تباهي آ توبهه رڳو جنگ اندر،
هجي منهن جهيڙن سندو جهنگ اندر.
ڪٿي خون ڪنهن جو نه ناحق وهي شل،
نه رنڱجي ڪو دامن لهوءَ رنگ اندر.
رهي شال عزت سلامت سڀن جي،
شرم ۽ حياءُ شل رهي ننگ اندر.
بندوقون ڪهاڙيون نه پستول گهرجن،
هجي ساهه سُرَ ۽ قلم چنگ اندر.
نه هيءَ قوم قرضي نه بيمار بنجي،
هجي شاد هرڪو پنهنجي ڍنگ اندر.
سماجي براين سندو خاتمو ٿئي،
نه ڦاسن موالي جوا ڀنگ اندر.
نه ڪي ساڙ ڪينو هجي روحَ اندر،
هجي پيار رڳ رڳ انگ انگ اندر.
هجن شال سنڌي ائين سنڌ اندر،
رهن جيئن “خاطي” داڻا سنگ اندر.