ناول

منڇر

هن ناول جو موضوع شاندار آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان سمورا انسان، ڪنھن نہ ڪنھن طرح قدرت جي سڳي سان ٻڌل آهيون، باوجود انجي جو انسان اهو ڌاڳوٽوڙڻ چاهي ٿو، پر منظور ان کي جوڙي رکڻ چاهي ٿو، اها ئي هن ناول جي بنيادي ڳالھ آهي. ھي ناول سمجهائي ٿو تہ منڇر جي مھاڻن جا مالڪاڻا حق تسليم ڪيا وڃن. هي ناول منڇر جي مھاڻن جي معاشي مسئلن سان گڏوگڏ، عورتن جي محرومين ۽ حوصلن کي بہ بيان ڪري ٿو. ھي ناول سرڪار جي پاليسين خلاف اجتماعي شعور جو اظھار آهي.   ھڪ ”منڇر“ منظور ٿھيم جي وجود اندر سدائين کان قائم آهي، جنھن جو اظهار هي ناول آهي . 

Title Cover of book منڇر

7. منڇر 1933

تنهنجي محبت وڌو آ مامري، نه ته سائين ڪير ڪشالا ڪري
ڪير ڪشالا ڪري، او سائين ڪير ڪشالا ڪري.

ڏور مُهاڻو، پنهنجي ٻيڙي تي ويٺو وڏي آواز ۾ ڪلام ڳائي رهيو آهي.
هي شايد پنهنجي روح کي ان خيال کان توانو ڪندو پئي ويو، ته هن ڏک جي سمورن ڪيفيتن ۽ لمحن مٿان قابو پائي ورتو آهي. هن جي دل ان خيال کان روشن ٿي وئي ته هن پنهنجي بي ترتيب روح کي ورهين کان مڇي، مڪڙي ۽ منڇر سان ائين جوڙي رکيو جو هن جي خودي هن جي خيالن مان غائب ٿي وئي. ڄڻ ازل کان ھي ٻيڙي تي آھي، اتي ساھ کڻي ٿو ۽ اتي ساھ ڏيندو. ھن انوکي زندگي گذاري لاتعداد يادون، روشن راتيون، ڌمڻ پير جا ميلا ھن جي يادن ۾ ايندا ويا. هن منڇر جي مٿاڇري ڏانھن نھاريو ۽ پوءِ پنهنجي گوشت ٻوست جي جسم کي ڏٺو، جنهن کي هن ايترو ولوڙيو آهي جو هاڻ هي هر تڪليف کي سهڻ جي سگهه رکي ٿو. هو خيال ڪري ٿو ته خدا جا پيدا ڪيل ڪروڙين ساهوارا جن مان ڪن کي رڻ پٽ ڏنو، ڪن کي جبل ڏنا پر هي ان خوشنصيبن مان آهي جنهن کي مٺو پاڻي ڏنو. مُهاڻو اڃان به اتي بيٺو هو، چپو هن جي هٿ ۾ هجڻ جي باوجود هي خاموش ھو، ڪو فيصلو نه ڪري سگهيو هو، هن ٻيڙي کي چوريو به نه ٿي ۽ رکي رکي پاڻي مان مڇين جو ڇپڪو ڏئي هوا ۾ اچڻ سان هن کي ائين ٿي محسوس ٿيو ته ڄڻ هي سڀ ھن جي اندر جي سرگوشين جو حصو آھن، جيڪي ھن جي ڪاراٽيل چھري ۽ چمڪندڙ اکين کي ڏسڻ لاءِ مٿي اچن ٿيون ته جيئن ھن جي تعريف ڪري سگھن. اھو ئي لمحو ھو جنھن ھن کي اڻ ڏٺل ڪڙي ۾ پوئي ڇڏيو. هي شايد ائين ڪڏھن به ثابت نه ڪري سگهي ته هي مٽي پاڻي جو مهاڻو آهي پر جڏهن هن پاڻ کي قدرت جي بيحد ڪمزور ڪڙي ڪري سمجهيو تڏهن هن کي منڇر جي ابدي حقيقت سمجهه ۾ آئي. ھي جي پاڻ غرور ۾ رھي پاڻ کي منڇر جي حقيقت سمجھي ھا ته شايد گھڻو اڳ ختم ٿي وڃي ھا. خالق ڪڏهن به شخصي ٿي نه ٿو سگهي، هن پنهنجون دليون اهڙي دانائي سان جوڙيون آهن جو هر دل ڏيئي وانگر روشن آهي. هي پاڻ سان همڪلام هو.
هن منڇر جي پاڻي کي غور سان ڏٺو، جنهن ۾ هڪ ئي وقت ڪيترين مڇين جا ولر قطار سان هڪٻئي جي پويان ترندا ٿي ويا ۽ ڪجهه ته ٽپو ڏئي پاڻي ۾ گم ٿي ويا ٿي، ھنن جو پاڻي ۾ ڪرڻ وارو آواز فضائن ۾ عجيب ترنم پيدا ٿي ڪيو. هي انهن ڏانهن ائين نهاري رهيو هو، ڄڻ ھي انھن کان واقف ھجي، ھي ڄڻ انھن جو ئي حصو ھجي ۽ مڇيون هن کي ٻڌڻ لاءِ وري وري پاڻي کان مٿي ڇپڪو ڏئي ٻاهر ٿي آيون. ممڪن آهي ته هي سڀ هن لاءِ اتفاقي هجي، پر ان سان هن جو منڇر سان رشتو مضبوط ۽ دل کي به سڪون حاصل ٿيو ٿي. هن غير حقيقي ڳالهين تي قابو پائي ورتو هو، جيڪي هن جي روح کي تڪليف پھچائن ٿيون. هي ڪو 30 سالن جو خوبصورت وصفن وارو نوجوان مهاڻو آهي. جنهن کي هلڪي ناسي رنگ جي قميص ۽ ان سان ملندڙ جلندڙ گوڏ ٻڌل آهي. هن جي چهري جو رنگ هوا، پاڻي ۽ سج جي تپش ڪري گهرو ناسي ٿي ويو آهي. هن کي رقص جي هنر جي خبر نه هجڻ جي باوجود ڪنهن ڪنهن مهل هن پنهنجون ٻانهون فضا ۾ ائين ٿي لهرايون ڄڻ هي ان هنر کان پوري طرح واقف آهي. هنج، نيرڳي، ڊگوش، آڙي، گُليل هن مٿان اڏريا ٿي ۽ نه ختم ٿيندڙ آسمان ۾ پنهنجن معصوم پرن سان ڪي رنگ برنگي رستا ٺاهيا ٿي ته ڄڻ آسمان به تنهائي جا سمورا غم وساري هنن کي پنهنجن ٻنھي ٻانهن ۾ ڀري ورتو هو. مهاڻو آهستي آهستي پنهنجي ڄار کي ڇڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، هن جون نظرون پاڻي ۾ آهن. هي مڇي جي چُر پُر کي پوري طرح ڄاڻي ٿو. هي پاڻي ۾ انهن جي پاڇن کي ڏسي ٿو، هن کي پنهنجي ڄار تي ڀروسو آهي ته هو خالي نه موٽندي، هن کي بس ايترو ٿو گهرجي جو هن جي زندگي جو هڪ ڏينهن آرام سان گذري وڃي.
سفيد ناسي پکين جي اڏام ڪري، آسمان عجيب طريقي جو خوبصورت ٿي پيو هو. ڪجهه گهڙيون اڳ مُهاڻي جڏهن پنهنجو رڇَ ڇڪي پورو ڪيو ته هن کي پنهنجي توقع کان وڌيڪ مڇيون مليون، جيڪي هن ٻيڙي اندر رکيل کاري ۾ ائين رکيون جو انهن مان ته ڪجهه ڇپڪو ڏئي وري وڃي پاڻي ۾ ڪريون. هن رلي کڻي کاري مٿان رکي، هو خوش هو. هن وري ڳائڻ شروع ڪيو
هن ڪنهنجو ڪلام ٿي ڳايو، هن کي اهو معلوم نه هو، پر ان ڪلام جا لفظ هن جنهن طرح ورجايا ٿي ان مان لڳي پيو ته هن ان ڪلام کي ڪيترا ڀيرا ٻڌو آهي.
تنهنجي محبت وڌو آ مامري، نه ته سائين ڪير ڪشالا ڪري
ڪير ڪشالا ڪري، او سائين ڪير ڪشالا ڪري.
سانوڻ جو مهينو پورو سمنڊ پاڻ سان کڻي اچي ٿو.
سانوڻ جي مند منڇر مٿان آھستگيءَ سان اچي ٿي ۽ ڪيترن ڏينھن لاءِ ڇڪجي وڃي ٿي، دنيا جا ڪيترا پکي، بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ جي ھن جي چوڌاري لهندا ڪانهه، سرن ۽ ٻُوڙن ۾ گم ٿيندا وڃن ٿا. ھي مهينو شروع ٿيندي ئي منڇر مٿان برسات پالوٽ ڪري وسي ٿي، ڄڻ موسيقي جا سمورا سُر هڪ ئي وقت وڃن ٿا. برسات جو پاڻي ٻيڙين جي ڇتن مان نيسارن وانگر وهي ٿو، پاڻي جو ڪجهه حصو ٻيڙي جي اندر به اچي وڃي ٿو. ان ڪري سانوڻ جي شروع ٿيڻ سان مُهاڻا، پنهنجين ٻيڙين جي ڇتن کي درست ڪن ٿا، لالٽين جون وَٽون ۽ گوالا سنڀالين ٿا. بتي ۽ گولي جي شيشي کي ائين صاف ڪن ٿا، ڄڻ ان مان هنن کي پوري منڇر روشن رکڻي آهي. مهاڻن جي حافظي ۾ اها ڳالهه مضبوطي سان محفوظ آهي ته، سانوڻ جي مند ۾ پنهنجن گهرن، جيڪي ٻيڙين تي مشتمل آهن، محفوظ ڪن. هنن کي ان ڳالهه جي به آگاهي آهي ته، کيرٿر مٿان بارش پوڻ ڪري منڇر تارون تار وهي ٿي. جوهي، ڀان، بوبڪ، نئينگ ۽ سيوهڻ جا ڪيترا علائقا پاڻي هيٺ اچي وڃن ٿا. ان ڪري ٻيڙين جو هي انوکو شهر، سانوڻ جي مهيني ۾ ڪجهه وڌيڪ روشن ٿي وڃي ٿو. رات ٿيندي ئي هر طرف کان لالٽين جي لوو ڄڻ جهومڻ لڳي ٿي، ڳاڙهي ۽ ڪجهه سفيد رنگ جي روشني جهڙا هزارين موتي ڄڻ سپين مان ظاهر ٿي پون ٿا، پاڻي تي ڄڻ آسمان جون هزارين پريون ڪجهه موتئي جي گلن جهڙيون، ته ڪجهه آڙي جي اکين جهڙيون، ته ڪجهه ڪونج جي کنڀن جهڙيون، رقص ڪرڻ لاءِ لهي اچن ٿيون. ڏکڻ کان بادلن جي قطار پورو ڏينهن هلندي رهي ٿي، ڪيترا ته وسڻ کان بغير گذري وڃن ٿا، ڪجهه ته دل کولي وسن ٿا، ان ڪيفيت ۾ ڪيترا مهاڻا ٻيڙين جي تختن تي ويهي بارش جي آواز ۽ پاڻي جي رڌم جو حصو ٿي وڃن ٿا ۽ ڪيترا ڪلاڪ هي آسمان ۽ پاڻي جي وچ واري زندگي گذارڻ تي سوچيندا رهن ٿا ۽ رکي رکي هي اهي منظر پنهنجن يادن ۾ آڻڻ چاهين ٿا، جيڪي هنن پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ ڏٺا هئا، جيڪي هنن آڏو ڪنهن جلوس يا اجتماع جيان گذري رهيا هوندا آهن. جي ڏسجي ته هڪ مهاڻو، پنهنجي زندگي جون املهه گهڙيون پاڻي مٿان گذاري ٿو، هي اهو ڪم آهي جيڪو هنن کانسواءِ ٻيو ڪير به نه ٿو ڪري. ان ڪري ئي شايد هي پنهنجي اندر کان اهو طئي ڪري ويٺا آهن ته، هنن جي قسمت ۾ ئي مهاڻو لکيل آهي. ان خيال کان هنن منڇر تي پنھنجو مقامي نظام ٺاھي رکيو آھي، ڏوهه ۽ سزا جو پنهنجو قانون جوڙيو آهي. هي ٻيڙين تي هڪ عجيب متحرڪ زندگي گذارين ٿا، جتي هي هٿ جي هنر جا شاهڪار رليون، کارا، جهولا ٺاهن ٿا ۽ پنهنجي زندگي کي وڌيڪ خوبصورت ڪن ٿا. جي ڏسجي ته ٻيڙين جي هن شهر ۾ پورو سال رونق رهي ٿي، هميشه ڪو تهوار، ٻيڙي جي سينگار جو جشن، ناٽڪ منڊلي ۽ عجيب طرح جي راند جنهن کي هي نوٽڻ چون، وڏي عمر جا مھاڻا پورو پورو ڏينهن اھا راند ڪندي گذارين. ٻيڙين جا سودا، رشتا، نبيرا، عشق ۽ محبت جا قصا ٻيڙين تي ٿين ۽ اتي ئي ختم ٿين. هي ننڍي عمر ۾ شادين تي يقين رکن ٿا، هي ائين سمجهن ٿا ته ان سان هنن جي اندر جي تلاش ختم ٿي وڃي ٿي، جنهن سان هنن جو پاڻي سان رشتو مضبوط ٿئي ٿو، هي ان لاءِ ڪنهن حد تائين ناٽڪ به ڪن ٿا ۽ ڪيترن هنڌن تي پنهنجا ناجائز تعلقات قائم ڪن ٿا. هنن پوري زندگي ائين گذاري آهي جو هي توري تڪي ڳالهائڻ جي بجاءِ، سڌو گارين وارو انداز ائين اختيار ڪن ڄڻ ڪنهن ماڻهو کي انجي اصلي روپ ۾ ياد ڪري رهيا آهن. دنيا هنن کانسواءِ اڌوري آهي هي ائين نه ٿا سمجهن، هي سمجهن ٿا ته ڪائنات ۾ هنن جي حيثيت هڪ نقطي برابر به ڪانهي. هي پنهنجو پاڻ کي هميشه پوشيده رکن ٿا، هي ائين سمجهن ٿا ته پاڻي تي رهندڙ ماڻهو جي نسبت زمين جو ماڻهو وڌيڪ خود پرست، ناٽڪي، موضوع تبديل ڪرڻ وارو، راڄ ڪرڻ وارو ۽ آڪڙ ۾ رهڻ وارو آهي. مُهاڻيون وري دنيا کي پنهنجن قدمن هيٺان رکي هلن، ظاھر ظھور خاموش مھاڻي عورت ڪن موقعن تي سخت مذاحمت ڪندڙ، گاريون ڏيندڙ ۽ بُجا ڏئي ماڻھو کي ٽڪي جو ڪري ڇڏڻ ۾ به دير ناھي ڪندي. وري ٻئي طرف ٻيڙين جي ننڍڙي شهر کي پنهنجي تعلق سان ائين جوڙي رکي ٿي جو ڄڻ ڪو به ڪنهن کان ڌار ناهي. گهڻ ڳالهائيندڙ ۽ رکي رکي گارين جو فراخدلي سان استعمال ڪرڻ کانپوءِ به هي ڪنهن ڌُنڌلي روشني جيان لڳي ٿي، جيڪا پنهنجي ٻيڙي کي سنڀالي ٿي، مڇي ماني جو انتظام ڪري ٿي. مُھاڻي عورت تيز رنگ واري پوشاڪ سون سڳو شوق سان پائي ٿي، خاص طرح ڀرت تي ڪاون جو ڪم ٿيل وڳو ته خاص موقعن لاءِ سنڀالي رکي ٿي.
سچ ھي آھي ته مضبوط جسم واريون مهاڻيون، وارن ۾ خوشبو وارو تيل لڳائي، مڇي جي تلاش ۾ گھري پاڻي ڏانھن نڪرن ٿيون ته، سانوڻ جي منڌ جا سفيد ناسي بادل به ٽڪ ٻڌي ھنن ڏانھن نھاريندا رھن ٿا.