14. منڇر. ورھاڱي کانپوءِ
ٻه دوست لعل ۽ ماڻڪ
ماڻڪ مھاڻو ، لعل کي ياد ڪندي مسلسل ڏک واري ڪيفيت ۾ رھڻ لڳو آھي. ھڪ عجيب خاموشي منڇر مٿان ڇانيل آھي، ڪيترن اسرارن ۾ پوشيدهه اهي شاندار منظر ھن آڏو گم ٿيندا وڃن ٿا. جيتوڻيڪ ماڻڪ پوري ريت ورهاڱي کي سمجهي نه سگهيو آھي ۽ نه وري ان کي پنھنجي دل کان قبول ڪري ٿو. ھي ته پوري ريت انهن رشتن سان جڙيل ھو، جيڪي ھن جا پنھنجا ھئا. جن کي ھن روح سان چاھيو ھو ۽ دل سان عزت ڪئي، ھن کي حيرت ان ڳالهه تي آھي ته اڄ تائين ڪنهن کي ائين سمجهه ۾ ڇو نه ٿو اچي ته ماڻهو پنهنجي ڌڙڪندڙ دل کي ڪنهن ٻئي لاءِ ڪيئن بند ڪري سگهي ٿو ۽ ڇا ڪڏھن ائين ٿيندو ته ٻه دوست جنھن جا ھڪ ئي رستا ھجن، ٻه الڳ الڳ رستا وٺي ھلن.لعل ته مون جهڙو ۽ منهنجي زمين جو هو. هو 12 ورهين جو هو جو هنن جي وچ ۾ دوستي ٿي هئي. سندس ڪشادن ڪلهن وچ ۾ سفيد کير جهڙي ڳچي، چهرو غير معمولي سهڻو ۽ سفيد هو، شاندار گهاٽا ۽ ڪارا وار، ڀوريون ۽ نيريون اکيون جن جي روشني هن جي روح کي ٿي خوش ڪيو. ڪمال جو ذهين، ڪيترن آڏو انجي سڃاڻپ ائين هئي ته هن کي سمورن علمن جي ڄاڻ آهي ۽ ڪيترن پوشيده ڳالهين بابت هن جي اڳڪٿي درست ثابت ٿيندي آهي.
ماڻڪ جو سهارو ۽ من گهريو دوست سرحدن جي ڇڪيل لائن ۾ گم ٿي ويو، انسان جي هٿن ۽ ذهنن جي لالچ هٿان سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. سموريون صورتون وقت جي گردش ۾ لٽجي ويون. شهر جي آبادي ٽي حصي کان به مٿي لڏپلاڻ ڪري هلي وئي آهي، چنڊ هر ڏينهن روشن ٿئي، پر ھاڻ ھو ڪنھن جي لاءِ گيت ڪو نه ڳائي، نه وري وڻن جي اوٽ کان ڪنھن جو انتظار ڪري ٿو
سومار، لاءِ ساڳي گهڙي موٽي ٿي.
توکي ان سان کڻي دلچسپي نه ھجي، پر مون لاءِ ھي بيحد ضروري آھي ته تون منھنجي درميان رھه. تون ھتي آهين ته منھنجي غم ڀريي دل کي راحت ملي ٿي، سومار، پنھنجي پٽ سکيرو سان مخاطب ھو، جيڪو ھاڻ 25 سالن جو جوان اچي ٿيو آھي، سومار ھن کي ماھر مھاڻو ڏسڻ چاھي ٿو پر هن جي منڇر ۾ دل نه ٿي لڳي. ھي پنھنجي پيءُ جي ڳالھين کي منڇر سان جذباتي وابستگي کان وڌيڪ ڪجهه نه ٿو سمجھي. ان ڪري سومار ۽ سکيرو جي وچ ۾ ڏند چڪ ٿيندي رھندي آھي. سکيرو نوجوان آھي، ھن لاءِ دنيا ھاڻ رڳو منڇر ناھي ھن پاڻ کي اڳتي پئي ڏٺو. منڇر به ھاڻ ماضي جيان آسودي نه رھي آھي، سومار وٽ ماضي ھو ۽ سکيرو وٺ مستقبل،
تون لفظن کي ڦيرائي سگھين ٿو، پر مان ان ڳالهه کي سمجھان ٿو، تون دبئي وڃڻ چاھين ٿو. سومار، سکيرو سان مخاطب ھو. اسان ماڻھن جو اھو ئي ته مسئلو آھي ته اسين ھڪٻئي جي ذميوارين کي سمجھون ئي نه ٿا، ماڻھو پنھنجو وطن ڇڏڻ کان پوءِ ڪيترو خوار ٿئي ٿو انجو توکي اندازو آھي. اھو ھر ڪنھن جو پنھنجو خيال آھي ته ٻاھر وڃڻ سان ماڻھو آسودو ٿئي ٿو، پر ڪير ان ڳالهه جي پرواھ ئي نه ٿو ڪري ته ان سان ھو پنھنجو ڇا ٿو وڃائي! مونکي ڪابه خبر ناھي ته تون منڇر کي پُٺي ڏئي دبئي وڃين ڪيئن آسودو ٿيندين. مسلسل ڊوڙڻ ۽ پئسو ڪمائڻ کي تون آسودگي ٿو سمجھين.
ھن سکيرو ڏانھن نماڻين اکين سان نھاريندي چيو، تنھنجو فيصلو تنھنجي راه کي آسان بنائي، مون تنھنجي لاءِ ھميشھ ائين سوچيو. مان توکي نه روڪيندس پر مان توکان سواءِ ڪيئن رھي سگھندس، ائين سوچي منھنجي دل ڀرجي اچي ٿي. پر ڏس ته ھاڻ جي تون ٻاھر ويندين ته مونکي ڪنھن جي سھاري ڇڏي ويندين، مان ته ھاڻ صاف ڏسي به نه ٿو سگھان.
توکي بهانو گهرجي مون کي روڪڻ لاءِ، تون مونکي ٻاھر وڄڻ ڏيندين، سکيرو کيس وراڻيو.
جيڪڏھن منھنجي صحت چڱي ڀلي ھجي ھا ته مان توکي خوشي سان اجازت ڏيان ھا. سومار کيس وراڻيو.
ھتي محنت ڪندين ته برادري ۾ اونچو رتبو ماڻيندين، سومار، سکيرو کي مشورو ڏيندي چيو.
سومار جي ڳالھين ڪري سکيرو ڪو فيصلو نه ڪري سگھيو ھو، پر پوءِ ھن بيحد ڌيرج مان وراڻيو، “بابا اھو به ڏس ته اسانجي مصيبتن ۾ به گھٽتائي ايندي”
مان مصيبتن کان پوري ريت آگاھ آھيان، سومار ڏکاري لھجي ۾ کيس وراڻيو.
سومار ڪجهه ياد ڪندي ڏک مان روئڻ لڳو، ھن کي ياد آيو ته ھن پنھنجي بابا ماڻڪ کي به ائين منڇر ڇڏي ٻاھر وڃڻ جو چيو ھو، ڇاڪاڻ ته ان وقت ھن جي دل ائين چاھيو ٿي. ھن کي ياد آيو سندس پيءُ ڪيئن نه چيو ھو ته، منھنجي حياتي ڪو گھڻو وقت چٽاءُ نه ڪندي، مان ھتان ائين ھليو ويندس جو ڪنھن کي خبر به نه پوندي. پر مون کيس گاريون ڏنيو ھيون، ھن پوءِ جوش ۾ اچي ڀاڪر ۾ ڀري پاڻي ۾ کڻي اڇليو ھو.
پر پوءِ امڙ جي دڙڪي مونکي ڪمزور ڪيو، انجو مون کي پوءِ احساس ٿيو ته ھڪ مھاڻي لاءِ منڇر ڪيڏي قيمتي آھي.اسان پوءِ گڏجي مصيبتن کي منھن ڏنو، ان وقت جي مضبوط ۽ ظالم ٺيڪيدار سيٺ ڪاشي رام کي ڪڍي ٻاھر ڪيوسين. ان جي نسبت ھي مصيبتون ڪجهه به ناھن. ھا مان منڇر ڇڏي سگھيس ٿي ۽ آسودگي جي پويان ڊوڙي سگھيس ٿي، پنھنجي بابا ۽ امڙ کي ائين منڇر جي کليل پاڻي مٿان ڇڏي سگھيس ٿي. پر پوءِ ھڪ وفادار مھاڻي جيان منڇر کان ڌار نه ٿيس، پنھنجي مان ۽ مرتبي واري ھڪ مثالي زندگي گذاري. جنھن تي مونکي ان ڪري فخر آھي ته ھڪ مھاڻي کي ائين ھجڻ گھرجي، مضبوط ۽ شان وارو.
“ھاڻ منڇر مٿان ٿورو عرصو به رھڻ عقلمندي نه چئبي. بابا ان زماني ۽ ھن زماني ۾ وڏو فرق آھي.” سکيرو وراڻيو.
ھي ٿوري وقت کانپوءِ ختم ٿي ويندي، مان توکي ٻڌايان ٿو. ھي سڀ جنھن جو تو ھينئر ذڪر ڪيو ٿوري وقت لاءِ آھي. منڇر سان تنھنجو جذباتي لڳاءِ ٿي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ ته تو منڇر جا چڱا ڏينھن ڏٺا. پر مان ھتي جيترو وقت رھندس، پنھنجي عزت واري زندگي وڃائي وھندس. ان ڪري اھا ئي مناسب گھڙي آھي ته، مان ڪو فيصلو ڪريان. ھڪ پاسي ٺيڪيدار آھي، وڏيرن جو گماشتو دل چوندي آھي ته ڦڦڙن ۾ بندوق ھڻانس. ٻئي پاسي آھن سرڪار جا ماڻھو، پوليس جا مُنشي، سپاھي، چونڪي وارا، سرڪاري ڪامورا. پر مان جھڙي طرح منڇر جي ويراني ڏسان ٿو ۽ جنھن تيزي سان ھي پنھنجي حياتي وڃائندي پئي وڃي، ان سان اسانجي مشڪلات ۾ اڃان به اضافو ٿيندو. توکي خبر آھي ته گذريل سال کان ڇنڊڻ مائينر کان زھريلو پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ ڪيو ويو آھي. منڇر لاءِ ھي ڪيڏي نه بدقسمتي آھي، مڇي سان گڏ پکي به غائب ٿيندا پيا وڃن. ٺيڪيدارن، رئيسن ۽ سيدن پنھنجا پنھنجا ونجهه ھڻي رکيا آھن. اسان لاءِ ھاڻ مڇي مارڻ جي حد به محدود ٿيندي پئي وڃي، مان شايد خوشنصيب ناھيان مان منڇر جي تباھ حال نسل وارن ماڻھن مان آھيان. ان ڪري به مان منڇر ڏانھن ان قدر جذباتي ناھيان، پر ڏس ته صحيح ڪيترا مھاڻا آھن، جيڪي منڇر ڇڏي چڪا آھن ۽ ھو مون وارو يار، ڌڻي بخش، علي ڏنو ۽ حضورو، منھنجي نڪرڻ جي انتظار ۾ آھن. سکيرو پيءَ کي سمجھائڻ لڳو.
ائين چئو نه، ته اھي ئي شيطان آھن، جيڪي توکي اھڙو مشورو ڏين ٿا؟! سومار جو آواز ڪاوڙ ڀريو ھو، ھن واڪو ڪري سکيرو کي چيو،
تون وڃڻ چاھين ٿو ته وڃ! سومار جون اکيون روئڻھارڪيون ٿي ويون ھيون. پر ھا! پئسو ڏوڪڙ ڪمائڻ کانپوءِ ھتي موٽي اچجان، ياد رکجان پُٽ آئينده لاءِ ھي ئي تنھنجي جاءِ آھي. جڏھن مان ھتان خدا جي مرضي سان ھليو وڃان ته منھنجي جاءِ سنڀالڻ لاءِ موٽي اچجان. ھتي گھڻو ڪجهه ڪرڻو آھي. پير ڌمڻ توکي پنھنجي حفاظت ۾ رکندو. سومار جي ڳالھائڻ ڪري سکيرو مٿان غم واري ڪيفيت ڇانئجي وئي، ھي اٿي کڙو ٿيو، بتيلو ڪاھي پتڻ ڏانھن روانو ٿي ويو، ڪجهه به ڳالھائڻ کانسواءِ.
اڙي! تون ھي ڇا ٿو ڪرين؟
ڪڏھن ڪڏھن انسان، شين جي حقيقت ۽ اھميت کي سمجهي ناهي سگھندو. ھي ائين سمجھندو آيو آھي ته ھن جي دانائي باقي شين کان وڌيڪ اھميت واري آھي. ڳالهه ھي آھي ته فطرت ڪنھن کي به ورثي ۾ مليل ناھي. ھي ته انسان جي محدود سفر جو ھڪ شاندار مقام آھي جتان، اسان سڀني کي گذري وڃڻو آھي. پر انسان زمين تي رھڻ ۽ انجي حيات سان جيڪو ڪجهه ڪري رھيو آھي، ان مان انجي سمجهه جو اندازو ڪري سگھجي ٿو. ان ڪري ڪن موقعن تي ھو ٻاراڙيون حرڪتون ڪندو رھي ٿو. ھي حقيقت بيحد تڪليفده آھي ته منڇر جي مھاڻن مان ڪي وڌيڪ رياڪار، لالچي ۽ خودغرض به آھن. جيڪي پنھنجي گذر سفر جي وسيلن جي حفاظت کان وڌيڪ ان ڳالهه جي فڪر ۾ رھن ٿا ته ڪھڙي طرح قدرت جي باقي شين کي خطري ۽ تڪليف واري حالت ۾ آڻي پنھنجي آسودگي کي يقيني بنائن، ھنن کي منڇر جي بربادي، تباھي ۽ زھريلي ٿيڻ کان وڌيڪ ان ڳالهه سان مطلب آھي ته ڄڻ دنيا ھن جي لاءِ ٺاھي وئي آھي. ان ڪري ھي جيڪڏھن ناپسندگي، واريون حرڪتون ڪري ٿو ته به ان کي ڪا پشيماني ڪانھي. ھن جو ان سان ڪھڙو واسطو ته منڇر ۾ زھر ڦھلجي ٿو يا قدرت جي حيات مڇي، پکي، ٻوڙن کي نقصان پھچي ٿو ته انجي ھن کي ڪھڙي پرواه. دنياداري جا حوالا ڏيندي ھي ائين چوندي پاڻ کي درست سمجھڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ھي جي ائين نه ڪري ته سماج ۾ پنھنجو مقام ڪيئن ٺاھي سگھندو. ڪالهه جي ڳالهه آھي، سکيرو جي خيرو مھاڻي سان ان ڳالهه تي منھن ماري ٿي ته، مڇي مارڻ لاءِ زھر ۽ چن جو استعمال نه ڪر، ان سان ته منڇر جي مڇي ختم ٿي ويندي، بلڪه منڇر جو سڀڪجهه ختم ٿي ويندو.
اڙي، مان توکي ان نقصان جي حقيقت پوءِ ٻڌائيندس، پھرين تون اھو ٻڌاءِ ته اھو طريقو توکي ڪنھن سيکاريو؟ سکيرو، خيرو کان معلوم ڪندي پڇيو.
مون ڪو غلط ناھي ڪيو، ان تجربي سان ججھي مڇي حاصل ٿئي ٿي. جنھن جو مان تصور به نه ٿو ڪري سگھان، خيرو مھاڻي وراڻيو.
خيرو مھاڻي جي چھري تي ڪا ندامت ڪانھي، ھي پشيمان ٿيڻ جي بجاءِ سکيرو ڏانھن ائين نھارن لڳو، جيئن ھن ان جي ڪم ۾ مداخلت ڪري ھن کي نقصان پھچايو آھي.
خيرو مھاڻي کي ته مڇي مارڻ جو آسان طريقو ھٿ اچي ويو ھو، پر ھن کي ان ڳالهه جو اندازو نه ھو ته ان سان منڇر جو ڇا ٿيندو؟ ھن جا کارا مئل مڇي سان ڀرجي وڃن ٿا. لالچ ۽ خودغرضي عجيب شي آھي، جيڪا ان کي ٻين قيمتي شين کان محروم ڪري ڇڏي ٿي.
تو اڃان نه ٻڌايو ته اھو طريقو توکي ڪنھن سيکاريو؟ سکيرو کيس ويجھو ايندي پڇيو. پر کيس ڪو جواب نه مليو. تون ڀلي خاموش رهه، تون سچ پچ چوندي به ڇا؟ مان چڱي ريت ڄاڻان ٿو ته توکي، ھي سڀڪجهه ڪنھن سيکاريو. سکيرو ھن آڏو بيھي ھن سان وڏي واڪي ڳالھائڻ لڳو ۽ رکي رکي کيس گاريون به ڏئي رھيو ھو.
تون منھنجي ڪم ۾ رڪاوٽ ڇو پيو بڻجين. رڳو مان ته ناھيان، ڪيترا مھاڻا ھاڻ ائين پيا ڪن. منڇر جو سڀاڻي ڇا ٿيندو مونکي خبر ناھي، پر ان سان مونکي ججھي آمدني ٿئي ٿي ته مان اھو ڪم ڇو نه ڪيان. سڀاڻي تون به ائين ڪندين. خيروپنھنجون اکيون ڦيرائي رکيون ھيون، ھن واضح طور چيو ته ھو ائين ڪندو رھندو، ڪير به ان کي روڪي نه ٿو سگھي.
ھي وحشياڻو جنون آھي، ھي ظلم آھي. ھڪ مھاڻي کي پنھنجي روزي سان ائين نه ڪرڻ گھرجي. منڇر تنھنجو گھر آھي، ان حقيقت کي تون سمجھڻ جي ڪوشش ڪر. ٺيڪيدار ته ھڪ ڏينھن ھليو ويندو، ھن لاءِ منڇر بي معني آھي. سکيرو، عاجزيءَ واري انداز ۾ خيرو کي سمجھائڻ لڳو.
مان تنھنجن ڳالھين ۾ ڇو اچان، وڃين پنھنجو ڪم ڪر. خيري ته ھاڻ حد ڪري ڇڏي، ھن سکيرو کي ڪنھن حساب ۾ ئي نه آندو.
ھا! مان توکي خبردار ڪيان ٿو ته تون ائين نه ڪر، منڇر کي زھريلو نه ڪر، ھي رڳو تنھنجي گذرسفر جو ذريعو ناھي، اسان سڀني جي روزي آھي. سکيرو ھاڻ ڪاوڙ مان کيس تنبيهه ڪرڻ لڳو. جيڪڏھن تون پوءِ به نه مڙين ته مونکي تنھن جي شڪايت سرڪار کي ڪرڻي پوندي. ڇاڪاڻ ته اھو قانون جي به خلاف آھي.
ڪن ماڻھن ۾ ھي خاص طرح جي عادت ھوندي آھي ته ڪن خاص حالتن ۾ اھي ڪو فيصلو نه ڪري سگھندا آھن ۽ ڪنھن ٻئي جي چيل مشوري کي پنھنجي خلاف سازش سمجھندا آھن. خيرو به ڪجھه ائين سمجھي رھيو ھو، ته سکيرو ھن سان ججھي مڇي جي شڪار کان حسد ڪري ٿو. پر پوءِ سکيرو کي معلوم ٿيو ته ڪيترا مھاڻا مڇي مارڻ جو خونخوار طريقو ۽ ڪٿي ته زھريلي مادن جو استعمال ڪن ٿا. جنھن سان مڇي کي ساھ کڻڻ ۾ مشڪل ٿئي ٿي ۽ مري وڃي ٿي. جيڪا پوءِ پاڻي تي تري بيھي ٿي. جنھن کي مھاڻا ٽوڪرين ۾ ڀري ٺيڪيدار حوالي ڪن ٿا، ھي ته ھاڻ روز جو معمول آھي.
توھين، بغاوت کي جنم ڏئي ٿي.
پڪ اٿم ته تون مون تي نه کلندين، ميرڻ مھاڻو، سکيرو ڏانهن نهاريندي چيو. مون کي آفيسرن سان ڳالهائڻ نه ايندو آهي، پر جي مون کي ڪلام ڳائڻ لاءِ چوندين ته خوشي سان ڳائيندس ۽ شاندار ڳائيندس، پورو منڇر شاهد آهي. ميرڻ حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجي متعلق صاف صاف ڳالھائڻ لڳو.
آفيسرن سان ڳالهائڻ کان وڌيڪ، سڄي معاملي کي هڪدم سمجهڻ جي ضرورت آهي. سکيرو، ميرڻ ڏانھن نھاريندي چيو.
تون سچ پچ انھن کي چوندين ۽ ھو ائين ڪندا جيئن تون چاھين ٿو؟ ميرڻ، سکيرو جي چھري ڏانھن نھاريندي پڇيو.
ھلندڙ مھيني کان ڪيترا ڀيرا، مون ائين سوچيو ته، مھاڻن کي ان ڳالهه جو خود سان اھو احساس ٿئي. ھي پنھنجي رقيب، منڇر سان دشمني ڪن پيا. جيڪو نھايت خطرناڪ آھي. سکيرو، ميرڻ سان ڳالھائيندي چيو. منڇر ھر طرح سان ھنن جي مدد ڪري ٿي، ھنن کي سنڀالي ٿي، پر ھي اھا ڳالهه سمجھڻ لاءِ تيار ئي ناھن.
پر جڏھن ڪالهه خيرو ڪاوڙ ۾ رڙيون ڪري ڳالھائڻ لڳو، ته مونکي پھريون ڀيرو ائين لڳو ته منڇر ھاڻ اسان کي سنڀالي نه سگھندي. ڇاڪاڻ ته منڇر سان ھاڻ جيڪو ڪجهه ٿي رھيو آھي، اھا ڳالهه منھنجي عقل ۾ نه ٿي اچي. ھن چيو ته باقي مھاڻا به ائين ڪن ٿا، ھن ڪيو ته ڇا ٿيو. ھنجي ڳالھائڻ ۾ ان وقت تلخي اچي وئي، جڏھن ھن چيو ٺيڪيدار جو قرضدار آھيان، ان ئي ائين ڪرڻ لاءِ چيو. ان ڪري ھاڻ مونکي پنھنجو ڪم ڪرڻ ڏي. ھنجو منھن ڏک ۽ غم ۾ ڪوماڻيل ھو، ھي مون ڏانھن اکيون کڻي نھارڻ کان لنوائڻ لڳو، ھن کي شايد معلوم ھو ته ھن کي انجو حساب ڏيئڻو پوندو. ان ڪري ھن جو پنھنجن لفظن تي ڪو ضابطو نه ھو. ھي ائين سمجھي پيو ته ان سان منڇر تي ڪھڙو فرق پوندو، جيڪڏھن ھن مڇي مارڻ لاءِ زھر جو ھڪ خاص مقدار استعمال ڪيو آھي، ھزارين مُھاڻا روزانو پنھنجي حاجت به ته منڇر ۾ ڇڏين ٿا. ڇا ان سان منڇر ميري ٿي آھي ؟ خيرو ان ڳالهه جي پيچ در پيچ خطرن کي سمجھي ئي نه ٿو ته انجا ڪھڙا نتيجا نڪرڻا آھن. ھن کي پنھنجي فائدي واري ڳالهه کان اڳتي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ٿي اچي. ان سان منڇر پنھنجي حيات ۽ زندگي کان ڪيئن محروم ٿيندي ان کي ته انجي پرواه ئي ڪانھي. ھو پنھنجي فائدي لاءِ ٻين کي ڪيئن ٿو تڪليف ۾ وجھي. ھن کي ائين ڪرڻ جو ڪو حق ڪونھي جو مڇي جي شڪار لاءِ زھر جو استعمال ڪري. جي ھر مھاڻو اھڙي حرڪت ڪندو رھندو ته مان توکي ٻڌايان ٿو ته منڇر جو مھاڻو سڄي حياتي دنيا لاءِ ھڪ سستي نوڪر جھڙو ٿي ويندو ۽ ڪيترن آڏو عزت ۽ سچي خوشي کان محروم ٿي ويندو. ان ڪري مون اھو فيصلو ڪيو ته مھاڻن سان سڌي جھيڙي ۾ اچڻ جي بجاءِ حڪومت ۽ قانون کي پوري ريت وچ ۾ آڻي، ٺيڪيدارن ۽ مھاڻن تي دٻاءُ وجهي کين پابند ڪري ته مڇي مارڻ جو اھو طريقو بند ڪن، ڇا ڪاڻ ته اھو غير قانوني آھي.
پر ھي سرڪاري ڪامورا ته مفت جا ڪُرڙا کائڻ وارا آھن، ھي توسان ڪھڙي ھمدردي ڪندا؟ ميرڻ، سکيرو ڏانھن نھاريندي چيو.
قانون جي پابندي، ھنن کي ان ڪم جو اجرو ملي ٿو، ان فرض کي ھي ڪيئن ٿا نڀائن، پاڻ کي اھو ڏسڻو آھي.
سچ اھو آھي ته تو پنھنجي ڪالھوڪي توھين کانپوءِ ائين سوچيو آهي. ميرڻ، سکيرو کان سوال ڪيو.
مُھاڻا منڇر سان دشمني ڪن پيا، تنهنجي عقل ۾ اها ڳالهه هاڻ آئي آهي، هي جيڪي شهري وڏي درجي وارا عملدار آهن. جن لاءِ مشهور آهي ته اهي سمورن ڏوهن پٺيان ڪٿي نه ڪٿي موجود آهن. تون انهن کان منڇر لاءِ انصاف پنڻ ويندين. تون ڪڏھن ائين ته سنجيده نه ٿين. خيري تنھنجي دل آزاري ڇا ڪئي، تون ته جھٽ سان فيصلو به ڪري ورتو ته مھاڻن جي شڪايت سرڪار کي ڪري انهن کي سيکت ڏيارجي. ھي اھا سرڪار آھي جنھن جا آفيسر ۽ پوليس جا مُنشي ھميشه ڪٽ لڳل ترار جھڙا لفظ مھاڻن سان ڳالھائيندا رھندا آھن.
ميرڻ، جي ڳالھين سکيرو جي اندر ڪن بناوٽي خيالن کي ميرڻ چڪنا چور ڪري ڇڏيو، ھي ان لاءِ ڪا وضاحت نه ڪري سگھيو.
اھو صحيح آھي، مان توسان ڪوڙ نه ڳالھائيندس، مان شرمشار آھيان ته مان منڇر جي باري ۾ تڏھن سوچيو جڏھن خيري، مڙي به مون ڏانھن نه ڏٺو. سکيرو، قبوليت واري انداز سان ميرڻ کي وراڻيو.
مان انجي وضاحت نه ٿو ڪري سگھان، ڇاڪاڻ ته شايد ھي جيڪو مان ڪرڻ وڃان پيو ان توھين جي اثر ڪري ھجي، پر مان صحيح ۽ غلط ۾ فرق به ته ڪري سگھان ٿو. خيرو پنھنجي معمولي فائدي لاءِ مھاڻن کي وڏي نقصان ۾ اڇلي رھيو آھي. هاڻ تون ئي ٻڌاءِ انهن کي ائين ڪرڻ کان ڪيئن روڪجي.
اها ته پوءِ جي ڳالهه آهي، پر ھڪ ٻي تباھي جو اندازو توکي ڪونھي. ميرڻ بيحد ڳنڀرتا مان سکيرو کي وراڻيو. توکي ان ڳالهه جي خبر ئي ناهي ته وڏي درجي وارا عملدار منڇر سان ڇا ڪري رهيا آهن. ان سان ته منڇر جي مهاڻن جو هڪ ڏينهن به مشڪل سان گذرندو، هو ته مري ويندا، بلڪه هي ته انهن کي اجتمائي خود ڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن. ان کي تون ڪيئن روڪي سگھندين. ميرڻ، اوچتو کيس اھڙي ڳالهه ڪئي جنھن جو ھن کي ڪو اندازو نه ھو. ھي مھاڻا ھن وقت منڇر سان جيڪو ڪجهه ڪن پيا اھو ته سندس بک جي مار ڪري ڪن پيا، جن لاءِ کين ندامت به آھي. پر سرڪار وٺ نه ندامت آهي نه ڪا وضاحت ته منڇر کي تباه ڪرڻ جو انھن کي ڪنھن حق ڏنو آھي. مان توکي ٻڌايان ٿو، ھي الھندي نارا کي زھريلو ڪرڻ چاھن ٿا، جتان سدائين منڇر کي پاڻي ملندو رھيو آھي. منڇر لاءِ اهو بيحد خطرناڪ آهي. انگريزن ڪڏھن ائين نه ڪيو، ھي ته پنھنجا آھن. تون ٿورو منڇر کان اولھندي طرف ويندين ته وڏيون مشينون ڪم ڪري رھيون آھن. ھي سرحد ۽ پنجاب جو پورو زھريلو پاڻي اولھندي نارا وسيلي منڇر ۾ ڇوڙ ڪرڻ چاھن ٿا. ھنن پري پري تائين ڏيڍ فوٽ جا ڪيمرا لڳائي رکيا آھن ته جيئن ماڻھن جي اچ وڃ جي خبر پئي، پر پوءِ به مونکي خبر پئي ته پاڪستان جي فوجي سرڪار پنجاب جو سمورو صنعتي زھر منڇر ۾ ڇوڙ ڪرڻ چاهي ٿي. ھي تھذيب جنھن جو تون وارث آھين، جنھن تي اسان جي وڏڙن جو ھميشه کان فخر رھيو. اھا ائين مٽجي ويندي جنھن جو توکي اندازو ئي ڪونھي. سکيرو جي اکين ۾ جيڪو اڳ وارو جوش ھو غم ۽ غصي ۾ تبديل ٿي ويو. اسين ان گھڙي جو اثر وٺندا آھيون، جيڪا ٿوري وقت لاءِ ھوندي آھي، پر اسان انھن حادثن ڏانھن سنجيده ناھيون ھوندا جن سان اسان جي تھذيب ختم ٿيڻ تي ھجي. ان ڪري تون خيرو کي ڀلي نه ڇڏ، پر ھاڻ جڏھن پاڻ فشريز کاتي ھلون پيا ته رڳو خيرو جو معاملو نه کڻون پر کين اھا بھ ڳالهه پڇون ته سرحد ۽ پنجاب جو زھريلو پاڻي نارا ذريعي منڇر ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو ھنن کي ڪنھن حق ڏنو. ان لاءِ سرڪار مھاڻن کان ڪنھن بھ قسم جي راءِ ورتي آھي؟ جيڪي منڇر جا حقيقي وارث آھن. بلڪه سرڪار کي ان رٿا کي بند ڪرڻ جو چتاءَ ڏيون، بند نه ڪرڻ جي صورت ۾ حڪومت خلاف منڇر بچايو محاذ ٺاھڻ جي ڪوشش ڪيون.
فشريز ڊپارٽمينٽ. گاڏي خراب آهي،
جيڪا ڳالهه تون چوين پيو جي سچ آھي، ته ضرور ڪاروائي ڪنداسين. مڇي جي پالنا واري سرڪاري شعبي جي انچارج، سکيرو ۽ ميرڻ سان ائين مخاطب ھو، ڄڻ هنن جيڪي ڳالھيون چيون آھن انھن جي ھن کي ڪا خبر ئي ناھي. مان توکي وڌيڪ ٻڌايان ٿو ته مھاڻن کي ائين ڪرڻ تي ڪير پيو مجبور ڪري، سکيرو جرئت مان ڳالھائڻ لڳو. ھي جن کي توھان ٺيڪيداري جا لائسنس ڏنا آھن، اھي مھاڻن کي مجبور ڪندا رھن ٿا ته ججھي مڇي حاصل ڪرڻ لاءِ ائين ڪن ۽ جڏھن اسين ٺيڪيدار کان معلوم ڪندا آھيون ته خبر اٿئي ھو ڇا چوندو آھي.
انچارج جو ڪجهه چوي ان کان اڳ سکيرو کيس چيو، ٺيڪيدار چوندا آهن ته پتڻ کان ھيٺ پوليس جا منشي، سپاھي، صوبيدار ۽ انھن جا مٽ مائٽ ۽ فشريز کاتي جون جيڪي چونڪيون آھن اتي جي عملدارن کي پئسا ۽ مڇي ۽ پکي ڏيڻ جا پابند آھيون نه ته اسان مان ڪير پتڻ کان نڪري نه ٿو سگھي. سکيرو ان ڳالهه جي پرواھ ڪرڻ کانسواءِ ته انچارج ناراض ٿيندو. ھن چيو، جون، جولاءِ، آگسٽ ۾ مڇي مارڻ تي پابندي جي باوجود مھاڻن کي مڇي مارڻ جي اجازت ڪير ٿو ڏئي ۽ ان لاءِ به مھاڻا چون ٿا ته کاتي جا آفيسر ذميوار آھن. اھي پئسا وٺي مھاڻن کي اجازت ڏين ٿا، اھو وقت ته مڇي جي آنن ۽ ٻچن ڏيڻ جو ھوندو آھي، توھان کي ته معلوم آھي پوءِ ائين ڇو ٿو ٿئي.
سرڪاري ڪاموري کي جيتوڻيڪ اھو سڀ معلوم ھو، پر سندس منھن جون عجيب ريکائون ائين پئي ظاھر ڪيائين ڄڻ ھن کي ڪجهه به خبر ناھي.
مان ڇا ڪيان! منڇر جا مھاڻا ھڪ ڏينھن به مڇي مارڻ ۾ وقفو نه ٿا ڪن، ڇاڪاڻ ته ھي منڇر کان وڌيڪ پئسي سان پيار ڪن ٿا. آفيس جي انچارج وراڻيو. پر جي تون ذميواري کڻين ته مان اھڙو فيصلو ڪيان. سرڪاري ڪاموري پاڻ کي بچائيندي سکيرو کي چوڻ لڳو.
ٺيڪ آھي! پتڻ تي ھينئر ٿا ھلون ، مان ذمو کڻان ٿو. سکيرو وراڻيو.
پتڻ سڀاڻي ايندس. اڄ ھلون ھا پر گاڏي خراب آھي. ڪاموري ڪجهه سوچي جواب ڏنو.
صاحب! ھاڻ مون کي ٻي ڳالهه ٻڌاءِ. سکيرو ڪاموري سان مخاطب ٿيندي پڇيو.
ڪير انسان ڪيترو لالچي آھي ان ڳالهه کي تون ڇڏ، پر مونکي اھا ٻڌاءِ ته سرڪار نارا ڇنڊڻ کي ڪھڙي مقصد لاءِ استعمال ڪري ٿي ؟
اسان ٻڌو آھي ته پنجاب ۽ سرحد جي زمينن کي، پوکي لائق بنائڻ لاءِ سم ۽ ڪلر وارو پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ ان جي ڪپرن کي ڪشادو ڪيو پيو وڃي.
اھو وفاقي سرڪار جو ڪم آھي. اسان جو ان سان ڪو تعلق ناھي. انچارج وراڻيو.
انجي نتيجن جي توکي خبرآھي؟ سکيرو کيس سوال ڪيو. وفاقي سرڪار کي مھاڻن جي زندگي جي قيمت تي ان فيصلي جو حق ڪنھن حق ڏنو آھي؟ تو ڪڏھن مھاڻن سان انجو ذڪر ڪيو؟ ڇا تنھنجي فرائض ۾ ائين ناھي؟ ان فيصلي سان منڇر ۽ مھاڻن جو ڇا ٿيندو؟ تنھنجي وفاداري ڪنھن سان ھجڻ گھرجي؟
مون توکي ٻڌايو ته اھو وفاقي سرڪار جو فيصلو آھي، مان ھتي نوڪري ڪرڻ اچان ٿو. ان کان اڳتي منھنجو ڪو ڪم ڪونھي. مان ماڻھن سان جھيڙا ته نه ڪندس. ھر ڪو پنھنجو نفعو نقصان سمجھي ٿو. توھانجو ڪو اعتراض آھي ته ڊي سي سان ڳالھايو. اهو ئي ضلعي جو مالڪ آهي. انچارج ھڪ ئي وقت ڪيتريون ڳالھيون ڪري پنھنجو پلئو آجو ڪري ڇڏيو.