شاعري

ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

خان محمد ”خاطي“ ڪيريو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي دردن جو امين آھي، جنھن ھن مختصر مجموعي ۾ اھڙا عڪس پَسايا آھن، جنھن ۾ خاطي سنڌ جي نج پج پيڙا اوريل آھي. ھن مجموعي ۾ خاطي پنھنجي نيڻڻ ۾ سانڍيل خوابن جي ساڀيان لاءِ سنڌ کي جيئم جي خوابن، مقدس ڪتابن، محبوبن جي حجابن، رابيلن ۽ گلابن، صوفين جي سبقن، امڙ جي پويتر اکين ۽ لُڙڪن، رنگين روشنين، چنڊ تارن، لطيف جي سُر سارنگ، صبح ۽ چانڊوڪيءَ، دل ۽ ململ، سنڌوءَ جي جَل ۾ ڌوتل پوتل اجريل ۽ ڪنول جي روپن ۾ سنڌ کي پَسڻ جي خواھش رکي ٿو. خاطيءَ جي شاعراڻي فن ۾ نڪور ۽ نوان تجربا آھن.  

Title Cover of book ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

مٽي سنڌ جي چپن چائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين،

مٽي سنڌ جي چپن چائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين،
رڳو سنڌ جو ئي سڏرائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين.

پنهنجي غيرت مڃيندي ڇا؟ سنڌ جي سينڌ ميري ٿئي!
پنهنجي سنڌڙي جي سنبرائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين.

حڪمرانن وزيرن وٽ، عملدارن اميرن وٽ،
حق سنڌ جا جي مڃرائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين.

اڄوڪي سنڌ جي حالت، انڌا ٻوڙا نه ڄاڻن ٿا،
پڄائين دانهن تن تائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين.

مڇن ۽ مانگرن واڳن، وڪوڙي هر طرف سنڌڙي،
سا واڳن کان جي ڇڏرائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين.

ڪنو پاڻي، صحت ناهي، ڪٿي تعليم سنڌڙيءَ جي،
مسئلا حل ڪرين سائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين.

دکي ڌرتي، دکيا مارو، لڱين ليڙون، بکيا مارو،
اهي روئندڙ جي مرڪائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين.

سنڌو وارِي، اڃارو ٿر، ڊنل چهرا، رتو رت گهر،
اهي منظر جي مَٽرائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين.

مسيتون مدرسا ڀل تون پڪا ٺهراءِ پر ڀائو!
ٽٽل دليون جي ٺهرائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين.

سچو منصف تڏهن سڏبين، جڏهن انصاف آڻيندين،
رُٺل ڀائر جي پرچائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين.

مٺيون سڀ مائرون خاطي، سڀن جي ماءُ آ سنڌڙي،
مٺي جيجل، مٺي ڀائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين.

اگر هيرو ٿيڻ چاهين ته خدمتگار ٿي خاطي،
مٺا مارو جي ڳل لائين، ڳچيءَ ۾ ڳاڙها گل پائين.