8. بوبڪ شھر 1940
لعل، روشني ورھائيندڙ اپولو.
لعل، بوبڪ شهر جا شمعدان جلدي ٻاري آيو، باوجود ان جي جو اڃان پوري طرح شام جا پاڇا نه لڙيا ھئا، هن کي ائين محسوس ٿيو ته اونده شهر مٿان جلدي لهي آئي آهي. اڄ هن کي سڀڪجهه بدليل ٿي لڳو، نم ۽ سرنهن جي وڻ تي ويٺل پکي ۽ ڳاڙهي ڳاني وارا چتون به نظر نه آيا، جيڪي شام ٿيندي ئي جهرمٽ ۾ ائين شور ۽ گوڙ ڪندي اچي وڻن تي ويهندا آهن، جو انهن جو آواز منڇر جي مهاڻن کي به ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. جيڪي پنهنجن ٻيڙين کان انهن جو شور گوڙ ٻُڌي، سج جي لهڻ جو يقين ڪندا آهن. بوبڪ جي ڳاڙھين ڳانين وارن چتن جي مدھوشي، جڏھن ھي ڦولاريل ڀنگ جي نرم گلن کي کائڻ کانپوءِ پنھنجي سموري قابليت، ھنر ۽ آواز جي لئي تال جو مظاھرو ڪندي، ٻولڻ شروع ڪندا آھن تھ مسافر ڪجھھ گھڙيون بيھي هنن کي ٻڌندا رھندا آھن. پر اڄ خاموشي وڌيڪ گھري ٿي وئي آھي. لعل کي پاڻ تي حيرت ٿيڻ لڳي، ته هن کي اڄ ڇا ٿي ويو آهي. اڃان ته منڇر جا مهاڻا پنهنجون ٻيڙيون ورائي ڪناري به نه لڳايون آهن ۽ هي شمعدان روشن ڪري آيو آهي. هن کي شهر جي هر شي پنهنجي جاءِ تي هجڻ جي باوجود يقين نه ٿي آيو، هي عجيب حيراني ۽ بيچيني مان هر هر شمعدان ۽ وري شهر ڏانهن نهاري ٿو.
هڪ ڪمزور نٻل ۽ وچولي قد وارو پرشوتم جنهن کي مٿي تي نهرو ڪيپ پيل ۽ بيحد سفيد ڌوتي ٻڌل آھي، کيس اچي مليو، هي ٻئي اتي ئي بيهي رهيا.
“ڀڳت اڄ اهڙو ڇا ٿي ويو جو ساجهر ئي شمعدان روشن ڪيا اٿئي؟” پرشوتم، لعل ڏانھن نھاريندي پڇيو.
اهو ته مان بلڪل پڪ سان چئي سگهان ٿو ته، لڳاتار جي اوجاڳي منهنجي دماغ کي چڪرائي ڇڏيو آهي. لعل وراڻيو، پر ماڻهو جي ننڊ ائين ته نه ٿي ڦٽي، هي جيڪي ريڊيو تي خبرون ھلن ٿيون، ان مان توکي ائين نه ٿو لڳي ته، ڪنهن طرح ماڻهن جي دلين ۾ هڪٻئي لاءِ نفرت پيدا ڪئي پئي وڃي. آزادي واري تحريڪ کي هندو، مسلم ۾ تقسيم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جڏهن ائين ٿيندو ته ان جي نتيجن کان تون واقف آهين؟
توکي ائين نه ٿو لڳي ته جيڪا شي صدين کان نه ٿي آهي، سا هاڻ ٿيڻ طرف وڃي ٿي. پرشوتم حيراني مان، لعل سان اتفاق ڪرڻ بجاءِ ھن کي ننھن کان چوٽي تائين نھارڻ لڳو
ڇا ٿيڻ طرف وڃي پيو؟ پرشوتم، لعل کان ھٻڪندي پڇيو،
هي ڏس منهنجي هٿ ۾ جيڪو گاسليٽ ۽ ماچس آهي، هن جو ڪم ساڙڻ آهي پر هڪ شي ان کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي، ملڪيت ۽ مذهب. لعل وراڻيو،
پرشوتم، لعل جي ڳالهين کي ٻڌڻ لاءِ بيهي ته رهيو، پر هي ڄڻ خوف ۾ گھيرجي ويوھو. ھن کي لعل جي ڳالھين مان ائين لڳو ڄڻ ڪنھن زھريلي جيت اوچتو ھن کي چڪ پائي ورتو ھو.
مان هلان ٿو! پرشوتم، لعل ڏانھن نھاريندي چيو. پر توکي صلاح ڏيندس، پاڻ کي ضابطي ۾ رک هتي ڪير به ڪنهن کي نه ٿو ورهائي سگهي، هن زمين تي اسين پنهنجن پرکن کان رهندا پيا اچون، مان هميشه ماڻهن کي گڏ رهڻ جي احساس ۾ ڏٺو آهي. اسين هڪ ئي گهر جا ڀاتي آهيون. پرشوتم ائين چئي اڳتي نڪري ويو، پر لعل جي ڳالھين کي ٻڌڻ کانپوءِ ھن کي ائين محسوس پئي ٿيوڄڻ بوبڪ جون ڪشاديون گھٽيون ھن لاءِ سوڙھيون ٿي ويون آھن.
گاليا، ماڻڪ جو تراشيل روح
ماڻڪ مُھاڻو، پنهنجي گاليا کي پاڻ کان وڌيڪ صاف سٿرو رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته هي ئي آهي، جيڪا هن کي منڇر جي مهاڻن وچ ۾ مختلف ۽ مٿانھون ڪري بيهاري ٿي. هن جي گاليا جا هلڪا گهرا رنگ سج جي روشني ۾ اڏرندڙ ڪونج جھڙا لڳن ٿا. هي وڌيڪ خوبصورت ان وقت لڳي ٿي، جڏهن منڇر جي پاڻي مٿان ڄمي بيھي ٿي.
ماڻڪ جنهن وقت سڙهه سنڀالي پنهنجي طرف جو تعين ڪري ٿو ته، ڪيترن انديشن کي پنهنجي دماغ مان ڪڍي ڦٽو ڪري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته هي طرف طئي ڪرڻ کان سواءِ منڇر جي پاڻي مٿان هلندو وڃي ٿو. ھي ڄڻ دنيا جي انوکي سياحت تي نڪتل ھجي، ڪيترا حسين منظر ھن جي چھري کي لازوال بنائي ڇڏين ٿا.
هي منڇر جي مٿاڇري تي هلندو رهي ٿو، ان سان هن کي ۽ هن جي ابن ڏاڏن جي روح کي راحت ملي ٿي. هن جي بيقرار روح کي ائين لڳندو آهي ته هن جا پُرک منڇر ۾ ئي ڪٿي تحليل ٿي ويا آهن. هي جڏهن اهڙي حالت ۾ منڇر مٿان ٻيڙي ڪاهي هلي ٿو ته هن جي ابن ڏاڏن جا روح سفيد ڪپڙي جي تهن وانگر کُلندا هن جي يادگيرين آڏو ايندا وڃن ٿا. ڪيترا چهرا جيڪي هن جي سوچ ۽ سمجهه ۽ ان کان به وڌيڪ هن جي زندگي جو حصو هئا. جن جي حياتي کي هن ڪڏهن پروڙڻ جي ڪوشش ڪا نه ڪئي، اڄ جڏهن اهي سڀ هن کان پري ڪنهن ٻي دنيا ڏانهن هليا ويا آهن ته، انهن جا ڌنڌلا عڪس، واضح ۽ چٽيون ڳالھيون سندس دل ۽ دماغ تي اڀري اچن ٿيون. ان وقت هي پاڻ کي ٻه هزار سال اڳ جي دنيا ۾ بيٺل محسوس ڪري ٿو، هي پاڻيء هن جو پنهنجو آهي. ائين جيئن هنجي پرکن هن کي پنهنجي روح سان قبوليو هو ۽ ان ۾ ئي پاڻ کي تحليل ڪيائون. انهن ئي هن کي منڇر جي لٽاسي پاڻي مٿان بيهڻ جي طاقت ڏني. ماڻڪ، آسمان ڏانهن نهاريو هن قدرت جي شاندار ناٽڪ ۾ پنهنجي حصي جي ڪردار تي فخر ڪندي ٻيڙي جي چپي کي موڙي ڪناري ڏانهن کڻي ويو.
دهلي، بوبڪ اسٽيشن کان شروع ٿئي ٿي.
دنيا بدلجندي ٿي وئي، اها ئي گهڙي منڇر ۽ ان سان وابسته زندگي لاءِ گنڀير ۽ بلڪل ڪنهن آزمائش وانگر ٿي لڳي. انگريز سامراج آفريڪا ۽ انڊيا جي ويهه لک ديس واسين جو خون ڪرڻ کانپوءِ به، سخت مذاحمت ڏسي رھي آھي. سنڌ جي سرزمين انگريزن کي زرعي پيداوار سميت، ٽيڪس جي صورت ۾ لکين روپيا جمع ڪري ڏئي ٿي. هنن ميرن (ٽالپرن) جي دور کي جنهن طرح ڀوڳيو، هاڻ به ان طرح سان ڀوڳي رهيا آهن. انهن جي زندگي ۾ ڪو به بدلاءُ نه اچي سگهيو آهي، جنھن ڪري سنڌ جي ٻيلن ۽ پھاڙن تان انگريزن خلاف گوريلا ويڙھ وڙھڻ جا واقعا ٿيندا رھن ٿا. ڪانگريسي رهنما ڪئيٽ انڊيا، (انڊيا خالي ڪيو) جا نعرا هڻن ٿا ته ھزارين ماڻھو کين پويان نعرا ھڻندا ھلن ٿا. دنيا عجيب هنگامن مان گذري رهي آهي، آفريڪا مان گانڌي جي واپسي ڪانگريس ۾ نئين طرح جو جوش ڀري ڇڏيو آھي. گرديو رابندر ناٿ ٽئگور جي شانتي نڪيتن جا شاگرد دنيا کي تبديل ڪرڻ جا خواب کڻي نظرياتي ۽ سياسي جدوجهد ڪرڻ لاءِ ملڪ جي ڳوٺن۽ شهرن ۾ گهڙي پيا آھن. انگريز سرڪار اتر ۾ سکر بئراج جي تعمير ۽ ريل جي نظام کي اڃان به بهتر ڪرڻ لاءِ ٽيڪس جي نظام کي وڌيڪ منظم ڪيو، جنهن ڪري عام ماڻهو جي حالت وڌيڪ غربت ۽ جبر ڏانهن ڌڪجي وئي آھي. سنڌ جي لاهندي ڪپ جي ماڻهن ۽ خاص طرح مٽي پاڻيءَ جي ڍنڍن تي عرصي کان آباد مهاڻن کي جنهن ڳالهه وڌيڪ بيچين ڪري ڇڏيو آھي ته سنڌو درياءِ تي بئراج جي تعمير سان مٽي پاڻي جا ذريعا متاثر ٿيندا، جنهن سان آبي جيوت متاثر ٿيندي ۽ ممڪن آهي ته مهاڻن جو گذرسفر به متاثر ٿئي. انهن جو خيال آھي ته سکر بئراج اميرن ۽ انگريزن جي ڪمپني کي فائدو ڏيندو، سرڪار عام ماڻھو کي اھا ڳالهه سمجھائڻ ۾ ناڪام ٿي ته بئراج جي ٺهڻ سان عام ماڻهو جي زندگي ۾ انقلاب ايندو. سنڌ جي ماڻھن کي اھا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي ته سنڌ جي قدرتي وھڪرن کي بند ڪري سنڌ ۾ صنعتي انقلاب ڪيئن ٿو آندو وڃي؟ ھي اھڙي سودي ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آھن، هي ان کي ترقي جي بجاءِ انگريزن جي سازش سمجهن ٿا. هنن جو خيال آھي ته ريلوي نظام جي ڪري منڇر پوري دنيا جي ويجهو ٿي وئي آهي، پر ڪجهه معاملا اهڙا به ٿيا آهن جيڪي منڇر جي مهاڻن جي ذهنن کي جهنجهوڙڻ لاءِ ڪافي آهن.