دره بولان
دره بولان
بولان جو لڪ
بولان لَڪ بلوچستان جو تاريخي لَڪُ آهي ۽ قديم زماني کان قافلا ايندا ويندا هيا. انگريزن اچي هتي رستو، ريلوي لائن جوڙي،ريل رستي لاءِ سرنگهون ٺاهيون جبل ٽُڪي تقريبا چوويهه سرنگهون جوڙيون. بولان لڪ جي ڊيگهه ڪولپور کان رندعلي تائين 54 ميل آهي. بولان ۾ ريل جو سفر هجي يا گاڏي جو ڪافي سهڻو نظارو پيش پيو ڪري. جڏهن اسان جي گاڏي بولان جي وروڪڙن مان گذري پئي ڌڻ ڌنارن جا خيما نظراچن پيا. جتان ڪک ڪانن ۽ ٻين ٻوٽن جي ٻرندڙ باهه جو دونهون ماحول کي وڌيڪ سهڻو بڻائي پيو.
اڄ ڪالهه ترقي جو زمانو آهي. سنڌ بلوچستان، ڪڇي ۽ خراسان لڏ پلاڻ يا اچ وڃ جو اهو سلسلو ڪونهي. جيڪو اڳ هيو. اڄ ته ماڻهو ٽرڪ ريل، ڪوچ ۽ جهاز وسيلي سفر ڪن ٿا. پوءِ به ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن جيڪي پنهنجي ماڳ کان بولان جي وروڪڙن مان اٺن جي وڳ يا ماڻهو اٺ گڏهه مٿان گِدان ( ڏاس مان جڙيل خيمو) گِندار ( خيمي جي وچ ۾ ونگ واري ڪاٺي) ڪاٺين ۽ بسترن ۽ ضروري سامان مٿان ڪجهه ڪڪڙن سميت پنڌ ڪن ٿا. ڪڪڙن جو ٽراڪڻ يا موٽر کان اٺ جي گوري جو ٽهڻ، پانڌيئڙن لاءِ ويل ۽ موٽر مالڪن لاءِ خوشي جو سبب آهي. هنن ماڻهن جا بکارا ڪتا جيڪي جهنگلي جانورن کي به منهن ڏين ٿا، سي گهر ڌڻين جي پويان تابعداري سان منهن هيٺ ڪري هلن پيا. کين ڪو هڏو يا سڪل ماني جي عيوض مالڪ، مال مڏي ڌڻ وغيره جي حفاظت لاءِ پنهجو ساهه گهوري رکن ٿا ڪتي جي وفاداري اڄوڪي ماڻهن لاءِ مثال آهي.
بولان جو اهڙو نظارو اسان کي ڏاڍو وڻي پيو. ڪنهن هوٽل تي بسون ۽ ٽرڪون ، رستي ڪناري بيٺل هيون. ۽ مسافر چانهه ماني ۾ مشغول هيا. ان ريت مَڇ مان گذرياسين. جبلن تي ڪوئلن جو کاڻيون نظر آيون.مَڇُ جو ڪوئلو پوري ملڪ ۾ مشهور آهي. ڪوئلن جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ گهڻو ڪري سوات ۽ صوبه سرحد (خيبر پختون خواهه) جا مزدور اچن ٿا. هتان جا ماڻهو اها ڏکي مزدوري ڪري نه ٿا سگهن. منهنجي معلومات موجب هي کاڻيون هتان جي براهوئين جون ملڪيت آهن. مَڇ کارڪن، ڪتل ۽ کجين جي ڪري به مشهور آهي. (کجي جي وڻ کي براهوئي ۾ مڇ چئجي ٿو) ان کان سواءِ هتي پاڪستان جي وڏن جيلن منجها هڪ جيل آهي. جتي ڏوهارين کي بند ڪن ٿا. ڪيئي سياسي قيدي به هت بند رهيا. جنهن ۾ بلوچستان جا به مشهور ماڻهو قيد ٿيا جهڙوڪ مير غوث بخش بزنجو، سردار عطاءُ الله مينگل، مير گل خان نصير. مير شير محمد مري، نواب خير بخش مري، امير الملڪ مينگل ۽ عبدالصمد خان اچڪزئي وغيره.
مڇ کان ٽپي اسان جي گاڏي تيزي سان منزل ڏانهن رواني هئي. جڏهن بي بي ناني جي پل گذرياسين ته جبلن جي چشمن مان وهندڙ پاڻي بولان نئين ۾ وهي رهيو هو. ڪٿي ظاهر پيو ٿئي ته ڪٿي گم ٿي ٿيو. ڪٿي ته پاڻي جو بيٺل ڪُنب به هيا. جتي پڪنڪ لاءِ ماڻهو اچي، خوشي ماڻن ٿا.
اسان بولان جي ورن وڪڙن کان نڪتاسين ته رستي جي ڪناري تي مهرڳڙهه جو بورڊ ڏٺوسين ۽ مهر ڳڙهه جا آثار ياد آيا.