شاعري

ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

خان محمد ”خاطي“ ڪيريو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي دردن جو امين آھي، جنھن ھن مختصر مجموعي ۾ اھڙا عڪس پَسايا آھن، جنھن ۾ خاطي سنڌ جي نج پج پيڙا اوريل آھي. ھن مجموعي ۾ خاطي پنھنجي نيڻڻ ۾ سانڍيل خوابن جي ساڀيان لاءِ سنڌ کي جيئم جي خوابن، مقدس ڪتابن، محبوبن جي حجابن، رابيلن ۽ گلابن، صوفين جي سبقن، امڙ جي پويتر اکين ۽ لُڙڪن، رنگين روشنين، چنڊ تارن، لطيف جي سُر سارنگ، صبح ۽ چانڊوڪيءَ، دل ۽ ململ، سنڌوءَ جي جَل ۾ ڌوتل پوتل اجريل ۽ ڪنول جي روپن ۾ سنڌ کي پَسڻ جي خواھش رکي ٿو. خاطيءَ جي شاعراڻي فن ۾ نڪور ۽ نوان تجربا آھن.  

Title Cover of book ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

سنڌڙي منهنجي آ سورن ۾،

سنڌڙي منهنجي آ سورن ۾،
پوءِ ڪيئن رهان مان سرورن ۾.

بد امنيءَ جي وڏي ٻوڏ هتي،
رڳو ڌارين جي آ لوڌ هتي،
۽ ويرين جي ناهي کوٽ هتي،
پيا ٻيڻ وڌن هر طورن ۾.

هت ناحق نياڻيون روز ڪُسن،
سي کيرُ اڇيون هت ڪاريون ٿين،
معصوم عمر پيڙجن ۽ سڙن،
رسمن جي گهاڻي تنورن ۾.

سنڌ امڙ سان ٿا ڪِيسَ ٿين،
ٿا سنڌي سڪونَ جي لاءِ سڪن،
ڀري لوڻ لپون ٿا غير وجهن،
سنڌين جي ڦٽن ناسورن ۾.

ڍل، بجليءَ جا بل ٻيڻ مٿي،
بينڪن جي وياج ۽ قرض ڪري،
ڪاهيو ٿي گهرن ۾ پوليس پوي،
ڇا حال سنڌي مجبورن ۾.

جيڪي ووٽ وٺي چونڊيا چڱا،
شيطان سي سنڌ جا ويري وڏا،
سنڌ ڏاڍا گهڻا نقصان سٺا،
تن اڳواڻن جي قصورن ۾.

سنڌڙيءَ جي حقن تي ڌاڙا هڻي،
ناڻي سان گڏ ويو پاڻي کڻي،
ٿيو سڀ شيءِ جو پنجاب ڌڻي،
ڇو قانونن دستورن ۾.

او پٽڙا جاڳي ڪيو سختي،
سنڌ واڳن گهيري آ ورتي،
ڳڙڪائڻ گهرن ٿا هيءَ ڌرتي،
آ حيوانن جي سا گُهورن ۾.

هن ڌرتيءَ جون اڇنگارون ٻڌي،
هن ٻوليءَ جون ڪوڪارون ٻڌي،
آئي سجاڳي پڪارون ٻڌي،
آ ماروئڙن مزدورن ۾.

خاطي سور نه رهندا ساڳيا،
نيٺ نعرا هڻي سنڌي جاڳيا،
ڦورن کي پڳا اجهي ڀونءِ ڀاڳيا،
نئون جذبو آهي سمورن ۾.