20. اجڙيو شهر ٻيڙين جو 5
ھو آھسته اٿيو، پنھنجي گوڏ کي درست ڪيائين، قميص ھن کان ڪجهه ئي فاصلي تي ڪلي ۾ ٽنگيل آھي، جيڪا ھن کي پاڻ لاھي پائڻي آھي. جنھن ۾ ھڪ بٽڻ ائين لڳل آهي جيئن جسم کي ڍڪي سگهي. جيڪا ڪيترن ڏينھن جي استعمال ڪرڻ جي ڪري ڪني مڇي جهڙي ٿي وئي هئي. ھن ڪيترا ڀيرا بي خيالي ۾ حوران حوران ڪري سڏيو، جيئن قميص کڻي ڏئي پر پوءِ ھن کي احساس ٿيو ته ھي ته انھن کي منڇر ڇڏي آيو آھي. ھتي ھنجو پھچڻ اتفاقي حادثو نه هو. پر ھن پاڻ انجي چونڊ ڪئي. ھن جڏھن ڏٺو ته منڇر جا گاليا، ڪٽار ۽ بتيلا تيزي سان وڪامجڻ لڳا آھن ۽ منڇر ائين خالي ٿي رھي آھي جيئن ڪا وبا ڦھلجڻ جو خطرو ھجي، پاڻي جا سمورا گاه گل ٻوٽا، مڇيون ۽ پکي به ويا ٻڏندا ۽ گم ٿيندا. باقي بچي ويل ڪن گالين ۽ ڪٽارن تي رات جي سمي ۾ ڪٿان ڪا گاسليٽ جي بتي ۽ گيس جو گولو ٻري ٿو، تنھن وڌيڪ اداسي ٿي پيدا ڪئي جنھن منڇر کي روشن رکڻ جي بجاءِ وڌيڪ اونداھو ٿي ڪيو. تڏھن ھن جي امڙ ۽ ھن اھو فيصلو ڪيو ته ھو به ڪمائڻ لاءِ ھاڻ منڇر کان ٻاھر وڃي، حوران خالي خالي اکين سان ھن ڏانھن نھارن لڳي.
رات ھو گھڻو جاڳيو ۽ ٿورو سمھيو، ھن جي رات بيچيني ۾ گذري، قميص پائي ھي ڪاٺ گاري ۽ ڪک ڪانن نما جھوپڙي کان ٻاھر نڪري وڏا وڏا ساه کڻڻ لڳو، ھو وقت جي تباه ڪن فيصلن تي غور ڪرڻ لڳو، ھن کي ائين لڳو ته انسان جو جسم ۽ روح حادثن ۽ المين جو تسلسل آھي، ھن پنھنجي دل ۽ دماغ کي ڪنھن طويل ڪرب ۾ ٿي محسوس ڪيو. ھن کي پنھنجن وڏڙن تي چڙ ٿي آئي. جن پاڻ کي جل جو روپ ٿي سمجھيو ھو پوءِ ڪاڏي ويا؟ ۽ ڪاڏي وئي انھن جي رحم دلي ۽ وفاداري؟ سڀ بيڪار جون ڳالھيون ھيون، حقيقت ھي آھي ته ڪمزور جي ڪا تھذيب ناھي ھوندي، ھو ماضي جي واقعن تي گھڻو غمناڪ ٿي لڳو.
ھن جڏھن منڇر جي ڪناري کي ڇڏيو ھو ته ھن سان گڏ ٻيا ڪيترا نوجوان مھاڻا به گڏ ھئا، جن مان ھڪڙن ته ابراھيم حيدري طرف وڃڻ جو فيصلو ڪيو، ڪن پنجاب منگلا، تربيلا وڃڻ جو فيصلو ڪيو ھو، پر محبوب حمل ڍنڍ وڃڻ جو فيصلو ڪيو، ھن اھو فيصلو امڙ ۽ سندس گھر واري حوران جي ڪري ڪيو هو ته جيئن ھو ھر ٻين ٽين مھيني ھنن ڏانھن موٽي سگھي. ھن ائين حوران کي ڇڏڻ نه ٿي چاھيو جيڪا ھڪ طرف بيٺي ھن کي ويندي ڏسي رھي ھئي، ھن آخري ڀيرو وري محبوب کي چيو.
“مونکي به ساڻ وٺي ھل”
محبوب کيس ڪو جواب نه ڏئي سگھيو ھو، ھن کي ھمت ئي نه ٿي ته ان سوال جو جواب ڏئي. ان ڏينھن کان حوران ھر وقت ھن جي اندر رھي ٿي، ھن جي اکين ۾ رقص ڪندي رھي ٿي، ھي ان کان ھڪ قدم به پري نه وڃي ھا پر منڇر جنھن طرح ويران ٿي آھي ان لاءِ ھن کي منڇر ڇڏي گذر سفر جي تلاش ۾ ٻاھر نڪرڻوپيو هو.
حوران دل ۾ موجود گھٻراھٽ، بيچيني، درد جدائي، جھڙي ڪيفيت مان گذرندي سوچندي رھي ته وقت ان سان اھڙو مذاق ڪيئن ٿو ڪري؟ حوران جڏھن 18 سالن جي ٿي ته محبوب جي ننڍڙي دنيا جو حصو ٿي وئي، ھي جڏھن پرڻجي آئي ته ان جي ٻئي ڏينھن کان مھاڻي عورت وارو سوٽي وڳو پائي محبوب سان گڏ ڀن (پاڻي جي گهرائي وارو حصو)۾ ڄار سنڀالڻ لاءِ رواني ٿي. ھن جي ھٿن تي ميندي جي خوشبو خاص طرح پٻڻ ۽ ڪوڻين جي گلن ۾ عجيب ھڳاءِ پيدا ڪري ڇڏيو ھو. اھي نيرا، ھيڊرا، گلابي ته ڪي سفيد گل ھن جي ٻيڙي سان پنھنجو ڪنڌ سرڪائيندا ٿي ويا ته جيئن حوران کين نھاري ڏسي ۽ ڇھي ته جيئن انھن جا لافاني رنگ سدائين لاءِ امر ٿي وڃن، ٻن چئن سالن ۾ منڇر سان ڪجهه اھڙو ٿيو، جو منڇر جي پاڻي مان عجيب ڪنهن مئل سانڊي جهڙي بدبو اچڻ لڳي. منڇر جا سموار رنگ، پٻڻ ۽ ڪوڻين جا گل، نڙپن ڏسندي ڏسندي اکين اڳيان الوپ ٿي ويا ته مھاڻن جا لاتعداد روپ، انھن جو روئڻ کلڻ، انھن جا شوق مشغلا، لافون گاريون، گاليا، ڪٽار ٻيڙيون، رڇ، بانس، چپو، آڙيون، نيرڳ به غائب ٿي ويون.
ڄڻ ھڪ تھذيب جو موت ٿيو.
محبوب ڪجهه گھڙين لاءِ پنھنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون، ھن کي ائين لڳو ته ھن پنھنجي خوشحالي کي وڃايو پر پنھنجا ھوش حواس به وڃائي ويٺو آھي. ھي پنھنجي ڪٽنب کان پري آھي، ھن کي ھتي ٻه سالن کان به وڌيڪ جو عرصو ٿي ويو آھي، ان دوران ھو مشڪل سان ڪو ٻه ڀيرا منڇر وڃي سگھيو آھي، پھرين ڏينھن کان جڏھن ھي روزگار جي سلسلي ۾ حمل ڍنڍ پھتو ھو ته ھن کي ائين محسوس ٿيو ته مقامي سردار مھاڻن جي پورھيي جي لٽ مار تان ان قدر آسوده ٿي ويا آھن جو معمولي ڪاموري جي مھماني لاءِ پئسه پاڻي وانگر وھائن ٿا ۽ قمبر شھداد ڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي جي راڄن جا فيصلا ڪن ٿا. ڍنڍ مٿان باضابطا انھن جو راڄ آھي، ڍنڍ کان تڙ تائين انھن جا ماڻھو آھن جيڪي مھاڻن ۽ مڇي جو انتظام سنڀالن ٿا.
ھو ڪيڏو نه ڪميڻو ماڻھوھو ، جڏھن ھن محبوب کان پڇيو.
تون اڪيلو آھين گھر واري ڪٿي اٿئي،
خدا، تو ھن دنيا ۾ ان قدر ذليل ڪرڻ لاءِ ڇو پيدا ڪيو؟
محبوب ان کي ڪو جواب نه ڏئي سگھيو ھو، ھو سردار پاران مقرر حمل ڍنڍ جو ٺيڪيدار ھو.
ٺيڪيدار، شڪاري ڪُتي جيان محبوب جي چير ڦاڙ ڪرڻ کانپوءِ ان کي پاڻ وٽ ان شرط تي رکيو ته ھر مھيني جي راشن تي ڪم ڪندين، پئسي ڏوڪڙ جي ڳالھه نه ڪندين، سال ۾ ھڪ ڀيرو ھفتي جي موڪل ڪندين، حساب سال جي آخر ۾ ٿيندو، تنھنجو وھنوار ھوندو ته توکي ملندو، تون پنھنجي طرح سان مڇي جو ھڪ داڻو به نه کپائيندين، تون ھاڻ سردار جي ملڪيت آھين،
محبوب پاڻ کي سردار جي حوالي ڪري ڇڏيو، سردار پاران ھن کي جيڪو راشن ملندو ھو غير معياري ۽ اڻ پورو ھجڻ ڪري، ھڪ ڀيري ھن انجي شڪايت ڪئي ته سردار جي ماڻھن ھن کي تڙ تان ڍنڍ جي پاڻي ۾ کڻي اڇليو ۽ گاريون ڏيندا ھليا ويا، ھن ڇھن مھينن کان نوٽ يا سڪو ناھي ڏٺو، ھي ھر صبح ائين اٿي ٿو پري ڪلي ۾ ٽنگيل بيحد گندي قميص پائي ڀن ۾ مڇي جي ڄار سنڀاليندو شام جو ڪھڙي مھل تڙ تي موٽي ٿو وري پنھنجي غفا جھڙي اونداھي ڪوٺي ۾.