شاعري

ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

خان محمد ”خاطي“ ڪيريو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي دردن جو امين آھي، جنھن ھن مختصر مجموعي ۾ اھڙا عڪس پَسايا آھن، جنھن ۾ خاطي سنڌ جي نج پج پيڙا اوريل آھي. ھن مجموعي ۾ خاطي پنھنجي نيڻڻ ۾ سانڍيل خوابن جي ساڀيان لاءِ سنڌ کي جيئم جي خوابن، مقدس ڪتابن، محبوبن جي حجابن، رابيلن ۽ گلابن، صوفين جي سبقن، امڙ جي پويتر اکين ۽ لُڙڪن، رنگين روشنين، چنڊ تارن، لطيف جي سُر سارنگ، صبح ۽ چانڊوڪيءَ، دل ۽ ململ، سنڌوءَ جي جَل ۾ ڌوتل پوتل اجريل ۽ ڪنول جي روپن ۾ سنڌ کي پَسڻ جي خواھش رکي ٿو. خاطيءَ جي شاعراڻي فن ۾ نڪور ۽ نوان تجربا آھن.  

Title Cover of book ڪنول جھڙي ڪومل سنڌ

ساهه آ سنڌي ٻوليءَ ۾، جهڙو جيجل جهوليءَ ۾.

ساهه آ سنڌي ٻوليءَ ۾، جهڙو جيجل جهوليءَ ۾.
سنڌي ٻولي سنڌو آ، دل دل سائي ڇولي ۾.
ڪيڏو سرور سڪون ملي، پينگهي لوڏ ۽ لوليءَ ۾.
سنڌي ٻولي موهي ٿي، هر ڪنهن قرب ڪڙوليءَ ۾.
سنڌي ٻولي قومي آ، کير ۽ ڀت جي دوليءَ ۾.
سنڌي ٻولي قومي آ، پڌري پوتيءَ چوليءَ ۾.
سنڌي ٻولي قومي آ، شادي سيج کٽوليءَ ۾.
سنڌي ٻولي قومي آ، سنڌي ڍولئي ڍوليءَ ۾.
سنڌي ٻولي قومي آ، وائي ڳيچ گهڙوليءَ ۾.
سنڌي ٻولي قومي آ، ڪافي بيت پروليءَ ۾.
هڪ ئي سنڌي ٻولي آ، گل جا آڇي گلوليءَ ۾.
سنڌي ٻولي روشن آ، سوريء گهاڻي گوليءَ ۾.
سنڌي ٻولي چمڪي ٿي، کوريء ۾ يا کوليءَ ۾.
سنڌي ٻولي ڏاهپ آ، شاهه ۽ شيخ جي ڏوليءَ ۾.
جهوڪ گڙنگ مکي ٽلٽي، سنڌي سن جي ٽوليءَ ۾.
سڀڪو سمجهي ٿو خاطي، ڳالهه آ سنڌي سوليءَ ۾.