شاعري

ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

خان محمد ”خاطي“ ڪيريو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي دردن جو امين آھي، جنھن ھن مختصر مجموعي ۾ اھڙا عڪس پَسايا آھن، جنھن ۾ خاطي سنڌ جي نج پج پيڙا اوريل آھي. ھن مجموعي ۾ خاطي پنھنجي نيڻڻ ۾ سانڍيل خوابن جي ساڀيان لاءِ سنڌ کي جيئم جي خوابن، مقدس ڪتابن، محبوبن جي حجابن، رابيلن ۽ گلابن، صوفين جي سبقن، امڙ جي پويتر اکين ۽ لُڙڪن، رنگين روشنين، چنڊ تارن، لطيف جي سُر سارنگ، صبح ۽ چانڊوڪيءَ، دل ۽ ململ، سنڌوءَ جي جَل ۾ ڌوتل پوتل اجريل ۽ ڪنول جي روپن ۾ سنڌ کي پَسڻ جي خواھش رکي ٿو. خاطيءَ جي شاعراڻي فن ۾ نڪور ۽ نوان تجربا آھن.  

Title Cover of book ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

وير ۽ ويڇا وڃايون، ايڪتا جي عيد تي،

وير ۽ ويڇا وڃايون، ايڪتا جي عيد تي،
پيار ونڊيون ۽ ورهايون، ايڪتا جي عيد تي.

رابطو آ زندگي سو، حالَ هڪٻئي کان پڇون،
واسطا ويتر وڌايون ايڪتا جي عيد تي.

صاف ڪپڙا، اوڍي اجرڪ، ٽوپي يا پٽڪو ٻڌي،
پاڻ کي سهڻو سجايون، ايڪتا جي عيد تي.

عيدَ قوميءَ جي مبارڪباد هڪٻئي کي ڏيون،
ڳلَ ڳراٽيون ڇو نه پايون، ايڪتا جي عيد تي.

سنڌ ڌرتي پاڪ ڌرتي ماءُ ڌرتي آ مِٺي،
ماءُ جي لولي ملهايون، ايڪتا جي عيد تي.

رات جو لنڊيون لتاڙي، ڏينهُن محنت ۾ ڪَٽي،
گهورَ هاريَ تان گهمايون، ايڪتا جي عيد تي.

ٿو پگهر پورهيت وهائي، هٿ لِڦون هن جا ڏسو،
ڳڻ مزورن جا به ڳايون، ايڪتا جي عيد تي.

حالَ هيڻن بي سهارن جي مدد ڪريون مِلي،
روئندن کي ڪجهه کلايون،ايڪتا جي عيد تي.

ڇو پراڻا وير پاريون، پاڻ ۾ ڇا لئه وڙهون،
سنڌ لئه سا سگهه بچايون، ايڪتا جي عيد تي.

جا سلامت آ صدين کان سنڌ سا رهندي سدا،
دشمنن کي سو ٻڌايون، ايڪتا جي عيد تي.

ايڪتا معنى ٻڌي، ڇو ڪجي “خاطي” ڪِٽي،
بت انا جا سڀ ڊاهيون، ايڪتا جي عيد تي.