شاعري

ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

خان محمد ”خاطي“ ڪيريو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي دردن جو امين آھي، جنھن ھن مختصر مجموعي ۾ اھڙا عڪس پَسايا آھن، جنھن ۾ خاطي سنڌ جي نج پج پيڙا اوريل آھي. ھن مجموعي ۾ خاطي پنھنجي نيڻڻ ۾ سانڍيل خوابن جي ساڀيان لاءِ سنڌ کي جيئم جي خوابن، مقدس ڪتابن، محبوبن جي حجابن، رابيلن ۽ گلابن، صوفين جي سبقن، امڙ جي پويتر اکين ۽ لُڙڪن، رنگين روشنين، چنڊ تارن، لطيف جي سُر سارنگ، صبح ۽ چانڊوڪيءَ، دل ۽ ململ، سنڌوءَ جي جَل ۾ ڌوتل پوتل اجريل ۽ ڪنول جي روپن ۾ سنڌ کي پَسڻ جي خواھش رکي ٿو. خاطيءَ جي شاعراڻي فن ۾ نڪور ۽ نوان تجربا آھن.  

Title Cover of book ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

ڪن ڳچين لئه ڳٽ ڳرا، ۽ ڪن جي لئه تمغا ڪڍيا،

ڪن ڳچين لئه ڳٽ ڳرا، ۽ ڪن جي لئه تمغا ڪڍيا،
شاعريءَ جي روپ ۾ مون سنڌ جا نقشا ڪڍيا.

سونهن نمبر، سوچ نمبر، سور نمبر ۽ ٻيا،
دل اشاعت گهر منجهان ڪي پيار جا پرچا ڪڍيا.

ٿر جي ريگستان جهڙا ڳل گهنجيل هُن جا ڏٺم،
تن مٿان هُن لڙڪ لاڙي ڄڻ ننڍا دريا ڪڍيا.

زندگي ڪاڇو اُڃو هئي، رڄ ڪيم پي پيار _ جَلُ،
جو پرينءَ جي بارشاڻن بادلن ڀيرا ڪڍيا.

راڄڌاني ٿئي نه ها هرگز ختم ههڙي طرح،
پنهنجا ئي غدار ٿِي پيا جن اچي تختا ڪڍيا.

ظالمن جي منهن تي لينگها ڄڻ لڏو هن جو هيو،
ڳوٺ مان مسڪين پنهنجو گهر ڇڏي ٻچڙا ڪڍيا.

او غريبو! ڪاميابي پير چمندي پر جڏهن،
پاڻ ڏاڍن جا اندر مان خوف ۽ خدشا ڪڍيا.

مون وجود ۾ سنڌ ٺاهي، وار ٻوٽا کل ٻني،
هڏ جبل، رت ست سنڌو، دل گهر، رڳون رستا ڪڍيا.

ڏات رب کان جا ملي خاطي لکڻ جي خاص جو،
شعر مون گهر گهر ورهائي ۽ ونڊي صدقا ڪڍيا.