شاعري

ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

خان محمد ”خاطي“ ڪيريو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي دردن جو امين آھي، جنھن ھن مختصر مجموعي ۾ اھڙا عڪس پَسايا آھن، جنھن ۾ خاطي سنڌ جي نج پج پيڙا اوريل آھي. ھن مجموعي ۾ خاطي پنھنجي نيڻڻ ۾ سانڍيل خوابن جي ساڀيان لاءِ سنڌ کي جيئم جي خوابن، مقدس ڪتابن، محبوبن جي حجابن، رابيلن ۽ گلابن، صوفين جي سبقن، امڙ جي پويتر اکين ۽ لُڙڪن، رنگين روشنين، چنڊ تارن، لطيف جي سُر سارنگ، صبح ۽ چانڊوڪيءَ، دل ۽ ململ، سنڌوءَ جي جَل ۾ ڌوتل پوتل اجريل ۽ ڪنول جي روپن ۾ سنڌ کي پَسڻ جي خواھش رکي ٿو. خاطيءَ جي شاعراڻي فن ۾ نڪور ۽ نوان تجربا آھن.  

Title Cover of book ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

سنڌ واسين جا هي سورَ ڏسي، سڀ ماروئڙا مجبور ڏسي،

سنڌ واسين جا هي سورَ ڏسي، سڀ ماروئڙا مجبور ڏسي،
خوشي ڪا نه وڻي ٿي ڪائي، آئي عيد رئارڻ آئي...!
ڏيهه واسين جا هي ڏک ڏسي، بيروزگاري ۽ بک ڏسي،
ٿي ڪا نه ٿئي سرهائي، آئي عيد رئارڻ آئي...!

سالن کان بيمار پيو آ، ڳوٺاڻن کان وسري ويو آ،
لاچار پيو آ کٽ مٿان، غربت ۾ هو آڻي ڪٿان،
گوري آ نه دوائي، آئي عيد رئارڻ آئي...!

هيل به ٿي ويو قرضي آهي، هاريءَ کي ٿي ڳڻتي آهي،
عيد لئه ٻارن کي نه لٽو، ۽ گهر ۾ ڪونهي کنڊ اٽو،
۽ هڙ ۾ نه پئيسو پائي ، آئي عيد رئارڻ آئي...!

ڪهڙي عيد غريبن جي آ، معصومن ۽ يتيمن جي آ،
پر سال انهن جو پيءُ مٺو، بي ڏوهي الزامن ۾ ڪٺو،
ڪئي ظالمن ڪاروائي ، آئي عيد رئارڻ آئي...!

پيءُ جي مُکَ مان پيڙا بکي آ، جوان ٻچي ڪئي خودڪشي آ،
اڄ عيد مبارڪ ڪنهن سان ملي، ڪنهن کي ڀلا هُو لائي ڳلي،
ٿي ڏنگيس پئي تنهائي ، آئي عيد رئارڻ آئي...!

جن کان پنهنجا پيارا وڇڙيا، جيئري جيءَ جيارا وڇڙيا،
تن جو “خاطي” خوشيُن تي، ۽ سڀ بهارن عيدن تي،
ٿي جهوري جيءُ جدائي ،آئي عيد رئارڻ آئي...!