شاعري

ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

خان محمد ”خاطي“ ڪيريو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي دردن جو امين آھي، جنھن ھن مختصر مجموعي ۾ اھڙا عڪس پَسايا آھن، جنھن ۾ خاطي سنڌ جي نج پج پيڙا اوريل آھي. ھن مجموعي ۾ خاطي پنھنجي نيڻڻ ۾ سانڍيل خوابن جي ساڀيان لاءِ سنڌ کي جيئم جي خوابن، مقدس ڪتابن، محبوبن جي حجابن، رابيلن ۽ گلابن، صوفين جي سبقن، امڙ جي پويتر اکين ۽ لُڙڪن، رنگين روشنين، چنڊ تارن، لطيف جي سُر سارنگ، صبح ۽ چانڊوڪيءَ، دل ۽ ململ، سنڌوءَ جي جَل ۾ ڌوتل پوتل اجريل ۽ ڪنول جي روپن ۾ سنڌ کي پَسڻ جي خواھش رکي ٿو. خاطيءَ جي شاعراڻي فن ۾ نڪور ۽ نوان تجربا آھن.  

Title Cover of book ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

ڪڏهن ڀُلجي غريبن سان، ٻه گفتا جن نه ڳالهايا،

ڪڏهن ڀُلجي غريبن سان، ٻه گفتا جن نه ڳالهايا،
وري گڏ پنهنجي واٺن سان، وٺڻ ووٽن جي لئه آيا.

پڄي، مسڪينُ دانهِين ٿيو، ڪيو گسُ بند آ بڇڙن،
چيائون تنهنکي وڃ واپس، اجهو پويان ٿا هُو پهچن،
لڙي لُوڻُو نه ڦيريائون، وڏي ڪنهن فون ترسايا.

چئو تن کي، ته ڪير آهيو؟ نه هڪٻئي کي سڃاڻون ٿا.
ڪيَوَ ڇا سنڌ جي خدمت؟ ڪيون هڪڙو پڇاڻون ٿا،
ٻڌايو ماءُ ڌرتي جي، ٻچن تي ڇا ڪيَوَ ڇا يا؟

ٿڌا بنگلا، ٿڌيون گاڏيون، تنين جا در کُلي ويا هن،
پنجن سالن پڄاڻا پوئي، وري ساڳيا پُڄي ويا هن،
پڇو تن کان ته اڳ ڪهڙا؟ اٿوَ پٽڪا ڪي پارايا.

توهانجي صحت ۽ تعليم، تحفظ ۽ توانائي،
بنيادي ضرورتون حل ٿيون؟ ڪهڙي ترقي ڏيارائي؟
ڦٻائي فنڊ ويا سي جي، اوهانجي نالي لکرايا.

توهان کي ٿا چون، تقدير بدلائي ڇڏينداسين،
توهان کان چَئونِ دستاويز لکرائي ڇڏينداسين،
ڀري مووي ڇڏيو تن جي، وچن تن جيڪي دهرايا.

نه ڍٻڪيءَ تي بڻي ڀولا، لٺيون جهليو مدارين جون،
ڪيو منهن تي سڀئي ڳالهيون پتون وائکيون غدارين جون،
ڪيو تن سان نه گهٽ خاطي، گھڻا جن شان گھٽرايا.