شاعري

ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

خان محمد ”خاطي“ ڪيريو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي دردن جو امين آھي، جنھن ھن مختصر مجموعي ۾ اھڙا عڪس پَسايا آھن، جنھن ۾ خاطي سنڌ جي نج پج پيڙا اوريل آھي. ھن مجموعي ۾ خاطي پنھنجي نيڻڻ ۾ سانڍيل خوابن جي ساڀيان لاءِ سنڌ کي جيئم جي خوابن، مقدس ڪتابن، محبوبن جي حجابن، رابيلن ۽ گلابن، صوفين جي سبقن، امڙ جي پويتر اکين ۽ لُڙڪن، رنگين روشنين، چنڊ تارن، لطيف جي سُر سارنگ، صبح ۽ چانڊوڪيءَ، دل ۽ ململ، سنڌوءَ جي جَل ۾ ڌوتل پوتل اجريل ۽ ڪنول جي روپن ۾ سنڌ کي پَسڻ جي خواھش رکي ٿو. خاطيءَ جي شاعراڻي فن ۾ نڪور ۽ نوان تجربا آھن.  

Title Cover of book ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

انتساب

قومي غيرت ۽ قومي جذبي  سان سرشار ۽ سرفراز

خادم السنڌ ڪاڪي سرفراز ميمڻ

(نوابشاهه)

کي ارپيان ٿو استاد بخاريءَ جي هنن سٽن سان:

ماڻهو مٽيءَ جو پتلو پر،

ڪا ڪا خوشبو واري  خاڪ.

سسسس

ڌرتيءَ ۽ زندگيءَ جي شاعر، منهنجي سائين ،

عبدالحڪيم ارشد سائين جي سلڇڻي فرزند

پياري راشد لکمير

(ڪراچي)

کي ارپيان ٿو سندس پياري بابا جي هنن سٽن سان:

ٽمڪي پيئي لاٽ وفا جي، ڪاريءَ ڪاريءَ واٽ مٿي،

طوفانن ۾ اڄ ڀي ڪوئي جوت جلائي ويٺو آ.

سسسس

منهنجي محسن ۽ مهربان عزيز محترم

محمد عثمان ڪيريو 

(ڳوٺ تلي سڪرنڊ)

کي ارپيان ٿو سائين راشد مورائيءَ جي هنن سٽن سان:

سدائين نيڪ ماڻهن کان چڱائيءَ جون اميدون هِن،

اهي سهڻا هميشه لاءِ، ڪم جيڪو به ڪن، سهڻو.

سسسس

منهنجي محبوب دوست ۽ پياري ڀاءَ

ممتاز علي ڏاهري

(ڳوٺ مئاڇورا چودڳي)

کي ارپيان ٿو  شاعر ساحر راهو جي هنن سٽن سان:

ڪؤڙاڻ کي ڳراٽيءَ ميٺاس ۾ مٽايو،

درياهه جي وهڪ کارو سمندر مِٺو ڪيو.


__ خاطي ڪيريو