سفرناما

سيلاني

بيدار صاحب جو هي سفر نامو براهوئي ادب جي تاريخ ۾ رڳو هڪ ڪتاب ناهي. بلڪ بلوچستان جي پراڻي تاريخ، سنڌ جي پراڻي تاريخ ۽ براهوئي / سنڌي ادب جي پراڻي ۽ نئين ادب جو ڪل احوال هن ڪتاب ۾ ملي ٿو. بيدار صاحب جنھن علائقي يا جنھن ماڳ تي جيڪي ڪجهہ ڏٺو.ان کي سطحي نظر سان نہ ڏٺو. ان جي باريڪ بينيءَ سان جاچ ۽ تحقيق کان پوءِ ان جو پس منظر ۽ تاريخي حيثيت سھڻي نموني بيان ڪئي.


Title Cover of book سيلاني

سيلاني - آزاد انور ڪانڌڙو

احمد خان سرمد بروهي، سنڌي، براهوئي ٻولين جو نوجوان ليکڪ ۽ شاعر آهي. هن شاعري سان گڏ مضمون ۽ مقالا به لکيا آهن. هو گذريل ٻن ڏهاڪن کان سنڌي براهوئي ٻولين ۾ پنهنجي تخليقي پورهئي جي ڪري مقبوليت ماڻي آهي. تخليقي پورهئي سان گڏ هن علمي، ادبي تنظيمن سان به خوب نڀايو آهي. جهڙوڪ سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ جو ميمبر، براهوئي اڪيڊمي سنڌ جو پريس ترجمان، بزم ايلم ميهڙ جو صدر ۽ براهوئي پبليڪيشن فريدآباد جو ٻانهن ٻيلي آهي. ان سان گڏ سنڌ بلوچستان ۾ ٿيندڙ براهوئي ادبي سيمينار جو هڪ ذميدار ڪارڪن به آهي.

ترجمو هڪ ڏکيو فن آهي. هڪ ٻولي کان ٻي ٻولي ۾ ڪنهن تحرير، مضمون، شعر يا ڪتاب جو ترجمو ايڏو سولو ڪونهي. سرمد براهوئيءَ ۾ لکيل سفرنامو “سيلاني” سنڌي پڙهندڙن لاءِترجمو ڪري کيرون لهڻيون.

هن سفر نامي جو ليکڪ عبدالقيوم بيدار صاحب براهوئي ادب جو هڪ وڏو نالو آهي. هن کي براهوئي سان گڏ اردو ؛ بلوچي ۽ پشتو تي خاص عبور آهي. ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندڙ ۽ سرپرستي ڪندڙ هي تخليقڪار براهوئي ادبي سيمينار فريد آباد سنڌ 1995ع ڌاران شرڪت ڪئي. ۽ ان کان پوءِ سنڌ جو هڪ تفصيلي دورو ڪيو. ان دوري ۾ سائين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرزاق صابر صاحب ، تربت يونيورسٽي بلوچستان  جو هن وقت وائيس چانسلر گڏ هيو. هن پنهنجي سنڌ جي مشاهدي کي قلمبند ڪيو. سفرنامي کي “سيلاني” جي عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب سنڌ ۽ سنڌ جي اهم ماڳن ۽ ادارن جو تعارف براهوئي پڙهندڙن لاءِ “ جديد سنڌ نامو” ٿي سگهي ٿو. ان سان گڏ سنڌ ڌرتي سان چاهت ۽ پنهنجائپ جو هڪ اڻ مٽ ثٻوت آهي. هي هڪ دلچسپ ۽ خوبصورت اضافو آهي. ان ريت مرزا قليچ بيگ، محمد ابراهيم جويو، محترم ن م محزون،ولي رام ولڀ،منور ٻٽ، جوهر بروهي، زيب سنڌي، محبت ٻرڙو ۽ ٻين ترجمي نگارن جو تسلسل برقرار رکيو آهي. 1995ع ۾ لکيل هن ڪتاب کي 22 سال کن گذري چڪا آهن. ان عرصي ۾ سنڌ اندر يا سنڌي ادب ۽ ادبي ادارن ۾ ڪافي تبديلي اچي چڪي آهي پوءِ به هن ترجمي کي ساراهي سگهجي ٿو. اميد ته اسان جو نوجوان ليکڪ آئنده به اهڙا ترجما لکي منظر عام تي آڻيندو.


17-3-2017ع
 آزاد انور ڪانڌڙو 
سيڪريٽري 
سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ.