شاعري

ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

خان محمد ”خاطي“ ڪيريو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي دردن جو امين آھي، جنھن ھن مختصر مجموعي ۾ اھڙا عڪس پَسايا آھن، جنھن ۾ خاطي سنڌ جي نج پج پيڙا اوريل آھي. ھن مجموعي ۾ خاطي پنھنجي نيڻڻ ۾ سانڍيل خوابن جي ساڀيان لاءِ سنڌ کي جيئم جي خوابن، مقدس ڪتابن، محبوبن جي حجابن، رابيلن ۽ گلابن، صوفين جي سبقن، امڙ جي پويتر اکين ۽ لُڙڪن، رنگين روشنين، چنڊ تارن، لطيف جي سُر سارنگ، صبح ۽ چانڊوڪيءَ، دل ۽ ململ، سنڌوءَ جي جَل ۾ ڌوتل پوتل اجريل ۽ ڪنول جي روپن ۾ سنڌ کي پَسڻ جي خواھش رکي ٿو. خاطيءَ جي شاعراڻي فن ۾ نڪور ۽ نوان تجربا آھن.  

Title Cover of book ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

ڏئي هٿ هٿن ۾ جُڙيا سلسلي ۾،

ڏئي هٿ هٿن ۾ جُڙيا سلسلي ۾،
سنڌين جون قطارون ڏسو هر ضلعي ۾.

ڪراچيءَ کان ڪشمور زنجير بڻيل،
نه تر جي وٿي آ سڄي فاصلي ۾.

سنڌي عيد سمجهي قومي ڪاڄ سمجهي،
اچي سي مليا قرب جي قافلي ۾.

سگهڙ مچ ڪچهريون وڏا ميڙ ريليون،
خوشيون ناچ نعرا وڏي ولولي ۾.

سنڌي ٽوپي اجرڪ وڻي ويس سهڻو،
عجب لوڏ وهوا سنڌي لاڏلي ۾.

نسل رنگ مذهب، مليا ايڪتا ۾،
ساڳيو جوش جذبو علي جوڳلي ۾.

نه ٻولي ثقافت نه ڌرتي جدا آ،
نه ئي فرق آ ليگلي پيپلي ۾.

نه پنهنجي ثقافت مٿان وار سهندا،
ستل شينهن جاڳيا گدڙ ٿرٿلي ۾.

سنڌي قوم جي هي جياپي جو ڪارڻ،
ويهن ماٺ ڪيئن ٿي انهي معاملي ۾.

وڻي واهه منظر، اهو ايڪتا جو،
سڄي سنڌ “خاطي” جيئي حوصلي ۾.