ناول

منڇر

هن ناول جو موضوع شاندار آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان سمورا انسان، ڪنھن نہ ڪنھن طرح قدرت جي سڳي سان ٻڌل آهيون، باوجود انجي جو انسان اهو ڌاڳوٽوڙڻ چاهي ٿو، پر منظور ان کي جوڙي رکڻ چاهي ٿو، اها ئي هن ناول جي بنيادي ڳالھ آهي. ھي ناول سمجهائي ٿو تہ منڇر جي مھاڻن جا مالڪاڻا حق تسليم ڪيا وڃن. هي ناول منڇر جي مھاڻن جي معاشي مسئلن سان گڏوگڏ، عورتن جي محرومين ۽ حوصلن کي بہ بيان ڪري ٿو. ھي ناول سرڪار جي پاليسين خلاف اجتماعي شعور جو اظھار آهي.   ھڪ ”منڇر“ منظور ٿھيم جي وجود اندر سدائين کان قائم آهي، جنھن جو اظهار هي ناول آهي . 

Title Cover of book منڇر

16. منڇر 1

پنج سئو ڪلوميٽر زهر ابتدا ٿي چڪي.

سکيرو، جي ٻيڙي باقي سمورن مھاڻن جي ٻيڙين کان مختلف ۽ خوبصورت آھي. ڇاڪاڻ ته اها ووڍ ڪارونگ آرٽ (ڪاٺ تي چٽسالي ) جو شاهڪار آهي. ٻيڙي جي ڪنارن کان چوڌاري هڪ ٻئي سان جڙيل ٽڪنڊا اهڙي ڪاريگري سان اڪريل آهن، جو ڪنهن هڪ ۾ تر جو فرق به نظر نه ايندو. جن کي وري مختلف پڪن رنگن سان ڀريو ويو آھي. ٻيڙي ڄڻ سنڌي رلي اوڍي رکي ھجي. ان جي هيٺان کان ٻن ٻن لائنن ۾ سڌائي سان سهڻيون ڌارون، ڌارن کان هيٺ ڳاڙهو رنگ ھيٺ کان مٿي تائين ليپيل آھي. ٻيڙي جا مٿيان ڪنارا بلڪل لسا آھن ۽ وچ واري ٿوڻي کي به شاھڪار نموني تراشيو ويو آهي. سکيرو پنهنجي ٻيڙي ماڻهن کي حيرت ۾ وجهڻ لاءِ ناهي تراشي پر ان سان هن جو منڇر ۽ ٻيڙي سان لڳاءُ ظاهر ٿئي ٿو. ٻيڙي کي تراشڻ جو فن مھاڻن ۾ ته پراڻو آهي، پر هن ڪم جا خاص ڪاريگر ٿين ٿا، جيڪي ڪيترن ڏينهن تائين ٻيڙي کي تراشڻ جو ڪم ڪندا آھن. هي بيشڪ مهانگو شوق آهي، پر مهاڻا ان کي دل سان ڪرائيندا آهن. انهن جي بقول مھاڻي جي تراشيل ٻيڙي انجي روح کي طاقت ۽ سگهه ڏئي ٿي، پاڻي سان جوڙي رکي ٿي ۽ هڪ امتيازي وصف سان، پاڻي تي گهڻي عرصي تائين رهڻ ۾ مدد ڪري ٿي. نه صرف مدد ڪري ٿي پر مونجهاري جا سمورا امڪان ختم ڪري ٿي. جيتوڻيڪ ڪنهن شيءِ لاءِ ڪو يقين ويهجي وڃي، جيئن ٻيڙي جي تراشجڻ واري عمل کي مھاڻو پنهنجي سماجي حالت ۽ منڇر جي عمر دراز ۽ آسودگي واري خيال سان جوڙيندي ان عمل کي پاڻ ۽ پنھنجي نصيب لاءِ ضروري سمجهي ٿو. اهڙي طرح انجا ماهر جيڪي خود به مهاڻا آهن ان ۾ ھر ڏينھن نواڻ پيدا ڪندا رھن ٿا. اها حقيقت هڪ مھاڻي کي متاثر ڪري ٿي ته، پنهنجي ٻيڙي کي رنگن سان خوبصورت ڪري، جيئن منڇر جو روح رنگن جي دنيا ۾ رهندي پنهنجي سخا جا در کولي. گاليا جنھن کي مھاڻا گھر ۽ رھائش لاءِ استعمال ڪندا آھن، باقي ٻيڙين، بتيلن، کان ڪشاده ٿئي ٿو. ان جي وچ ئي وچ کان ويهڻ جي جاءِ بلڪل سڌائي ۽ ڪشادي ٿئي ٿي. جنهن جا چارئي پاوا هڪ بُرج جي شڪل ٺاهن ٿا ۽ اهڙي سڌائي سان بيهاريا ويندا آهن، جو پري کان چورس نما ڪمري جو ڏيک ڏيندا آھن. جنهن تي به چٽسالي ان خوبصورتي سان اڪريل ھجي ٿي. جو ماڻهو هڪ لمحي لاءِ ڄڻ اوائلي دور ۾ پهچي وڃي ٿو. پر هي ڪنهن بادشاه جي سواري نه، پر سکيرو جو گهر آهي. پاڻي مٿان ترندڙ آرٽ ۽ مهمانوازي جو مثال. سکيرو جي ٻيڙي کان جڏهن به ڪو گذري ٿو ته ڳالهائڻ واري جون اکيون ٻيڙي جي مالڪ کي ڏسڻ لاءِ ڦري وڃن ٿيون. هي اهڙو گهر آهي جنهن جو ڪو در ۽ دري ڪانهي، پر انجي باوجود هي پنهنجن مالڪن کي حفاظت ۾ رکي ٿو. گاليا جي ڇت جهڪيل هجڻ ڪري اُس ۽ مينھن کان پنهنجي ڪٽنب کي محفوظ رکي ٿو. هي ڪٽنب چئن ماڻهن تي مشتمل آهي، سکيرو سندس پيءِ سومار، زال سدوري ۽ پٽ راڻو.

سکيرو مھاڻو

ڪا شيءِ قطعي خواهشن جي برخلاف ٿيڻ ڪري، ماڻهو جي زندگي جو سڀ ڪجهه تبديل ٿي وڃي ٿو. خاص ڪري جنهن شي سان ان جو گهرو تعلق هجي. سومار، رمضان عيد جي ٽن هفتن کانپوءِ گذاري ويو. سومار پوئين گهڙي تائين خوش ٿي نظر آيو، سکيرو کي ڏسي خوشي هن جي اکين ۾ سميٽجي ايندي هئي، سومار جي وفات کانپوءِ سکيرو منڇر ڇڏڻ واري فيصلي تي هڪ ڀيرو ٻيهر غور ڪرڻ لڳو هو. سکيرو رنگ جو هلڪو ڪارو، قد ائين جو اٿي بيهي ته ڇهه فٽ ٿي ويندو. هي جنهن قسم جو گاريال شخص آهي، ان قدر وري صابر ۽ ماڻهن ڏانهن نرم احساس رکندڙ، محبت ۽ جذبات جي بابت ڪجهه به نه ڄاڻيندڙ، هن شخص جو ورتاءُ سڀني انسانن سان هڪ جهڙو آهي. پر جي ڪو هن سان پيار جي سهڻن نُڪتن، تي ڳالهائيندو ته هن جون ٻه اکيون، آسمان جي تارن جيان روشن ٿي پون ٿيون ۽ واڇ ٽيڙي سفيد ڏند ڪڍي کلندو رهندو. ماڻهن سان سڌو ڳالهائيندو آهي، ڳجهارتن ۾ ڳالهائڻ جو هن ۾ ڪو گُر ڪونهي. آواز ۾ ڪا چاشني نه هجڻ جي باوجود لفظن جو استعمال ڪنهن روايتي مهاڻي کان وڌيڪ سندس طبعيت ۾ سنجيدگي، خاصيت ۽ عادت مطابق ڪندو. جيتوڻيڪ ان ۾ گاريون به آهن، پر ٿورو پيار ڀريو لهجو به آهي. هو سنڌي زبان چڱي طرح ڳالهائيندو آهي، ڪجهه لفظ هن خود سان به ايجاد ڪيا آهن، جيئن ٺيڪيدار لاءِ بگهڙ، چنڊ کي سڄڻ ۽ آسمان کي اُڀ، ڪونج کي مسافر، سرڪاري عملدارن کي بُکيا ڪري سڏيندو آهي. مٿي تي هميشه سعيد آباد امين لاکي جي هٿ تي ٺهيل ستارن تي سنڌي ٽوپي پائيندو آهي. گهري رنگ جي ويڪري شلوار، قميص تي هميشه ٻه بٺڻ کليل رکندو آهي.

سدوري

سدوري سندس گهر واري، عمر ۾ هن کان چار سال ننڍي آهي. هن جي چھري ڏانھن نھاربو ته ھاڻوڪي آفريڪن نسل جي سانوري رنگت جھڙين عورتن جھڙي نظر ايندي. سندس جسم تي ململ جو سوٽي وڳو پھريل ھوندس، مٿو ھميشه ڍڪيل. ھن کي ٻيڙي ڪاھي ھلڻي آھي ته ھن اڀ ڏانھن ڪڏھن به ناھي نھاريو، سڌو ڀن جي وچ ئي وچ تي بيٺي ھدايتون ڏيندي. سج گرم آھي يا ٺريل، هر وقت ڪم ۾ مشغول نظر ايندڙ، هي مھاڻيءِ خيالي دنيا ۾ رهڻ جي بجاءِ، پنهنجي ڪٽنب لاءِ هر وقت ڪم ڪندي رهي ٿي. هن پنهنجو ننڍپڻ به ائين ڪم ڪندي گذاريو. هن جي سمورين عادتن مان وڻندڙ عادت مڇي جو پلاءُ ٺاهڻ آهي، جيڪو هي تڏهن دل سان ٺاهيندي آهي جڏهن پنهنجي مڙس ۽ پٽ راڻي سان گڏ شيخ ڌمڻ پير يا سيوھڻ جي لعل قلندر جي درگاه تي حاضري لاءِ ويندي آھي. ان لاءِ هي تياري به ائين ڪندي آهي جو، ان ڏينهن هن جي شڪل مان روزانا وارا لهجا بلڪل غائب ٿي ويندا آهن ۽ انجي جاءِ تي شفقت، پيار ائين مهڪي پوندو آهي جو لفظ موتي جي صورت وٺي نڪرندا آهن. هن جي چهري مان پنهنجن مرشدن تي اعتبار نکري بيهندو آهي. ان اعتبار جي شايد اها تقاضا آهي ته سدوري مهربان بڻجي وڃي ۽ جيترو به اندر ۾ ايمان آهي ان کي پنهنجي چهري ۽ رويي مان ظاهر ڪري.هڪ عام ماڻهو پنهنجي غم ۽ خوشي کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ جي فن کان محروم هجي ٿو، هي فرصت جو ڪم آهي. جنهن کان هڪ پورهيت عورت ناواقف آهي. پر هن جي حاضري جا لمحا ۽ ڪيفيتون شاندار هونديون آهن. هي پاڻ سميت پٽ راڻي کي به نئون وڳو پارائيندي آهي ۽ پورو ڏينهن سندس من اندر پوشيده شفيق ماءُ وارو فطري پيار راڻي جي مٿان گهور ڪندي رهندي آهي. عام ڏينهن ۾ پٽ ۽ سکيرو سان ڳالهائيندي آهي ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته جهيڙو ڪري رهي آهي، پر هتي هرڪو ائين ڳالهائيندو آهي. حقيقت ۾ سدوري پنهنجي نالي جهڙي سدوري آهي. اڳين ڏينهن جي ئي ڳالهه آهي ته سکيرو هن کي ڪنهن ڳالهه تان دل کولي گاريون ڏنيون هيون، ان جي باوجود هن جي پيشاني تي ڪو گهنج نه هو. هو هڪٻئي سان ائين ڳالهائڻ جا عادي آهن. هونئن به ان ماحول ۾ هي ائين نه ڪن ته شايد منڇر ۾ ٽپو ڏئي پاڻ کي مارين. هي ائين ڪري ڄڻ هڪٻئي کي خوش ڪن ٿا. هتي محبت جتائڻ جو به پنهنجو طريقو آهي. سدوري ٻيڙي جي مالڪياڻي آهي ۽ سندس دل اندر اهو خيال باقي سمورن خيالن کان وڌيڪ مضبوط آهي. هي منڇر کي پنهنجو چوٿون ڀاتي سمجهي ٿي ۽ ان سان ائين پيار ڪري ٿي جهڙو پُٽ راڻي سان ڪري. هي منڇر کي ائين عزت ڏيندي آهي جو لعل قلندر جي آڳنڌ جي مٽي، منڇر جي حصي جا نقل ۽ خشڪ توت آڻيدي آهي ۽ صبح سوير اهي منڇر ۾ اڇلي چوندي ويندي آهي.
قلندر، توکي پنهنجي حفاظت ۾ رکندو.
پير ڌمڻ اسانجي ٻيڙي تاريندو.
سدوري بردبار مهاڻي هجڻ ڪري، هن ۾ فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت باقي مهاڻين کان وڌيڪ آهي. هڪ ڀيري هن جي برادري جي هڪ عورت کي وقت کان اڳ ۾ ويم جا سور اهڙي وقت تي پيا جڏھن سمورا مرد ڪنهن دعوت تي ٻاهر ويل هئا، ته سدوري پٽ کي پنهنجي ٻيڙي جي سنڀالڻ لاءِ ڇڏي، مائي کي بتيلي ۾ وجهي مقامي دائي ڏانهن کڻي وئي، جيڪا شاه حسڻ واري مياڻي طرف رهندي هئي. هن پوري همت سان پورو اڌ ڪلاڪ ٻيڙي جو چپو هلايو. عورت جو ويم ڪرائي واپس ٿي. جڏهن مائي جا مائٽ موٽي آيا ته گهر ۾ ٻار کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا، مهاڻن جا چهرا فخر مان اونچا ٿي ويا هئا. هڪ مُهاڻي کي ائين هجڻ گهرجي. سدوري جي اهڙي جرئت کي سکيرو به محسوس ڪيو. پر هن انجو اظهار ساراه ڪندڙ لفظن جي صورت ۾ نه ڪيو، انجو سبب اهو آهي ته هتي اهڙو رواج ڪونهي، ماڻهو هڪ ٻئي جي اهميت کي محسوس ڪندا آهن، پر ان لاءِ هڪٻئي جي تعريف ڪندا رهن ان کي غير ضروري سمجهن ٿا. شڪرگذاري کي، هڪٻئي جي مدد ڪندي محسوس ڪرائيندا آهن. هتي هر ماڻهو ٻئي سان جڙيل آهي ۽ اهو ئي نقطو آهي جنهن ڪري هنن ۾ بي غرض مدد ڪرڻ جي روايت موجود آهي. جيتوڻيڪ، سکيرو کي منڇر ۽ پنھنجي ٻارن سان بيحد پيار آھي، پر ھاڻ ھن کي اھي رشتا ۽ منڇر جو سڀڪجهه گم ٿيندي ۽ ٽٽندي محسوس ٿئي ٿو. اھو سمورن لاءِ بيحد ايذاءُ ڏيندڙ آھي.