او نصارا! ديس واسين لئه بڻي آئين بلا،
سنڌ جي سورهيه سچي سان، تو ڪئي ڪيڏي دغا.
تون غنڊو غاصب هئين، تنهنجي غلامي ڪينءَ ڪبي؟
ڪينءَ جھُڪي بي دين آڏو هڪ روحاني پيشوا؟
ڪيس ڪوڙا تو مڙهي، هِند جي جيلن اندر،
قيد جي اَٺَ سال ان کي، تو ڏني ڇا لئه سزا؟
هي ڪراچيءَ ۾ نظربند، گرفتاري ٻيو دفعو،
ناگپور جي جيل ۾، سورهيه ويو ڇا لئه ڀلا؟
پير _ پروانن مٿان، ۽ ديس _ ديوانن مٿان،
تو هڻي حر مارشل لا، ظلم جي ڪئي انتها.
گڙنگ بنگلي کي ڪيئي مسمار بمباري ڪري،
حر هيسائڻ لئه ڪيئي، حيلا ڪميڻا بي حيا.
ڪوٽ ۽ درگاهه بنگلي کي ڪري مسمار تون،
سون چاندي وئين لٽي ناياب چيزون بي بها.
سنڌ جي هيري سچي کي تو شهادت ڏئي ڇڏي،
حوصلا هن ڪين هاريا، تنهنجي وائي ٿي خطا.
تو ڊڄي خاڪي جسد کي، پڻ ڪري خفيا ڇڏيو،
ڇو ته توکي خوف ٿيو “هي آ حرن جو رهنما”.
انگريز مڪار! آخر، سوڀ سورهه کي ملي،
بسترا ٿيا گول تنهنجا، تو ٽپڙ خاطي ٻڌا.