شاعري

ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

خان محمد ”خاطي“ ڪيريو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي دردن جو امين آھي، جنھن ھن مختصر مجموعي ۾ اھڙا عڪس پَسايا آھن، جنھن ۾ خاطي سنڌ جي نج پج پيڙا اوريل آھي. ھن مجموعي ۾ خاطي پنھنجي نيڻڻ ۾ سانڍيل خوابن جي ساڀيان لاءِ سنڌ کي جيئم جي خوابن، مقدس ڪتابن، محبوبن جي حجابن، رابيلن ۽ گلابن، صوفين جي سبقن، امڙ جي پويتر اکين ۽ لُڙڪن، رنگين روشنين، چنڊ تارن، لطيف جي سُر سارنگ، صبح ۽ چانڊوڪيءَ، دل ۽ ململ، سنڌوءَ جي جَل ۾ ڌوتل پوتل اجريل ۽ ڪنول جي روپن ۾ سنڌ کي پَسڻ جي خواھش رکي ٿو. خاطيءَ جي شاعراڻي فن ۾ نڪور ۽ نوان تجربا آھن.  

Title Cover of book ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

ڳالهه اسان آ دل جي اوري،

ڳالهه اسان آ دل جي اوري،
سنڌي ٻولي قومي ٻولي،
ٿوري ٿوري ناهي ٿوري،
سنڌي ٻولي قومي ٻولي.

پنهنجي ڌرتي، ديس به پنهنجو،
پنهنجي ثقافت، ويس به پنهنجو،
پنهنجو پٽڪو، پنهنجي پوتي،
سنڌي ٻولي قومي ٻولي.

ريتون رسمون، انگ به پنهنجا،
ساز هٿيار، امنگ به پنهنجا،
پنهنجي اجرڪ، پنهنجي ٽوپي،
سنڌي ٻولي قومي ٻولي.

جنهن کي تو مون ناهي ٺاهيو،
ڪيئن ٿا ڊاهيو ڇو ٿا ڊاهيو،
جيڪا خود خالق آ جوڙي،
سنڌي ٻولي قومي ٻولي.

سن جو سائين، سورهيه سائين،
شاهه عنايت، بلال ڏنائين،
هر ڪنهن پنهنجي هستي گهوٽي،
سنڌي ٻولي قومي ٻولي.

شاهه سچل سامي ۽ لغاري،
شاهه اعجاز اياز بخاري،
سڀني خاطي سوچي لوچي،
سنڌي ٻولي قومي ٻولي.