21. اجڙيو شهر ٻيڙين جو 6
ابراھيم حيدري سمنڊ جي ناکائن، سرنگ (جمعدار) لانچن جي ڊرائيورن، مزدور مھاڻن، مين پُڙي، گٽڪو ۽ ھيروئن وڪڻڻ وارن پٺاڻن ۽ بيحد محروم ۽ غريب عورتن جي ننڍڙي آبادي وارو پراڻو ڳوٺ آھي جيڪو اڄ تائين تازي ھوا صاف پاڻي لاءَ واجھائي رھيو آھي، جتي ڪاٺ، پلاسٽڪ سر ۽ سيمينٽ جي ٿوري ٿوري مقدار مان ھنن اھڙا کڏين نما گھر ٺاھي رکيا آھن جيڪي عجائب عالم جو شاھڪار آھن. بدبودار گھميل ھوا سان ڀريل ھنن گھرن ۾ نه زندگي آھي نه پاڻي نه روشني. ڪاٺ ۽ لوھه جو ھي بيحد غريب شھر دنيا جي بيحد امير عربي سمنڊ جي بلڪل ڀر ۾ آھي. ڳوٺ کان پريان سمنڊ ڪناري تي ڪيترا ئي ھوڙھا بيٺل آھن، جتي ھر وقت ھڪ گھماگھمي لڳي رھي ٿي، برطانوي نو آبادياتي راڄ پاڪستان ۾ دفاعي ادارن خاص طرح سامونڊي فوج کي رائل نيوي جو نالو ڏئي حقيقت ۾ نوآبادي راڄ جو تسلسل رکيو، جنھن سان پاڪستان نيوي جا آفيسر مڪمل طرح انھن انگريزن جھڙا آسوده ۽ ڪلين شيو رنگروٽ نظر اچڻ لڳا آھن، ڪراچي جي پوري ساحل تي رائل نيوي جي حڪومت آھي، فور اسٽروڪ ھوڙھا، سيٽيون ھڻندڙ وڏا جھاز، آٽوميٽڪ بوٽس ڪلفٽن جي ريئل اسٽيٽ، ڊريم ورلڊ ھوٽل بيچ ريسٽورينٽ، فش ڪولڊ اسٽوريج انھن سڀني جا ھي مالڪ آھن يا انھن ۾ حصيداري اٿن، پر جي ڏسجي ته ھنن ماھيگيري جي صنعت مان ايترو ڪمايو آھي جو ھاڻ ھي نيوي جي رٽائرمينٽ کانپوءِ سنڌ جي ساحل تي رھڻ جي بجاءِ دبئي ۽ سنگاپور جي بيچز تي رھڻ پسند ڪندا آھن، ابراھيم حيدري ڳوٺ کي گھڻو پوءِ انھن مھاڻن وجود ۾ آندو جن مان اڪثريت انھن جي آھي جيڪي ڪراچي جي ساحل تي ھڪ اونداھو ڪمروڪرايي تي حاصل ڪرڻ جي سگهه نه ٿا رکن، ابراھيم حيدري اندر پاڪستان جي زمين تي آباد تقريبن ھر قبيلي ۽ ھر ذات سان تعلق رکندڙ ماڻھن جو ھڪ وڏو تعداد سنڌي، بلوچ، پنجابي، پٺاڻ ڪشميري،ھزارو، اردو ڳالھائيندڙ آبادي ھي سڀ ماھيگيري صنعت جو حصو ھجڻ ڪري ھتي رھن ٿا، جيڪي پنھنجي زندگي جو گھڻو حصو سمنڊ جي پاڻي تي گذارڻ جا عادي بڻجي ويا آھن، ھتي اچڻ کانپوءِ ھنن پنھنجو ابي ڏاڏي وارو پورو ڪلچر ڇڏيو، پاڻ کي نئين ڪلچر ۾ ذم ڪري ڇڏيو، جنھن سبب ھنن جو ھن ساحل ۽ سمنڊ سان اھڙو ڪو به روحاني ۽ جذباتي رشتو ڪونھي جيئن منڇر جي مھاڻن جو منڇر جي دنيا سان ھو، ھنن جون وفاداريون اقتصادي ڪاروباري آھن، ان ڪري ھڪ پٺاڻ جڏھن مين پڙي، گٽڪو ۽ ھيروئن وڪڻي ٿو ته اھو پنھنجي ڪاروباري ضرورت ۽ جياپي خاطر ائين ڪري ٿو، ھن جو باقي ماڻھن جي صحت ۽ زندگي سان ڪھڙو سروڪار، ان لاپرواھي ۽ بيرحم سماجي رشتن سبب ابراھيم حيدري گند ۽ غلاظت جو ڍير بڻيل آھي،
ننڍن بوٽس کي ڇڏي باقي ڪشاده ۽ خلاصه ھوڙھا ۽ لانچ انھن امير سيٺين جا آھن، جيڪي ڪراچي جي ڪورنگي ڪينٽ ۽ آمريڪن، اٽالين طرز جي تعميرات جي بيحد خوبصورت سوسائٽيز جي بنگلن ۾ رھائش پذير آھن، ھتي ڪو به ھوڙھو نمبر پليٽ کانسواءِ نه ٿو ھلي، ڇا ڪاڻ ته ھي کليل سمنڊ آھي، ملڪ جون سرحدون پوشيده ھجڻ ڪري ھر وقت دشمن جو خطرو رھي ٿو، جنھن ڪري سمنڊ اندر ھر وقت ايمرجنسي جھڙي صورتحال رھي ٿي. ھتي مڇي جو ڪاروبار به مخصوص ادارا ۽ ماڻھو ڪن ٿا، جنھن پٺيان امير سيٺ يا فوج جا آفيسر ھجن ٿا، لانچون ائين ٺھيل آھن جو انجو ھڪ حصو ناکئن، ڊرائيور، سرنگ (جمعدار) ۽ لڳ ڀڳ پنڌرنھن کان ويهه مزدور مھاڻن تي مشمل ھوندو آھي ته ٻيو حصو مڇي جي اسٽور لاءِ مخصوص ھوندو آھي، لانچ جي ماليت ھڪ ڪروڙ کان چار ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ھجي ٿي،
ابراھيم حيدري ۾ سچ پچ قيامت جھڙي گھماگھمي رھي ٿي، ھر ماڻھو ھر ٻئي ماڻھو لاءِ اھم به آھي ته بي معني به، جيئن ته انھن مان ڪي ٽيڪنيڪل ماڻھو آھن جيڪي اھم آھن ته گھڻائي وري نان ٽيڪنيڪل انھن پورھيت مھاڻن جي آھي جيڪي اڪثر معاشي تنگدستي جو شڪار رھن ٿا. ھتي نو جيٽيون (مڇي لاھڻ ۽ سامان چاڙھن جا بندر) آھن ۽ ڪولڊ اسٽوريج جن جي ڪشادن دروازن اندر فوجي سربراھن ۽ اسٽوريج جي مالڪ جون گڏ تصويرون لڳل آھن اھو تاثر ڏيڻ لاءِ ته ھي ملڪ فوج جو آھي. ھتي ڪيترا مزدور مڇي جي پيڪنگ جو ڪم ڪندا آھن جيڪا ٻاھرين ملڪن ۾ ڊالرس جي قيمت تي وڪامجي ٿي.
ميرڻ مھاڻو، پنھجي بيمار پٽ روحل جو علاج ڪرائڻ کانپوءِ اھو طئي ڪري ويٺو ھو ته ھو ڍنڍن، ڍورن جي ڪنارن وڃڻ بجاءِ ابراھيم حيدري ويندو جتي ھن کي ڪم ڪرڻ جو وڏو موقعو آھي. جتي اڳ ئي ھن جو سوٽ حيدر مھاڻو ڪم ڪري ٿو. ميرڻ کي ان ڳالهه جو احساس ھو ته سمنڊ جي وير ڪڏھن به ويران نه ٿي ٿئي ۽ آلڙ موٽي ٿي ته پوئتي سپون ۽ ڪوڏ ڇڏي وڃي ٿي، جيڪي سمنڊ جي گھرائي ۽ انجي عظمت جو نشان آھن، ميرڻ جون نظرون ھاڻ ھڪ نئين دنيا ۾ کُتل آھن، جنھن کي ھن ڪڏھن به روبرو نه ڏٺو ھو، ھي روئڻھارڪيون اکيون کڻي ابراھيم حيدري آيو آھي، ھن جو پھريون ڏينھن ائين گذريو جيئن ھن کي ڪنھن ماءُ جي جھولي مان ڪڍي نٽھڻ اُس ۽ گند جي ڍير تي کڻي اڇليو ھجي.
ميرڻ پنھنجي سئوٽ حيدر جي اکين ۾ نھارڻ لڳو، انسان جڏھن اجنبي دنيا جو حصو ٿئي تو ته سچ پچ ماضي کي يادن ۾ ياد ڪندو ڪيترن ڏينھن تائين روئيندو رھي ٿو، پر ميرڻ جڏھن ابراھيم حيدري جي اصل دنيا ڏٺي ته ھن جو عقل حيران ٿيڻ جي بجاءِ خوف ۾ مبتلا ٿي ويو،
ميرڻ جنھن دنيا ۾ قدم رکيو آھي اھا منڇر جي دنيا کان بلڪل مختلف آھي، ھي ھوڙھن، وڏن لانچن، ڪولڊ اسٽورن، نسل نسل جي ماڻھن ذاتين، فوجي گماشتن ۽ انھن جي ايجنٽن جو علائقو آھي. ھن جي اکين اھو سڀ ڳوليو ٿي جيڪي ھي پوئتي ڇڏي آيو آھي. نيرڳ، ڊگوش، آڙي، موراکي، ڪرڙو، بهه پٻڻ، شيخ ڌمڻ ۽ اھي عزيز رشتا جيڪي ھن لاءِ سڀڪجهه ھئا، ھن لاءِ ڪيئن سڀڪجهه بدلجي ويو آھي،
ھاڻ ڇا ارادو آھي؟ ميرڻ کان سئوٽ حيدر پڇڻ لڳو.
ميرڻ اکيون مٿي کڻي ھن ڏانھن نھاريو ھن کي لڳو ته ڄڻ ھڪ ھزار سالن کان مٽي پاڻي جي بيحد خوبصورت دنيا تي راڄ ڪرڻ کانپوءِ ھاڻ ھي کاري پاڻي جو بنواس ڪاٽڻ لاءِ وڃي رھيوآھي.
ھتي رھندس ھتان ھاڻ ڪاڏي ويندس! ميرڻ وراڻي ڏني.
تو صحيح ڪيو جو ھتي ھليو آئين، ھن عمر ۾ تون ڪٿي در بدر ٿين ھا، سئوٽ حيدر ميرڻ کي سمجھائڻ لڳو
سئوٽ تنھنجو خرچ ڪيئن ٿو ھلي، مونکي سمجھائيندين؟ ميرڻ، حيدر کان معلوم ڪيو.
ھا توکي ٻڌايان ٿو! مان جڏھن ھتي آيو ھئس تڏھن جميل ناکئي سان مليو ھئيس، منھنجي ڪيفيت به بلڪل تو جھڙي ھئي، ھن اشارن سان لانچ جي اندر اچڻ جوچيو، ھي ڳالھائي نه پيو سگھي ھن شايد مين پڙي سان وات ڀري رکيو ھو، ھن ڪجهه گھرا ۽ تڪڙا چاٻا ڏنا ۽ پوئتي مڙي پاڻي جي گلاس برابر ٿُڪ سمنڊ ڏانھن اڇلي. ھن مون ڏانھن غور سان نھاريندي، مون کان منھنجي سڃاڻپ پڇي ۽ شناختي ڪارڊ جو پڇائين ۽ چيائين ته سڀاڻي ٻارھين بجي اچجان توکي ايجنٽ سان روبرو ڪرائيندس. ھتي ڪيترا ايجنٽ آھن خبر ڪانھي پر ھنجي بقول ھر ايجنٽ جا ڏهه ٻارنھن ھوڙھا آھن، جنھن جا مالڪ ڪورنگي ڪينٽ ۾ رھن ٿا. مان ھڪ ڀيرو پنھنجي مالڪ وٽ ويو ھئس ھو حاضر سروس ڪرنل ھو، ڇا ته سندس شاندار بنگلو ھو، بنگلي کان وڌيڪ ته لان ھئس بلڪل سائي چُھچ، ٻئي ڏينھن تي جميل ناکئي مونکي علي محمد ايجنٽ سان ملايو، ھي ڪو چاليهه پنجاهه سال جو پنجابي ھو اردو ۽ پنجابي گاڏڙ ساڏڙ ڳالھائي رھيو ھو، ھن پھرين جميل ناکئي کان مون متعلق سوال ڪيا
اڙي توکي اڃان به ماڻھن جي ضرورت آھي ڇا؟ ايجنٽ جميل کان پڇڻ لڳو.
تو وٽ ته اڳ ۾ ئي ڏھه ماڻھو ڪم ڪري رھيا آھن،
ڏهه ڪونھن نو آھن، جميل رکائي مان ھن کي جواب ڏنو، اڳين جواڻ تي مونکي ھڪ ٻه وڌيڪ ماڻھو جي ضرورت پوندي، اجازت ڏي ته ھن کي ڪم تي رکان ھي وٺ ھنجو شناختي ڪارڊ، ھي مھاڻو آھي اسانجي جي جاتي جو. جميل ناکئي جنھن طرح منھنجي سفارش ڪئي مان ٻئي ڏينھن روزي سان لڳي ويس.
توکي ٻڌايان ته ھر لانچ تي 25 کان 30 ماڻھو ڪم ڪندا آھن انھن ۾ ھڪ ناکئو ھجي ٿو ايجنٽ پاران مقرر مُک، ٻه ڊرائيور ۽ ھڪ سرنگ (جمعدار) ۽ باقي مھاڻا ھوندا آھن، جيڪي ھيٽار مٿار ڄار کي سنڀاليندا ۽ ڇڪيندا آھن. اسين اونداھي جا پندرنھن ڏينھن سمنڊ ۾ ھوندا آھيون ۽ روشني جا پندرنھن ڏينھن ھوڙھن جي صفائي ۽ ڪولڊ اسٽوريج جي پيڪنگ جو ڪم ڪندا آھيون. جيتري مڇي جو شڪار ٿيو کپائڻ کانپوءِ انجا حصا ٿيندا آھن، اڌ حصو ته مالڪ جو ٿيندو باقي جيڪو اڌ آھي اھو جيترا ماڻھو آھيون ناکئي، ڊرائيور، سرنگ ۽ مھاڻن سميت، ٻيا ننڍا وڏا حصا ڪري پنھنجو پنھنجو حصو وٺي گذر سفر تيل، ٻارڻ ماني ٽڪي جو بندوبست ڪندا آھيون. ڪڏھن ڪڏھن سٺي روزي به ٿئي، ھر جواڻ تي منھنجي حصي ۾ ويهه پنجويهه ھزار ايندا آھن، ھي پئسه اسانکي ايجنٽ ڏيندو آھي. جي ڏسجي ته ھي ڪا وڏي آمدني ڪانھي پر ٻڌاءِ! پاڻ ٻيو ڪھڙو ڪم ڪري سگھون ٿا.
سئوٽ، عيش ته منڇر جا ھئا، جنھن ڇورا ٻار به پاليا ٿي. ھتي ته پئسي کانسواءِ ڪير ڪنھن کي سڃاڻي ڪو نه ھڪ ڏينھن سکراڻي مياڻي واري ڪرم علي جوش ۾ اچي ايجنٽ کي چيو اسانکي رسيدون ڏيکار ته تو لانچ جي سموري مڇي ڪيتري ۾ کپائي ان کانپوءِ حصا ڪنداسين
ته ايجنٽ ھن کي چيو
اڇھا تو ميري ساٿ آئو
ھن جو ڇا ٿيو ڪا خبر ناھي.
تڏھن کان مون ھن کي ناھي ڏٺو.
ميرڻ، سئوٽ حيدر جون ڳالھيون ٻڌڻ کانپوءِ بلڪل خاموش ٿي ويو، ھن کي سمنڊ جي زندگي کان نفرت ٿيڻ لڳي. پر ھي ڪيڏانھن وڃي، منڇر کي پوئتي ڇڏڻ کانپوءِ ھن وٽ اڳتي وڌڻ کانسواءِ ته ٻيو ڪو رستو ڪونھي ۽ اڳتي آھي کارو ۽ بيحد کارو سمنڊ.