4. پيسينجر _1930
ڌرمي مسافر.
ريل جي هڪ ٻئي گاڏي ۾ ساڌو فقير، دريءَ مان اوچتو اڀري آيل قدرتي منظرن ڏانهن نهارڻ لڳا، تيز هوا ڪري انھن جا ڊگها وار ڪلهن کان اڏريا ٿي. هنن جي وچ ئي وچ ۾ ويٺل، وڏي عمر جو ساڌو ڪجهه اهم نُڪتن تي چيلن سان گفتگو ڪري رهيو آھي. هن جي ڳالهين مان ائين ٿي لڳو، هن کي روحاني علم سان گڏ رياضي، منطق، اخلاقيات، مذهب، موسيقي ۽ راڳ جي به پوري ڄاڻ آهي. هي انتهائي آسان سنسڪرت ۽ سنڌي ۾ ڳالهائي رهيو هو ۽ رکي رکي هن “جوهي” شهر جو ذڪر ڪيو ٿي. جيڪو کيرٿر جي سلسلي جو ڪاروباري ۽ ڌرمي شهر آهي، جتي جين ڌرم جا ساڌو هر سال گڏ ٿين ٿا. پنهنجي سريلي آواز ۾ گيت، اشلوڪ، ويد ۽ ڌرمي نظم ڳائن ٿا ۽ اهي سمورا ساز وڄائن ٿا جيڪي هنن هميشه پاڻ سان گڏ رکيا آهن. جن مان هنن ائين سر ڪڍيا جيئن ڪڪر پاڻي ڪڍندا آهن. هنن ان مان ميگهه، سرسوتي، ٺمري، ڀيروي ۽ ڪلياڻ سُر وکيريا ۽ سامهون ويٺل عظيم اجتماع کي جهومايو. هنن کي ان ڳالهه جو وڌيڪ خيال رهندو آهي ته هو پنهنجي طرفان ڪا اهڙي ڳالهه نه ڪن جنهن سان ڪنهن ٻئي ڌرم واري کي تڪليف پهچي. ان ڪري هو سنگيت ۽ ويڌڪ نظم ۽ راڳ ذريعي قدرت جي تشريح ڪندا رهندا آهن. جنھن مان قدرت جي نيڪي ظاهر ٿئي. جنهن هي سموري ليلا رچائي. هنن ساڌو فقيرن جي ڳالهين مان ائين ٿي لڳو ته هي جين ڌرم جي مسلڪ جا پوڄاري آهن ۽ سندن منزل جوهي شهر آهي.
محبت ئي ڪلا آهي.
سڀ کان وڏي مسرت ڪلا ۾ آهي، اسان کي ڪتابن ۾ ٻڌايو ويو آهي. اڃان به جيڪڏهن زمين تي ڪا سچ پچ عظيم ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته اها آهي سڄي انسانيت ۽ دنيا جي آئيندي کي محبت ۽ ڪلا جي طاقت سان يڪجا ڪرڻ. سموري انساني تاريخ جو حل ان ۾ ئي آهي، ان کي ايتري ته صداقت ۽ منصفاڻي انداز سان قائم ڪجي جو ان جي هر شي غير فاني ٿي وڃي. برهمڻ پنهنجن چيلن سان مخاطب ٿيندي ڳالهائي رهيو هو. جيڪي ٽرين جي سفر دوران هڪ ٻئي جي سامهون ائين ويٺا هئا جو هڪٻئي جي اکين ۾ پوري طرح ڏسي سگهيا ٿي.
مونسان ان متعلق وڌيڪ ڳالهايو، مان ان تي لکڻ چاهيان ٿو. نوجوان چيلي قلم ڪڍيو ۽ گرو جي ڀر ۾ پلٿي هڻي ويٺو. سموري انساني تاريخ جي بقا، انجو عروج ۽ انجي مجموعيت، جنهن ۾ اسين سڀ تون ۽ مان به ۽ اهو به جنهن متعلق اسانجي ڄاڻ مختصر آهي. جيڪو خاموشي سان اسانجا داستان رقم ڪندورهي ٿو، جيڪو انسان جي رقص، حياتي جي رواني، ۽ سمورن روحاني جسماني ڪيفيتن جي عڪاسي ڪري ٿو. صحراءِ گوبي، راجستان ۽ چولستان مٿان مسلسل مينھن وسائڻ ۽ انجي نتيجي ۾ وري سفيد رنگ جي کنڀين جن ۾ قدرت شاندار سواد رکيو. رنگ برنگي کنڀ رکندڙ مور پکي جنهن ڪيفيت ۾ رقص ڪري ٿو ڄڻ ڪائنات ۽ زندگي جي ڪهاڻي ٻڌائيندو هجي. جي ڏسجي ته قدرت پنهنجي ڪلا سان مسلسل آهي ۽ هي جيترا رنگ ڪائنات ۾ موجود آهن جن ۾ ان پنهنجي ڏاهپ ڀري آهي، هي ڪلا ئي ته آهي. آسمان رات جو عجيب روشنين سان روشن ٿي پوي ٿو ۽ چنڊ کي ايترو دلڪش ٺاهيو آهي جو ڪيترا ڪلاڪ ان کي ويهي ڏسي سگهجي ٿو. هي ڪلا آهي قدرت جي سڀ کان وڏي ڪلا.
ڇا ڪلا ۽ سموري انساني تاريخ کي مقصد ۽ غرض لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو؟ چيلي، استاد کان معلوم ڪيو.
بيشڪ. هر ماڻهو پنهنجي اندر ٻئي جي محبت جو منتظر آهي، محبت وڏي ڪلا آهي. منهنجا ٻالڪ، برهمڻ پنهنجي چيلي سان مخاطب هو. ھن جي انتھا، ابتدا جي مونکي ڪا خبر ناھي، ان ڪري ان متعلق منھنجي معلومات نھايت مختصر آھي. هُن درياء، سمنڊ، آبشار، ڍنڍون، وڻ، ميوا ، پکي، جانور ۽ گائي ماتا جو کير مکڻ سڀ زمين تي پيدا ڪيا. هو زمين تي ڪيترا روپ رکي ٿو ڪنهن کي ڪهڙي خبر، ڪير آهي جنهن کي آسماني رستن جي خبر هجي، منھنجي مختصر ڄاڻ مطابق ھي قدرت جي شاندار ڪلا جو نمونو آھن. ھي جيڪو زندگي جو بدلاءُ آھي، تنھن پٺيان ڪهڙي ڪلا پوشيده آهي، ڪي ماڻهو انت کي اختتام سمجهن ٿا بدلاءُ نه ٿا سمجهن. ڏس ته صحيح درسگاهن ۾ ازل ابد جي مسئلي تي طويل بحث ٿئي ٿو، اهو سمجهڻ لاءِ ته اهو رستو ڪيستائين وڃي ٿو. رامائڻ ۾ لکيل آهي ته هي جيڪو ڪجهه زمين تي آهي ڀڳوان جي ڪلا آهي. هي راڳ آهي، رنگ آهي سُر آهي، ناچ آهي، مورت آهي، محدود آهي لامحدود آهي، دريا آهي، ساه آهي، روشني آهي، رات آهي، سج آهي، چنڊ آهي، موجود عدم موجود آهي، هو ڪرشنا به آهي جنهن جي بانسري جي ڌُن سان ڪائنات جهومي ٿي.
حياتي پنهنجو رڌم رکي ٿي ، ڇاڪاڻ ته هي ڪلا آهي. هن مختصر ساهي کانپوءِ وري پنهنجي ڳالهه جاري رکي، هي قدرت جي پهرين سمجهاڻي آهي ته ڪائنات ۾ جيڪو ڪجهه آهي سمجهه ۽ ذهانت به ڪلا جو نتيجو آهي. جيڪو باقي مجموعن کي جنم ڏئي ٿو. جيڪا شين ۾ هجڻ جي باوجود نظر نه ٿي اچي. ھن ڪنھن کي به عظيم ناهي ٺاهيو، هر شيءِ پنهنجي ڪلا سان پنهنجي مدار ۾ آهي فقط جيڪو شروع ۾ هو، اهو ئي آخر ۾ آهي ان ڪلا جا اشارا هر طرف کان آهن.