مرتبي جو احساس ڏياريندو پرن کي ڦڙڪائيندو رهي ٿو. هي منڇر جو اُتم سنگيت آهن، جيڪو هر صبح روزانو نئين طرح سان ڳايو وڃي ٿو ۽ ڪيترن صبحن جي تازگي کي امر بنائي ٿو. ھڪ نظم ۾ منڇر جي منظر ڪشي ڪجهه هن طرح سان ٿيل آهي.
منڇر،
بيشڪ، اھا روشن صبح جي موسم آھي
ڪجهه گرم، ڪجهه سرد
انڊلٺ جي رنگن جھڙا عڪس.
آڙي، نيرڳ، رتبو، ڪونج، ڪانئرو، ٽھڙ، کيتاڻي،ڪاز، پيئڻ،
راکي، پھوڙي ھنج، ٿورھانڊو، ڊگوش، ٻوليار، ٻرڻو، ڦاراھو،
هڪٻئي جي پويان لهندا نروار ٿيندا وڃن ٿا.
جوش ۾ ڀريل آواز
انهن جي حسن کي وڌيڪ نکاريو ٿي،
منڇر، ھڪ تھذيب ۽ تمدن
جنھن پنهنجي چهري جا سموار وصف ۽ اهي سموريون موسمون.
بهار سرءُ سيارو اونهارو
ندين ۽ نئن جو پاڻي
۽ مينھن جي هڪ هڪ ڦڙي کي حفاظت سان سانڍيو،
ته جيئن قدرت پنھنجي عظمت سان قائم رھي.
گهرين ڳاڙهين ٽنگن وارونيرڳ، نرڙ تي سفيد نشان واري آڙي، ڳاڙھي چھنب واري لاکي، پنھنجي پنھنجي ڪٽنب جي ڀر ۾ لھندا سڌا بيھي آواز ڏيندا ھڪٻئي جو آڌرڀاءُ ڪن ٿا.
موراکي،
جنھن کي قدرت ججهي تعداد ۾ پيدا ڪيو.
ائين ٿي پاڻي کان ٻاھر اڇليو، جيئن ڪي ماڻھو ھڪ ئي وقت در جا تاڪ کولي ٻاھر اچن.
مُھاڻن جون نيريون، ناسي اکيون.
ڪنھن ڌاڳي جيان مڇين ۽ پکين سان ٻڌل آھن.
مياڻي جا سمورا پاڙا،
ديال ۽ شيشم جي ٻيڙين تي ويٺا، بيحد سرد ڪوھيڙي واري موسم تي ڳالھائي رھيا آھن.
منڇر جو ٿڌو نيرو پاڻي،
قدرت پنهنجي مضبوط خيال ۽ مضبوط نظام تحت،
هزارين سالن کان کيرٿر جي پھاڙن کان وھائيندو اچي.
ته جيئن پکين ۽ مڇين جو راڄ قائم رھي،
ته جيئن ھزارين گوپيون سندن بدن تي ريشم ۽ پشم جھڙا سفيد ناسي وڳا پھري،
منڇر جي چئني پاسن کان رقص ڪندي لهن.
۽ ڪاٺ جون ٻيڙيون به
خشڪ پنن جيان پاڻي مٿان ترنديون رهن.
ويڪري چهري ۽ پڪي رنگ واري مُھاڻي
ٻيڙي جو چپو هلائيندي، منڇر تي پنهنجا ڪجهه عڪس چٽي ٿي،
جيڪي هڪ سو ڏيئن جي روشني کان به وڌيڪ روشن آهن.
ٻيڙين ۽ بتيلن جي هن شهر ۾ ،
ٻه ٻه چوٽيون ڪيل مُهاڻيون
ميندي ۽ مُساڳ جهڙي ملندڙ جلندڙ خوشبوءَ سان
ڪنول جي گلن مان گذرن ٿيون،
تڏهن منڇر سفيد ناسي بادلن جهڙي چادر اوڍي
هڪ راز ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي.