5. جوهي _ 1930 سفيد مٽيءَ وارو شهر
وادي کيرٿر جو ڌرمي ۽ ڪاروباري شهر، جنهن جو آسمان گهاٽي نيري هجڻ جي باوجود ڪڏھن ڪڏھن ڪڪرن کي پنهنجي دامن ۾ ڀري رکي ٿو. هن خوبصورت شهر جي سفيد مٽيءَ ۾ عجيب مهڪ آهي، جنهن کي ڪنڀار جڏهن ڳوهڻ ويهي ٿو ته، ڄڻ لاتعداد موتئي جي گلن کي ڳوھي رھيو آھي، ائين جيئن ڪنهن آسماني ٻوٽي جون هزارين مکڙيون هڪ ئي وقت ٽڙي پيون هجن. زندگي سان ڀرپور هن شهر جي اتر ۾ ٿوري مفاصلي تي ليمن ۽ زيتونن جا باغ آهن، اوڀر ۾ کيرٿر جون چوٽيون آهن، جن مان ٿڌي پاڻي جي گاج نئن پاڻ سان لَٽُ ۽ لسا پٿر کڻي اچي ٿي. ھن جي ڏکڻ ۾ منڇر جو پيٽ آهي.
شهر، جي اتر ۾ اوائل کان قائم ڪنڀار پاڙو آهي. جنهن جا پڪل مٽ، دلا، گُهگُھيون، سمورن انسانن کي ٿڌو ۽ مٺو پاڻي پيئارين ٿيون. جوهي جي ڪنڀارن کي مٽي تراشڻ جو فن اچي ٿو، قدرت شايد مٽي سان گڏ ڪنڀار کي به، ان خيال سان خلقيو ته جيئن مٽي کي روپ ڏئي. پاڻيءِ کي ٿڌو مٺو ڪري، جيڪو زندگي آھي ۽ دريائن جي آڳاٽن وهڪرن جي پوئتي ڇڏيل مٽي کي ڳوهي روپ ڏئي، انهن سڀني وهڪرن جي ياد ڏياري، جيڪي ڪنهن وقت رواني سان وهندا هئا. ڪنڀارن ان مھڪ کي ڳولي هٿ ڪيو، ان کي گهڙي صورت ڏني ۽ ماڻهن کي ٿڌي ۽ مٽي پاڻي پيئڻ جو طريقو ڏنو. شهر، جي وچ ئي وچ ۾ جين ڌرم جو مندر آهي. جيڪو پري کان ائين نظر ايندو، ڄڻ ڪنهن ڏاهي سنگتراش وڏو پهڻ گهڙي ٺاهي اڀو ڪري بيهاريو آهي. جنهن تي ماڻهن ۽ جانورن جون شڪليون اڪريل آهن. جيڪي رنج، غم، خوشي، سزا، جنم، پورجنم جي خيالن کي ظاهر ڪن ٿيون. جنهن جي درشن لاءِ ڏور ڪاشي، مٿرا، راجستان کان تيرٿ ياتري پاڻ سان زندگي جا قيمتي سوال کڻي اچن ٿا. ته جيئن زندگي جي راز کي ڄاڻي سگهن، جنهن لاءِ هو ڪيترن ڏينهن جو گيان ڌيان ڪن ٿا.
شام ٿيندي ئي مندر جا گهنڊ وڄڻ شروع ٿين ٿا، لوبان ۽ چندن جي خوشبو سان پورو جين مندر مهڪي پوي ٿو. مندر جي چوکٽ کان هزارين پوڄاري ان احساس مان مندر جو گھنڊ وڄائن ٿا ته انھن جي دل ۽ دماغ ۾ ڀڳوان جي مورت کانسواءِ ڪجهه به ناھي. ھنن جو سفر جاري آھي. ڊگھي ياترائن جي باوجود، انھن جا روح تازه پنن جيان تر و تازه آھن. پوءِ ائين ٿئي ٿو جو سمورا ياتري عبادت کان فارغ ٿي پنھنجي پنھنجي حصي جو پرشاد وٺي ڪميون ڇاپري ڌرمشالا ڏانھن روانا ٿين ٿا، جتي ڀڳتي ۽ ويدڪ گيتن جا فنڪار ۽ سنگيتڪار پنھنجي فن سان منڊل ڪندا ڳائڻ وڄائڻ لاءِ پھچڻ شروع ٿين ٿا. ھي سفر به آھي ته عبادت به. ائين لڳندو ڄڻ ڌرتي ماتا جا سمورا ديوتا پنهنجن سازن، آوازن سميت هيٺ لهي آيا آهن.
آهستي آهستي ماڻهن جو هڪ انبوه، پري پري کان سفيد رنگ جي ڌوتين ۽ ويڪرين شلوارن سان ملبوس ڪميون عوامي ڇاپري ھيٺ جمع ٿين ٿا. ته جيئن ڌرمي فنڪارن کي، ويجھڙائيءَ کان ٻُڌي ۽ ڏسي سگھن. جوھي جي گھرن جون روشنيون ۽ اھي خيال به جن کي اداسي جي ڌنڌ وڪوڙي رکيو ھو ٻاھر نڪري اچن ٿا. مندر کان عوامي ھال تائين پورو رستو، شمعدانن لالٽين ۽ ڏيئن سان روشن ٿي وڃي ٿو. ڪيترا نوجوان ڪنھن ھڪ موضوع تي ڳالھائڻ بجاءِ، راڳ، رقص ۽ رڌم تي ڳالھائن ٿا، رکي رکي ھو “برھمو” سماج جي ڌرمي موسيقارن جي ترتيب ڏنل ڌنن جي واکاڻ ڪن ٿا، جيڪي شايد اڄ ھتي ڳايا وڃن. ڪجهه نوجوان پنھنجن ناٽڪ جي ريھرسل جو ذڪر ڪن ٿا، ھنن مان ڪجهه ته آرٽ جي اسڪولن جا شاگرد آھن، جتي ھي رقص ۽ ساز وڄائڻ جي ڪلا سکندا آھن. ڪجهه ڏينھن پھرين ھنن ھن ئي عوامي ڌرمشالا ۾ ناٽڪ ڪيو ھو، جنھن جو موضوع ھو “ڪرشنا”. ھي اڃان ان ناٽڪ تي ڳالھائي رھيا ھئا، جو ماڻھن جي انبوه جي وچ ئي وچ ۾ ساڌو فقيرن ويدڪ نظم ڳائڻ شروع ڪيا.
مھاديو، رقص ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺو. مھاديو ائين ٿي رقص ڪيو ڄڻ زمين هن جي پيرن کي اڇليو ٿي، هي سمورا هڪٻئي سان ساز، آواز ۽ رقص ۾ شريڪ ٿي الوپ ٿي ويا
مسافر جو ڪھڙو مذھب
جوهي شهر جو ڪميون ڇاپرو ( عوامي ڌرمشالا)
ڏسڻ ۾ ته ھي بظاھر مٿان کان ڍڪيل ڇاپرو آھي، پر سمورن ڌرم جي ماڻھن لاءِ ڇپر ۽ ڇانو آھي، ڪيترن ماڻھن جي سچين ڪھاڻين کي محفوظ رکڻ وارن مان، ھتان کان مسافر ڪاڇي لاءِ نڪرن ٿا، ھتان کان ياتري پنھنجن انتم ياترا لاءِ ھنگلاج وڃن ٿا، ھتان کان ياتري گائي رک (گورک) جو اڙانگو سفر ڪن ٿا ته جيئن پنھنجي روح کي نرڳ جي باھ کان بچائي سگھن. ھندو مسلم جا تھوار ھن ڇاپري ھيٺان ٿين. رام جنم، جنم اشٽمي، ديوالي، شِو راتڙي، محرم جا علم، ھتان نڪرن ھتي ختم ٿين. ھتي ٻار پورو ڏينھن کيڏندا وڙھندا پرچندا رھن ٿا، ھي سڀني جو گھر آھي. سڀني انسانن جي وچ ۾ عظيم انساني رشتي کي جوڙي رکڻ وارو. ھتي ھر ڏينھن ڪيترا داستان جنم وٺن ٿا، ھتان ڪيترا انسان زندگي جي بيحد گنڀير مسئلن جو حل کڻي وڃن ٿا. ڪيترا مسافر پوري ڏينھن جي جفاڪشي کانپوءِ رات جو پيش جو تڏو وڇائي سڪون جي ننڊ سمھي رھن ٿا، ته کين ڪير اٿارڻ وارو نه ھوندو آھي. صبح سوير ھو خودبخود جاڳي پون ٿا، ڪي ته سُر سان رامائڻ پڙھڻ شروع ڪن ٿا ۽ ڪيترا ان کي ٻڌڻ لاءِ اٿي ويھن ٿا. ھي شايد بادشاھ اشوڪ واري زماني کان جوڙي تعمير ڪيو ويو، جيڪو جين مندر جي بلڪل ڀر ۾ هڪ وسيع ايراضي تي مشتمل آھي. جوھي شھر جو ڪميون ڇاپرو (عوامي ڌرمشالا) پنهنجي تعميرات جو انوکو کليل هال آهي. جنهن کي مضبوط سرن جي ويهه پاون، مٿان لوه جا گاڊر رکي لوهه جي سنهي شيٽ سان ڍڪيو ويو آهي، مٿان وري بُهه ۽ سفيد مٽي جي گاري جو ليپو اهڙي طرح سان ڏنل آهي جو پاڻي جو هڪ ڦڙو به وهي هيٺ نه ڪرندو. عام حالتن ۾ ڌرمشالا هيٺان ٻن مختلف قسمن جا ماڻهو ويٺا رهندا آهن، هڪڙا آهن مسافر جيڪي ڪاڇي جي مختلف شهرن ڪسبو، پانڌي، ڊگهه بالا، ڇني، پٽ سليمان ۽ کيرٿر کان هيٺ لهي ايندڙ بروهي قبيلي جا ماڻهو ۽ ٻيا ڪيترا مسافر جيڪي پنهنجي زندگي کي روان دوان رکڻ لاءِ رڍ، ٻڪريون، پيش، مهما، ماکي، ڪهو، وڪڻڻ لاءِ جوهي جي ميدانن تائين اچن ٿا ۽ ڪميون ڇاپري هيٺان ڪيترن ڏينهن جو ڊاٻو ڪن ٿا. جڏهن ته ٻيا اهي ماڻهو آهن جيڪي پيش جون تڏيون وڇائي پلٿي هڻي عقل، فھم ۽ ڏاھپ ۽ انگريز سرڪار جي حڪومتي اصلاحات تي گفتگو ڪندا رهندا آهن، هنن مان ڪجهه عجيب تڪراري ۽ ذھين کي جهنجھوڙڻ وارا سوال ڪري بحث ۾ جوش پيدا ڪندا آھن. ڪنھن جو سوال ھوندو آھي ته مذهب کي عقل ۽ علم سان بيان نه ٿو ڪري سگهجي، ڪو ٻيو ان جواب ۾ ائين چوندو آھي ته عقل ۽ علم ئي اھو روشن ڏيئو آهي جيڪو ڪڏهن ناهي وساڻو، ڪجهه ته ان خيال جا ھوندا آھن ته انسان جو جسم ڀڙڪندڙ باھ جيان آھي ڪو ته ان کي ٿڌي مٽي چشمي سان تشبيح ڏئي رھيو ھوندو آھي. هنن مان ڪجهه ائين به سمجهن ٿا ته انگريزن جي اچڻ سان هندوستان جو نقشو تبديل ٿي ويو آهي، آبپاشي جو نظام، انصاف ۽ انتظام انگريز سرڪار کي عظيم بنائي ٿو، پر ان تبديل ٿيندڙ معاشري خالص هندو ۽ خالص مسلم رياست جي ڳالهه سامراجيت سان گڏ هندوستان کي به ختم ڪندي، جيڪا ڳالهه آهستي آهستي هندوستان جي معاشري ۾ شروع ٿيندي پئي وڃي. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود جيڪا ڳالهه بنيادي آهي، ته سمورن مذهبي فاصلن جي باوجود هنن پنهنجي اندر کي ڪنهن به ڪيني، بغض ۽ مذهبي نفرت کان پري رکيو آھي. هنن وٽ جڏهن ڳالھائڻ جا موضوع ختم ٿي وڃن ٿا، ته هي ائين چئي اٿي بيهن ٿا ته هاڻ سنان ڪجي. ۽ پوءِ هو اٿندا ڪميون ڌرمشالا جي ٿڌي پاڻي جي کوه مان نڪرندڙ پاڻي مان سنان ڪندا، جيڪو صبح کان شام تائين وهندو رهي ٿو.
ميگهه ملهار اٿڻ ڏيو.
ڪميون ڇاپري جا چارئي پاسا کليل ھجڻ ڪري، ھر وقت تيز ۽ ٿڌي ھوا لڳندي رھي ٿي. ھن جي بلڪل ڀر ۾ مٽي پاڻيءَ جو کوه آھي، جيڪو خاص طرح مسافرن کي، پورو ڏينھن پاڻي فراھم ڪندو رھي ٿو. ھن کوه مان گھرلي نار وسيلي پاڻي ڪڍيو وڃي ٿو، جنھن کي وري ٽانڪي ۾ گڏ ڪيو وڃي ٿو، جنھن جو ھڪ پاسو ماڻھن جي پيئڻ ۽ وھنجڻ لاءِ ۽ ٻيو پاسو مسافرن جي وھٽن، اُٺ، گھوڙن ۽ گڏھن لاءِ آھي. ھن پوري نظام کي جوھي ميونسپالٽي جو مقامي اوائلي نظام ھلائي رھيو آھي، جنھن پاران ھڪ مقامي پوڄاري کي ائين مقرر ڪيو ويو آھي، جو ھو پنھنجي ان روزاني واري ڪم کي عبادت ۾ شامل سمجھي ڪري ٿو. مقامي ميونسپالٽي پوڄاري کي ماھوار پگھار سان گڏ نار کي گھليندڙ ڍڳي جي سار سنڀال ۽ چاري جو خرچ ادا ڪري ٿي. اھو طئي آھي ته نار وھڻ ۾ ڪڏھن وقفو ناھي اچڻو، ڇاڪاڻ ته پاڻي ھر جيو کي ھر لمحي گھرجي، صبح سوير جين مندر جي گھنڊ وڄڻ کان به پھرين، مقامي ڀڳت، مسافر، ياتري ۽ پوڄاري سنان ڪرڻ لاءِ پھرين ھٿن کي لوڏيندا وڏا وڏا قدم کڻندا نار تي اچن ٿا، جتي ھي گذريل ڏينھن جي واقعن کي پاڻ ۾ دھرائن ٿا ۽ ڪيترن نون چھرن سان ملاقات ڪري گفتگو جا نوان طريقا ۽ لھجا پنھنجي يادن ۾ محفوظ ڪن ٿا. ان کانپوءِ انھن سوالن ۽ جوابن جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو، جن بابت ھنن جي ڄاڻ بيحد محدود ٿئي ٿي. ھي مذھب ۽ ڌرم جي سماجي ۽ اخلاقي قدرن کي به بحث ۾ آڻن ٿا ۽ ڪنھن ڳالهه تي بيحد سنجيدھ به ٿي وڃن ٿا. مثلا، ڪاڪو ديا رام ڪيترن ملاقاتين کي هڪ ئي ڳالهه چوندو آهي (پيوت رام رس لگي کُماري) رام رس پي ۽ خمار ۾ رهه. گھڻو پوءِ ھڪ ڏينھن ڪاڪو ديا رام عجيب خوشي مان ٽپا ڏيندو ڇاپري ھيٺان نچڻ لڳو، ھو ائين چئي رھيو ھو ته ھن پوري حياتي رام رس ۾ گذاري پر پنهنجي اندر جي پار ڪڏهن وڃي نه سگهيو، پنهنجي اندر جي ميگهه ملهار کي اٿڻ ڏيو، ان کي رام رس سان پاڪ ڪرڻ بجاءِ ان جي پار وڃي ته ڏسو ته ڪيئن نه خمار ٽٽن ٿا، ڪهڙي نه سندر دنيا جا دروازا کلن ٿا. هي اڃان به نچي رهيو هو ۽ پنهنجي ڀر ۾ بيٺل ڪنهن شخص کي ٻڌائي رهيو هو ته هن اڄ صبح پاڻي کي پنهنجي ٻُڪ ۾ جھلي جڏھن ان ڏانھن نھاريو ته هن کي پنھنجو عڪس اهڙي طرح نظر آيو، جو هو ان مان گم هو. ھن جو ڪو روپ نه هو، مان ھاڻي اوھان کي ٻڌايان ٿو. مون بيشڪ پنھنجو چھرو ان ۾ ڏٺو، افسوس جو مان ان مان گم ھئس، پر اھو منھنجو چھرو ھو، ڪيڏو نه وڻندڙ ۽ ڪيڏو نه غصي ۽ ڪيني وارو چھرو، مون پوءِ سوچيو قدرت ھن چھري کي جيڪا معصوميت ڏني ڪاڏي وئي، مون ڪڏهن ان کي تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي؟ مان رام رس سان من کي صاف ڪندو پاڪ ڪندو رهيم پر انجي پار ڪڏهن وڃڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي. هن جا هٿ اڃان به پُسيل هئا..
ڪاڪو رڙيون ڪندو ڇاپري جي وچ ئي وچ تي بيھي رھيو،
مون ڪڏھن ھن سان نه ڳالھايو، مون ڪڏھن ان جي اسرار تي نه سوچيو،
ھي زندگي آھي، جيڪو اسانجن چھرن کي ترتيب ڏئي ٿو،
ھي اسانجو من ميگهه ملهار جيان آهي ان کي رام رس سان ڀري ئي نه ٿو سگهجي، هي ڳالهه ته انجي پار وڃڻ کان روڪي ٿي، جڏهن ته من جي پار جي دنيا ميگهه ملهار آهي. منهنجي حقيقي دنيا.
ڀڳت ڪنوررام، اھا چنڊ جي چوڏھين رات ھئي.
گھنگهرو جا آواز ماڻھن جي ڪنن تائين ٿي پھتا ته کين ائين ٿي محسوس ٿيو ته اھو آواز ئي ڪائنات جو محور آھي. ھي چنڊ جي چوڏھين آھي. رات جو پھر آھي پورو ڪميون ڇاپرو ۽ ٻاھر رستن تائين ماڻھو بيٺل آھن. سنت ڪنوررام پنھنجي سُر، پنھنجن اکين، پنھنجين ٻانھن، پنھنجين ھٿن، ھٿن جي آڱرين ۽ جسم جي پوري رڌم سان ڳائي رھيو آھي. رکي رکي انجي آواز جو پڙلاءُ قدرت جي سموري تخليق تي سحر طاري ڪري ٿو، سنت ڪنور رام ڳائيندي ڳائيندي اٿي بيھي ٿو، اوچتو مجموعي مٿان خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي. ھن ڳنڍ مان گھنگهرو ڪڍي جھڪي پنھنجن پيرن کي ٻڌا ۽ اھڙي طرح پنھنجن ھٿن ، ٻانھن ۽ پيرن کي ھوا ۾ لوڏڻ لڳو ڄڻ ھوا، پاڻي، آبشار، نديون، درياء ۽ صحرا جا سمورا منظر ھن جي جسماني ڪيفيت ۾ داخل ٿي ويا آھن. ھن پنھنجا قدم اھڙي طرح زمين تي ھنيا ٿي جو پيرن ۾ ٻڌل گھنگهرن جو آواز ڌرمشالا کان ٻاھر رستن تي بيـٺل ماڻھن جي ڪنن به ٻڌا ٿي. ھي بيحد انوکو آواز آھي، قدرت جي ڪيترن رازن مان ھڪ راز. ھن آواز جي رڌم کي ٻڌڻ لاءِ ڪي ته شام کان به پھرين خيما کوڙي ويٺا ھئا. رات بيحد خوبصورت آھي، سوين ماڻھو سنت ڀڳت ڪنوررام کي ڳائيندي ۽ نچندي ڏسي رھيا آھن. ھي لمحو انھن ماڻھن لاءَ بيحد قيمتي آھي، جيڪي پنھنجي روح کان ڀڳت ڪنوررام سان پيار ڪن ٿا. ھي انھن لاءِ راحت جي سمي جيان آھي، بيحد مٺو آواز ۽ گھنگهرن جي ڇم ڇم، ھي روشن رات زندگي جي وڏي حقيقت جي روپ ۾ ظاھر ٿي رھي آھي، زندگي جي سڀ کان وڏي حقيقت. سنت ڪنوررام ڇيرن کي ڇمڪائيندي ڄڻ موجود به آھن ته غائب به، ھي ٻين ڪيترن لمحن ۾ تقسيم ٿيڻ بجاءَ سُر، سنگيت ۽ رقص ۾ سمائجي ويو آھي،
نچندي، ڳائيندي سنت ڀڳت ڪنوررام کي اوچتو ھڪ اٽل حقيقت جو اندازو ٿيو. ھن کي ياد آيو ته جتي ھي گذريل رات ترسيل ھو، ان گھر ۾ ھڪ ماءُ پنھنجي بيمار پٽ جي بيماري ڪري ان قدر گھٻرايل ھئي، جوھن پُٽ کي پنھنجي جھولي کان ھڪ لمحي لاءِ به پري نه ٿي ڪيو ۽ نه وري سنت ڪنوررام جي خدمت ۾ ڪا ڪمي ڏسڻ ٿي چاھي.
ھي لمحو ھن لاءِ ڀاڳن وارو ھو، سنت ڪنوررام ھن وٽ ترسڻ لاءِ آيل ھو. ٻارڙي جي ماءُ ٻن قيمتي رشتن وچ ۾ پنھنجي فرض تي سوچي سوچي گھٻرايل ھئي، ٻارڙي جو پيءُ ڀڳت ڪنوررام جي سيوا ۾ بيٺو ھو. تڏھن اوچتو ماءَ جي سڏڪن جو آواز آيو، سنت ڪنور سندس مڙس کان معلوم ڪيو ته ھي سڏڪا ڪھڙي ڪارڻ آھن؟
ڪالهه کان منھنجي ٻارڙي پريم نند لعل جو جسم بخار کان ٻَري پيو ٿو، ٻارڙي جي والد وراڻيو.
سنت ڪنورام اٿي بيٺو ۽ پاڻ ئي آھسته آھسته ٻار جي پينگھي ڏانھن وڌندو ويو.
ھن ٻارڙي کي پنھنجن ٻانھن ۾ کنيو.
ھن معصوم جو جسم ته ٻري ٿو، سنت ڪنوررام وراڻيو.
سنت، ھڪدم پنھنجي جسم جي چادر پسائي، ٻار جي جسم کي صاف ڪرڻ لڳو.
گڏو گڏ ائين به چوندو ويو.
رات سمي سمھندي سمھندي
ماتا توکي ساريو آ
مُک تنھنجو
ائين جيئن ڪرشنا بانسري وڄائي وڄائي سمھي رھيو
پريم نند لعل، اکيون کول
چئو ھري رام
چئو ھري رام
چڱو ائين آھي ته
مان توکي ھڪ آکاڻي ٻڌايان ٿو
ھڪ ٻالڪ
رستو وٺيو ٿي ويو
ھن کي بن ۾ رات ٿي وئي
جُھڙ، بادل، کنوڻيون
ھن کي خوف ورائي ويو
پر پوءِ ھڪ ننڍڙو جيو جُگنو
ھن آڏو روشني ڪرڻ لڳو
پريم نند اٿي اکيون کول
تون به ننڍڙو جُگنو آھين
اسان آڏو روشني ڪر ته جيئن اسان پنھنجو رستو ڳوليون
اکيون کول
چئو ھري رام
ھري رام
چئو ھري رام
پريم نند لعل اکيون کوليون، جسم به ڪجهه ٿڌو ٿيو.
ماتا پتا جون اکيون نم ھيون
ڀڳت ڪنور رام پريم نند لعل کي ياد ڪندي
ڇيرن کي ڇمڪائيندي ڪجھه گھڙيون ڦيرڙيون پائيندو رھيو
چوڏھين جو چنڊ آسمان تي وڌيڪ روشن ٿي ويو ھو.