19. اجڙيو شهر ٻيڙين جو 4
سکيرو جي وڃڻ کانپوءِ ائين ٿيو، ميرڻ مھاڻو زندگي جي ڪيترن نازڪ معاملن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڻ کي ڪمزور محسوس ڪرڻ لڳو، جيڪو عزم سکيرو ۾ هو ان کان هي محروم آهي. هو ڊڄندو به گهڻو هو، هن کي پنهنجن ڪمزورين جي ڄاڻ هئي. ڪيترن ئي موقعن تي هن سکيرو کانسواءِ پاڻ کي اڌورو، بيوس ۽ ڪمزور ٿي محسوس ڪيو. هن پنهنجو غير معمولي، وفادار ۽ مخلص دوست وڃايو هو. منڇر ۾ وڌندڙ آلودگي ۽ روحل جي بيماري هن کي وڌيڪ ڏکارو ۽ اڪيلو ڪري ڇڏيو هو. هي پنهنجو گھڻو وقت گاليا تي گذاري ٿو. ڪيترا ڏينھن ته ھن کي مڇي جو ھڪ داڻو به نه ٿو ملي، ھي شايد ڪنهن عظيم معجزي جي انتظار ۾ آهي جنهن سان ھن جا ۽ ھن جي جوان پٽ روحل جا سمورا دک، درد ختم ٿي وڃن .
روحل، ميرڻ مھاڻي جو جوان پٽ، پنھنجي جسماني ڪمزوري ڪري ڳالھائيندي ڳالھائيندي اڳي کان وڌيڪ پنهنجن لفظن ۽ خيالن ۾ وچڙي پوي ٿو، هي ان حالت ۾ ائين ڪڏھن به نه ھو پر جڏھن کان ھن منڇر ۾ غوطا ھڻي پنھنجي ڄار کي سنڀالي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، تڏھن کان ھن جي طبيعت ۾ ڪجهه اھڙو ظاھر ٿيڻ لڳو، جنھن سان ھن جي جسم ۾ سور رھڻ لڳو هو. ماني نه وڻڻ جي شڪايت ڪرڻ لڳو، چھري جي دلڪشي ائين ختم ٿيندي وئي جو اکين جي چوڌاري گھنج پئجي ويا، مھاڻن وارو قدرتي پڪو ڪڻڪائي رنگ تيزي سان غائب ٿيندو ويو،
ميرڻ، روحل جي ڪرندڙ جسماني حالت ڏسي بي حد ڏک ۽ تڪليف ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. ڪيترا ڀيرا ته ھن پنھنجي گھر واري کي دڙڪا ٿي ڏنا ته روحل جو خيال نه ٿي رکين ان کي پيٽ ڀري ماني نه ٿي کارائين، پر جڏھن سندس زال ٻڌايو ته روحل ماني ڄاڻي واڻي ڪو نه ٿو کائي ڪيترا ڀيرا ته ھن اڌ ڊڳڙ به ناھي کاڌو. ميرڻ عجيب مونجھاري ۾ پئجي ويو هو. ٻئي ڏينھن ھن روحل کي سيوھڻ اسپتال وٺي وڄڻ جو ارادو ڪيو.
روحل، ڊاڪٽر جي اڳيان ائين ويٺو ھو جو سندس رخ ڊاڪٽر ڏانھن ھئس،
ڊاڪٽر ھن ڏانھن منھن ڪري ڳالھائي رھيو ھو ته جيئن بيماري جي پوري معلومات حاصل ڪري سگھي، روحل جي مختصر ۽ شيرين آميز گفتگو مان ڊاڪٽر کي لڳو ته ھو چڱين عادتن ۽ سھڻي سلوڪ وارو نوجوان آھي، ھڪ مختصر گفتگو کانپوءِ روحل آرام ڪرسي تي سڌو ٿي ويٺو.
تون ڇا ڪندو آھين؟ سائين منڇر جو مھاڻو آھيان. ميرڻ، ڊاڪٽر کي جواب ڏنو جيڪو ھاڻ ھن ڏانھن نھاري رھيو ھو.
مان توکي ٻڌايان ٿو، تو ھتي اچڻ ۾ دير ڪئي آھي.
ميرڻ، ڊاڪٽر جي اھا ڳالهه ٻڌي ته سندس ساه ئي سڪي ويو ۽ عجيب خوف ۽ رحم جوڳي حالت ۽ بيوسي جھڙي ملندڙ جلندڙ ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي ويو. ھن کي سمجهه نه ٿي آيو ته ڊاڪٽر کي ڪھڙو جواب ڏئي ۽ ڇا پڇي؟
مونکي گھڻي خبر ناھي ته منڇر جي پاڻي ۾ زھر جو ڪيترو تناسب آھي، ڊاڪٽر روحل ڏانھن نھاريندي ميرڻ کي چيو پر مون وٽ جيترا به مريض آيا آھن انھن ۾ وڏو تعداد منڇر جي مھاڻن جو آھي، جيڪي پيٽ جي مختلف بيمارين، ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجڻ، سائي ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ھوندا آھن. تنھنجي ڇوڪري سان به اھو مسئلو آھي، ھن جي ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجهي ويو آھي. جنھن معدي کي زھريلو ڪري چڏيو آھي، ان حالت ۾ جي تو ن اڃان به منڇر ۾ رھندين ته ڇوڪري جي بيماري وڌي ويندي. ڇاڪاڻ ته ان حالت ۾ مريض کي صاف پاڻي، بھتر ۽ مڪمل علاج جي ضرورت آھي، جيڪا منڇر ۾ ممڪن ڪانھي بلڪه ھتي به ڪانھي مان توکي ڪجهه ٽيسٽون ۽ ڪجهه دوائون ڏيان ٿو ان کانپوءِ توکي ٻڌائي سگھندس ته بيماري ڪھڙي حالت ۾ آھي.
ميرڻ به منڇر کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
روحل ھن جو اڪيلو پٽ آھي، ھي ان لاءِ پوري دنيا ڇڏي سگھي ٿو.
شام جي اها پوئين گهڙي آھي، منڇر مٿان عجيب خاموشي ڇانيل آھي. ميرڻ پتڻ تي بيٺو منڇر ڏانھن نھاري رھيو آھي، روحل ھن جي ڀر ۾ بيٺو آھي، ھن کي ائين ٿو لڳي ھي ھڪ پٽ کي بچائڻ لاءِ ٻئي اولاد کي قربان ڪري رھيو آھي، منڇر کي ھي ان حالت ۾ ڇڏي رھيو آھي، جڏھن واقعي به ان کي بچائڻ جي ضرورت آھي. ھي ڪافي دير تائين ائين منڇر کي ڏسندو رھيو، ھي جيڪا هنن سڀني جي ساه ۾ سمايل آھي جيڪا هنن ۾ ائين موجود آھي جيئن هوا ۾ پکي موجود هوندا آهن يا جيئن پاڻي ۾ مڇيون موجود هونديون آهن، جتي هنن پنهنجون شاندار جيون جيو. ھنن ڪڏھن به ائين نه سوچيو ته ھي منڇر کي ائين ڇڏيندا. ھنن کي اعتبار ئي نه ٿي آيو ته منڇر آلوده ٿي وئي آھي. ھن ۾ پاڻي کان وڌيڪ زھر ڀرجي ويو آھي. ھنن ھميشه منڇر کي اڇو اُجرو ڏٺو ھو، پوري طرح زنده. هو جڏهن شوق مان شيخ ڌمڻ پير جي ميلي تان پنهنجي گاليا ۽ منڇر جي حصي جا ڳانا وٺندو هو ته مڇين کي کارائڻ لاءِ خشڪ توت به ضرور وٺندو ھو، جيڪي پوءِ ڪيترن ڏينهن تائين مُٺ مُٺ ڪري پاڻي ۾ اڇليندو ويندو هو، تڏهن هو اوچتو خوشي سان ڀرجي ويندو هو، جڏهن آڙين جي ولر کي پنهنجي مٿان اڏامندي ڏسندو هو ۽ وري جڏھن روحل وڏي آواز ۾ آڙين جي آواز کي نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھو، ته ھي کيس گاريون ڏيڻ لڳندو هو ته تون آواز پيو ڪڍين يا آڙين کي ٽراه ٿو ڏين. هي ٻئي پوءِ ڪيتري دير تائين ٽهڪ ڏيندا رهندا هئا ۽ هڪٻئي جون تعريفون ڪندا رهندا هئا، هي پي پٽ هجڻ جي باوجود هڪٻئي جي اندر کي جهاتيون پائي ڏسندا رهندا هئا، ڇاڪاڻ ته ان سان ئي هنن کي راحت حاصل ٿيندي هئي. ميرڻ، بيحد ڏکاري دل سان منڇر جي پاڻي کي پنهنجي ٻُڪ ۾ ڀريو ۽ خاموشي سان ان کي دير تائين ڏسندو رهيو، هن کي ائين محسوس ٿيو ته پوري منڇر هن جي هٿ جي تري تي مڇي وانگر آهسته آهسته مري رهي آهي، هي ان حقيقت کي مڃڻ لاءِ تيار ئي نه هو ته منڇر مري سگهي ٿي. پر جي ائين ٿي رهيو آهي ته پوءِ ته اسان سڀ مري وينداسين. سندس چهري مان ظاهر ٿيندڙ خوف سندس دل ۾ عجيب نماڻائي ۽ بي وسي جي احساس ڪري، گهڻي دير تائين هو پنهنجي جاءِ تان چُريو ئي ڪو نه .