منڇر ڍنڍ
سنڌو درياء جي ساڄي ڪناري ۽ لاڙڪاڻي کان ٿورو پنڌ اتر طرف اوھان کي ھڪ ليڪ ڏسڻ ۾ ايندي، جنھن تي “نارو درياء” جو لفظ لکيل آھي. ھن وھڪري کي نانگ نارو به ڪري سڏيندا آھن، جنھن کي انگريزي ۾ “سنڌ پينٽائين” به سڏي سگھجي ٿو، جنھن جو پاڻي ھڪ بيضوي گول ۾ ڪري ٿو، جيڪا ڍنڍ جي علامتي شڪل آھي. مذڪوره ڍنڍ جو نالو منڇر آھي. ھن ڍنڍ جي ڏاکڻي پاسي اڙل نالي ھڪ وھڪرو نڪرندو آھي.
اڙل ۾ ناري جي شڪل اڌ گول جھڙي نظر ايندي آھي، جنھن جي ڊيگهه سٺ ميل کن ٿيندي. معلوم ائين ٿو ٿئي ته ٻنھي نالن وارا اھي وھڪرا انساني محنت جو نتيجو آھن. ھنن وھڪرن ۾ ور وڪڙ گھڻا آھن، تنھن ڪري چئي سگھجي ٿو ته اھي فطري نه پر ماڻھن جي ڪوڏر جي لپي جي پيداوار آھن. معلوم ٿئي ٿو ته ڌرتي جو مٿاڇرو سنئون سڌو آھي، جڏھن سنڌو ۾ چاڙھه ھوندو آھي ته اڙل ابتو مٿي وھڻ شروع ڪندو آھي، جڏھن وري سنڌو لھي ويندو آھي ته اڙل وري موٽي سنڌوءَ ۾ وھڻ لڳندو آھي، سيوھڻ کان اڙل ڏئي جيڪڏھن منڇر اچبو ته سفر ۾ ٻه ڏينھن لڳي ويندا.
سال جي ھن موسم دوران منڇر من موھيندڙ ڇَرَ آھي. ھتان جا ماڻھو ھن ڍنڍ کي پيار وچان
“مھان منڇر” جي نالي سان سڏيندا آھن. ڇاڪاڻ ته ڀرسان ئي جابلو خشڪ علائقو آھي، جيڪو ٻٻُرن جي جھنگ سان ڀريو پيو آھي. لڪي وارا جبل به انجي ويجھو آھن، ھي نيري پاڻيءَ جي چمڪندڙ ڇولين واري وڏي ۽ نھايت خوبصورت ڍنڍ جنھن کي اولهه جي ٿڌڙي ھير ھندوري ۾ لوڏيندي آھي، ڪڏھن سايون پوکون اڳتي وڌي ڍنڍ ڏانھن ھليون وينديون آھن ۽ ڪڏھن وري منڇر اڳتي وڌي ساين پوکن ڏانھن ھلي ويندي آھي. اولهه پاسي ننڍين ٽڪرين جون قطارون آھن. معلوم ائين ٿيندو ڄڻ ڀوري رنگ جي ٽڪرين منڇر کي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو آھي. ھڪ پاسي وچ کان پاڻي جو وھڪرو شروع ٿئي ٿو، جنھن جو پري کان رنگ انڊلٺي ڏسڻ ۾ ايندو. ڀرسان مھاڻن جي ٻيڙين ۾ اڇا سڙهه پيا جرڪندا ڏسڻ ۾ ايندا، جنھن ڪري پاڻي جون لھرون چاندي جھڙيون ئي ڏسبيون. ڪنول گل به ايترا گھڻا آھن، جو پاڻي ته نظر ئي ڪونه ايندو. اھڙا نازڪ ۽ نفيس گل ته فقط ديوتائون ۽ ديويون ھٿن ۾ جھلڻ لاءِ کڻنديون آھن. معلوم ائين ٿيندو آھي ته ھنن گلن کي زمردي رنگ جو ڪو چوغو پاتل ھجي، جيڪو شفاف چمڪندڙ پاڻي جي شڪل ۾ ھوندو آھي. سندس ڪنڌيون ڪنارا ڏير، پنن، نڙن ۽ ٻوڙن سان ڀريل ڏسڻ ۾ ايندا آھن، معلوم ائين ٿيندو ته ڄڻ اھي جھوني ديوتا پروٽيوئس جا ڊگھا ۽ خشڪ وار آھن. انھن ٻوڙن ۽ نڙن جي ڪانن مٿان جڏھن اڇا سنگ ھوا تي جھولندا ۽ جھومندا ته ڏاڍا سھڻا لڳندا آھن، منڇر جي انھي سھڻي ڏيک ۾ ڪنھن به شي جي کوٽ نظر ڪانھ ايندي. محسوس ائين پيو ٿيندو ته ماڻھو آرڪٽڪ يا وچ آفريڪا جو ڪو خوبصورت منظر ويٺو ٿو ڏسجي. ڪيترن جاين تي پاڻي جا پکي ايترا گھڻا نظر ايندا جو پاڻي ته ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ايندو آھي. ھي پکي پاڻي ۾ ترندا ۽ تڙڳندا ڏسبا آھن، ڪي وري چھنبون پاڻي ۾ ھڻي پنھنجو چوڳو چونڊيندا ڏسبا آھن. ڪي پکي چوڳو پاڻي ڪري واندا ٿي پاڻي جي مٿاڇري تي ويھي پر ۽ کنڀ پيا چھنب سان سوئيندا ۽ صاف ڪندا. چمڪدار کنڀن ۽ پرن وارا پکي به ھتي جام ڏسبا آھن، جن کي ھتان جا ماڻھو برھمڻي بدڪ جي نالي سان سڏيندا آھن. ڪاري رنگ جو ڦوليارو پکي به تمام گھڻو آھي، جنھن جو مٿو ڳاڙھوُ ڳٽول ٿيندو آھي. ھلڪي گلابي ۽ سفيد رنگ جا لاکي ڄاڃي پيا ھيڏي ھوڏي اڏامندا نظر ايندا آھن. پيئڻ پکي به تمام گھڻو آھي، جيڪو اٺ پکي کان ٿورو لاٺيرو ٿيندو آھي. ان کانسواءِ ٻگهه، قوق، ڊوم، ٽڪر، ٽٻر پکي ۽ مختلف قسم جي پکين جو ته ڪو شمار ئي ڪو نه ھوندو آھي، جيڪي پنھنجي پنھنجي ڪمن ۾ رُڌل ھوندا آھن. ٻيا به الائي ڪيترا پاڻيءَ جا پکي اسان مٿان پوپٽن وانگي ڦيرا پائي رھيا ھئا. جن جي اڏامڻ جي آواز جا واڪا ڪن کائي رھيا ھئا، ڪي ته وري پنھنجي منڍي پرن ۾ لڪائي پاڻي ۾ ويٺا ھئا. ته ڪي وري چوڳو چوڻو ڪري رھيا ھئا، سندن ٻولي به اھڙي آھي ڄڻ ھيرا ۽ موتي ڇڻ ڇڻ ڪندا ھيٺ ڪرندا ھجن.
منڇر جا مُھاڻا
منڇر ۾ مُھاڻن جو ته انت شمار ئي ڪو نه ھوندو آھي، توھان کي سوين ٻيڙيون نظر اينديون جيڪي ڍنڍ جي ڪناري وارن نڙ، ڏير ۽ ٻوڙن جي پاسن ۾ بيٺل ھونديون آھن. ڪي وري ڍنڍ جي پاڻي ۾ ڦٽل گاھ مان وڏي پاڻي ڏانھن ھاڪاريندي مٿن ويٺل مھاڻا ھن دنيا جي کرکسن کان آجا ڄار پيا ٺاھيندا آھن. يا وري پُراڻي ڄار جي ڳنڍ جوڙ ۾ لڳا پيا ھوندا آھن، کين اھا ڪل ئي ڪانه پوندي آھي ته سندن ٻيڙي وڃي ڪنھن پاڙ ۾ ڦاٿي آھي.
ھي مُھاڻا اصل سنڌي آھن، سندن رنگ سانورو آھي. سندن منھن مھانڊن مان به لڳندو آھي ته اصلي ھندو آھن، ھاڻي ھي مسلمان آھن. پر حال اھو ئي اٿن، جھڙي سٺ تھڙيون ٽي ويھون. جڏھن ھندو ھئا ته به بَھه، مڇي، لوڙھ، ڪُم ۽ ڪوڻيون کائي وقت گذاريندا ھئا. مسلمان ٿيڻ کانپوءِ به ککي ھاڻيون کاريون ڇڇي ھاڻا ڇڄ، اھي مڏ اُھي مڪڙيون راتو ڏينھن پاڻي ۾. ھو اڃان به ھندن وانگي پاڻي کي سُکان ڏئي پوءِ ڍنڍ ۾ داخل ٿيندا آھن، ھو اڃان به پاڻي جي ديوتا کي چانور لپ به ڏيندا آھن ۽ انجي ساراھ ۾ ڀڄن جھڙا ڳيچ ڳائيندا آھن. ھنن ڳالھين مان سولائي سان سمجھي سگھجي ٿو ته ھو اڃا به پراڻا ساٺ سوڻ ڪندا اچن، ھاٺي ۾ سگھارا، ڦڙت، سدائين ھل ھلان ۾. مزاج ۾ رلڻا ملڻا ۽ کلڻا، ڪچھري جا ڪوڏيا. ڳالھين جا ڳھير، ھٿ به پيو ھلندو ته ڄڀ به پئي چلندي. ھن نيات جي ماڻھن ۾ عورت ۽ مرد جي لاڳاپن کي شايد عيب ڪو نه سمجھيو ويندو ھو، کين پاپ، ڏوه سزا جو پتو ڪونه ھوندو آھي. ڄڻ نيم وحشي دور ۾ پيا گذارين، ھي ماڻھو زالين مڙسين ھڪ جاءِ تي ويھي ڪونه سگھندا آھن. اھو مڇي جي کائڻ ڪري ھوندو آھي يا انجو ڪو ٻيو ڪارڻ آھي مان اھڙي منجھيل سُٽ سلجھائڻ جو ڪم اوھان تي ٿو رکان پر ھي ماڻھو ڏکڻھاري جيان سدائين ڪنھن نه ڪنھن ڪم ۾ رڌل رھندا آھن. سندن ھي گڻ عام سنڌي ماڻھو کان الڳ آھي، ھي سوال جسماني ڪارگردگي جي فلاسافي سان تعلق رکي ٿو. مُھاڻن جون عورتون جفاڪش بلند حوصلن واريون ھونديون آھن، پاڻ ٻيڙي جو ونجهه پئي ھلائيندي آھي ۽ سندس مڙس ڄار سان مڇي ڦاسائيندو رھندو آھي. سندس وڏا ٻار ڪپڙن کان آجا پاڻي جي پکين وانگي پيا ترندا ۽ تڙڳندا آھن، سڀني کان ننڍو کوھي يا چيڪلي وارن رسن ۾ ٻڌل ڄاري جي ڏولي ۾ پيو لڏندو ۽ آڱوٺو چوسيندو رھندو آھي. ھنن ماڻھن جو کائڻ پيئڻ، چلم ڇڪڻ، سمھڻ ۽ جاڳڻ ٻيڙي تي ھوندو آھي، ڌرتي تي پير فقط تڏھن رکندا آھن جڏھن کين مڇي صاف ڪرڻي ۽ ڪنڌي وٽ سُڪائڻي ھوندي آھي يا وري مڇي وڪڻي لٽو ڪپڙو، ڳنڌڻ يا ستي ڦڪي وٺڻي پوندي اٿن. پاپن ڪرڻ ۾ به پورا ته توبهه ڪندي به ڪونه ٿڪجن، شادي به دير سان ڪندا آھن. ڀنگ پيئڻ جا ڪوڏيا، مُلان کان لڪي شراب جي چُڪڙي به چاڙھيندا ته آفيم جو ذرو به وات ۾ وجھندا. سندس ڪُٽنب جي ڀاتين جو تعداد تمام گھڻو ٿيندو آھي، سندن جسم سدائين ڪنھن نه ڪنھن ڪم ۾ رڌل ھوندا ته ڳالھائڻ ۾ چپ ڪا نه ھوندن. زبان ۾ نه ڪنڊو نه ٻنڊو جاٿئون آيا تاٿئون پار، گفتي ۾ کرا ۽ کڙڳ ڳالھائڻ ۾ سندن عورتون مردن کان ٻه ھٿ اڳتي. حاضر جواب ۾ ڏاڍيون، ھڪ چئو ته ڏه چئي وڃي مٿي چڙھنديون. گارين ڏيڻ ۾ ڪويسر، گاريون به نيون ۽ نراليون ٻڌندڙ جا ته ڪن ئي ڍرا ٿي وڃن. ھر شي مان ڌوپار، ھنن گارين جو جيڪڏھن انگريزي ۾ ترجمو ڪجي ته اسانجي ٻولي ۾ جيڪر گارين سان لاڳاپيل تمام گھڻا نوان لفظ شامل ٿي وڃن. منجھن اھڙيون ڳالھيون به شايد مڇي کائڻ ڪري آھن. مختصر طور مھاڻن لاءِ ائين چئي سگھجي ٿو ته کلڻ ۽ کجڻ سندس مزاج ۾ شامل آھي، پر جڏھن سياري جا سيءَ اچي کپ کوڙيندا آھن ۽ سندن ڄاڙي ڄاڙي سان لڳندي آھي، اتر جي اوڪ ۽ پوھ جي پارن جي جھوڪ لڳي ويندي آھي ۽ جڏھن سندن نشا ٽٽڻ شروع ٿي ويندا آھن پوءِ ھڪٻئي کي ڪچين گارين جا دس لائي ڏيندا آھن ۽ ٻڌا ٽھڪ ڏئي کلندا آھن ۽ ڏاڍا خوش ٿيندا آھن ڄڻ کين شراب جو گلاس ملي ويو ھجي. جھيڙو ته سندن من ۾ ئي ڪونه ايندو آھي پر جيڪڏھن ڪو اخلاق جا ليڪا لتاڙي وڃي ٻيڙي تي لت رکندو آھي ته پوءِ ڏاڍا ممڻ مچي ويندا آھن. ھن نسل جي ماڻھن ۾ سونھن ڪانھ ھوندي آھي، سندن رنگ ڳاڙھسرو سانورو ٿئي ٿو. مٿان سج کوري جيان پيو کامندو پڄرندو آھي، ٻئي طرف کان کين لُکَ به لوساٽي رکندي آھي. ھنن جي جان تي ٻه ميرا ڪپڙا ھوندا آھن، جن مان ھڪ مٿي سان ٻڌل ۽ ٻيو گوڏ ھوندي اٿن. نئين ٽھي جون ڪي ورلي اھڙيون ڇوڪريون ڏسبيون جن کي سھڻو سڏي سگھجي، سندن حياتي ٽڪر ٽاڪڻ مثل آھي، ويھن سالن جي عمر تائين پھچندي ڄڻ اڌ عمر کائي وينديون آھن.
منڇر ۽ اونھاري جي موسم
اسان منڇرڏاڍي سٺي موسم ۾ ڏٺي. اونھاري جو ھي جاءِ اھڙي گندي ھوندي آھي جو اھڙي ساري سنڌ ڪانه لڀندي ڇاڪاڻ ته پاڻي وقت کان بيٺل ھوندو آھي مٿان وري گرمي، تنھن ڪري ھتي ايتري بدبو ھوندي آھي جو ڪنھن ٻي بدبو کي جاءِ ملي ڪانه سگھندي آھي ۽ اونھاري جو سج جڏھن نيزي پاند تي اچي پھچندو آھي ۽ ڌرتي ٽامو بنجي ويندي آھي، بيٺل پاڻي سُڪي ويندو آھي ته ڏير، پن ۽ پاڻي جي گاھ جي پاڙن واري ڪاري گپ مان مڇر، عام مک، ريت مکي، ڀنڀوريون سنھي ڪت، مليريا جو مڇر وغيره لکن جي تعداد ۾ ڌاڙيلن وانگي ڪناري مٿان اچي ڪڙڪندا آھن. اُس ۽ گرمي ڪري منڇر ڀونچ سمنڊ جھڙي گرم ٿي ويندي آھي، جڏھن تيز جھولو لڳندو آھي ته بيٺل پاڻي ۾ ڇوليون پيدا ٿي وينديون آھن ان ڪري ايترو شور ٿي ويندو آھي، محسوس ائين ٿيندو آھي ڄڻ طوفان جو ڀوت رانڀاٽ ڪري رھيو آھي ۽ ھزارين شيطان ان پاڻي ۾ لڪيل آھن، ان موسم ۾ ٻيڙي تي چڙھڻ به ھڪ ڏچو ھوندو آھي. ان وقت ھن پاڻي جون لھرون، ڄڻ تھ سمنڊ جون لھرون ھونديون آھن. ھڪ قسم جي ڪاري وير ھوندي آھي، مٿان رڳو اڇي گجي، ھر ھڪ ڇولي جبل جيڏي ۽ ٻي ڇولي بلڪل الڳ ۽ نرالي، ننڍڙي ٻيڙي ته ھنن ڇولين لاءِ ڄڻ اُٺ تي وڄڻو، جنھن کي اونڌو ڪري کڻي گپ ۾ ھڻنديون. جيڪڏھن اوھان اھڙين طوفاني ھوائن ۾ ٻيڙي تي چڙھندا ته توھان جو ٻڏڻ نھايت خطرناڪ نموني جو ھوندو ۽ پوءِ ڪوسي پاڻي ۾ پيا غوطا کائيندا ۽ ڪير به بچائڻ وارو ڪو نه ھوندو. اھڙين تيز ھوائن دوران ٻيڙيون ڪناري پڳهه به ھڻي ڪو نه سگھبيون آھن، تنھن ڪري ٻيڙي پئي پاڻي ۾ ھلندي. توھان به ٻيڙي جي اڳيل ڏانھن منھن ڪري ويٺا ھوندا، ماڻھو ڄڻ پڇ ڇڙئي لاڏو اُٺ تي سوار ھجي. جنھن جي مھار ناڪيليءَ مان نڪري وئي ھجي. جيڪڏھن اوھان جا ڀاڳ ڀلا ھوندا ۽ اوھان جي وڏڙن جو ڪو ٽُڪر اگھاڻيل ھوندو ته ٺيڪ نه ته اوھان جي ٻيڙي جو ڇاڇر پاڻي ۾ تختو تختي کان الڳ ٿي ويندو. اوھان به خيرن سان پاڻي واري گاھ ۾ ڌو ڪندا، توھان ڪاري گپ ۾ صفا گچي ويندا. رڳو مُنڊي پئي ڏسبي، اتي ڪاري گپ ۽ ڪني پاڻي جي ڌپ ته ھوندي پر نڪ پاڻي کان مٿي ھوندو۽ اوھان کي سولائي سان ساھه کڻڻ جي سھولت ھوندي، يقين ڪريو اوھان ٻڏي ڪونه ويندا. ان وقت تائين تيز ھوا به بيھي ويندي ۽ ڪو نه ڪو بتيلو اوھان جي بچاءَ لاءِ اچي پرگھٽ ٿيندو.
( ( Richard Burton
Sindh the unhappy valley
مترجم . عطا محمد ڀنڀروLondon, 1st August.1851