قومي حقن جي ڪاڻ تون لڙ،
جيءُ جهان ۾ ٿي تون جهجهڙ.
ريٽو لال پچي ٿئي سو،
جنهن جي جندِ ۾ عشقُ اُمڙ.
اُڀ تي اُڏري هيٺ ڪِري،
هاءِ! حياتي ڄڻ ته لغڙ.
راڄن جو رکوال ٿي ڏس،
ڇو نه وڻي ٿو تنهنجو وڙ.
ڇانوَ جو طالب آ هرڪو،
ڪو ڪو ماڻهو گھاٽو بڙ.
تڙپ وڌي وئي آهي اڄ،
ياد جو ڦاٽڻ تي آ ڳڙ.
کائي مجيري گوشت ڀت،
هاري ساڳيو ساڳ ڊڳڙ.
خالق خلقيو آ خاطي،
ڏيندو پنهنجو سهڻو گهر تڙ.