شاعري

ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

خان محمد ”خاطي“ ڪيريو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي دردن جو امين آھي، جنھن ھن مختصر مجموعي ۾ اھڙا عڪس پَسايا آھن، جنھن ۾ خاطي سنڌ جي نج پج پيڙا اوريل آھي. ھن مجموعي ۾ خاطي پنھنجي نيڻڻ ۾ سانڍيل خوابن جي ساڀيان لاءِ سنڌ کي جيئم جي خوابن، مقدس ڪتابن، محبوبن جي حجابن، رابيلن ۽ گلابن، صوفين جي سبقن، امڙ جي پويتر اکين ۽ لُڙڪن، رنگين روشنين، چنڊ تارن، لطيف جي سُر سارنگ، صبح ۽ چانڊوڪيءَ، دل ۽ ململ، سنڌوءَ جي جَل ۾ ڌوتل پوتل اجريل ۽ ڪنول جي روپن ۾ سنڌ کي پَسڻ جي خواھش رکي ٿو. خاطيءَ جي شاعراڻي فن ۾ نڪور ۽ نوان تجربا آھن.  

Title Cover of book ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ آ ثقافت سنڌ وارن جي،

سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ آ ثقافت سنڌ وارن جي،
پنهنجي سهڻي ثقافت سان آ چاهت سنڌ وارن جي.

سنڌين جو شان ٽوپي آ، سِرَن جو تاج ٽوپي آ،
حسن سينگار آ ٽوپي نزاڪت سنڌ وارن جي.

اها اجرڪ اها ٽوپي سنڌي گهوٽن کي سونهي ٿي،
اڇا ڪپڙا سٺو پٽڪو، علامت سنڌ وارن جي.

سنڌين وٽ سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپي مان وارن لئه،
ڏيڻ مهمان کي تحفا روايت سنڌ وارن جي.

پنهنجي ڌرتي پنهنجي ٻولي پنهنجي تهذيب آ جن کي،
قديم آهي عظيم آهي قدامت سنڌ وارن جي.

اجرڪن جون اڇون ڦلڙيون سنڌين جي پيار جون ضامن،
سڄي دنيا سڃاڻي ٿي شرافت سنڌ وارن جي.

سوين سنڌ ۾ پيا پلجن پراوا ڇا ته پنهنجا ڇا،
سڀن جي ڪاڻ ساڳي آ سخاوت سنڌ وارن جي.

پيئن کائن رهن سنڌ ۾ مگر سنڌ کي نه سمجهن ٿا،
ڪميڻا ڪن پيا پو ڀي شڪايت سنڌ وارن جي.

ٽڪون ٽوپين سنديون دشمن سندي دل ۾ اکين ۾ پڻ،
چڀن ٿيون جو رکي ٿو هُو عداوت سنڌ وارن جي.

سنڌي سر ــ گهورَ سڀ “خاطي” ثقافت ڪاڻ جذباتي،
ثقافت جي حفاظت آ، حفاظت سنڌ وارن جي.