شاعري

ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

خان محمد ”خاطي“ ڪيريو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي دردن جو امين آھي، جنھن ھن مختصر مجموعي ۾ اھڙا عڪس پَسايا آھن، جنھن ۾ خاطي سنڌ جي نج پج پيڙا اوريل آھي. ھن مجموعي ۾ خاطي پنھنجي نيڻڻ ۾ سانڍيل خوابن جي ساڀيان لاءِ سنڌ کي جيئم جي خوابن، مقدس ڪتابن، محبوبن جي حجابن، رابيلن ۽ گلابن، صوفين جي سبقن، امڙ جي پويتر اکين ۽ لُڙڪن، رنگين روشنين، چنڊ تارن، لطيف جي سُر سارنگ، صبح ۽ چانڊوڪيءَ، دل ۽ ململ، سنڌوءَ جي جَل ۾ ڌوتل پوتل اجريل ۽ ڪنول جي روپن ۾ سنڌ کي پَسڻ جي خواھش رکي ٿو. خاطيءَ جي شاعراڻي فن ۾ نڪور ۽ نوان تجربا آھن.  

Title Cover of book ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

گَنديءَ جي پاند ۾ ڏئي ڳنڍ، کڻي ڪجهه پيسڙا آئي،

گَنديءَ جي پاند ۾ ڏئي ڳنڍ، کڻي ڪجهه پيسڙا آئي،
وٺي گڏ شهر پنهنجي، ڌيءُ وٺڻ آ ويسڙا آئي.

هيو محبوب جي ساراهه سان اڄ ڏات کي ملڻو،
تڏهن سنبري هڻي ميندي، ڪري هي ڪيسڙا آئي.

خدا حافظ چوڻ سان چپ ڦٽيل پوپٽ جيان ڦڙڪيس،
ڳڙيس ڳوڙها، کڻي هوءَ نيڻ اهڙا ڦيسڙا آئي.

وساريئي مونکي ڌرتيءَ لئه، چئي پئي دل جي ڪورٽ ۾،
وري اڄ سار سرتيءَ جي، ڪرڻ آ ڪيسڙا آئي.

وسيلا قدرتي، محبت، ثقافت، سونهن فطريءَ ۾،
شرافت ۾ به سنڌ خاطي، لٽي سڀ ديسڙا آئي.