موهن جو دڙو جا دڙا
لاڙڪاڻي کان 28 ڪلوميٽر پري موهن جو دڙو جا دڙا آهن. جڏهن اسان موهن جو دڙو وٽ پهتاسين ته ميوزيم جي وڏي دروازي وٽ پوليس وارا بيٺا هئا. اسان کانئن محڪمه آثار قديمه جي دفتر جي پڇا ڪئي. انهن ڏس ڏنو ته ايئرپورٽ طرف ٿورو اڳتي وڃو. اتي بورڊ تي لکيل آهي. اسان اتي پهتاسين ته اسان جي ملاقات ڊائريڪٽر سيد حاڪم علي شاهه سان ٿي. سيد حاڪم علي شاهه بخاري سنڌ جي نالي واري شاعر ۽ دانشور استاد بخاري جو ننڍو ڀاءُ آهي. اسان پنهنجو تعارف ڪرايو. ۽ افضل گل جو پڇيو. هن پاڻ وٽ ويهاري حال احوال ورتا ۽ هڪ ڪارڪن افضل ڏانهن موڪليو.
گهڙي کن کان پوءِ افضل گل بروهي آيو. اسان کي ڀليڪار چئي پنهنجي دفتر ۾ وٺي آيو چانهه بسڪوٽ کان پوءِ اسان کي دڙا گهمائڻ وٺي هليو. اڄ ڪلهه افضل گل صاحب آثار قديمه جي محڪمي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي.
جڏهن اسان پراڻا دڙا ڏٺا ته حيرت ٿي. جو اڄ کان پنج هزارسال اڳ به انسان ايتري قدر ترقي يافته هيو. سندن اٿڻي ويهڻي، رهائش ماڳ، سندن غسل خانا ۽ پاڻي نيڪال لاءِ ناليون بي مثال هيون.
جناب افضل گل علائقي بابت معلومات ڏيندي چيو ته هن شهر ۾ تقريبا ڇهه سو کوهه هيا. جتان پاڻ لاءِ پاڻي حاصل ڪندا هيا. ڪجهه کوهن جون ديوارون اڄ به سلامت آهن. اهڙي ريت ان زماني جا جوڙيل گهر، حويليون ۽ انهن جا ڪمرا. سندن اوچي فن جو مثال آهي. پروفيسر عبدالرزاق صابر ڪجهه سال اڳ سچل قافلي سان گڏ موهن جو دڙو ڏٺو هيو. پر مون ۽ حميداختر پهريون دفعو هي تاريخي ماڳ ڏٺو.
هن تهذيب بابت جناب افضل گل بروهي چيو ته سنڌو تهذيب جي هن مرڪزي شهر کي موهن جو دڙو سڏجي ٿو. هي دڙا 1911۾ ڏٺا ويا. ان وقت تحقيق ڪندڙ هندو ماهر جو نالو بينسر جي هيو. ان کان پوءِ آثارقديمه جو ماهر جان مارشل 1922ع ۾ هتي اچي تحقيق ڪئي. اها تحقيقات 1922ع کان 1936ع تائين هلي. ان تحقيق مطابق هي تهذيب 2500 قبل مسيح کان عروج تي هئي. ۽ ثقافتي اعتبار سان هن تهذيب جي هڪ جهڙائي سميري ۽ مصري تهذيب سان هئي.
علائقي جي ماڻهن چواڻيءَ هتي هڪ ترقي يافته قوم آباد هئي. شهر جي جوڙجڪ منجهان انهن جي سماجي، ثقافتي، اقتصادي ۽ مذهبي طريقو ڄاڻي سگهجي ٿو. سندن ڌنڌو پوک هيو. پوک کان سواءِ واپار جو به ڪم ڪندا هيا. سندن جوڙيل جايون ساديون مگر سهڻيون هيون. اهي ناليون مٿان ڍڪيل هيون. جيئن انهن ۾گند ڪچرو نه پوي. ۽ بند نه ٿي وڃن. ان ريت گند لاءِ ڪچري دان به ٺهيل هيا. هنرمندي ۽ ڪاريگري ۾ هن قوم کي ڪمال حاصل هيو. هنن هر قسم جون شيون ٺاهيون سندن هنرمندي جو هي ڪمال هيو. جو اڄ به سندن ٺاهيل شين جهڙيون شيون سنڌ جي ڪيترن هنڌن تي استعمال ٿين ٿيون.
جناب افضل گل تفصيل سان سير ڪرايو. اتي موجود سڀ کان وڏي ٻڌ اسٽوپا، جيڪو مينهن جي ڪري ڊهي پيو هيو ۽ سائين افضل گل جي نگراني ۾ ڪم هلي رهيو آهي.هن اسٽوپا جو فوٽو توهان ڏهه رپين جي پاڪستاني نوٽ پٺيان ڏسي سگهو ٿا.
هن دڙن کي ڏسڻ کان پوءِ اسان ميوزيم طرف وياسين. ميوزيم جي عمارت تمام سهڻي ٺيل آهي. جنهن جو بنياد 20 جنوري 1967ع ۾ ان وقت جي صدر فيلڊ مارشل محمد ايوب رکيو هيو. ان عمارت جي چوڌاري سهڻا گل ۽ ساوڪ، هن جاءِ کي ڪافي سهڻو ڪيو هيو. جڏهن اسان ميوزيم جي جاءِ تي پهتاسين ته اتي ڀليڪار لاءِ هڪ ڪارڪن ويٺو هيو. اتي موهن جو دڙو بابت انگريزي، اردو ۽ سنڌي ڪتاب به وڪرو ٿي رهيا هيا. ان عمارت جي مٿئين حصي ۾ ميوزيم آهي. جتي موهن جو دڙو منجهان نڪتل پراڻيون شيون رکيل آهن. سامهون هڪ وڏي پينٽنگ لڳل آهي. هڪڙي فنڪار جو ٺاهيل موهن جو دڙو شهر جو نظارو آهي. اها ڏاڍي سهڻي ۽ ترقي يافته شهر جي تصوير آهي. ميوزيم ۾ شيشن ۾ بند پراڻا زيور رکيل آهن. جهڙوڪ هار، جهومر، بازو بند، ڪنگڻ، چاندي جا رم جهول، منڊيون ۽ هاٿي جي ڏند مان ٺهيل ڦڻيون وغيره. هنن بابت لکيل هيو ٽي هزار سال قبل مسيح عورتون،سون، چاندي، ڪُٽ ۽ قيمتي پٿر ۽ ٻين مسالحن مان جڙيل زيور پائنديون هيون. ٻئي طرف مٽيءَ مان جوڙيل گڏيون، ڏاند، مينهن ۽ بيل گاڏي يا ٿانو رکيل هيا. انهن کان سواءِ راولپنڊي جي ڀرسان وهندڙ درياهه سوان جا پٿر ۽ اوزار به رکيل هيا.
هتي ڪوٽڏيجي قلعي جو نمونو مٽيءَ مان ٺاهيو ويو هيو ۽ ان قلعي جو فوٽو به لڳل هيو. ڪوٽ ڏيجي قلعو سنڌ جو هڪ پراڻو شهر آهي. هن شهر جي چوڌاري ديوارن هيون.اهو قلعو خيرپور ميرس کان پندرهن ميل پري آهي. هتي ٿانون جون ٺڪريون ۽ ٻيون شيون هٿ آيون.
هن ميوزيم ۾ آمري قلعي جي به وڏي تصوير لڳل آهي. چون ٿا ته آمري قلعو به ڪوٽ ڏيجي قلعي جي زماني جو آهي. هي موهن جو دڙو کان اڳ جو آهي. هن قلعي ۾ مختلف طرز جون جايون ٺهيل هيون. جيڪو موهن جو دڙو ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ جڙيل هيو. هنن دڙن مان ڪنجهي، جست ۽ لوهه جون شيون مليون. ٿانون کانسواءِ تير، نيزا، خنجر ۽ ٻيون شيون هٿ آيون .
موهن جو دڙو مان هٿ آيل شين ۾ دلن جون ٺڪريون، جن کي رنگ ڏنل هيا، مليون جنهن مان اندازو ٿو لڳي ته هي ترقي يافته قوم گذري آهي. هر شي جي رنگ روغن کان واقف هيا. هنن شين ۾ زندگي ۾ روزانو استعمال ٿيندڙ شيون مثلا ديڳڙا، جنڊ، ڪپڙن ڌوئڻ ۽ وهنجڻ جا ٽپ، ان رکڻ لاءِ گُنديون هيون.
عورتن ۽ مردن جا ٺاهيل بوتا، جانورن جا بوتا، مٽي مان (ٺڪر جا) ٺهيل ٿانو ۽ بيل گاڏي به هٿ آئي. انهن کان سواءِ موهن جو دڙو جي دڙن مان نڪتل اصل شيءِ اهي مهرون ٺپا آهن. جن تي ڪجهه لکيل آهي. انهن لکتن بابت تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هي لکتون پڙهي سگهجن ته اهي “ براهوئي ٻولي” جون ٿي سگهن ٿيون. ان وقت پروفيسر عبدالرزاق صابر چيو ته هنن تحريرن بابت تازو ڪم پروفيسر آسڪوپر ٻولا جو آهي. هن موهن جو دڙو رسم الخط بابت ڪتاب لکيو آهي. جنهن ۾ بروهين جو ذڪر تفصيل سان ڪيو آهي. اهي مهرون چوڪنڊيون آهن. جن ۾ ڪافي جانورن جون به تصويرون اڪريل آهن. جهڙوڪ گهوڙو، شينهن ، هاٿي، سوئر، واڳون، ڏاند ۽ انسانن جو تصويرون آهن. اهي مهرون يا ٺپا پٿر، مسالحي يا مٽيءَ مان ٺهيل آهن. هي مهرون علائقي جي ماڻهن جي فني ڄاڻ ظاهر ڪن ٿيون.
اهڙي ريت هن ميوزيم ۾ ٻارن جي راند لاءِ به ننڍيون شيون ٺهيل هيون. جنهن ۾ ڏاندن جا بوتا، ڦيٿن وارا ريڙها، پکين جون مورتون ۽ ٻيون شيون به هيون. جيڪي مٽيءَ، پٿر ۽ هاٿيءَ جي ڏندن مان ٺهيل آهن.
موهن جو دڙو جي ڏسڻ کان پوءِ جناب گل بروهي، موهن جو دڙو ريسٽ هائوس ۾ اسان لاءِ پر تڪلف دعوت جو بندوبست ڪيو. منجهند واري ماني کان پوءِ به ڪجهه گهمياسين.
موهن جو دڙو جي گهمڻ جي ڪري ڪافي معلومات ۽ تاريخ جي ڄاڻ ملي. موهن جو دڙو ۾ هڪ هوائي اڏو پڻ آهي. جنهن کي موهن جو دڙو نيشنل ائرپورٽ چئجي ٿو. هتي روزانوٻه جهاز اچن ٿا. هاڻي هوائي اڏو وڌائڻ جو ڪم کنيو ويو آهي. جيئن وڏا جهاز به اچي سگهن. فوڪر جهاز سنڌ جي ٻين علائقن ڏانهن به اچن وڃن ٿا.
خضدار لاءِ به هڪ جهاز ويندو آهي.
ڪراچي وارو جهاز صبح جو اچي ٿو. جيئن سياح صبح جو موهن جي دڙي اچي، چار پنج ڪلاڪ گهمڻ کان پوءِ شام وقت ڪراچي هليو وڃي. ڇو ته هتي رهائش ڪانهي. رهائش لاءِ لاڙڪاڻي وڃڻو پوي ٿو.
شام جو 4 بجي اسان افضل گل بروهي کان موڪلائي سکر لاءِ روانا ٿياسين. رستي جي ٻن پاسن کان وڻن جون قطارون ڪافي سهڻيون ۽ هوادار هيون. سج لٿي مهل سکر پهتاسين. هڪ هوٽل ۾ ڪمرو وٺي سامان رکي شهر گهمڻ وياسين.