منهنجي سنڌڙي جا مٽيءَ هاڻا ماڻهو،
سچا سادڙا سي ساهه ـــ سيباڻا ماڻهو.
آئيني جيان هي اندر جا به اجرا،
نفاست ۾ چنڊ ۽ گلن کان به اڳرا،
مثل ماڻڪن جي موتيءَ داڻا ماڻهو.
سي جرئت ۽ غيرت وارا جوان سنڌي،
ٻنين ۽ ونين جا نگهبان سنڌي،
سي ڌرتيءَ ڌڻي ۽ روح راڻا ماڻهو.
سي پنهنجي تمدن ۽ تهذيب وارا،
فنونِ لطيفه ۾ سڀ کان نيارا،
سريلا سٻاجها ۽ سڀ سياڻا ماڻهو.
ڪوري موچي واڍا سي هاري ۽ ڀاڳيا،
ڀٽائيءَ جي بيتن جا ڪردار ساڳيا،
نرم دل نفيس ۽ نج نماڻا ماڻهو.
اهي راڄ ڀاڳ ۽ بخت سوڀ وارا،
منهنجا مارو ناهن لالچ لوڀ وارا،
نه ڪنهن آڇ تي هِي ڪڏ وڪاڻا ماڻهو.
سندن خوبصورت آ رهڻي ۽ ڪهڻي،
سندن ٻولي لولي ڪڏهن ناهي مرڻي،
مٺا ماکي “خاطي” مکڻ چاڻا ماڻهو.