شاعري

ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

خان محمد ”خاطي“ ڪيريو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي دردن جو امين آھي، جنھن ھن مختصر مجموعي ۾ اھڙا عڪس پَسايا آھن، جنھن ۾ خاطي سنڌ جي نج پج پيڙا اوريل آھي. ھن مجموعي ۾ خاطي پنھنجي نيڻڻ ۾ سانڍيل خوابن جي ساڀيان لاءِ سنڌ کي جيئم جي خوابن، مقدس ڪتابن، محبوبن جي حجابن، رابيلن ۽ گلابن، صوفين جي سبقن، امڙ جي پويتر اکين ۽ لُڙڪن، رنگين روشنين، چنڊ تارن، لطيف جي سُر سارنگ، صبح ۽ چانڊوڪيءَ، دل ۽ ململ، سنڌوءَ جي جَل ۾ ڌوتل پوتل اجريل ۽ ڪنول جي روپن ۾ سنڌ کي پَسڻ جي خواھش رکي ٿو. خاطيءَ جي شاعراڻي فن ۾ نڪور ۽ نوان تجربا آھن.  

Title Cover of book ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

پنھنجي پاران

اهو طئه ٿيل اصول آهي ته سهڻي شاعري، سهڻي ۽ بڇڙي شاعري، بڇڙي ٿيندي آهي.  وطن سان حب کي ايمان جو حصو سمجهندڙ ئي سمجهي سگهن ٿا ته قومي ۽ ثقافتي شاعري به سهڻي ئي ٿيندي آهي. آئون سمجهان ٿو ته جيڪو اسلامي ۽ اصلاحي شاعري لکي ٿو، علمي ۽ ادبي شاعري لکي ٿو ۽ دردي ۽ محبتي شاعري لکي ٿو ته ان کي ڪابه منع ٿيل نه آهي ته هو سنڌ جي شاعري نه لکي!  ڪابه حد يا ڪي به ليڪا نڪتل نه آهن.  اها پڪ اٿم ته پيار ئي شاعريءَ جو بنيادي محرڪ هوندو آهي، جنهن شاعريءَ ۾ پيار ناهي اها شاعري بي اثر هوندي آهي.  پوءِ اها کڻي ڪهڙي به موضوع تي لکيل ڇونه هجي. 

مون هيءَ سنڌيت سان سرشار شاعري لکي، ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام نه ڏنو آهي پر جو به لکيو اٿم سو پيار جي جذبي تحت لکيو اٿم، پوءِ هر ڪنهن جي سوچ ۽ سمجهه جو ڪم آهي ته ان کي ڪيئن ٿو محسوس ڪري.  

پيار لامحدود هوندو آهي، جنهن وٽ جيترو هانءُ ۽ ٿانءُ هوندو پيار کي اوترو ئي محسوس ڪري ۽ ماپي سگهندو.

ڪيئن ڪٿيندو، محبت جا مڻ ؟

                          جنهن وٽ ماپو سيرڪ هوندو. (خاطي)

سو مونکي محبت جي اها ونڊ شعور ڀريو ٿيڻ سان ئي لطيف گهوٽ جي لافاني سِٽ “سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار” سڻڻ سان ملي وئي هئي. گهڻو اڳ سيدِ عالم ﷺ جن جي بارگاهه مقدس  ۾  سڏڙا ڪندي آزيون ڪيون هئيم ته:

سڪي پئي سنڌ پاڻيءَ لئه،  ٻنيون ٻارا ويا اجڙي،

سنڌي باغن ۽ فصلن، ميون ڀاڄين جي پارت ٿئي.

پنهنجي مالڪ کان گُهر سائين! ٿئي آباد سنڌ ساري،

سڄي عالم سان گڏ سنڌ جي شهرن وادين جي پارت ٿئي.

منهنجي ڪتاب “ گلابن جي غلاميءَ ۾” ڪجهه مڪمل غزل پڙهي ڏسجو جيڪي صفحي نمبرن  58، 59، 71 ۽ 87 تي لکيل آهن.  ۽ هاڻي ان ڪتاب مان سنڌيت جي خوشبوءَ وارا ڪجهه شعر  لکان ٿو:

سموري سون سنڌڙي آ مگر خاطي لٽي وئي نه ته،

پڄن گلگت مري پئرس ڪٿي ڪشمير جا ٽڪرا.

***

دشمن نيٺ ته دشمن آهي، ملڪ شهر يا ڳوٺ جو توڙي،

سنڌڙيءَ ۽ ساٿين جا ويري، لک لعنت وٺ هي ته گهروڙي.

ڪو ڪو ماڻهو  موتيءَ داڻو، ڌرتيءَ لاءَ پيو پاڻ پتوڙي،

مونکيءَ مٽيءَ ۽ مارن _محبت، خاطي ڇڏيو خوب نهوڙي.

***

مون ته سنڌين جي سجاڳيءَ ڪاڻ ويٺي سوچيو،

يار ليکي آئون هُن جي پيار ۾ گم ٿي ويس.

***

امڙ سنڌ ۽ سنڌي ڀائر، سڀئي تنهنجي سهاري ٿئي،

وڏا ماڻهو وساري تن، متان ڪي وزارتون طلبين.

***

مٽ مٽيءَ جو نه هيرا جواهر ٿين،

سنڌ جي آ سموري ٻني قيمتي.

خوبصورت هٿن جي اها سونهن آ،

جو تڏهن ٿي پئي آ رلي قيمتي.

***

سدا سنڌ جيئي جو نعرو سلامت،

نه آثار مٽبا، دڙي جا رنيءَ جا.

۽ هاڻي ڪتاب “ريجهايو روح رابيلن” مان ڪجهه اهڙي شاعري پڙهو: 

آزاديءَ لئه لڙڪ نه خاطي، 

پر دريا رت جا گهرجن ٿا.

***

جنهن عمر سڄي سانگين ۽ سنڌ کي ارپي،

سو ساهه ڏئي ويو جو ٻڌم ساهه سڪي ويو.


توهانجو پنهنجو: خان محمد خاطي ڪيريو